باب ارڙهون
براديا شاعر
برادين مان چئن شاعرن جا بيت سگهڙن کي ياد آهن؛ مڱيو، صفر،
پارپيو ۽ جانو. مڱيو مڙني ۾ برک هو. مڱيي جو ڀاءُ
محراب به شاعر هو، ۽ مڱيو ۽ محراب ٻئي شيخ ابراهيم
کي پنهنجو اويسي استاد ڪري مڃيندا هئا. هيٺ اسان
مڱيي، صفر، پارپيي ۽ جانو جا بيت قلمبند ڪريون ٿا.
مڱيو
مڱيو پٽ ربڏنو، پاڙو صفراڻي ذات براديو، لياري کان چار ميل ڏکڻ
اولهه طرف ”ريلون“ جو ويٺل هو. سنه 1920ع ڌاري
وفات ڪيائين. مڱيي جو هڪ بيت مٿي صفحي 97 تي نقل
ٿي چڪو آهي. ڀائنجي ٿو ته مڱيي گهڻا ڪي بيت چيا پر
اهي محفوظ نه رهيا. سندس هيٺيان بيت اسان جدا جدا
سگهڙن جي زباني قلمبند ڪيا:
نصيحت*
هاري تون پس حال پنهنجو، ٻنئيءَ موريا ٻَر(1)
بهوت بوهيڙا برسر اٿيا، ٻيا ولين پاتا وَر(2)
تَن کِيو کَنائي ڇڏيو، ڪري سنگ سَٻر(3)
روز ڏيهاڙي ڪڍ ڪچرا، تون ننڊ مَ ڪر ڙي نر
متان وسارين، مڱيو چئي، ڏيج وريو ڦريو وَر
هو اچي قلم واريندا ڪنهن ڀت ڪندا داڻا بندي در
سي لکيو ڏسِي، حصو وٺندا، ذري نه ضايع زر
پڇندا اچي پيچرو، توکان خان خبر
ته ڀورا ڪيئن ڀيلايئي، هيءُ موريو باغ مڃر
هڻي ڳالهه هٺ سين، ڄڀي پوندءِ ڄَر
ته ڪيئن ويٺين وساري، هي ورهيه سڄائي ور
ٻيا ڇڏي حرص حشر، قابو بِيهه انهيءَ ڪم تي.
مارئي*
سڻ سڻايانءِ ڳالهڙي، جا سومرا سُيام(1)
لوئي الحمدان لال ڪري، مٿان مَندَ وڌيام
تنهن جي شَدَّ سڀ کان سهڻي، جا بيحد زور بنيام(2)
پيم پيش پرينءَ جي، سائي ڏيهه کي ڏيکاريام
پيم پيش پرينءَ جي، سائي ڏيهه کي ڏيکاريام
ذوق مان زبر جي، لاک لڱين لايام
تنهن منجهه مَ وجهه زير، مڱيو چئي،هي اڳي جا اوڍيام
تُنهنجا ٺهراءَ ڪِيم ٺهيام، تون ٿو ڪرئين عمر ڪُپتَيِوُن.
سڻ سڻايانء ڳالهڙي، جي ظاهر ڪريان ذري
مائٽين مونکي مڱايو، کيت ساڻ کري
تن چادر چڪائي آندي، جنهن تي ظاهر ’الحمد‘ ذري
سا پَرهي پَرهيم پرينء جي، سڄي اوڇَ سَري
لاهيندي لڄايان، ٿيم عاقل! ڳالهه ڳَري
تنهن پوتيء مٿان ٻي پوتي مَ، پئي، تون ويچارج وري
مَ وجهه مون تي، مڱيو چئي، هيڏو بار ڀري
آءٌ هُتي مَ ٿيان هَري هِتي تنهنجي ڪوٽين ويهان ڪينڪي.
سِڻ سڻايانءِ ڳالهڙي، پس دنيا جو دم
عملين ۾ عدد پُوندو، جت ناهي ڪاڪين ڪم
وڃي نه وري ورَ تي، ڏور سمجهندو ڏم
ڀاءُ نه وري ڀاءُ تي، ساءُ نه اچي سم
(1)
کائي ڇڏ خطرين کي، نِرت گهڻي سين نَم
ثمر کڻيج سفر لاءِ، منهن ۾ تو مرم
جڏهن تاڙيون ٿينديون تم، تڏهن هٿ نه ايندياءِ حاڪمي.
هٿ نه ايندياءِ حاڪمي، عمر! چوانءِ ٿي اِين
مائٽين جي مڱايون، سي تون قيد رکين ٿو ڪين
ور جِني جا جيئرا، تن تي حڪم هلائين
هڪ ساعت لاءِ سومرا! ٿو ورهيه وڃائين
پڪي پوک پانهنجي، سا ٿو ڀيريو ڀيلائين
عمر تونئون اڳرا هئا، سڪندر جهڙا سينهن
سي کاڻيون خزانا خان ڇڏي ويا، هٿين خالي هين
هت گهڻا خان خاڪ ٿيا، وري مون تي وسهين
اها هڻي ڳالهه هٺ سين، پوءِ جي پروڙين
(2)
ته جي گمراهه هئا غني، سي ظلم هڻي زبون ڪيا.
ـــــــ
ڏمر ڏور نيا، آهن اُڊي تنهنجي سومرا
سُڄن ٿا ساڻيهه ۾ ڪي ملير مينهن وٺا
بِرميا ات، براديو چئي ڪِ ڇڏي ويڙ ويا
ايڏانهن ڪي آيا، مارو ٿر ملير جا.
سسئَي
پهرينء ماه پرين چڙهيا، ساجن سين سردار
ڏيرن لا ڪِ ڏِهيُن ٿيو پٿر وڇائي وار(1)
خانن لاءِ کٿوريون، ٿي ڇٽي عطر آپار
وسوڙي ويچاري ته مون وٽ ويهندا وينجهار
ساٿ سنجهي لڏيو مون کي ڪل نه پيئي ڪڻڪار
پوءِ مڱيو چئي ميار، متان مٿس رکو رتيءَ جيتري.
ڇهينء ماه ڇلن ڪينڪي، ڪيائون وڇڻ سندو وارو
هليا خان خاڪ ڪري، سڄو ڀنڀور سارو
ڏيو کڻي ويا ڏيهه مان عالَم اُجارو
هوت مٺيءَ جي هنجهه مان، نيائون جيءَ سندو جيارو
پوءِ آرياڻي آرو، مون تان متان لاهين مڱيو چئي.
ــــــ
اٺينءَ ماه اٿي ويا، وڃي بوتن چتايو بر
سارو ڀنڀور سڃ ڪري، وڃي ساٿين ڪيو سفر
ليڙا ڪاهي لس ڇڏيائون، ويا ڇڏي هي ڇپر
آءُ اسوهين آهيان، ٻيو ساريان ڪونه ثمر
سو ور واهر وري ڪندو مون تي جانيءَ جيء جگر
لڪ لنگهائيندم لڪيون جو محب، مڱيو چئي، مڃر
جو آهي اڪابر، سو ڪڏهين ڇڏيندم ڪينڪي.
ـــــ
ٻارهينءَ، ٻروچ ٻانڀڻ کي جڏ ٿي جاد پيا
حسن حشمت حيرت ۾، هئا منهنجا نرت ڀريا نِها
سي ڪهڙي قصور ڪاوڙ کان وٺي ور ويا
اُن پر دل اُڇارئين مون، ويس لوچي لعلڻ لاءِ
سي ڪيچي وسرنم ڪين قلب مان، جيسين ڪي جيان
سي ڪندا وڙ مون ولهيءَ تي، موٽي مهر ميان
جن جي پلئه پئي آهيان، سي ڪندا معافي مهر مڱيو چئي.
مومل راڻو*
وڏي سگهه ستار کي پاڪ والي پروار
تنهن جي ڪمي قدرت ناه ڪا بيحد بيشمار
نور منجهان نور خلقي، آگي ڪيو اظهار
آدم مان آدم اُپائي رکيائين محمد تي مدار
جيڏو راض رحيم جو ايڏو ناهي رحم سندو روءِ دار
دڙي واريائين دين تي ڪُٽي ڪافر ڪار
ڪريان صفت، ڏيندم همت، اڙين سندو آڌار
منهنجا ڏوه، مڱيو چئي، ڪندو وڙ مان تي وينجهار
ويهي ڪريان ويچار، ته ڪونهي هُن جيڏو هِن جهان ۾.
تنهن کان پوءِ پيدا ٿيا، لکين حاڪم لک
سُياسون سومري جي سنڌ منجهه صفت
تنهن جون چؤطرف چٺيون هيون، خوب هليا ٿي خط
بيگناهه نه بند ڪري، پڇيو ڪري ٿو پت
قاضي نه ڪري بازي، نٿو رنجائي رعيت
پوءِ ڏني الله عزت، يقيناً هن يارن کي.
ڀلي بهادر چڙهيا، سَڏا ور وڃين(1)
بگيون روجهون بَر تي، اوڏيون تان نه اچن
سَجهه نه ڏيِنِ سپرينِ کي ڪَڙايُون ڪؤنرن
ويهي وينجهارن، ڪئي صلاح شڪار جي.
ڪئي صلاح شڪار جي، ڪا سومري سردار
ائين نه مرون هٿ پوندو، جيڪر پڇين پنهنجا يار
ات سگهو ڏنو سوال، سوڍي سرت سُڄار
وانء ورائي ويءَ تي نوان چيري نار
موري گاه مزا ٿين، اپر گاه اَپار
اينديون روجهون ريج تي گاه چرڻ گلزار
اوهان سهنج شڪار، من الله اُتاهين ڪري.
نار ڪڍائي نيل مان، هو ٿو ولهارن واري
کُهنبي کس ڀريا هورَ اڇليو ٿي هاري
واهي تنهن ويءَ تي هليا ٻيلهه ٻيهاري(1)
تنهن کي حاڪم حڪم ڏنو، ڪو مرون متان ماري
پوءِ سڀا سڌ ساري، اسانکي مڙيئي اچي معلوم ڪجا.
واهي تنهن ويءَ تي ٻيٺو ٻيلهه ٻه ٽي ڏينهن
اُٿيو بيهو ڏوران ڏسي، ٿو نظر کڻيو نينهن
ته روجهون روڏا پاڻ ۾ قطارون ٻڌن ڪيئن
سوين سنگت سيمَر سين ٻيو هرڻ هيج هيئن
وسندي موسم مينهن، مرن مشاهدو منڊيو.
مٿيان بيت قصي جي شروع وارا آهن. اڳتي سامي جي زباني وارو بيت
آهي ته*:
ڪيئي ويراڳي وري ويا، هتان پسي هوءِ هنس
مان سين ٽي سؤ پُڻينِ جا هئا، جن ڏسي ڏنا ڏس
ڇهه سؤ سامي پڙهيا پوٿيون پٽيائون جن ڪيو
مونجهه گهڻيرو مس
ست سؤ سامي سارنگيون هٿن ۾، جن ڪيو ريجهه گهڻيرو مس
ڪارهن سؤ سامي اُٿيا ڪيائون جان پتوڙڻ سين جس
ٻارهن سؤ منجهن ٻولِين- چيريا هئا، جن ڪيو ڀڀوت
مَلڻ سين بس(1)
سورهن سؤ سامين ايندي سڱيون هنيون، تان به ڪڻڪ
نه لڌائون ڪس
جڏهين گولي آڇَهءِ گس، تڏهين مومل ماڻيين مينڌرا.
ڳل ڳلين سر سهڻا
ڳل ڳلين سِر سونهڻا، پس جانب جو جنسار
آهوء کان اڳرا پرين، موتيين ۾ مَڻ ٽار
سون انيء تان صدقو، املهه پڻ اڳوار
مورن لاتيون ماٺ ڪيون، سُڃاڻي سينگار
ڪوئل ڪوڪ ڳجهي ڪئي، جڏ نرمل ٿيو نروار
آءٌ پڻ گهوريو گهور جان پاڻ پرينءَ تان، جيڏيون جيءَ ڄمار
ملندم محب، مڱيو چئي، منهنجا نيڻين ٺرندم نار
سوين، هُونِ هزار، پر ڪونهي مٽ محبوب جو.
صفر براديو: برادين مان صفر هڪ پورالو شاعر هو. هڪ دفعي ڊانبيءَ
جي ڍنڍ تي رهندڙ مانڊڙن تي اچي ڪاوڙيو جو سندس
مينهن جهنگ ۾ ويائي ۽ مانڊڙن مان ڪن کي چيائين ته
هلي مون سان گڏ نهاريو پر هنن خيال ڪونه ڪيو، جنهن
تي چيائين ته:
کـُﮧ ڊانبي، کُـﮧ سندا سانبي، کـﮧ ڊانبي سندي ڍنڍ
هت جُهڙ ڪَلري جام وهي، جت ڪرڪن هڻن گهنڊ(1)
ڏنگ مڇر ويا ڏيهه مان، ڀري وائڙا ڀنڊ(2)
وري ٻئي موقعي تي، سالاريگ جي جاگير ۽ ان مان وهندڙ ٻن ڍورن
ڪلري ۽ وٽي کي ننديائين ته:
سڻ ’سالاريگ‘، صفر چئي تون آهين ٻُٽي ٻه- ڌاري
وٺي نيئي ڪانڌ ’ڪلري‘ جو، ڪري ’وٽي‘ سين ياري
پوءِ خلق ۾ خواري، اها مُٺي، تنهنجو مرڪ ٿئي.
پارپيو براديو: پارپيو، لياريءَ لڳ ”ڪاٺين واري“ جو ويٺل هو ۽
اٽڪل 1920ع ڌاري وفات ڪيائين.
مارئي
اٺا مينهن ملير تي، ٿي ٿر منجهه ٿڌي هير
سرتيون هڻنئه سيليا، پينئه پاڪ پنير(3)
اُهنڊين سندو ان تان، حڪم لاءِ حمير!
(4)
لٿا زيل ضعيف تان، جدا ٿيا جنجير
ايندي سا آجي ٿئي، موٽي منجهه ملير
آهي زور ظهير، تنهن کي اڪنڍ اباڻن جي.
راتو ڏينهان روح ۾ اڪنڊ تنهن کي آه
سانگين بنا سومرا، تنهنجو جويءُ نه هتي جاءِ
سا منڌ اڪنڊري مارئين، طعام نه ترسيو کاءِ
سا ڪنهن سيل سين سومرا، نيئي پارپيو چئي پهچاءِ
ٿر تي ٿورو لاءِ“ کڻي موڪل ڏينس ملير جي.
مٿي تي مڃان ٿي، ٿر تنهنجا ٿورا
سيل رکيج سومرا، ظالم لاءِ زورا
کيندي ڏٿ ڏنئرا، وڃي ونهين ويڙهيچن سان.
پيرون ڏنئرا پاڻ ۾ ڏٿ ڏيهاڙي ڏين
تنهنجي صلاح سان سومرا، ونکي نِگهَيو ٿا نين
وڃين پسان پانورَ- ڄائيون جي هت حياتي هون
پٽڻ شاديون پون، پنهور جون پارپيون چئي.
پٽڻ پيچ پياس، ڍٽ موچاري ڍول سين
پسي پٽ نه پرهيان، هن کٽيءَ خوش ڪياس
سا ڪيئن مٽيان سومرا! لوئي هيءَ لباس
جنهن منجهه ساٺ سهاڳ جا، آڻي ڏٿ ڏناس
مٺا مڪ ماروءَ سين خاصا کيڻ ٿياس
ساز سراهيون سڄڻين، اچي مينديءَ مهڙ مڪاس
جسي جر ٿر ٿياس، بر سر بوندون پيئون.
سا سَتينِ جي سردار، هئي مهت چڱي سين مارئي
صورت ڏٺي هئي سومري، تنهن اپر نيئي آر
هيءَ هڏ نه ريڌي راءَ سان، اهڙي شوق سنگهار
پارپيو چئي پهنوار، جس پريايو جڳ ۾.
جس پرايئه جڳ ۾، جانسين تائين جوءِ
نه ريڌينءَ عمر راءَ سين، پاند نه پسايوءِ
تيلانهن مرڪين مارئي، هاڻي ليکي وقت لوءِ
اپر اڇايوءِ، سارو ملڪ ملير جو.
جانو براديو: جانو پٽ الله ڏني جو براديو، شاعر مڱيي جي عزازت
مان هو. اٽڪل 1945ع ڌاري گذاري ويو.
مارئي
*
عمر ماه پنهوار کي، پلپل پون پور
عمر چاڙهياس اُٺن تي، تتي ڇڏي تور
مارئي ملڪ ڇڏائيو، ڪنهن ڏاڍي زور ضرور
پنهواريون پکن ۾، اَچيو ڪن اُور
ڪڍ بندياڻي بند مان، ٿئي حاضر منجهه حضور
جيئرائي ۾، جانو چئي، دک سڀئي ٿيا دور
لاهي گهُٽ ۽ گهُور، موڪل ڏي ملير جي.
موڪل ڏي ملير جي، ادا ڙي عمر!
اڄ پڻ اباڻي پار ڏانهن، ڪوڏڪن ڪڪر
وٺا مينهن مُلڪ تي، ولَينِ پاتار وَرَ
ٻيءَ رات ٻاٻاڻن جا، آءٌ ڦِريو چاريان ڦر
اڳيان عمر راءُ کي منهنجون زاريون آهن ذر ذر
لوئي سندي لڄِ رک سائين مون سرور
اڳي عزازيل کي هو تڙايو تڪبر
بادشاه مون تي، براديو چئي، پردو رک پرور
عاشق دوست انور، متان مونکي ڇڏئين.
متان مونکي ڇڏئين عرض ڪريان آئون
ڌڻيء جي درٻار ۾، ٻڌيو هٿ ٻانهون
ٽئي ماه ٽڪي ڪانه ڪا، قيدان ڪڍيائون
مارئي کي ملير ڏي موٽي مڪائون
باغن ۾، براديو چئي، نيئي ڇوڪر ڇڏيائون
کيرون کنيائون، مارئيء جون ملير ۾.
مارئي شهر ملير لاءِ، ڪري عرض اَپار
لاهه زَيُون ضَعيف تان، ست پيڙهيا سردار
(1)
مون جيڏيون ملير ۾، اُت سرتيون ڪن سينگار
آءٌ ڪڏهن وساريان ڪينڪي، ويڙهيچار وينجهار
جيئري لاهينديس، جانو چئي، وڃي مارن جي ميار
پهچان آءٌ پرار، تنهنجو ٿورو ڀانيان ٿر تي.
ٿورو ڀانيان تنهنجو ٿر تي، عمر! ڪريج احسان
پنجينءَ مان پنهور جو شرف رکج شان
آيو ڪاغذ قريبن ڏانهن پرين جو پروان(2)
ڪڏهن ڇڏيندم ڪينڪي، درواڻي ديوان
جيم اکر، جانو چئي، پڙهان سڏائين سبحان(3)
اُمت تي احسان، ڪندو پاڻ ڪارڻي.
ـــــــ
باب اڻويهون
باکڙا شاعر
باکڙن مان جيڪي شاعر ٿيا تن مان ’وَٽ‘ ۽ ’عزت‘ جا بيت اسان کي
نابينا سگهڙ پِسند فقير باکڙي کان مليا ۽ سندس
اڪيلي روايت موجب اسان قلمبند ڪيا. وٽ ۽ عزت ٻئي
عزيز ۽ همعصر هئا. ان وقت جو ٻيو هڪ شاعر ٺارو
اوٿماڻي هو. جنهن جي وٽ سان بيتن ۾ ڏي وٺ ٿي.
وٽ باکڙو: وٽ باکڙو، ويٺل ڳوٺ جمن باکڙو، تعلقو وندر، نزديڪ جبل
پٻ نوراني، علائقه تاراضي جو هو. انهيءَ ڪري وٽ جي
ٻولي ۾ ڪوهستان ۽ ٻيلي جي محاورن جي آميزش آهي،
حالانڪ شاعر وٽ جو شعر گهڻو ڪري ڪوهستان جي عام
مڪاني محاوري ۾ چيل آهي. اسان ڪوشش ڪري وٽ جي بيتن
کي انهيءَ مڪاني محاوري جي اچارن موجب لکيو آهي،
انهيءَ لاءِ ته ڪوهستان واري سرحدي محاوري جي
مطالعي لاءِ هي مواد هڪ نمونو بنجي.
شاعر وٽ جو ٺارو اوٿماڻيءَ کي جواب: سگهڙ پسند نابينا خبر ڪئي
ته: گَزِيگ جي مڪان وٽ، هڪ بُٺيءَ جي سَندَ مان حب
جي نئين ۾ هڪ وڻ موريو جو ڪنهن به ڪونه سڃاتو. جي
ان جي ٽاري ڀڃي ٿي آيا ته به سڪي ڪانه ٿي. ٺارو
اوٿماڻي پاڻ شاعر هو تنهن وٽ باکڙي کي (شايد شعر
۾) نياپو موڪليو ته: هنن اهڃاڻن سان جو هي وڻ
موريو آهي ۽ سُڪي نٿو، سو سڃاڻي ڏي. انهيءَ تي وٽ
جواب ۾ بيت جوڙيا ۽ چيائين ته هي بيت وڃي ٺارو کي
ٻڌايو ۽ پوءِ چئوس ته وڃي وڻ نهاري. ٺارو اهي بيت
ٻڌي وڻ نهارڻ ويو ۽ وڃي ڏسي ته سڪي ويو آهي. وٽ وڻ
متعلق هي بيت ٺارو ڏانهن چوائي موڪليا هئا ته:
موري وڻ ويري مان، پيدا ٿي پيو(1)
تنهن کي اوڙي پاڙي اِنڊ تان، ٻيلي ناه ٻيو(2)
تنهن
جي
ذات به
ظاهر
ٿي،
جي سڃاتو
هو
سو:
ته
ڪنهن
جو
ڪم
ڪاٺيءَ
۾
پن ۾ تاند
پيو
(3)
سو
دونڌاڙي ڌوم جي
هو
ظلم کڻي زِيريو
(4)
تنهن
جو
رس سڪي
روه
تي، سج
تي
شپيــــٖـڻيو
(5)
ري
ڪَلا
کان
ڪينڪي
ماڳان هوند
موريو
(6)
پڌر
هڏهن
پيو، پر
ڪو
بنه
سڃاڻيس باکڙو
چئي.
2.
بنه
سڃاڻڻ لاءِ
باکڙو چئي،
هوند
وڏو
ڪريانس وس
نئن
پراڻيءَ مان
نڪتو، ٿو
ڏوران
ٻڌانس ڏس
نه
ڀئن
ڪهڙي
رت
ڪاٺيءَ
جي،
ڪهڙو رڱ
۽
رس(7)
عهد
علم
سين نه
ڪجي،
برو
بحرين بس
ڄٽ
ڄاڻوئي گُڏ
۾،
غافل
لهي نه
گس
(8)
رستو
اٿن
رب جي
آهي
واحد سندو
وس
اکر
پڙهيو اڪابر
چئي،
جئن ڳري نه
قلمان مس
پوءِ
جسي
تنهنجي جس،
جو
ري پنين
ڳالهه
پوري
ڪري.
3.
ڪوماڻجين
ڪين
ٿو،
سو
مونکي ڏي سماءُ
سڪيءَ
تي
سامائين، نه
وهين
تران ٿو واه
(1)
جر
ري
ٿو
جلبا
ڏئين، ناهي
ڪو
پاڻيءَ جو
پساءُ
نئن
مان
ڇئي
لاءِ مورئين،
آيئه
سنڌ مان
ڪهڙو
ساءُ
(2)
چئي:
”جتي
جاءِ
جوڙڻ جي،
اتي
ڏئي
ٿو
امر الله“
ڪيان آهنئه
پاڙون پٿريون،
ٿيو
آهين
باغ بناءَ؟
ٻيوءِ ته
نمونو ناه
ڪو
سندو
تو سياءُ
(3)
ڪٿي پڊ
پڙاءِ جو
آهيئه ڪو وڻ
وياءُ
(4)
مايئه
ڪا
ملڪ
۾!
آهيئه ڪو سڱ
سماءُ
(5)
ڪڍي ڪر پُر
پڌري، اهڙا
ڇرت
ڪرين
ڇيلاءِ
(6)
وائيءَ
پوءِ، وٽ
چئي،
تون
ڳالهائيندين سين
ڳالهاءِ
(7)
اڙيان
جو
ٻيلي
الله، آهن
حڪم
جنهنجي هٿ
۾.
وٽ
جا
باقي بيت
جدا
جدا عنوانن
هيٺ
ڏجن
ٿا.
حمد
مالڪ
ڌڻي ملڪ جو الله
جو آهي
جوڙيو
جنهن جهان کي عالم
اپائي
روءِ
زمين
کي
رزق ٿو پرور
پهچائي
تنهن
وٽ
کوٽ
خزاني ناه
ڪا، جي هزار هلائي
تنهن
وٽ
ڪنهن
ڀت
ڪمي
ناه ڪا، لک جي
لٽائي
مٿان
مينهن ملڪ
تي، واحد وسائي
ڦش ڪک ڦڙين مان
ڪيترا، ٿو مولو مورائي
(1)
وڻ
ٽڻ وليون، جوڙي
ڪليون، ٿو ڇٽر مٿان
ڇانئي
سو
باغ بنا تون
ڀتؤن ڀتين جا
ٿو
ميوا مورائي
کڏ خزانا،
ماڙيون منارا،
ٿو بنگلا بنائي
سو
سارو
ڏونگر
سون ڪري ته به
جل شان
جڳائي
ويڄ
طبيب، وٽ
چئي، هو حڪمت
هلائي
قلم
هٿ
۾
قادر جي،
ٿو وڻدت وهائي
الله
جو آهي، تنهن
سين
ٻيو
ڪلهو
هڻندو ڪونڪو
ــــــــ
وڏائي
واحد جي، ٿي جڳائي
جنهن
کي
منڊيو
ساري ملڪ جو
آهي تئونڪو تنهن
تي
(2)
سو
سڪا پٽ ساوا
ڪري مولو مينهان تي
پير،
وزير، پادشاه
اتي اوليا هئا
اڳي
اگهان
مان سگهان ڪري، ٿوجياري جڏين
کي(3)
پڙهي
ڪنهن نه پڄائيو، ڪاهي قصي
کي
اهڙا
ويري، وٽ
چئي،
ڦرن
زهري زمين
تي
تن
کي پلي
ٿو
پاڻ ڌڻي، قادر
ڪيانرا ڏئي(4)
ڌاران امر
الله جي ڪونه ڪنهين کي چئي
وٺيو
رضا رب ڪنان ٿو جوججڪ
جهڙپ هڻي
(5)
کٽان ڌاران کاريءَ جو،
زهر نه زور
ڪري(1)
جڏهين
ٿو پاڻان پڄائي،
تڏهن آهي جهو
راڻو جڳاندو(2)
ڇنڇر ساريم
سپرين
ڇنڇر ساريم
سپرين، آچار
مان اچن
سڳوري
سومار جي،
گهڻو مون گهرجن
اڱاري
پرين اچڻا، اربع
محب ملن
خاصو
ڏينهن خميس جو، ساهه
سنئون پرين
جمعي
جانب جُسي مان،
وير نه وسرن
اکيون
عجب عجيبن جون،
ٽانڊا جئن
ٽمڪن
ڏند ڏسڻ لائق
ان جا، جهڙا
موتي جهرڪن
نڪ
نماڻو تن
جو، چتوءَ چهنب
چون
چپ
چتايل ان
جا، مر پرين
مرڪن
هٿ
هلڪا هوتن جا،
پَٽَوا پير
سندن
سينو
سونهڻو سڄڻين
ڪَزوچو قريبن
ڏِت ڏِئي گهڻان
ئي
ڏسجي
پيشاني پرين
سُٽ
ڪانيءَ نؤن سنهڙي، چابڪ
چيلهه هين
سِسيءَ
نراڙ
۾
سونهڻا واسينگ
وار سندن
ميل
بان
کٿوريءَ
نؤن مٿي
هئي انگ هي
چَٽَ اِهايِن
لونگ
ڦوٽا لائق تن جو
جهڙو واس وڻن
تهڙيءَ
صورت سونهڻا، جنڊيءَ
جوڙ سندين
سرکنڊ
ٽار سانيٽ جئن
ٿا گل گسن
عطر
ڪيڙو آڻيو جئن ٿا پاڻ ۾
پاٻو وجهن
جهڙو
واس وڻن تهڙي
هُٻ سرهي هوتن
صدق
نبيءَ جي
سَر جَهانين مر
پيا مينهن وسن
جوپ
پاڙون جر
مان جر ٿيون پيو
پوڄ اُڇن
تر
کورين ٻيرين ککريون سي
ٿيون
ٻور
ڪريو
ٻهڪن
جال
وڻ جهنگين جا،
سي
ٿا بر ۾ بُودُون
ڪن
جر
ٿيون پٻ منجهان پيدا
ٿين، تَر جي ڏسو واس
ولين
ليکيان
ليکي
ڪين
پڄاڻان، ساري
جي سگهجن
ته
ان ويچار سين، ’وٽ‘
چئي، اهڙا به
جهنگ جَهڙجن
پوءِ
اکر جن آهن،
تن
کي
سلا سونهن
سٿرا.
سر
سسئي
ڪرڙا ڏونگ، ڪﮧ گهڻي،
واٽين ونگا
ور
پياس
ڪانه پنهونءَ جي،
خمارن خبر
ته:
ڪو جت وٺي ويا
جوءِ تي، آهيان
ويٺي منجهه وڳر
سا
اڇيو هلي ٿي هيڪلي
جنهن جا جشن
ڪين جگر
(1)
تنهن
کي اچيو ماڻهو متين
ڏين، صلاحون سکر(2)
ته:
تون
ڇو
ناحق نڪرين
منجهان سرتين
جي سڳر!
پنهون
ايندوءِ پاڻهين،
پوندي خان
خبر
ڀڳاڙ، نهار،
ڀولڙا، آهين واٽين تي
وانر
(3)
ٻانڀون، سينهن
ٻُٿين ۾، چٽرا
ڪن
چڪر
(4)
ويٺا
آهين واٽين تي،
ڪن هاٻوڙا هاتر
(5)
اهڙا
جئوز جهنگين ۾ ڪن جوسوُن جناور
(6)
رڻ،
روه، رڃ گهڻي،
بيگانا آهن
بر
پاڻي
پسجي
ڪونڪو،
پيئي سڃ
ثمر
براهمڻ،
باکڙو چئي،
باسي هلي بر
هئس
پيرن جي پکر،
نه ته ڪيئن بئودن
کان بچئي
(1)
هن
ساڳئي بيت
۾
ڪَڙِيءَ
جو
بيت، جو
شايد
’وٽ‘
(يا
ڪنهن
ٻئي
شاعر) چيو،
اسان
کي
هن طرح
اڻپورو مليو
ته:
ڪرڙا ڏونگر ڪه گهڻي،
وٽن آڏا وٽ
سوريندي
رات سنگهر ۾، پنهونءَ
ڪارڻ پٽ
برفت
بوند بلوچ جي،
آهم اندر منجهه
اگهٽ
هيٺيون
بيت
وٽ جو
اسان
کي
حاجي اسماعيل
موندر
ٻڌايو، جنهن
مان
معلوم ٿئي ٿو ته
سسئي
جي سر
مان
وٽ گهڻا
ڪي
بيت
چيا:
ٻانڀڻ ٻاروچل جي
نماڻي نه
نيائون
جتي
ستي سسي سي
ڇِتر ڇڏيائون
اُڇيو
آڌيءَ رات
جو
ڪشالا
ڪڍيائون
تنهين
رات تڪڙا سڀ لڪ
لنگهيائون
سسئي
پنهون پاڻ ۾
جِيس جدا ڪيائون
لکيو
لوڙيائون، وري
گڏيا هئم وٽ
چئي.
مارئي
پنهوارين
جي پڊ جو
اڇان ان کي آهو
آه
(2)
تنهن
کي آڻي عمرڪوٽ ۾ جانب
ڏني جاءِ
ته
هيرين محل
هندورا، مر
کاڄ کنڊون ٿي کاءِ
تان
ڀي مارئين کي من ۾،
اها نه سِٽ
سِينباءِ
بندياڻي
باکڙو چئي،
جهليئه ڪهڙي غم
گناه
هاڻي
ٿر تي
ٿورو
لاءِ، سمجهي
ڳالهه سومرا!
مومل
راڻو
1. اڳي
مومل مينڌرا، ڏسي رات
ڏنياءِ
سا
جهلي
ڳالهه
جسي ۾، کڻي مومل
معاف
ڪياءِ
نه
شڪ شومت شهبو
ڪز
به ڪانه پياءِ
(1)
هٿان
وٺي هن کي پاڻان
ڪين پڇياءِ،
ڪه ڄاڻان ڪير هئا،
ڏوران تي
ڏٺاءِ
هيڻي
ان حرف جي،
ڪن پيا سوڍا ڳالهه سندياءِ
بديءَ
جي باکڙو چئي
هونءَ وڃي
واکاڻ وڌياءِ
(2)
جڏنروا
ڳالهه نه
ڪياءِ،
تڏ پڌر
نه وجهڻي هياءِ
پهر
۾(3)
2. اڳي
مومل مينڌرا! ڏسي رات
ڏنايه
(4)
سا
جهلي
ڳالهه
جسي ۾ کڻي مومل
معاف
ڪيايه
ته
نار اڳيئي نڪاح
جي هئي سائي
منڌ سندايه
جسين
تي جهيڙي ڪنا، ڪ سوڍا
شات نه ڪيايه
(5)
وتنءِ
حرف رکن ٿا هيڪڙو
عاقل
ڳالهه
اهايه:
’ جو
مومل
ڀي
ماريايه- پاڻ
ڀي جهلي جهوريءَ ۾ وڌيوءِ‘
3.
ڪاهي آيين
ڪاڪ
تي رمز
سين راڻا
ڪهڙو دانه
دل جو پارس
هئين پاڻان
ڪيڏا تو جا
ڪاڪ
۾ هئا هاواڻان
وک
وڃاڻ سين، وٽ
چئي،
ڄاتوئي
ڪين
ڄاڻان
(1)
سوڍا
سيباڻا، گجر
چوءِ آهين گسربو.
4. ڪاهي آيين
ڪاڪ تي،
ڪرهو
ڪڻڪايوءِ
مومل
جي ماڙيءَ ۾ شرهون
شڪ پيوءِ
(2)
جشڻ
پانجيءَ جوءِ
تان، ورڻ نه
واجب هوءِ
وک
وڃاڻ سين، وٽ
چئي،
ڌاڪو
دٻايوءِ
ڪر کي ڪٽ لايوءِ،
جئن موٽي وئين
مينڌرا.
5. ڪاهي آيين
ڪاڪ تان،
ڪم
ڄٽاڻو
ڪيوءِ
مڙس
مثل ماڙيءَ ۾، ڏوران ٿي ڏٺوءِ
سو
وک وڌائي وٽ
چئي، جي پير
پائي پڇيوءِ
ته
ذات تنهنجي ذاهر
ڇي (ٿي) نالو نروا (ر) ڪيوءِ
پوءِ
ماڻو
ٺهيوءِ
ٿي
مينڌرا، هٿ
هنين تي هوءِ
هاڻي
ڪر کي ڪٽ لايوءِ، جئن
موٽي وئين مينڌرا!
|