وري ريءَ ورنديس ڪينڪي، اوهين (ڇاٿيون)
ڳالهايو ڳالهايون
جي هُئـٖـيوَ هام هلڻ جي ته ڇڏيو بهتانا باليون
منهنجي سڱ مقابل سرتيون! اوهين سڀ ساجن
جون ساليون(1)
جيڪا پير ڀريندي پِرَ ڏي تنهنجي ڀلائي ڀاليون
اڳيان ساجن سنڀاليون، ٿو کڻي سام سڀن جي.
ور ريءَ ورنديس ڪينڪي، اوهيـٖـن ساهيڙيون سنگيون
هلو هاڙهي سامهيون ٿي سنديون نينهن ننگيون
ڏاڍي بره بلوچ جي وڌيس ور ونگيون
جبل ساڻ جنگيون، آءٌ ڪنديس ڪوهيارل لاءِ.
ور ريءَ ورنديس ڪينڪي، اوهين ساهيڙيون سمجهو
هلو تان هاڻي هلو، متان موڳيون پوءِ منجهو
سي سڀ ميٽيندو مون پرين جيڪي ڏسنديون ڏک ڏنجهو
ڪوهيارل، ڪبير شاه چئي، ڳوليي ناه ڳجهو(2)
اَٿو هوت اُجهو، سو ويندي گڏبَو واٽ تي.
ٽاڪي ٽڪر مجهه، ڪنديس ماڳ مڪان ڪو
آڻينديس اتان وڃي ساجن ڪنهين سجهه
ڪين ڇڏينديس ڪانڌ کي، ويل نه ڪنهين وجهه
مان سان وفا ڪانه ڪي جن هيس ڳوٺن ڳجهه
هڪ سک نه ساريم سرتيون ٻيو ڏکيس ڏيرن ڏجهه
هوت وٺي هنج ڪري آءٌ وهنديس جبلن جهجهه
ڪوجها ڪرت ڪبير جا تنهن سان مهر ميان تو ڪجهه
آءٌ ڪُوڙِي ٻانهي ڪج، تون منهنجو سوڙويار، سيد
چئي.
5. ڪاڪيون ڙي ڪهڪا، آيم هوت پنهونءَ جا
وٺي ور واٽ ٿيا، ڇڏي بر بانڪا
سمجهي ڪين سيد چئي، مام سندين مان ڪا
هُين جيءَ اندر جاڪا، سا ويا پڄائي پانهنجي.
6. ڪاڪيون ڪيچين ڪاڻ، آءٌ پاڻ ڪرينديس پرزا
حيف حياتي جندڙو، هوت بنا هت هاڻ
ڪا ساعت اوهان وٽ سرتيون، مادر آهيان مهماڻ
ٽُرنديس ٽوڙ ٽڪر ۾، ٻڌيس ٻول ٻنڌاڻ
ڪاڪيون ڪبير شاه چئي، منهنجو ساهه وٺي ويا ساڻ
رُونديس چُونۡديس پاڻ، هي سڀ حال حبيب کي.
7. ڪيچ منجهئون ڪل ڪونه، آڻي ڀينر! ڏئيم بلوچ جي
ته ڪهڙي ور وٺي ويا، هي پرٽ پڇيائون پو نه
هوءِ جي ڏمرجي ڏير ويا، مونکي سبب سلتائون سونه
ڪاڪيون ڪبير شاه چئي منهنجو هوت وڃڻ جو هونه
ويرين ڪن ونگي نيو، ايء پييم تان پرو نه
ايندم شال عجيب پرين اوهين دل مان دعا ڪريو نه
سرتيون الله پرتيون، اوهين هتان هاڻ ورو نه
مان هڏ ميائي گهورئي، منهنجي جانب ٿئي جرو نه
آڏا ٽڪر ٽرو نه، ته پاڻ ڪرينديس پرزا.
8. تانسين موت م مار، جانسين پسان پنهنجي پرينءَ
کي
عزرائيل اجل جو، تون وڃي وهليو وار
نه ته ڪنديس ڪيـﮧ ڪبير شاهه چئي، دانهن مٿي درٻار
ڏاتر لڳ ڏيکار، مونکي هيڪر هوت اکين سان.
ـــــ
پَٽيون پَٽ پَٽيون، ٿي پٽيون پٽن کي پٽ ڪري
سَٽيون سَٽڪي سَٽ ۾، ڪَٽــٖـي سور ڪَٽيون
هَٽيون هٽڪــٖـي ڪينڪي، وٽي وِرههَ وِٽيون
سامٽَيون چٽَيون مِرن کي وجهي ڳلِ ڳٽيون
تنهن تان ڪڪر ڇانوَ، ڪبير شاه چئي، اچي
ٻڌيون ڇَٽِ ڇٽَيون
اها جهَٽ ۾ هوت جهَٽيون، اچي کٽيون کلندي
کٽ ڏي.
ـــــ
باب تيرهون
سيد احمد شاه
۽ سندس شاعري
ڪبير شاه کان پوءِ، سندس ڀاءُ محمد شاه جي اولاد مان احمد شاه
پٽ علي بخش شاه ناليوارو شاعر ٿيو. احمد شاه، ڪبير
شاه جي باقي خاندان جو اڪيلو شاعر ۽ لس ٻيلي جي
وڏن شاعرن مان ڄڻ آخري ڏيو هو.
احمد شاه کي جن ڏٺو هو تن چيو ته: احمد شاه سڀني وصفين سهڻو سدا
ملوڪ هو. سندس رنگ پڪو ڪڻڪ رنگو، قد پورو پنو ۽
ڏاڙهي چاپئين هئي. گهڻو ڪري سفيد خانداني ويس ڪندو
هو ۽ خاڪي ڪوٽ پائيندو هو. سندس دم فاقيرو هو: چون
ٿا ته جڏهن مارئي جي سر جا بيت کنيائين، تڏهن سندس
ٻه پٽ ۽ هڪ نياڻي ٽيئي گذاري ويا ۽ ڪبير شاه جي
پيڙهي ختم ٿي وئي.
شاعريءَ ۾، احمد شاه ڄڻ ڪبير شاه جو شاگرد آهي. سندس زبان ۾ به
ڪبير شاه واري صفائي ۽ سلاست آهي ۽ نه لس جي
محاوري جي ڳرائي ۽ ڳوڙهائي. چون ٿا ته سندس ڪلام
جهجهو هو مگر ڪنهن قلمبند ڪونه ٿيو. ٻيلي جي سگهڙن
وٽ شيخ ابراهيم ۽ ڪبير شاه توڙي ٻين شاعرن جي ڪلام
تي سگهڙن جو گهٽ توجهه رهيو. اسان کي احمد شاه جو
جيڪو ڪلام سردست حاصل ٿي سگهيو اهو هيٺ ڏنو وڃي
ٿو.
سر سسئي
ڪبير شاه جي بيت (”پٽ ڪوٺايو پانهنجا ٿو آڻائي آري“) جي ڀران
احمد شاه ڪَڙو ڪڙي ۾ ملائي بيت ٻَڌا ته:
فصل-1
1. پٽ گهرائي پانهنجا تنهن کي آريءَ چيو ايئن:
ته پنهون منهنجو پاڻ کان اوهان قابل ڇڏيو ڪيئن؟
هاڻي سگهو وڃي سينهن، اوهين ڪامل آڻيو ڪيچ ۾.
2. سي پرس صلاح سين پيءُ جي هليا جلد جوان
ٻڌي بخمل بافتا ڪيؤن ساج چڱا سامان
ڍالون، جنبيا، تفنگ، تپاچا هئا سرواهيون ساڻان
چؤرنگ اُن جو خوب چڱو هو، پوشاڪون ۽ پلاڻ
(1)
اُشتر اُن جا عبرتي چلڻ ۾ چالان
سي راتو ڏينهن روَڻ ۾ ڪٿ ڪبهي ڪن ڪان
ڪيچؤن هليا منزل سيگهؤن آيا سرت سجان
اُن اچي شهر ڀنڀور ۾ ڏاگهين وڌا ڏاڻ
اوڳارڻ سين اُٺن جي ٿيو شهر سڄو سرهاڻ
ٻـﮧ ٻـﮧ ٿي ڀنڀور ۾ ته ڪي آيا جنگ جوان(2)
سا سڻي حقيقت حال جي اٿي ڪامڻ ڪيچين ڪاڻ
ڏکي ڏيرن کي ملي سڪ منجهان ساڻان
وٺي اُن وهاريا چڱيءَ ڀت چالان
ڪريون ڪرمشون ڪيتريون ٿي سور ڳري ساڻان(3)
ڀاڄائي ڀائرن کي ٿي پرنيو پرني پاڻ:
’هي پيئي پناري آنجي سا هوتا ڇڏيو مَ هاڻ‘
پر ٿيا بلوچ بي وڙا تن ڪهل ڪڏهن ڪي ڪان
سي آڌيءَ کان پوءِ اُٿيا، ڪري ويچاريءَ ويران.
ذات برائي، نه ٿئي لائي، جي ڪجن سوين ڳڻ ساڻان
هوءَ ويساه تي وسهي ته آهن منهنجا مون هي ساڻ
سا ستي سواري، ننڊ پياري، کلي خوش ٿي سين خان
سج اڀريو، پوءِ سار ٿيس، تان سيج سڃي بيران
ساٿي رويو پٿيو ريهون ڪري، اٿياس جگر منجهان جولان
ٿي پٽ نهاري، گهٽيون گهوري، بازر سڀ بيبان
ٻانهيون نورا، ڀڃيو چوڙا، ٿي کجي پڪي لئي خان
ويچاري سا ور لئي، ٿي هيڻو پڇاڙي پاڻ
احمد شاه چئي ’اڳ سنڀاليئي ته هوند نه ٿئين حيران‘
پر لوح قلم ۾ ائين لکيو هو صاحب رب سبحان
سو قلم قضا جو ڪين ٽري جو لکيو دفتر ۾ ديوان
ڪاٿي شهر ڀنڀور ٿيو، ڪٿ ڪيچ، ڪٿ مڪران
سڪ جنين کي ساڻ“ تنهن کي هوت ملندو هتهين.
3. هوت ملي جي هتهين، ته به پنهونءَ ڪاڻ پُريج
ٻانهي! ٻاروچل جو رڙهيو رند ڪريج
سرڀر هلي سسئي متان ڪـﮧ ۾ ڪٿائيج
ڪچي ٿئيج ڪيمڪي نينهن جو ننگ کڻيج
ان جو احمد شاه چئي پڄي پاند جهليج
رات ڏيهاڙي رئيج، من ڪوهيارل کي ڪهل پئي.
فصل- 2
جان مِان جاڳي جيڏيون ته هوءَ وئا لڪ لاڏي ڙي!
پَهَسَ پنهون وئا پلنگن تان اهي سرتيون ساڏي ڙي:
ويا اديون، احمد شاه چوي منهنجا ڪرهل ڪاڏي ڙي!
ڪا ڏس ڏيرن جو مُنجي هاڻ مان ڏي ڙي!
آن ڀي ويندي ڏيهه وڻڪار ڏي، آهي هو جت جاڏي ڙي
هيءُ تَڙُ تاڏيٖ ڙي! ٿو تنهن رند راهه رڙهي
هِنيون.
ـــــ
ڪهه وهه ڪرهن تي ڪري آيا ڪيچ منجهان ڪيچي
مان ڀي سيج ستي هئي گهر سرتيون پنهون سين پيـٖـچي
تان هوءِ ريـــٖچ ڪري ريــٖـچي، وِچئين رات وٺي
ويا.
ــــ
تان چئي ڙي: هُوءَ جي لائن پيچ پريت جو ان کي ڪيئن
آرام
ڇاکون ڇوري ڇو سُتئَنۡ ڄاڻي ڌاران ڄام
هاڻي کيڻ نه موڳي کاءُ تون، هتي تن توڏن ڌاران
طعام
جڙي جُنبي وڃ جام، راهه رمي رند روهه ڏي.
ــــ
هوءَ جي لائن پيچ پريت جو، سي تان هير نه نيڻ نِنڊ
رِين
تون ستين هو ساجهر وئا، پڳ کڻي پٻ پُڇيــٖـن
هوءِ رَههَ ٿيا روهه ڏي، تون ڀي رَهه مَ، راهه
وٺين
اِهَڙيٖ پَههِ پُڄيـٖـن، راههَ رَمي رند روههَ ۾.
ــــ
ڏور ڏکي جت ڏونگرين، اٿي تاءَ منجهان تڪڙي
ٻانڀڻ ٻاروچل جو توتي حرف ٿيو حق ڙي
پر منجهه ارڏي، احمد شاه چوي، مت ٿينۡ ڪانڌ بنا
ڪڪڙي
جهل تون پارس پاند پنهونء جو پهڻن ۾ پڪ ڙي
ته پاڻ لنگهائي پٻ جي توکي لال وٺي لڪ ڙي
رمي جهوڪون جهڪ جهڪڙي، توتان منزل معافي مير ڪندو.
ــــ
سا ڪڙهي ڪُوڪي ڪَههُ ۾، رڙهي رَههَ روڏن
ڪَڍيٖ پار پنهون لئي تنوارئو توڏن
ڀڃي پير پرٽ جا ٿڪايا ٿوڏن
ڏِنَيسِ سختيون، سيّد چوي، ڇپر جي ڇوڏن
گِهڙي گَسَ گوڏن، ڪري سڏڪيون سڏڙا.
ــــ
ڪري سڏڪيون سڏ، ڪارڻ ڪانڌ ڪَهن ۾
هوءِ توڏا وئا تڪڙا، تن لِکّ نه لاٿي لڏ
هن پاڻ پٿون ڪيو پر لئي، هڻيو هاڙهي هڏ
چئي مر ٽِپِرِ ٽَڪر ٿي ٽڪرين گوڏا گوڏن گڏ
تنهن نه ڀانيو بِرهه کان ته ڪو اڳيان کاڏو کڏَ
ڪيئن جيئن اصل عشقوندين جي آهي اِي اٻَڏَ
تِڏهن قرب ڪيچي کي پيو سو اچي مليس آڏو اَڏّ
هُئِي هَڏِ ڏِسِ نه واقف ڏَڏَ، پر ڪو ٿيڙو فضل
فقير سين.
فصل -3
1. ٻاروچا ٻيا گهڻا، پر منهنجو اَجهو آرياڻي
شال قبولي ڪرم سان، هن پورهيت جو پاڻي
ڌوٻڻ ڌڻندي ڪپڙا، پنهونءَ پرٽياڻي
ساڻ وٺي نيو، سيد چئي، هي ناقص نماڻي
جو منهنجي روح جو رهاڻي، سو وڃي ڪامل ڪيچ قراريو.
2. ڪامل ڪيچ قراريو، منهنجو آرياڻي اَفضل
سونهي ٿو سردار جي مٿي ڦئنٽي ڦل
سوا لک ۾ سرس سوايو طور نه تنهنجو تل
سختي مهل، سيد چوي، مون تي ڪرم ڪندو ڪامل
جنهن جو هر جاءِ هوڪي هل، سو مؤلي محب ملائيو.
3. مؤلي محب ملائيو، جنهن جو شرف شاهي شان
اُلهي آيو عرش مان ڪامل ٿي قرآن
ملڪ سڀ مشتاق ٿيا حورون ٿيون حيران
آءُ تون چڙهي اوپر چاڳلا، جتيءَ ساڻ جوان
اهي اونهيون ڳالهيون ڳجهه جون، جنهن جو دزن
ڪونهي ڌيان
ان کي احمد شاه چوي سڀ ڏاتر ڏنو ڏان
جي ٿئين تون مومن مسلمان، ته وسـﮧ پنهنجي وجود ۾.
سهڻي
ڪاري رات ڪچو گهڙو موج ڪري مهر پاڻ
ويندي محب مِهار ڏانهن پَيڙسُ اِيءُ پرياڻ
جڏهن ڪن فيڪون ٿي تڏ پرينء پرنيائين پاڻ
هن جو ساهه ساهڙ ساڻ، هو ان ڏينهان احمد شاه چئي.
مارئي
مارئيءَ جي سر مان احمد شاه جا ڪي بيت اڳيئي
قلمبند ٿي چڪا آهن. هتي باقي بيت ترتيب ڏيئي فصل
موجب وراهي قلمبند ڪيا وڃن ٿا.
فصل-1
(1)
سهڻو لڌم سومرا! سڻ تون خواب خوشيءَ مان کينئن:
جان ڪر ويس ويڙ ۾، اٺم مارن مينهن
اهي ماڳ ملير جا، اهي ڏوٿيين ساڳيا ڏينهن
تان ايهين، احمد شاه چئي، تنهن دم جاڳيس تيئن
]ته
هئي هئي آءٌ هيڪلي، هت قيد بندن ۾ هيئن!
[
ڪئن ستي ٿئي سومرا! هئن نند نير ۾ نينهن!
”ڪل من عليها فان“ تون ڀليين ڀورا ڪيئن
سرتين مونکي سينهن! موڪل ڏي ته مٽين مڙان.
سهڻو لڌم سومرا! لوئيءَ ۾ ليٽي:
ته مــــنڌيا پايو مٽ ۾،
]ولوڙيان
ويٺي[
(1)
پکين آءٌ پيٺي، ٿيون کيرون ڏينم جيڏيون.
سهڻو لڌم سومرا! کٿيءَ ۾ خاصو؛
جان ڪر ويس ويڙ ۾، ٿيو تڙ تڙ تماشو
واريان جان پاسو، تان جسو جِنجيرن ۾.
فصل- 2
رات ستي هت سومرا خاصا ڏٺم خيال
جِان وُٺان مينهن ملڪ تي اڏيا پنهوارن پال
مٿي لويون، ڀرين اويون، کلن ٽلن خوشحال
گيمک ميوا ماروئين، ڪن جشن ات جال
پين سوارو سيڙهيون مارو ڏهيو مال
هيس ان وٽ احمد شاه چئي، هتي قضا آنديس ڪال
ٿي سجاڳي ڪيام سنڀال، ته ڪٿ مائٽ ڪٿ ماروئي!
اڄ اباڻي پار ڏي وڄون وسن وير
هٿ ڪڙولا، پيرين ڪڙيون، جهوريا شاه جنجير
هت سانگياڻي سومرا بيوس ٿياس بندگير
سا ڇڏ اُماڻي اوڏهين خوش ٿي پئي کير
اباڻن جي احمد شاه چئي، آهم اندر منجهه اڪير
سندا پانئر پير، منهنجو ساڻ مارن ميلائو ڪرين.
فصل-3
اباڻن جي آهيان، هت ڪوٽن آيس ڪال ميان
بنگلا ماڙيون سنجهي ساڙيون، واه پنهوارن پال ميان
هُت جا ڄائي، هتي آئي، ڪٿ ماڙيون ڪٿ مال ميان
اسين مارو، ڌڻن چارو، ٻجهون ڇا ٻڪرال ميان
صبوح ساريو، ڇپر چاريو، وچينءَ واريو، جهنگن
ڦرون جال ميان
احمد شاه، اميد آه، مان ملان جشن هت جنجال ميان
هوءَ جي پکي راهو
(1)پتوال
ميان، اُن اباڻن جي آهيان.
قافي
مونکي ملير هردم ياد، دل هت غم پئي گهاري
دل هت غم پئي گهاري، ساه سانگين کي ساري
پاڪ پڪا هُت پيرون، نِت نِت نيون ٿيون نهرون
هنئڙي جون هُني سان هيرون، قلم قضا جو پئي پاري
ڌڻ واريين کؤن دم دور، سک ڀانيان مان پئي هت سور
محبت آهيم منظور، واڳ وطن تي رب واري
سک سرتين جا ساريو، سور متي ٻيو آهي سور
پرت سندو پلپل پور، هنئڙو ٿو جَر هاري
ماروئڙا منهنجا ملير، دلڙي آهي هتي دلگير
احمد شاه چئي ڇڏ امير، ويچاريءَ کي واري.
مومل راڻو
رس م رسڻ گهوريو، ڇڏ ڏمر ڏاڍائي
منهنجي توساڻ مينڌرا، لنؤ لکئي لائي
پاڻ سڃاڻي سوَڙا منهنجي ميٽج مٺائي
اڪير احمد شاه چئي، مونکي جيءَ منجهه جهجهائي
ڏاڍا ڏنگائي، مون سان ڪرمَ مينڌرا.
رس مَ رسڻ گهوريو، پرچ پيارل يار
موٽ مران ٿي مينڌرا، واڳ وطن تي وار
ڪرهو آڻي ڪاڪ ۾ تون ڪامل چانگو چار
ڏاتر لڳ ڏيکار، مونکي اکيون احمد شاه چئي.
قدر وارا ڪم ٿيا
قدر وارا ڪم ٿيا کٽا خريدار
هيرو لعل جڙين جي وئڙا سي وينجهار
سمجهن ڪانه سيد چئي، ڪڍن ماڻڪ مان ميار
جي لوهه ڪٽين لوهار، تن کي ڪهڙي سمجهه سون جي.
ساڙيس صرافن، جي سچ سڃاڻن ڪينڪي
کِر ڪوڏائي ڪوڏيون، چون ايءَ ملهه ماڻڪن(1)
سڃاڻيو وڻ سرکن جو هو بيد برابر ڪن
(2)
منهنجو مهندان تن، ڪڇڻ آهي ڪونڪو.
ساڙيس صرافن، جي سچ سڃاڻن ڪينڪي
سرهي وڻ سرکن کي ڪرڙ برابر ڪن
آمون اڪڦر پاڻ ۾ وڃيو جاهل جوڙو ڪن
ماڻڪ موتي مرجان جو ناهي ڄاڻ ڄٽن
ونءُ وٽ وينجهارن، تون اٿي احمد شاه چئي.
ڪٺيس ڪويڄن
ڪٺيس ڪويڄن، ٿا ڄٽ ڄاڻن ڪينڪي
ناريو ناريو نبض کي سور نٿا سمجهن(3)
بي ترس بازن مان ٿا رڳا رت ڪڍن
محبت سندي مرض کي ٻيون ڦڪيون فرق نه ڪن
آهي احمد شاه چئي، منهنجو دارون وٽ دوسن
پياريو پاڻ پرين، آڻي شيشو شوق شراب جو.
هٿان شيشو هوت جي، پي جان پر ٿياس
ويا سور وجود مان چڱي چاق ٿياس
حڪم ساڻ حڪيم جي گوندر گم گياس
ان دم عيد ٿياس، ڪي صاحب سنري سيد چوي.
ويڄن وس ڪياس، سڌ نه لڌائون سور جي
ناحق هڻي نستريون تن ڌڏن ڏکوياس
ڏيئي ڪڙا ڪوئن قلب کي مٺن ماريياس
رمل، ڍارا، پوٿيون پر منجهه پڇاياس
دعائون ڌاڳا دل تي ٻهون ٿي ٻڌياس
تان ڀي تل تفاقين نه ٿئي اڃان سرسين سور سندياس
جڏهن محب ملياس، تڏهن ٿي آجي احمد شاه چوي.
عشق
عشق سچو سچ آه، پر خلق ناحق بدنام ڪيو
عشق نه ٻبلي حِرام جو، آهي صحيح صفاءَ
جن رکي محبت من ۾، تسيو ڪيو تنهن کا
فنا في الوجود رکي رمي سي رسيا
چڙهيا جي چڙهڻيءَ تان سي وڃي رمز رتا
ترڪيا جي تنهن مٿان سي وڃي ڪُن ڪريا
زنا شؤق شهوتي اها طلب نفسي آه
ڪر توبهه تهدل تنهن کان، ڇڏي حرص هوا
پوندءِ پوءِ پرت جو سالڪ سڌ سماءَ
اندر احمد شاه چئي، وڃي جسمي جوت جڳاءِ
لنؤ لائق سين لاءِ، ته ڏسين مشاهدو محبوب جو.
مڪو مارن مهر مان
مڪو مارن مهر مان ڪاغذ لکي ڪال
پڙهيم خط خوشيءَ مان هيئن لکيائون حال
پرت ڏيئي پاڻ پري وئين، ساعت ڀانيان سال
گهوريان تو گهوٽ تان مايا، ملڪيت مال
اچ تون احمد شاه چئي ڪر سائينءَ لڳ سنڀال
ايءَ پسي احوال، تنهن محب من مستان ڪيو.
دوست
اٿي ويوم ارواح، پهرينءَ رات پِر لاءِ
اٿي احمد شاه چئي، ٿي روز نهاريان راه
آندا پرين الله، سڏ مُٺيء جا صاب پيا.
ــــ
يار منهينجي يار کي ڏج سوين لک سلام
ساعت نه صبر ساه کي، ڏي دوست اچي آرام
ستي، ويٺي، هلڻ هنئين سان، نت تنهينجو نام
گهمي ڏٺم گام ته نه ڪو مٽ سهڻي جو سيد چئي.
ـــــ
جانب منهنجي جيءَ ۾ جي توکي طمع آه
کڻ چاقو، وڍ چم کي، معافي تو مباح
سؤ وارين سر صدقي ڏيان ساجن توتان ساه
عجيب احمد شاه چئي ڪو نينهن جو ننگ نباه!
اي سهڻا سڪ سندياء، مونکي ڪنهن پروسري ڪينڪي.
ــــ
جانب منهنجي جيء ۾ جي قريب آهيو ڪم:
ساه سسي صدقي ڏيان، هيڻيءَ جو هڏ چم
سري ڪين، سيد چئي، دوست ريءَ هڪ دم
عقل، مت، شرم، ٽيئي نينهن نهوڙيا.
ــــ
مشاهدو محبوب جو پارس سي پسن
پنجئي روزا پريت سين ٿا راتو ڏينهن رکن
ڏيو طلاق جوءِ کي ماءُ جي پاس سمهن
جي ڪِوِليين ڀر ڪنبن، نانگ نمن پيا ان کي.
حڪمت
پٿر وجهين جي پاڻيءَ ۾ سؤ ورهين سؤ سال
تنهن جو هڏ هرئو نه ٿئي توڙي جر پئي سو سال
اڻ وقوف آدمي آهي ماڻهو اِن مثال
سنئين سوڌي ڳالهه کي ڀيرو ڪندو بتال
دز سين دانهه، دل جو هڏ م ڪرج حال
ونءِ تون محفل ملوڪن جي، جي لائق سمجهو لال
جي ڪن نادانن نهال، ونءِ ان وٽ احمد شاه چئي.
ـــــ
ر: آهيو سڀ ساجن جون ساليون
چؤرنگ= ڏيک ويک، نظارو، چهرو.
هن فصل جا هي ٽيئي بيت، ڪتاب ”عمر مارئيءَ جو
قصو بنا راتين“ تان ورتا ويا آهن.
هن سٽ جي آخر ۾ اصل ”ٿيون کيرون ڏينم جيڏيون“
لکيل هو جنهن جي مناسب اصلاح ڪئي وئي آهي.
ڪتاب ”عمر مارئي جو قصو بنا راتين“ ۾ صفحي 10،
11 ۽ 12 تي ٻيا به بيت احمد جي نالي سان ڏنل
آهن. بيت نمبر 9 ۾ سيد جو نالو آهي. ممڪن آهي
ته انهن بيتن مان ڪي احمد شاه جا هجن. والله
اعلم.
|