[ب]
تيرهن مڙسن جو توف تي حملو: مينهن لنگهي جا بيت[1]
1- جڏهن هئو جيئرو جان محمد جواڻ
[2]
پاڙي- سر هو پاتڻي، سوريءَ سرت سڄاڻ
آڳرٖين جي اڳ ۾ ٿيو پانڍَوَ پهلواڻ
[3]
جوهيو تنهن جي جوءِ جو، وَرٖي ڪنهن نه وٿاڻ
[4]
ڇيڙ ڇنڊيندي هٿ سين، ڪيائين قلعو ڪيهر ساڻ
[5]
وڃي ٿيو مقابل مَزار سين، اهو رکي اهڃاڻ
ٿو پُرس مارائي پاڻ، ته ڪڏهين نِهوٖيريُون پنهنجون
نه ڏيان[6]
2- مامي بدران مور اُٿانئي هليو ’مڱيلڌاڻي‘
مَلُّ
ڪُڙهو ڪيهر سامهون، پوءِ نه ترسَئهِ پَل
[7]
ماءَ پيء مَرڪن مور لاءِ، ٿا اوتين جام اکين مان
جل
بانڪي پنهنجو بَلُّ، وڃي ملڪن ۾ مشهور ڪيو.
3- ملڪن ۾ مشهور ڪيو، نهرو ٿيو نروار
ٻولائي ٻيليءَ سين، ڪيائين ايئن قرار
جيئن چيائين، تيئن هنيائين، پورو آهي پَتوار
تنهن مامي جو مٿي تي بيحد کنيو بار
مَسُڙي وارو، منهن موچارو، آحدي اَجهي- دار
[8]
’جانو‘ جيڏين مهند ۾، هليو سورهيه ڪري سينگار
جيڪو ڪيو قابل قول قرار، سو پانڊَ وَپاريو
پانهنجو.
4- ٻيو تنهن سين ’اوباهياڻي‘ اڙٻنگ هليو
سورهيه سچلو سينهن
اهو مُڙءِ مِيراٿِي ڪينڪي، جتي رڪ جي رڻ جهڻ راتو
ڏينهن[9]
واڳ وڳيسر وٖيريين وڙهيو، پائي نيهر نينهن
ڪَرهي ويلي ڪيئن، وڙهيو پيء ڪاڪي کان پانهنجي
5- وڙهيو پيء ڪاڪي کان پانهنجي، نندٖي- پوٽو نر
اَحدي الله ڏنو آئيو، سوري سرس سٻر
… … …
6- وڙهيو ويرين سامهون سالڪ مت سڄاڻ
ڀن بندوقيـــٖـن ڀير وڌا، تڏهن ڪانه ڪڍيئين ٿي ڪاڻ
جڏهن هونِ پاڻ ۾ پَهه پرياڻ، تڏهن پيا وڃي
تانگهي تيرهن توف تي.
7- پيا تانگهي تيرهن توف تي، جت هئي ڳَئي ڳانڀ ڳري[10]
’اوباهياڻي الله ڏني‘ جي، پوري پت ڪري
ازل جن جو اُت پڄڻو، سي ڪيئن اچن وير وري
ٿي خاشي ڳالهه کري، پڙ ۾ ’پيروزن‘ جي
[11]
8- پڙ ۾ ’پيروزن‘ جي آهي سرسي سوائي
اڙٻنگ ’الله ڏني‘ جهڙا، ڪا مَر پُٽ ڄڻي مائي
تونگر تک تئيءَ ۾، تنهن وَڳي وڌائي
[12]
سو سورهيه سخي سُوڙَو آهي، ”مينهن“ چئي مداحي
هئو توڙان طماعي، تونگر مير ترار جو.
9- تونگر مير ترار جا، آهي ڪا گهٽ آهي ڪان
ڪُڙهي ’ڪانٽي‘ ڪپ تي ’سائينـــٖـي‘ ڪيا ٿي شان
[13]
ڪيهر سينهن قلات ۾ ڪيا ’اوباهي‘ اڳوان
[14]
تن جي اَبي ڏاڏي آڏ وڏائي، آهين اصل اهڙا جوان
ڪرهـــٖـي ويلـــٖـي ڪان، ٻُر اڪثر ڏين ئي ڪانه
ڪا.
10- ٽيوتنين سين ’سنگهر‘ مان سينهن سنڀوڙو سحاقاڻي
سير[15]
سلي ساپرسيـــٖـين جي مان پوئتي نه پائي پير
رَکَئهِ گهنڊي گهٽ ۾، وجهي جَنين سين وير
[16]
جعفر جيڏيـــٖـن مهند ٿيو، مانجهي مرد مٿير
جڏهن هو دانهه دل دلير، تڏهن جوٽ ’جانوءَ‘ گڏ
ماريو.
11- جوٽ ’جانوءَ‘ گڏ ماريو نرمل نالارو
’صاحب سحاقاڻي‘ جو ڪيو پٽ پريو پارو
تنهن سورهيه جو سنگهر جو هو اڏيو اوتارو
سو وڄايو ويرين کي واگهه نه ڏئي وارو
ٻهڳڻ شير ٻيلي ۾ نر ڪيو نارو
ڍارين جان ڍارو، ٽڙِ ڦِڙيو وڃيو ٽِڪَ پوي
[17]
12- ٽڙيو ڦڙيو وڃيو ٽڪ پوي ته به دولهيـــٖـن وڏو
ڌيان
الله! تن جي اولاد جو، شرف رکيئي شان
”مينهُن“ چوي مروت ڪندو، تن تي احمد ڄام امام
ڪهيو مون ڪلام، سو وڃي اگهيو در الله جي.
[ج] تيرهن مڙسن جو توف تي حملو: شاعر نامعلوم
ڀڳن مان ڀيرو ڪري، اچي احديين ڳالهه آڇائي
[18]
پيروزين جي پڙ ۾ هئي سرسي سوائي
’جانو‘ ’جعفر‘ جنگ ۾ ٿي، ’اسماعيل‘ تيک اُٺائي
[19]
’دادو‘ پنهنجي دنگ تي، ٿي پيڙهي پڌرائي
[20]
’مڱيي‘ پنهنجي موج سان ٿي ڪُنڍي ڪمائي
[21]
’بنڀڻ- پوٽو‘ ڀيڙو ٿيو، اچي ’براد‘ سوڀ ڀائي
[22]
’اوباهياڻي‘ آڌني‘ ’جُمن‘ ڪي جائي
[23]
’صابو‘ سندي ست جي ٿا ڪن ڳالهه ڳريائي
مينهن- وسائو ملهايو ٿي ’سڄڻ‘ سامائي
[24]
پٽ ڄڻيندي پاڻ لاءِ ٻيا، مس اهڙا موراکا مائي
مري ملهائي، تن ٿي ماڙي ’مير خان‘ کي.
10- سارُ وڻي ۾ ڇُٽن ۽ ڄاموٽن جو جهيڙو*
صاحب خان ڀوتاڻيءَ جي وقت ۾، ’مصري‘ نالي هڪ هندو هَٽار، ڀوتاڻين جو واڻيو،
سندن پاڙي ۾ گهورپ ڪندو هو ۽ رهندو به اُتي هو.
سنڌ ۾ ”واڻيو نياڻيءَ جي آچار“ ڪري ليکبو هو. هڪ
دفعي اهو واڻيو، گهورپ ڪندي لس ٻيلي طرف ’ڪُتَڙا
ڄاموٽن‘ جي ڳوٺ ۾ وڃي نڪتو. اُن زماني ۾ ڇُٽا لس ۾
لوڙهيون هڻندا هئا ۽ ڇُٽن جي ڇيڙ مشهور هوندي هئي.
انهن لاسي ۾ ڄام جي ڀائرن کي ڪيترائي دفعا ڦُريو
هو. تنهنڪري لاسين به وجهه وٺي، اُهو زنگ دل ۾ رکي
ڀوتاڻين جو واڻيو واٽ ويندي ڦُريو. واڻئي اچي
پنهنجي حاڪم ’صاحب خان‘ کي دانهن ڏني، جنهن تي
ڇُٽن جي ڇيڙ وڃي ڄاموٽن جي سڄي ڳوٺ جو مال زوري
لُٽي ڦُري آئي.
انهيءَ ڦرلٽ جي وير وٺڻ لاءِ هڪ ڏينهن ڄاموٽن جا پنجاهه کن مڙس چڙهائي ڪري
اچي ’ڇاپار جبل‘ ۾ ڇَم ڪري ويهي رهيا. ’جعفر‘ نالي
هڪ ڇُٽي جون اُٺيون، جي هڪ ٻانهي چاريندي هئي، سي
ٻانهيءَ جي سمهي رهڻ ڪري، اُڪري وڃي ڇاپار جبل سان
لڳيون، جن کي ڄاموٽن جا ماڻهو ڪاهي هليا ويا. ننڊ
مان جاڳڻ بعد جڏهن ٻانهي اُٺيون نه ڏٺيون ۽ کيس
ڳوليي به نه مليون، تڏهن اچي اُٺين جي مالڪ جعفر
کي ڄاڻ ڏنائين. انهيءَ تي جعفر، ليمون، پوپٽ،
دينو، براد ۽ سؤڃو انهيءَ وقت ئي اُٺيون نهارڻ
نڪتا. واٽ تي جعفر براد کي چيو ته ”ماسنگ هڻ!“
براد ماسنگ هڻي چيو ته: ”رت ۾ ٻڏا پيا آهيون.“
تنهن تي جعفر دينوءَ کي واپس ڳوٺ موڪلي ڇڏيو، باقي
پاڻ ۾ پنج جوان اُٺيون ڳوليندي ڳوليندي اچي ڄاموٽن
جي لشڪر جي سامهون ٿيا. هڪ طرف ڄاموٽن جا پنجاهه
مڙس ته ٻئي پاسي هي پنج جوڌا. جهيڙي ۾ هنن جوانن
گهڻيئي جوش ڏيکاريا پر ڄاموٽن جي پنجاهه ماڻهن سان
مقابلو نه ڪري سگهيا ۽ پنج ئي جوان اُن جهيڙي ۾
وڙهندي مارجي ويا. سنگر لنگهي انهيءَ جهيڙي کي
پنهنجن هيٺين بيتن ۾ ڳايو.
ڄاموٽ پنهنجي وير تي، وڙهن واجههَ لهي
’جمعي‘ لشڪر ميڙيو، چتائي چئي
’ڇڳير ڇتاڻيءَ‘ سان ايندي پُرسن ڳالهه پهي
مِڙي سِڙي مُچ ٿيا، هليا ڪُنڌَ ڪَهي
تن ’حَب ساروڻي‘ لانچِيو، ڀانيائون نه ڀَئي
ڪري ڇَمُ ’ڇاپار‘ ۾، ويٺا وٺي پار ٻئي.
–––
ڏاگها جعفر جوان جا، جُوءِ ۾ جت وڃائي
صبح جو سؤنچو ڪريو ٿو جعفر لاکيڻو لانچائي
آيا پرس پيري تي، اُتي رند رمائي
واگهه اوچتي وٖيڙ ۾، گهوٽ پيا گهاگهائي
ڌُتاري ’دينوءَ‘ کي، ٿو ’جعفر‘ چئي لنگهائي:
”وڃي پورهيو ڪج پُٽن سين، منهنجو مال سانڍج
سَڻائي:
’دينو‘ ڪري ٿو ڪينو پرس پنجاه سان پائي
فقير لورٖي وڌو ڪيري، لِچي سان ليٽائي.
–––
جعفر جهڙا جوهري، مَر ڄڻي مائي
ڪُڙهي ڪُر اُجاريو، سورهيه سامائي
’سَرلو پٽ سالار‘ جو هُوئو ازبر اَتائي
تنهن سين ٿيا سيچاڻا سنگتي ڀڙ ڀلا ڀائي
گهوٽ اوچتي گهير ۾ اچي پيا ايرنگ اِلائي
[25]
کُٽيءَ پَسيءَ کِلايا، آرڻ سر آئي
جعفر جواڻ جواڻن سين ات ڳالهه ڳالهائي
”وڙهي مرينجو وِڪُڻان، ڪريو مَتَنُ موڙائي“
’واگهن‘ اها وائي، مانڌ ئي من مرڻ جي.
–––
مانڌ ئي من مرڻ جي هئي وائي ’واگهن‘ وٽ
سي چلي آيا چوغان ۾، جتي هئي سِرن سَٽ
گهڙيا پنج پنجاه ۾، رکي گهنڊي گهٽ
مانجهين ڳؤنري مٽ، بوتا اگهايا بار سين.
––––
جعفر ويلي جنگ جي، ٿيو وه واه! واگهه وريام
مُنهائي تن موت جو، هو آنگيــــٖـرَن اَنجام
گهوٽن گهيري گهَٽُ ڪيو، جئن دامي وجهي دام
وڄين واگهه وڪوڙيا، جن ڪيو ڪؤنر ڪَڪيـــٖـن قتلام
نيٖگهن پنهنجو نام هڻي کڻي سان کڙو ڪيو.
–––
کٽيو جَسُ جهان ۾، ’جعفر‘ جس واري
سُخن ’صاحب خان‘ سان، پنهنجو ويو پاري
ڄاڻج ’ڄاموٽن‘ کي، اڃان به ڌڱَ هئا ڌاري
آيڌ اَچي پيا اوچتا، ڪَرهه ڪيڏاري
تن کي ويرِي واگهه ورائي ويا چؤمک چوڌارٖي
سورهيه پنهنجي سنگتي ٿو چيو چيتاري
”نڪرڻ اوهان جو نه ٿيو، هاڻ پَسجي جِن پاري
ايئن ماريجو مصريون، جئن سُڄن ستاري“
تڏ ڪيائون بَجُ بُٺيءَ جو، جُواڻن جنگ واري
’مَڪڙُ‘ جوان ’جعفر‘ کي، ٿو تِک منجهه تَواري
سڏ ڪريو ’طوطا‘ تنهن کي ٿو ٻولي ٻڌائي
ته: ”هو بِي هواڏنهن هل هيسي آيا، جن جا تون
مُهنَدِ
وئين
ماري
سوداگر سِرُن جا آيا، اِيئن چئي چيتاري.“
تڏهن ’جعفر‘ جواڻ جواب ڪيو، اڳيان عهدي اختياري:
ته ڳاڙهيون اُٺيون ڳوٺ جون، تو آنديون رهبر رمائي
تن جا ڌڻي سڀ ساڄا ٿيا، آيا ايئن ويري ورائي
هي به هڪ ٻن کون هڻائي، وار نه ڏينِ واري
اوهين ڀلي ڪري آيا، هُو ٿو کِليو کينڪاري
سِيهـــٖـي سڏ شينهن تي، ڪيو اچي اَپارٖي
نه هئي ڪَڪي ڪيهر ڪَمر تي، جو هڻي هٿ ٺاري
ڌِڱُ ديواني دست ڪيو، ٿو نَهرو مٽ نهاري
سورهيه پَليتو ساڄو ڪيو، ’جعفر‘ جاڳاري
ورايو ’وسند‘ تي اول سيهو سوڀاري
مَٽ پنهنجو ماريو، ’جعفر‘ جهُوڙاري
’سعدي‘ آيو سامهون، ويو پير پَتاري
’جعفر‘ تنهن کي جنگ ۾، ٿو مرد مَٽڪو لائي
سينا ڪَرَ سنڀايو عهدي اَڙا اَٽڪائي
مَٽ پنهنجو مهٽي ڪيائين مُوني تَر موٽائي
جان ڪيهر ڪمر تي هٿ هڻي، ته ڪونه ڪٽارو آهي
راوت رنجڪ خوب کڙيون ڪري، هنيون ٻه ٽي ٻولائي
سي قهران ڪَڪيون، آيون هَڪيون، جعفر تي جهُڙلائي
’راوت‘ پيالو رڪ جو، تنهن ڪڍيو گهٽي گهنڊاري
ڌوٻا ڌڳ ڌوڪين کي، ٿو ’پوپٽ‘ پياري
ور ڏيو واسينگ نانگ ٿو مغربيون ماري
ڳوڌَ ڇڏيا ڳاري، ڏاڍي تَوَ تيڳين جي.
–––
ڏاڍو تَوَ تيڳين جو، اڄ اَحدين تان آيو
’جعفر‘ جُنگ جواڻن سين، نيئي آڙو اَٽڪايو
نِهري ناتاريون کوڙيون، پُرس پڳهه پايو
راوت پيالو رڪ جو، تنهن ڪَرڙِو ڪڍايو
ڪشي تنهن قاتل مان، سڀ ڪو سوايو
هئو ’جُماڻي‘ جنگ ۾، تنهن گهوٽ نه گهٽايو
گهريو ’نُوراڻي‘ تارِ ۾، پوپٽ بنجايو
تنهن مانجهيءَ جي منهن تان آڳيرِي آيو
سَٽي شَڪيلَنِ سان هڻي ڪوپي ڪيرايو
هڻڻ جو ’حاجيءَ‘ کي هو سيفن جو سعيو
ڪنؤر ڪهاڙي، تونگر ترار، هڻڻ ٻولايو
’ليمون‘ لِکَ نه لُڏيو، تنهن جواڻ جهُڙ لايو
’سؤڃو‘، ’پارو‘ مٽ ٿيا، جن ڌوڙِيَن ڌِڪايو
’پاري‘ کُتي مصري، تنهن کي چؤرنگ چکايو
’سؤڃو‘ هڻي جهلي هن مان، اُڪري احدي آيو
هڻي هَنڌايو، ڪٽڪ ڪؤريجن جو.
_____
’پوپٽ‘ جهڙا پاتڻي، ٻيا به ڪِٿ هوندا ڪي ڪي
تن مانجهين جي منهن تان آيا جنگ ويلي جيڪي
سُڌ خبر سي ڪي، ڏيندا جواڻن جي جُلههَ جي.
–––
جواڻن جي جُلهه جي ٿا ڪن ڳالهه ڳري
ڄاڻج ڄاموٽن کي هوندي خبر هيءَ کري
ته گهڙيا ٿي پنج پنجاه ۾، تونگر تِک تَري
گهڙيو گهوٽ گهڻن ۾، پڇاڙي پُري
ديهه ’جماڻي‘ دست ڪي، ويلي چاه چري
هڻي جهلي هن مان، احدي ويو اُڪري
تڏهن ’سالاراڻي‘ سينهن لاءِ، ٿو پڇي ’واگهه‘ وري
ته: آهي ’جعفر‘ جيئرو ڪر ويو مور مري
سِسي سوڀاري سينهن جي هئي ڌڙ کان ڌار ڌري
ڪاوڙجي ڪٽڪ ۾، پيو ٿي ٻيهر واگهه وري
تيغن جي تَپ تاوَ سين، ويا ڳوڌ ڳري
متارن مري، ٻڌا سهرا ’ساروڻيءَ‘ کي.
–––
جعفر جي پلاند وٺڻ لاءِ ڇُٽن جي ڄاموٽن تي ٻي ڪاهه
ساراهيان سچو ڌڻي، ڪم سندا ڪلتار
مڃان محمّد ڪارئي، اُمت جنهن آڌار
نُوري يار نبيءَ جا مصلحتي مَهندِ يار
ابوبڪر، عثمان، علي، عمر يار
جنگيون، جهيڙا، جهڳڙا، آهن الاهي آچار
اها اُتيئي ٿي، آئي ٻيءَ جي وار
ويرُ وِسارينِ ڪينڪي ’جعفر‘ جو جونجهار
ڄموري ڄائي ڏٺو، ڏاهي ويماسي وينجهار
’جعفر‘ ’پوپٽ‘ ’جوهري‘ وڃن ٿا گهرڙي منجهه گهنڊار
گهڙي ’گبولن‘ جا وڃي صحيح ڪيائون سردار
مهندان تن کي ’مانڌاڻ‘ ڏنو آڌر اَجهي- دار
گل پنهنجي گهَٽ جي پَٽِ تون پيدُ وار
وڙهون ’جعفر‘ جي وير تي، تون ڪر مون سين همراهي
هيڪار
داناءُ تنهن کي دِلاسيِو، ٻروچ ٻُجهڻهار
ڏنو لشڪر لائقيءَ تنهن مصلحتي مهنديار
گَجيِ گبول گڏ ٿيا، بانڪا ساڻ ’بجار‘
ڇهين ڏينهن جو ڇيٽو ڏيئي، آي وري تيڏيءَ وار
ڳوڌَ ڳُجهائي ڪوٺيا، ڀائر بي ميار
وڙهون ’جعفر‘ جي وير تي، ويريء ڏني وار
سالاراڻيءَ سچيءَ ڏاڙهيءَ ’جمعي‘ ڪِي جُنبڪار
’اوٿمِاڻِيَنِ‘ آڌن لانچيو، کونسي منجهان خار
آيا ’الهر کيي‘ سان ’توراڻي‘ تنهن وار
مرڪي هليا مارِڪا کَني خبردار
[26]
’ڇُٽا، گبول‘ گڏ ٿي هليا بارڻ مان بِسار
آيا مرد موکيءَ تي، سموٽيءَ سنگهار
[27]
گبر دُعا گهوٽن کي ڪي باريچي بسيار
سدا ڌامِي ديڳ جا، ڪلامتي ڪانٽار
چونڊي چارِي ڪڍيا، واسُوءَ تيڏيءَ وار
هليا واگهه ’وريائي‘ سان خاشا کيسي يار
’مراد‘ ’راڌو‘ مَرڪي هليا، کوسا خبردار
ڳوڌن ڳڙه تان وڃي ڪيو مٿي ٿيا مهنديار
پسي ڪنؤر ڪچي ۾، آيا واسوءَ تيڏي وار
ايندي تن اُڇارِيو، ڪٽڪ ڪارونڀار
هو به ”علي علي“ ڪري اُٿيا، ڪري الله توهار
وڃي هي ويرين جي، ڪڙڪيا منجهه ڪپار
هڪل، هل، هيبت ڪي، ڏاڍي ساڻ ڏَڪار
ته به مَڏِيءَ ڌڻيءَ نه مُڙيا، مهندان ڪؤريجا
ڪانٽار
ڪونهي عذر اُن تي، جن تي ڪن آويريون عار
ويندين مَهندِ مَتيءَ ۾، ڪيائون ڏوکي ڏمر ڍار
’راوت‘ ’بَلو‘ رڻ ڍريا، احدي اَجهي- دار
کُتيون ’طالب‘ تنهن کي تراريون تنهن وار
’بُلي‘ تنهن کي بچايو، تيغ ڪڍي تنهن وار
مُرڪي جهليون منهن ۾، ’راوت خان‘ رانديار
’گجي گبول‘ کُتي تنهن کي مصري مڻيادار
گهڻين گهوٽ ورايو، جنهن تي ڪيا آوارِيَن عار
مَرڪي ’متَاڻي‘ ماريو، سي هَئي هَئي ’بُلي‘ هار
تهڙيون ٿو تيغون هڻي، تهڙا ڪري تَوار
’پوپٽ‘ پَڙٿو منڊيو ’متاڻيءَ‘ متار
ٽِپ ڏيو ٽوڙا لايا ٿي، ويرين کي وينجهار
شيرڪ شهيديءَ جي، سڀ چڙهيا سينسار
آيا گهوٽ گهَٽن تي، ويريءَ لهي وار
’ٺاراڻيءَ‘ ٺَڪايو، کَرِڪڻ خبردار
’چاڪر‘ چلي آيو، هلي تَؤ پَسي تنهن وار
گهوٽ گليلي گهايو، جنهن تي ناهي ميار
’کَنڊُوءَ‘ خاناڻيون ڪيون، جنهن جا ويرين ۾ واپار
ڀڳين منجهان ڀِري آيو، ڏوکي ڏسڻهار
پهڻ پرس پَڇنڊِيا، کؤنسي منجهان خار
مانڌان موڙي جهليو جِنڀيين سين جوهار
لاکيڻو ليٽايو هڻي، ’جمعو‘ ساڻ جَزار
گهڻين گهوٽ ڇِڏايو، جنهن تي ڪيا ترارين تار
ڪُلها، ٻانهون، ڪنڌ، ڪَرايون، ڌڙ کان ٽوٽا ڌار
ماڻهن ماري ڇڏيو، پر ڏينهن هٿ ڏاتار
رکي رب بچايو، تنهن کي ڏيئي ساه ستار
هُئي ’هَمَرَڪَ‘ هٿ ۾، بندوقين بسيار
بَهِدرُ جهلي باز ۾، ’وحدڏني‘ تنهن وار
هليا ڀڙ بارڻ تي، کؤنسي منجهان خار
’بادِڻَ‘ تنهن کي بڇيا، مُٽڪا ماڻادار
سُمهان سيني ۾ جهليا ٿي، ’ٻُڍاڻيءَ‘ ٻڌَ دار
’بارڻ‘، ’بادڻ‘ ڀاڪرين، آيا احدي اَجهي- دار
وڃي گهوٽ گهٽا ٻيا، موني ڀر مَتار
ٻهڳڻ تَر ٻيليءَ کي، بارڻ ڪئي بَڇِڪار
هاڻي هڻ هٿ ۾ جهلي، وَڌي آءُ ويريءَ پار
موٽي ’مغربيءَ‘ سين، ڪيو ’ڪورائي‘ ڪانٽار
’بادڻ‘ مار ڀِري آيا، ٻهڳڻ ٻيلين پار
’واڳن واگهه‘ وٿاڻ تي، گاجُون ڏين گهنڊار
’حَسڻ‘ ڪيون هڪلون، تنهن جا گواهي يار
گوڪيِون گامَ ڌڻيءَ جون، نه آهن ڌڻيءَ کان ڌار
رڻ گڏئي رت جهٻاٽِئي، پوءِ نجو پَڻِهار
گَريُون گام ڌڻيءَ تي، مَتُڻ ڪن ميار
اورانگهي اسان کي، پوءِ وڃن لوڙهيون لڪين پار
کُتي لَٺ کيڙيءَ ۾، گبر جي گهانڊار
گبر تنهن کي گهائي وڌو، باريجي بسيار
مَٽ پنهنجو ماريو، گبر گهوٽ گهنڊار
’رودڻائيء‘ راهه جا، پيا تيغ تَوار
پويان پيرين اَڏيا، سي ڪنڊا باغ بهار
مرڪي ’ڄاموٽ‘ ماريا، ’ڳوڌا‘ ڳوٺ ڳنوار
مرندي وير مصلحت ڪي ’دَرياڻيءَ‘ دِلڪار
مڏي لنگهائي موٽي آيو، مرڪي مرڻ – هار
سينهن ’سوڃاڻي‘، سَٽي ٿيو ساڻي، تونگر تيڏي وار
سيئي لڳي سامهون ٿيو، وَڌيو ويرين پار
اول سينهن ’صفر‘ کي لائي، مغربي مهند يار
’صفر‘ سرلي ئي نه چڙهيو، ٿيو مٽ متار
جُواڻ ’جمعي‘ کي ’ڌِڱَ‘ ڌڪايو، ويندي تيڏي وار
هڻي قُند ڪيرايو، دريائيءَ دلدار
رکيو وَهنديءَ جي وات مان، ’جمعي‘ کي جبار
ٽَڳي ٽيڳ پڇنڊِي، دريائيءَ دلدار
مُرڪي ’مَريءَ‘ جهلي، بندوق بسيار
مُرڪي ’شاهُڙ‘ موٽيو، ڳوڌ ڳِراٺين هار
وڌائين ٻَکَ ’ٻروچ‘ کي، کؤنسي منجهان خار
نِهِري ناپ نمي ڪري، پڪڙيو پيدوار
ڀيري بحري باز گهاءِ، کنيو منجهان خار
’سالاراڻيءَ‘ سيف سين، ڪيو ڪورا ڪنگڻهار
وڍي هيٺ وِتايا ٿي، سُرها سِرکن ٽار
وَنِي در ڏاتار هئي، ڀيڙِي ساڻِ ڀتار
نياڻيءَ جي ناموس جي، پئي پٿرن منجهه پچار
ماري مَٽ ڪيو ڀاءُ جو، ’جمعي‘ کي به جبار
وير ’جعفر‘ جو ’واگهه‘ وٺي ويا، کٽي سوڀ سنگهار
رکن گِلا گن تي، سنها جي سردار
هئو ننگ نومڙئي جو، تنهن جو سرت نه ڪيِائِيَه
سنگهار
پَسن لڄ ڪين ڪين پاڙي جي، گگيرا گينوار
’متاري ميرخان‘ جا، آهن ڀائر بي ميار
’متاري ميرخان‘ تي، آهي راضي رب جبار
پڌري آهي پاٿاريءَ ۾، هاٿيءَ جي هُونگار
ٻيلي سائين! ڀيم ڀلائين! تيائين ڪڇ قنڌار
هاڪَ تو ئي جي هيڪڙي، نيان اور پَرارِ
نارِ نغارا، ڀڀڪن ڀيريون، دُهلين جي دڌڪار
سَڙ سپاهي، گولا گاهي، خاشا خذمتگار
’آغا عالي ڄام‘ کي، ڏني سگهه سَتار
ڪريان سڏ، ”سنگر“ چوي، رازق رب جبار
گهُران گهوڙي گهُرڻي توکان، تيز تکي تِلِڪار
ٻِي پَهِراڻي پَٽ جي، ڏاڻ مڱان ڏاتار!
اسان چيو ايترو، اڳيان سالڪ لهندءِ سار
پڙهه ڪلمي جي قطار، ڇُٽين شل اِيمان سين.
لا اِلـٰــﮧ اِلاّ الله محمّد رسول الله.
|