باب اٺون
ڪبير شاه ۽ شيخ ابراهيم جي ملاقات ۽ مقابلو
ڪبير شاه ۽ شيخ ابراهيم جي پهرين ملاقات ۽ شاعرانه مقابلو لس ٻيلي جي سگهڙن
جي رس رهاڻ جو منڍ آهن ۽ عام خاص جي زبان جو ورد
وظيفو. ٻيلي جي شاعريءَ جي عام شروعات ڄڻ هنن
ملوڪن جي ملاقات سان ٿي. هنن ٻن جبلن جي ٽڪر ٻيلي
۾ شاعرانه شوق جا شعلا اٿاريا: گويا هي سنڌ ۽ ٻيلي
جي ٻه- درياهي اچي ملي هئي، جنهن پلٽ ڪري ملڪان
ملڪ شعر وشاعريءَ جون موڪون لائي ڇڏيون.
سنڌ جي روايت موجب، سگهڙ حاميد خان رند خبر ڪئي ته ڪبير شاه، لس ٻيلي جي
شاعر شيخ ابراهيم جي هاڪ ٻڌي هتان سنڌ مان سندس
مارڪي ۽ مقابلي لاءِ سنڀري نڪتو. هو هتان گهوڙي
پلاڻي چڙهيو ۽ آخرڪار پڇائي وڃي لس ۾ شيخن جي ڳوٺ
جي نزديڪ پهتو. اتفاق سان اتي پهريائين ٻاهران
جهنگ ۾ شيخ ابراهيم کيس منهن ۾ ملي ويو. ڪبير شاه
سلام ورايو. شيخ ابراهيم کيس سلام جو جواب ڏنو.
کيس کنبڪاريائين ۽ خبرون پڇائين. سيد چيو ته سنڌ
جو ويٺل آهيان ۽ شيخ ابراهيم جي مارڪي لاءِ نڪتو
آهيان. شيخ خبرون ڏنيون ته آءٌ شيخ آهيان. شيخ
ابراهيم جي اوطاق هوءَ آهي جتي توکي هو ملندو.
ڪبير شاه وڃي اوطاق تي لٿو ۽ شيخ ابراهيم به ڪم
ڪار سولو ڪري، ڪپڙا پائي اچي اوطاق تي ڪبيرشاه کي
گڏيو. سيد گڏجڻ سان شيخ کي سڃاتو ۽ بيت ڏنائين ته:[1]
بعضي بازارين ۾، بعضي اُن جا ٿر منجهه ٿاڻا ٿاڪ
بعضي محل هندورا ماڙيون، بعضي ڪانه اڏين اوطاق
بعضي مڙهيين ڌوڌا ڌوڙ جا، بعضي پٽ پاڪيزا پاڪ
بعض ميرا مَرُ مٿي سين، بعضي هوندا سي هشناڪ
بعضي بک ڏک بيراڳن کي، بعضي کيڻ کنڊون خوراڪ
بعضي دنيا دولت ڌن سين، بعضي ماسي لئي مشتاق
بعضي پُرن بيٺا مينهن ۾، بعضي ماريندن هي ماڪ
بعضي وِرسن ويس هندن جي، بعضي ديني ساڻ دماڪ
بعضي بيهڻ بيراڳن بر ۾، بعضي ويهڻ نه ٿيندُن واڪ
بعضي کلندا خوب خوشيءَ مان، بعضي رُوندا رت فراق
بعضي شوق رکن شاديءَ جو، بعضي غم گڏيا غمناڪ
بعضي هُونِ سناسني سنرا؛ بعضي آديسن اولاڪ
بعضي جايون سندن جر ۾، بعضي ڪافن منجهه قزاڪ
بعضي جوڳين جُهد زمين تي، بعضي عرشن ۾ افلاڪ
بعضي من ماريندن موت سو، بعضي جال جيڻ هو هاڪ
’الف‘ آڌوتن کي ان ’ميم‘ گڏيو ميثاق
تن ڪابولين، ڪبيرشاه چوي، ٿا روز چڪن چت چاڪ
ان سان رام رفاق، هيئن سان نيڙي نين ۾ ڪئي[2]
اتي شيخ ابراهيم جواب ڏنو ته:
يا وت مليو مشڪ ملين، يا وت اوتن ڇتن ڇائيون
يا وت اوتن زين ادب سين، يا وت لڪ لڱن لائين
يا وت تريا ڀڳيا طعام ڪيو، يا وت تن کي تسيا ڏين
يا وت شاڪر ڀوڻن شهر ۾، يا وت هت هت هونگارين
يا وت رام ڪرين رب کي رويو، يا وت جهنگن جهونگارين[3]
بابو بر، براهم چئي، ات به کِليو کينڪارين
جي ماريو من مارين، اُن کي پنڌ پورب جو ئي نه ٿئي.
اتي ڪبيرشاه چيو ته:
يا وت بِرُ بازارن ۾، يا وت سيرن تي ثابوت
يا وت انگ اڇائي اجرا، يا وت ڀريا ڀاڻ ڀڀوت
يا وت لينگ نه هوندَنِ اڳڙي، يا وت مولهبا ۽ ماهوت
يا وت ڪڙهڻ ڪوڪڻ ڪاپڙيين، يا وت صبر مٺ سڪوُت
تن قابولين، ڪبيرشاه چوي، ڪا مئي پيتي مضبوط
سي آسڻ تي آڌوت، پنهنجي ناٿ نوازيا نجهرٖي.
انهيءَ پهرين شاعرانه جهڙپ بعد ٻنهي فيصلو ڪيو ته وڌيڪ مارڪو ڄام ميرخان جي
ڪچهري ۾ ٿيندو؛ سو ٻئي ٻيلي ڏانهن روانا ٿيا جتي
ڄام جي آڏو ويهي بيت ڏنائون. ڄام ميرخان پنهنجي
درٻاري ڄاموٽن کان پڇيو ته ٻنهي ۾ ڪير وڌيڪ آهي.
ڄاموٽ جي اصل کان بي رياءَ آهن، تن مان هڪڙي چيو
ته: ”شاعريءَ ۾ شيخ بادشاه، سيد وزير آهي.“ انهيءَ
گفتي تي سيد ناراض ٿيو ۽ شيخ ابراهيم کي مخاطب ٿي،
بيت ڏنائين ته:[4]
نانگن ڪر م ناز، گَسٽُ م گاروڙين سين
آهه جنين جي اکين ۾ صورت مُرليءَ ساز
مڻ به ان جي مٿي ۾، هڻنداء منڊ مجاز
جوڳين هٿ زهر جو ڪو اپر آه علاز
ڪن ٿا ڪبيرشاه چئي، نانگ به ان جو نياز
تون رک تنين جو راز، متان پورين ئي پنڊيءَ ۾.
جنهن تي شيخ جواب ڏنس ته[5]:
نانگڻ ناز ڪياءِ، ٿي گهمي گس گاروڙين جي[6]
گاروڙي سي گس تان ويساهي وٺنداءِ
ڪين ڏٺي تو ڪڏهين، ڪا سندي جوڳين جاءِ
هو لڙڪائيندءِ لفظ سين، جڏهين اچي موالي ملنداءِ
سي سامي سڀيئي ڪري ڇلر ڇلر ڇلنداءِ
تون پوندين موالين جي مامري جي گاروڙي گڏباءِ
ان جي اسم جي، ابراهم چئي، توکي ڪل نه ڪاءِ
هاڻي ڪرنڊيءَ ڪنڌ م پاءِ، نه ته پوندين ماڙهو سڀ
مشاهدي
چون ٿا ته ان جو جواب وري ڪبيرشاه ڪونه ڏنو ۽ سُئو اَڻ سُئو ڪري روانو ٿيو.
ٻيلي جي روايت موجب، ڪبيرشاه جي خاندان مان ميان نبي بخش شاه خبر ڪئي ته:
ڪبيرشاه، شاه بلاول تان زيارت ڪرڻ بعد لس ٻيلي ۾
آيو ۽ اچي ڄام دُرٖي جي ڳوٺ ۾ رهيو. شاه هتي نئون
آيل هو سو آهستي آهستي سندس شاعري هن تر ۾ پکڙجڻ
لڳي. هوڏانهن شيخ ابراهيم لس ۾ اڳيئي سُئل ٻُڌل
شاعر هو ۽ سندس واکاڻ سڄي ماڪ ۾ هئي. ڪبيرشاه جي
شعر جي شهرت بعد، سگهڙن وٽ توڙي عام مارڪن ۾ چؤپچو
شروع ٿي: ڪن چيو ته سيد ڪبيرشاه زور آهي مگر گهڻن
جي راءِ تي شيخ ابراهيم وڌيڪ آهي. انهي تي آخرڪار
ڪبيرشاه قصد ڪيو ته وڃي شيخ ابراهيم سان منهن
مقابل ٿي مارڪو ڪجي سو هتان (ڄام دُرٖي جي ڳوٺان)
گهوڙي پلاڻي روانو ٿيو. ا. هه.
شيخ گهراڻي جي ٻڍڙي سگهڙ شيخ الله ڏني خبر ڪئي ته: ڪبيرشاه، شيخ ابراهيم جي
ملاقات لاءِ سنڀري نڪتو ۽ وڃي کيس مليو. شيخ ان
وقت ڳوٺ جي ٻاهران بيٺي واڙ کي ڍنگريون هنيون. شاه
۽ شيخ پاڻ ۾ مليا. شيخ چيس ته هت اسان جو ڪوبه ٻڌڻ
وارو ڪونهي؛ هل ته ڄام وٽ هلون. پوءِ ٻئي ٻيلي
ڏانهن روانا ٿيا ۽ وڃي ڄام جي آڏو بيت ڏنائون. ان
بعد جڏهن شاه ڪونئرو کڻي ٻاهر نڪتو تڏهن سيد تراب
علي شاه کان ڄام پڇيو ته ٻنهي ۾ ڪهڙو وڌيڪ آهي؟
تڏهين سيد تراب علي شاه چيو ته: آءٌ ڪيئن چوان ته
ڪهڙو گهٽ ڪهڙو وڌ آهي. ڄام وري به سندس راءِ گهري
جنهن تي تراب علي شاه چيو ته: ’ڄام! جي پڇين ٿو
ته، شاعري ۾ شيخ بادشاه آهي ۽ سيد وزير آهي، باقي
ٻيا سڀ آهين ٽُڪرٖيل.“ وڌيڪ چيائين ته: ’شيخ جو
وزير به سيد کي تڏهين ڪيو اٿم جو صحيح شاعر آهي نه
ته ٻئي کي انهيءَ منزل تي اچڻ ئي مشڪل آهي.‘ شان
وقت ٻاهران ٿي، ڪرو هٿ ۾ ڪري اچي بيٺو ۽ بيت
ڏنائين ته:
سدا رنگ سارنگ جا، گل ڦل جايون جام- الخ
ان بعد جڏهن ڪبيرشاه فيصلو ٻڌو تڏهين ناراض ٿيو؛ هو پاڻيارو ۽ طبع جو تکو سو
شيخ ابراهيم کي روبرو ٿي بيت ڏنائين ته:
نانگڻ ڪر م ناز، گس م گاروڙين سين- الخ
جنهن تي شيخ ابراهيم جواب ڏنس ته:
نانگڻ ناز ڪياءِ، ٿي ڦرئين فقيرن سين- الخ......ا.
هه.[7]
لس جي سگهڙ ميان ڪريمداد خبر ڪئي ته: ڪبيرشاه کان اڳ سندس ڀاءُ احمدشاه هتي
اچي مريد خادمي ڪئي هئي؛ ڪبيرشاه پوءِ ان جي سانگي
لس ڏانهن اُسريو ۽ شاه بلاول جي زيارت ڪندي اُٿل
جي تر ۾ آيو. اتي شيخ ابراهيم جي هاڪ ٻڌي گهوڙي
پلاڻي چڙهيو ۽ اچي شيخ ابراهيم جي سيريءَ واري
مڪان (ٻني) تي پهتو جو سندن ڳوٺ ’ريجا‘ کان اُتر
طرف آهي. شيخ ابراهيم پئي کيٽ کي ڍونگريون هنيون
جو ڪبيرشاه گهوڙي تکي ڪري اچي وڏي فخر ۽ جوش مان
سلام ورايو. شيخ سلام جو جواب ڏنو ۽ خبرون پڇيون.
سيد احوال ڏنو ته شيخ ابراهيم هت بيت ٿو ڏئي
انهيءَ جي مارڪي لاءِ آيو آهيان. پر سيد مڙيوئي
فخر ۽ چڙاءُ سان ڳالهايو. شيخ چيس ته تون هلي هن
اوطاق تي ذرا وسام ڪر ته اسين توکي شيخ ابراهيم
ملائينداسون. اتي سيد چيو ته: پر ڪڏهين
ڏيکاريندين؟ جنهن تي شيخ چيس ته: تڪڙو نه ڪر توکي
شيخ سڏي ڏيندس. اتي شاه دٻاءُ مان چيو ته: مونکي
جهٽ ڏيکار دير م ڪر. اتي شيخ ابراهيم وراڻيو ته:
هڪڙو تنهجي ٻانهيءَ جو ٻار شيخ ابراهيم آءٌ به
آهيان تون الائجي ڪهڙو ٿو چوين؟ ڪبيرشاه چيو ته:
شيخ ابراهيم حمر جو پٽ ڪهڙو آهي؟ شيخ جواب ڏنو ته:
اهو آءٌ آهيان. انهيءَ تي شاه چيس ته: ”کپر تون
واسينگ نانگ جي اڳيان ڪيترو لڪندين.“ اتي بيت
ڏنائين ته:
اندر نيڻن نانگ، ان جو وات ڀريو آهي وهه سان
سي ڪاريهل ڪبير شاه چئي، جن جي اکين منجهه اڻانگ
سي ساعت نه ڪن ئي سانگ، اچي هڻندءِ ڏنگ ڏسڻ سين.
تڏهين شيخ ابراهيم چيو ته: تنهنجي نالي ۽ ذات جو مون گهڻو لحاظ رکيو. پر
جڏهين تو واسينگ نانگ جو دم هنيو آهي ته هاڻي آءٌ
به آهيان سامي فقير ۽ توکي ڪهي کائي ڇڏيندس؛
منهنجو ته تون قوت آهين. ائين چئي بيت ڏنائين ته:
ڇڏ نانگڻ ناز مڻان، گسٽ م گاروڙين سين
جوڳي هن جوءِ ۾ آهن گهونا گهون گهڻان
سي اسم سين، ابراهيم چئي، هڻندءِ ڪيپراٺي منجهه
ڪڻان
ڀڃي مت مڻان، پوريندءِ پنڊيءَ ۾.[8]
ان بعد ٻيا باقي بيت ٻيلي ۾ ڄام جي آڏو هليا. ا. هه.
اسان مٿي هن ٻن وڏن شاعرن جي ملاقات ۽ مشاعري جون مڙيئي روايتون ڏنيون آهن
انهيءَ لاءِ ته حقيقت تي سمورن پاسن کان روشني
پوي.
لس ٻيلي ۾، هن مقابلي جي بيتن مان ’نانگن جي بيتن‘ جو چرچو عام آهي ۽ انهن
بيتن جون روايتون به مختلف سگهڙن وٽ مختلف آهن. هن
موضوع ۽ معنيٰ ۾ ڏنل بيتن مان ڪي سگهڙ ڪن بيتن کي
شيخ ابراهيم جي طرفان ٿا پيش ڪن ته ٻيا وري ساڳين
بيتن کي ڪبيرشاه طرفان پيا ٻڌائين. جيتريون آهن.
زبانون اوتريون آهن روايتون. گمان غالب آهي ته هن
مطلب ۽ معنيٰ ۾ شاه ۽ شيخ جي وچ ۾ مقابلي جا بيت
هليا هجن. اسان کي مٿين روايتن ۾ ٻنهي شاعرن جي
نالن وارا مقابلي جا بيت ملن ٿا، مگر چئي نٿو
سگهجي ته اهي مقابلي جا سڀ بيت يقيني ڪو پهرين ئي
ملاقات ۾ هليا؛ ممڪن آهي ته اهي بيت ٻيلي واري
مقابلي جي آخر ۾ هليا هجن جيئن سنڌ جي سگهڙ
حاميدخان رند جي روايت ۾ ڄاڻايل آهي.
شيخ سائينداد جي ڪتاب ۾ ”ڪبيرشاه ۽ شيخ ابراهيم جا نانگن جا بيت“ جي عنوان
سان ڳچ بيت قلمبند ٿيل آهن. شيخ سائينداد ڪونه
ڄاڻايو آهي ته ڪو اهي بيت دوبدو مقابلي ۾ هليا. هن
ڪتاب ۾ پهريان ٻه بيت سنڌ واري ڏنل روايت موجب
آهن. ان بعد باقي جيڪي بيت ڏنل آهن تن ۾ ڪنهن به
شاعر جو نالو ڪونهي، مگر لس ٻيلي جي راوين وٽان
اسان انهن بيتن مان اڪثر بيت شيخ ابراهيم جي طرفان
مقابلي ۾ ڏنل طور ٻڌا. ممڪن آهي ته اهي بيت شيخ
ابراهيم جا هجن جي هن درويش مقابلي لاءِ نه پر
تمثيل طور سلوڪ ۾ چيا هجن. مگر جيئن ته عام روايتن
۾ هي بيت هن مقابلي طرف منسوب ٿيل آهن، انهيءَ ڪري
انهن سڀني کي هتي نقل ڪيو وڃي ٿو:
1- کپر گاروڙين سين وير وجهه م ويهي
ڇلر ڇلر ڪري ڇننداءِ سامي سڀيئي
انهن اڳيئي، گهڻا نانگ نهوڙيا.
2- کپر گاروڙين سين وير مَ ڪر وائي
رکي اسم اسم تي جودئون ڪڍندنءِ جان ئي
ڇلر ڇلر ڪري ڇننداءِ سامي سڀائي
جي آهين اهڙا عطائي، سي ڪڍنداءِ مڻ مٿي مان.
3- کپر گاروڙين سان وير مَ وجهه واري
کڻي ڪنڍا ڪوتڪون، جڏهين ڌڱ ٿينداءِ ڌاري[9]
ڳليءَ مان ڳاري، ڇڏيندءِ رت نه رتيءَ جيترو.
4- کپر گاروڙين سين وڏو وڌيئي وير
نانگ نه ويندين نڪري تو ڏر مٿي پير
ماريءَ توسين مامرو، ويريءَ توسين وير
تنهنجو سنيهڙو ڏانءَ سڄڻين، آڻي ڏيندو ڪير
[10]
هيءَ تني جو پير، جن جهونا ڳڙهه جلائيو
[11]
ٻڍڙي شيخ الله ڏني خبر ڪئي ته موسو ڪبڀار، شيخ ابراهيم جو ٻالڪو هو؛ پوءِ
سيد ڪبيرشاه چيس ته شيخ جي شاگردي ڦٽي ڪر ۽ منهنجو
شاگرد ٿيءُ. انهي تي موسي چيس ته: سائين! ماءُ کي
مڙس هڪڙو ڏنو اٿم سو ٻيو ڪين ڏيندس. انهيءَ تي
ڪبيرشاه چيو ته: ڀلا ٻڌاءِ بيت. موسي چيو ته:
سائين پوءِ ٻڌائيندس. اتي ڪبيرشاه چيس ته: حيف
اٿئي هينر ٻڌاءِ ڪي پوءِ! اتي موسو اُٿيو سو ويو
شيخ وٽ. شيخ ابراهيم پٺيءَ تي هٿ هڻي چيس ته هاڻي
وڃي شاه کي بيت ٻڌاءِ. پوءِ موسي اچي سيد کي ٻيڻا
چؤڻا بيت ٻڌايا جنهن تي ڪبيرشاه کيس مڃيو ۽
چيائينس ته هاڻي هل ته هلون شيخ وٽ. ا. هه.
سمجهجي ٿو ته ٿوري وقت ۾ شاه ۽ شيخ جو ڄڻ دوستيءَ وارو لاڳاپو ٿي ويو. چون
ٿا ته ڪنهن موقعي تي ڪبيرشاه خود قبول ڪيو ۽
چيائين ته: شيخ ڄڻڪ ڪهاڙو آهي جو جهنگ وڍيندو ٿو
وڃي. باقي اسين آهيون هٿڙيا سو ڪٿي ڪٿي بيهي
رهون.
شيخ ميان غلام حسين چيو ته: اسان جو والد شيخ سائينداد چوندو هو ته شيخ
ابراهيم ۽ ڪبيرشاه ٻارهين سن جا هئا. ا. هه. لس
ٻيلي ۾ انهيءَ وقت هنن شاعرن جيڪي شاعريءَ جا گل
اپايا ۽ نپايا انهن جي سرهاڻ اڃا تائين ٻيلي ۾
موجود آهي. اسان ٻيلي جي سگهڙن جا خيال، رايا ۽
فيصلا هنن ٻن شاعرن جي ملاقات، مقابلي ۽ ملوڪت جي
باري ۾ نقل ڪري آيا آهيون. هن باقي باب ۾ اسان
پنهنجي راءِ کان اڳ، جدا جدا سَرن مان هنن ٻن
شاعرن جا هڪٻئي جي ڀران وڌيڪ بيت نقل ڪريون ٿا
انهيءَ لاءِ ته هن ڀيٽ ۽ مقابلي جو حق پوري طرح
ادا ٿئي ۽ پڙهندڙ پاڻ هنن ٻن شاعرن جي وچ ۾ ڀيٽ
ڪري پنهنجي راءِ قائم ڪن. هيٺين لاڳيتن بيتن ۾
ٻنهي داناءَ شاعرن معنيٰ جا موتي پوتا آهن. سندن
گفتا املهه ماڻڪ آهن، ۽ هڪٻئيجي تتبع ۾ ٻنهي مان
هرهڪ ٻوليءَ جي زيب زينت ۽ گفتي جي ملوڪت ۾ گوءِ
کڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
(الف) شيخ ابراهيم نبي صلعم جي سونهن جي مجازي تعريف ۾ ’سينگار‘ جو بيت ڏنو
ته:
من موهن پنهنجا پرين، آهن حورن کئون به حسين ميان
سُسن سال صنوبر سَيد اڳيان، سينو سيني برابر سين
نه ميان
ملڪ ڏسيو مشتاق ٿين، ان جي روشن رُوءِ رنگين ميان
تان جي پائن پريون، زيور زريون، ڪرشن ڪريون،
تان به ان جي ڪؤنش برابر ڪين ميان
هر دوجهانان هارهميشہ، نرمل نورنگين ميان
رين انڌيري، جلوه ديوَن، سرسي سونهن سندين مان
براهم چوي بيگ بهادر، اعليٰ قدر قرين ميان
نجم ستاره ماه مقابل، شمسون شاه شبين ميان
ايڏي صورت سرت سٻاجها، معاني مهر مبين ميان
شاه شفاعت، احد عاصين، ڪندو صراط ويل سرين ميان
[12]
وير ولايت، قرب قريبان، محبت ميٺ منجهين ميان
جنت معليٰ جاءِ جني جي، اهڙي جوت جبين ميان
هو سدائين ارواح ۾، تون ڇو پَرتئون پيهه پڇينِ
ميان
[13]
جن اهڙي جوڙي صاحب سونهن سنگين ميان،
تنهن سين ٻيو ڪي برابر ڪين ٿئي
[14]
ڪبير شاهه چيو ته:
جهڙا عين عجيب آهن تهڙا ڪنهن جي ڪين ميان
ڪر ڪئينس، ڀئونر ڀرون، چيلهه چيٽو جئن چين ميان[15]
ڇا هي جوڙ ڀلي جمرود جي، (جو) عجيبن سان اچي ميان
[16]
ڇا هي چوڏهينءَ چنڊ چڱو، تان ڀي ان سين جڙندو ائين
نه ميان
ڇا ماکي، ڇا مصري، ڪا مِٺ نه ميٺ منجهين ميان
آڪڦر ڪنان انگ عجيبن، ڪئنرا گهڻو ڪزين ميان
[17]
عقل اڪابر، وير وِڄا جا، پارس ڇونه پڇين ميان
سي قابل، ڪبير شاه چوي ٿا داڙون دڙين دين ميان
جن جي اهڙي هردم سونهن حسن ميان، تنهن ٻيو رنگي سڀ راڪاس ڪيو.
(ب) سڄڻ جي ياد ۾ مجازي معنيٰ ۾ شيخ ابراهيم چيو ته:
ساريان سپرين کي هردم پسيو هنڌ
ڪڍندا ڪينِ قريب سي قول مقابل ڪنڌ
واڄا آهِم وصال جي ساڻس ساکون ۽ سوگند
ٻَڌامِ قول قريب سين جئن هئام هاٿي ڏند
سي آيم، ابراهيم چئي، پرين سونهاري پنڌ
اي صاحب رب صمند، تون داتا دوس ملائين!
ڪبير شاه انهيءَ ڀران چيو ته:
سيج بندن سين صورت سهڻي کٽ خاصي هوءِ هنڌ
تنهن تي تڪيو طول طرح طرح جو ساڻ قريبن ڪنڌ
من گهريو محبوب ملي تان برهه بڇوڙي بند
هڪ ديوان دَهنيون درتي هونِ خذمتگار پلٽي ختنگ
[18]
ٻيو شيشو شوق شراب سندو جئن محبت پلٽي منڌ
پرين پيارو پاڻ پياري ساقي يار سچند
ڏانيئي ته ٻيلي ٻانهن ڪلهي کان عطر عطر ۾ اند
[19]
لٽڪي سان لٽ پيٽ ڪري، جئن فڪر بڇوڙي فند
قريب، ڪبيرشاه چئي، جئن چوڏس چمڪي چنڊ
مونکي سائينءَ جو سو ڳنڌ، ته منهنجو ساجن سڀنئائين
سهڻو.
(ج) مجازي محبت جا درد ۽ سور وري ڄڻ ٻنهي شاعرن گڏجي ويهي رنا آهن.
شيخ ابراهيم:
پيءَ بنا پرديس ۾ پس دردن جا دستور
سي وِڳُٽا وڇٽن ڪينڪي مونکي وجودئون وچور
اهي محبتي مستيء مان ڪن هڏ ڀڃيو چڪچور
من مڙيئي ماندو مخفي ڏاڍي ذوق ضرور
هڪ فراقان فوجون فوج پٺيان في الحال فغاند،
دک دليان دَهدُور
اهڙا، ابراهيم چئي، پون پورن مٿان پور
هي سڪ پيالا سور، آهن احمر عجيبن جا.
ڪبيرشاه:
سور مڙيئي سور، پر آهن باري سور بره جا
شب روز سڄڻ جي ساه جا، آهن اندر عشق انبور
[20]
نانگ ڪنان ڀي نينهن اڻانگو، قاتل کؤن به ڪلور
سڪڻ سوڙهي سيل پريان جي، پل پل پون پور
سي قريب، ڪبيرشاه چوي، ڪندا محبتي مذڪور
[21]
جنهن جا درد اهڙي دستور، تنهن هٿ ٻڪي آهوت جي.
شيخ ابراهيم:
پيءَ بنا پرديس ۾ پسو جا پَر ٿي
[22]
اِيندم اوڏا سپرين، ويجها ڪنهن ور ٿي
ڪنيس ڪرمش ڪيترا، تن دوسن جي در ٿي
ڳري ڳرهينديس ڳالهيون، گڏ پيهي گهر ٿي
اِنهينء بوند، براهم چئي، مَرُ کامي کجي کر ٿي
تن ڀلن جي ڀر تي، وڃي ستو ڏيندس ساه کي
[23]
ڪبير شاه:
پيءَ بنا پرديس ۾ پس دردن جا دستا
[24]
تنهن فڪر فوج فراق جي ڪِئا روح اندر رستا
سي جهيڙا ڏک جيتم سين ڪن ڪاوڙ جا ڪستا
اوءِ ملن ڪامل، ڪبيرشاه چوي، جن ڪيومن منهنجو مستا
مان گام سڀيئي گستا، پر ساجن شبيـﮧ ناه ڪو.
(د) ليلان کي ڪَچو ڪندي ڪبيرشاه بيت ڏنو ته:
هوڏ وجهي هوڏٖي، ٿي مَٽيوءِ ڪانڌ مڻيي تي
چاهُ چنيس چِت گهڻو، ڪيو طرح انهين توڏي
تو ڀانيو وهنديس سرتين وچ، ڳَهه ڳچيءَ لوڏي
بخت اڏايَئي بنگلا، ٿي ڪونه ڏٺئي ڪنهن ڏي[25]
پر ڪڍيَئه ڪؤنروءَ ڪمن مان، ٿانَ اُتان ٿوڏي
اهڙين ڪچين ڪِرتِن، ڪبيرشاه چئي، پنهنجي
دل وڌياءِ ڌوڏٖي
ڪانڌ مڱيوء ڪوڏي، خيمل کڻي پنهنجو.
شيخ ابراهيم مومل ۽ ليلان ٻنهي تي ميار رکندي چيو
ته:
ڇاکي مومل موڙياءِ مت، ته ڪا پايي پاڳ ڌَرايَئي
ليلان بي ڪين لَکيو ته ڪاٿيندم پاران ڪانڌ ڪُمَت
ليلان چنيسر چت کنيو جيلان هار ڪيائين هٿ
اُن وڃايو وصال کي جا هئي سوڍي جي سنگت
ابراهيم چئي ان پت، ٻن ڀورين ڪانڌ ڪڙائيا.
(هه) سسئي جي سفر ۽ سورن جي بيان ۾ شيخ ابراهيم ڪشالي ۽ تڪليف جو ذڪر ڪندي
چوي ٿو ته:
ڪوهن ڪهڪ ڏناس، ان جا پهڻ لڳ پٿون ڪيا
[26]
ساٿڪي سگهي نه رکي، ڇپر پير ڇناس
[27]
احمر ٿينل ماء آڳانجهو، اڪثر آلا نينن آب نمياس
بينيءَ کؤن، براهم چئي، بئنسر بديهل بهوت بات
بنياس
لڙڪ لڙيو پون ڪچوئي، قابو ڪنير واڄٽ من وڄياس
دف دمامان ڌوڌو سرنان دهلن ڳڙٻڙ لاياس
ڏڪر ڏاٽيون، ڪڏن چاپون، ڀرڻي دل اٿيارياس
سر سارنگيون سرندا، ٻيا چت ۾ چنگ چرياس
وارووار وجود ۾ هيءَ ۾ هوءِ هياس
وڄن سر سرير ۾ ٻيا نيڻين نڙ لڳاس
ناچو پيرين ٻنڌوين گهنگهرا، ٽليان سر ڪيتاس
ڪيارڻ تنبورن جهٻي جهٻڪي لاٿيس ڪياٿيس جهڻڪاياس
گج گج گهوگهٽ بينسريون، ٻيا ناز نفيلن ڪياس
ڪڙڪڙ ڪنجين، قلب ڪماچو، ڪافي ڪنير، ٻهون ساز ٻرياس[28]
تار ستار پڪار، پنڌ رند پريان جي پدمڻي، سر منڊل
سيڻاس
روئڻ ربابا، مرچنگ مرلي، هئي هئي هوء هياس
دست دنبوري دڦ درد جي چاڪ چنگن چورياس
جيلان سازن سرڀرياس، تيلان ٿي اپر آلاپا ڪري.
ڪبير شاه وري سسئي کي همت ۽ اميد ڏياريندي چوي ٿو
ته:
سڳا سور ٿياس، وِرهه ويجها مٽ سي
[29]
سڪ ساهيڙيءَ ساڻ تنهن پهريندي پياس
گوندر پدر غريب جو، مٺي محبت ماس
عشق سونهون ٿيس اڳ ۾ برادر جي پاس
تنهن رڱي جوڙي راس ڪري ڏولي ڏک ڏنياس
قهري سور قريب جي منڊيا هٿ ماس
جبلن مرن جهنگ ۾ ڪرمش زور ڪياس
ڪڪر ڇانوَ، ڪبيرشاه چئي، مٿان ڇمر ڇٽ پياس
پرهه سندا برن ۾ ڪي ترت طنبو لڳتاس
[30]
واٽين وڻ وندر جي ڏيهه جا ڏس ڏناس
تنهن سنگت کي شاباس، جنهن نيئي ڏني ٻانهن ٻروچ کي.
ساڳي سُر ۾ شيخ ابراهيم سسئي کي ڏوهه ڏوراپو ڏيئي ٿو چوي ته:
جيءَ تي جفار جار، جيلانـﮧ گهڙي نه وڌئي هيڪڙي
تيلانـﮧ ڪين رسئين ڪوهن منجهه تون منڌ بره بسيار
لوچ لالڻ لئي نه ڪرئين هاڻي ٿي روئين زاروزار
وٽن ويٺئين ڪينڪي تون پاس اُٺن اظهار
نه ٿئين نماڻي ننڊ مان براهم چئي بيدار
هاڻي ساري سنگت ڏينهڙا، پئي هٿ هڻين هيڪار
قلم واري ڪين ڪيو تقديرون تڪرار
سڃن منجهه سؤ وار، هاڻي پئي رويو روهه رنجول تون.
ڪبيرشاه ڄڻ شيخ ابراهيم جو اشارو سمجهي، سندس بيت سان سُر ۾ سُر ملائي، سسئي
کي جيءَ کي جفا ڏيڻ واريون وصال جون واٽون هن طرح
ٿو سمجهائي ته
[31]:
نيڻين ننڊ وسار، جاڳ ته جانب کي مڙين
ڪانه رسِي ڪا ڪامڻ ڪهه ۾، گُنگن کي گينوار
[32]
جوڳڻ ٿيءُ جتن لاءِ ٻانڀڻ، پُر پٺيءَ پؤ پار
[33]
محبت جي کڻ مرلي مَوَ سين، ساڄ سڀيئي سنوار
وجهه ورهه جا ڪنر ڪنن ۾، پت پنهون سين پار
درد سندا هڻ ڌاڳا دل کي، قلب ڪهي من مار
چت کي چوتو چاڙهه چتائي، واڳ وٺي ور وار
ڪمر ڪلابو سب صبر جو، هاديء حمد سنڀار
گوندر جي ڍڪ گودڙي ۽ توڪل تنبِي ڌار
بک سندو کڻ برتڻ ڀوري نينهن ڪري نروار
[34]
ڏک سندو کڻ ڏنڊ ڪلهي تي گهوٽيو گهوٽ پيار
نه ته توڪل جي کڻ تسبيح پڙهه تون مالها مڻيو
مڻيهار
نه ته لعل گهڙائي لوهر کؤن، هڻ ڪلنگي منجهه ڪپار
نه ته سور سڳا ٻڌ سليها سر کي، وڃي هاڙهي هوت نهار
[35]
مگهٽ ٻڌ تون موڙ مرڻ جا، اجل ڪنان اڳوار
وجهه ڀڀوت برهه جو بَر ۾، هل تون ٿيج هشيار
ووءِ ڪج وڻن ۾ وانگِي، غم سين ڏينهن گذار
پوري رهج پنجن سين پرتئون، آيا ٽيهه مَ ٽار
راه رفيقي رهبر رڻ ۾، چست چڱا کڻ چار
[36]
الف گڏي پڙهه ميم موافق، اي تون سبق سچار
گهرج حليمي هوت ڪنان تون دان مٿي درٻار
[37]
ٿيندءِ قلب قرار، گڏبئي ڪـﮧ ۾ ڪيچي ڪبيرشاه چئي.
مٿين ٻن بيتن مان ظاهر آهي ته شيخ ابراهيم تي غم ۽ الم ڇانيل آهي انهيءَ ڪري
خود سسئي بنجي ڏوهه ڏوراپن جو بار پاڻ تي هموار ٿو
ڪري؛ مگر ڪبيرشاه، همت، اميد ۽ حوصلي جو قائل آهي،
انهيءَ ڪري ڪشالا ڪڍي محبوب کي ملڻ ۽ ماڻڻ جي مام
۽ مصلحت ٿو سمجهائي.
مصنف جي راءِ: اسان جي راءِ ۾ ٻيلي جا هي ٻه شاعر پنهنجي زماني جا جرير ۽
فرزدق هئا[38]:
ٻئي هڪٻئي جا هاڙهي ڀيچي هئا؛ ٻئي نر ۽ نامور شاعر
هئا؛ ٻئي سنڌي زبان جا ڄاڻو ۽ ماهر هئا؛ ٻئي ٻيلي
جي شاعري جون ٻه اکيون، ٻه موتي ٻه گوهر هئا ۽ ٻئي
ٻيلي جي شاعري جا سرتاج ۽ سرواڻ هئا. مگر ٻنهي ۾
فرق به ضرور هو. ٻنهي ۾ طبع جو به فرق هو ته زبان
جو به فرق هو؛ سندن طبع جي فرق کين دوبدو مقابلي
جي ميدان ۾ آندو ۽ سندن ٽڪر شاعريءَ جا شعلا
اٿاريا، سندن زبان جي فرق ٻنهي جي شاعريءَ کي جدا
جدا رنگ ڏنو. شيخ ابراهيم جدگالي ڳوڙهائي کيس
زياده بليغ بنايو ۽ ڪبيرشاه جي نج سنڌي زبان جي
سلاست کيس زياده فصيح بنايو. سندن علم ۾ به فرق
هو. شيخ ابراهيم علم وارو هو ايترو جو ڄام کيس
ٻيلي جي قضا جي آڇ ڪئي. ڪبيرشاه مالوند ۽ ڀاڳيو
ماڻهو هو. پڙهيل ڪونه هو مگر ذهن کليل هئس. شيخ
ابراهيم کي پنهنجي خاندان وٽان شاعري توڙي فقيريءَ
جو ورثو مليو. سندس پيءُ شيخ حمر وڏو درويش توڙي
شاعر هو انهيءَ ڪري شيخ ابراهيم کي به سندس صحبت
مان شاعرانه ذوق ۽ ان کان وڌيڪ فقيري ۽ سلوڪ جو
طريقو حاصل ٿيو. ڪبيرشاه کي پنهنجي سيد خاندان مان
حسب نسب جو شرف ورثي ۾ مليو. ڪبيرشاه صورت مجاز جو
ماريل هو؛ مٿس فقيري جو رنگ غالب ڪونه هو مگر
مجازي عشق جون کيس پوريون مهميزون آيل هيون. اسان
جي خيال ۾ زبان جي گهرائي ۽ بلاغت ۾ شيخ ابراهيم
بلند آهي، مگر سلاست ۽ فصاحت ۾ ڪبيرشاه اڳرو آهي.
مجموعي حيثيت سان اسان جو ٻيلي جو سگهڙن سان اتفاق
آهي ته تحقيق شيخ ابراهيم جو ترارو البته ڳرو آهي
ڇو ته شيخ ابرهيم هر فن موليٰ آهي. هو شاه صاحب جي
دوهري واري طرز جو علمبردار آهي ته عام سنڌي شاعري
جي قصيدي واري فن ۾ به ڪامل آهي. ازانسواءِ هو
سگهڙن ۾ سگهڙ آهي ۽ معما توڙي هنر توڙي ڏور ۾
دسترس اٿس. سندن مومل راڻي جو منظوم قصو، کيس
افساني جي مسلسل نظم ۾ به ماهر ثابت ڪري ٿو. لفظن
جي ته شيخ ابراهيم اڻ کٽ کاڻ آهي ڇو ته ٻيلي جي
ٻوليءَ جو اڻ ميو ذخيرو وٽس موجود آهي. ان جي
مقابلي ۾ ڪبيرشاه جي زبان وڌيڪ صاف آهي ڇوته هو
خاص سنڌ جي سرزمين جو نيچاڄ آهي، سندس شاعرانه
عنوان خواه اسلوب بيان دلپذير آهن. ’سينگار شاعري‘
۾ پڻ کيس وڏي دسترس آهي جنهن ۾ بلاشڪ ڪبيرشاه سرس
۽ سوايو آهي.
|