سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ٻيلاين جا ٻول

صفحو :24

فصل- 2

1- جاڳينءَ جي پل ڪوءِ، جيڪر گهڙي هيڪڙي

ته هرگز هوت پنهونءَ کون پل نه پري پيوءِ

پيئينءَ منڌ پٽاکن ۾ هوند هٿ تمهارو  هوءِ [1]

ڪري ويسل ويسلي، راهن رت رنوءِ

احمر، ابراهيم چئي، عين الماء مليوءِ

ستينءَ سيج پلنگ تي، تيلانـﮧ وٽؤن ور ويوءِ

جي جاڳي هوت جهليوءِ، ته منڌ نه پيئينءَ مامري.

2- جاڳينءَ جتن وٽ، جيڪر گهڙي هيڪڙي

هلينءَ هوت پنهونءَ سين، گام نه پياءِ گهٽ [2]

ته ڪڏهن تو سين ڪانه ٿي، ههڙي سورن سٽ

ٿر، ڏونگر، بر براهم چئي، پٻ پهوڙج پٽ

رويو رويو رت گاڏئون مٿي ڇپر ڇٽ

مانَ ڪوهيارو ڪل پئي، اچي ور وري تووٽ

سسئي سُک پرٽ، ته ٿئين هيڪاندي هوت سين.

3- تن کي تسيو ڏينءَ، جيڪر گهڙي هيڪڙي

ته هرگز هوت پنهونءَ کان پل نه پري ٿئين

هٿ وچڙ ور واڳ ۾ هوند ڪري ساڻ هلينءَ

ڀوري منڌ، براهم چئي، هئيءَ سنگت ساجن سينءَ

هوءِ ڪشالو قسمت ۾ ڇا ڏوهه لکئي رد ڏينءَ

تيلان وريو روهه رلينءَ، جيلان وٽن ويلينءَ ڪينڪي.

4- موڙهياءِ مت منان، تون سنجهي ستينءَ سسئي

هو پلاڻي پنڌ ٿيا، ڪرها تو ڪنا

بوتن رند، براهم چئي، ڏورج تون ڏنا [3]

لکيا لوح قلم جـــٖـي، اُوءِ پريٽ پس پُنا

ٻڏيءَ کي ٻنا، ڇا سنباهيـــٖـن سسئي.[4]

5- ڪر دانهه پٺيءَ دانهون، جاسين سڏ وهيڻي سسئي

هوري هوت نه هلڻا، تون ڪر آهون اِلاهون

کڻج هٿ حبيب ڏي ٻرٻر ڪيو ٻانهون

بالا زير، براهم چئي، اٿئي معلم مالاهون

تون ڪر لعلڻ لاءِ لاهون، مانَ ٻڌي ٻاروچو وري.

6- پاڻي پوڄ کڻيج، اڳيان رڻ رائو رڃ گهڻي

واقف ناهئين وڻڪار جي ثمر سار ڪريج

ونج پاٽيون، ٽيهه ٽويا، منزل ماڳ مڻيج

سؤ ٽيهه سنباهي سسئي دل منجهه ڌيان ڌريج

’ڪانڌ اسونهين آهيان، مون تي مهر ڪريج‘ [5]

اها بات، براهم چئي، ثابت صحيح سکيج

ڪري ڪارون ڪاف سين، ورچي ڪيم وريج

ات آرياڻي اچيج، جت هوت ٿيندياس هيڪلي.

فصل- 3

1- ٻيون سڀ جاءِ بجاءِ، مون پرڏيهي سيڻ ڪيا

رات سڄيائي لالڻ لاءِ واجهيندي وياءِ

آءٌ ڀِرنديس ڪين، براهم چئي، وَر ڏينديس وَر لاءِ

اڄ پڻ آره آه، سڀان سمن ساٿييڙن سين.

2- ڏيهيين ڏيهي ڏير، مون پرڏيهي سيڻ ڪيا

براهم بلوچن جا آءٌ پٻ ڪڙينديس پير

ٻي ڪافين چڙهندي ڪير، بر براهمڻ باسيو.

 

باب يارهون

 

شيخ خاندان جا باقي شاعر

 

پوين ٻن بابن ۾ شيخ حمر، شيخ بکر ۽ شيخ ابراهيم جو تفصيل سان ذڪر ڪيو ويو آهي. شيخ خاندان جي باقي شاعرن مان شيخ سائينداد وڏو سگهڙ شاعر هو. پوين مان شيخ الله ڏني، شيخ سنگر، شيخ مٺي ۽ شيخ عثمان به پنهنجا بيت جوڙيا. انهن مڙني ملوڪن جو ذڪر مختصر طور هيٺ ڏنو وڃي ٿو.

شيخ سائينداد

شيخ خاندان جي پوين شاعرن مان شيخ سائينداد مڙني ۽ مٿانهون هو. باب چوٿين ۾ سندس ذڪر اچي چڪو آهي. شيخ سائينداد وڏو سگهڙ هو ۽ وٽس بيتن، ڳجهارتن، هنرن، سينگار، ڏهس نامي، منظوم روايتن ۽ ڪنهن قصن ۽ ڪهاڻين جي ڪمي ڪانه هئي. اهو سجو گن کيس ياد هو ۽ لس ٻيلي جي ادب تي وڏو احسان ڪيائين جو انهي سڄي خزاني کي هڪ ڪتاب ۾ قلمبند ڪري ڇڏيائين. شيخ سائينداد هڪ وڏو ”سگهڙ شاعر“ به هو. سندس بيت هن کان اڳ مختلف موقعن تي، قلمبند ٿي چڪا آهن.

شيخ سائينداد، هيٺين ڏٺ شيخ مِٺي ڏانهن موڪلي، جنهن ۾ مٺي جي ڀاءُ الهڏني جو نالو وڌائين. شيخ سائينداد واڙ جي ڍنگهرن کي باهه ڏني، پوءِ ڀاڻ کي باهه لڳي ۽ سيڪ تي بلا نڪتي جا هڪ مُني تي چڙهي. انهيءَ تي شيخ سائينداد ڏٺ جو بيت چيو ته:

ڦاٿي هيڪ ڦڪل سين نرتئون چڱي نار

ڪانهي واٽ وڃڻ جي جان ٻهڳڻ پوي ٻهار

سا دُوسي دشمن جهلئي چؤمکي چوڌار

تنهن ساه ڪارڻ ثابت ڪيا وس وڏا وينجهار

ڪري نرت نهار، عقل سين الله ڏنو چئي.

مٺي جواب ڏنو، جنهن ۾ نالو شَڪر واهرٖي جو وڌائين:

عاقل! چوانءِ ٿو الله ڏنا، اها بيشڪ آه بلا

بيٺڪ تنهنجي بند ۾ ڪا هئي هردم هميشا

سا ڪاٺ مٿي تو ڪش ڏني، تنهن کي آيو موت مٿا

چئني پاسي چت چُري تنهن کي آڳ ڪيو اُهاء

ٿرندٖي تنهن ٿونڻينِ ۾ ثابت ڏنو ساه

آهي ڳالهه اها، ڪِ اڃا سڻايانو شڪر چئي.

شيخ سائينداد ڏٺ جو هڪ ٻيو بيت چيو ته:

ڪامڻ هڪڙي قدرت سين خاوند خلقي آه

تنهن پوريا نه ٿـــٖـي پـــٖـيٽ ۾ پنهنجا ٻاريچا

اُني مان ات هيڪڙي، ڪنهن ورنهه ڄڻيو وياء

قوت تنهن جو ڪَڙو، ٻيا هئا مٺا ماکيء ساء

سالڪ ڳالهه سڻاءِ، ان سُهڻي جي سائينداد کي.

ڳالهه هيءَ هئي جو وَس ٿي وَل ڦَري جنهن ۾ هڪ ڪُوڙِي (ڇانهين) ٿي جا ڪنهن ڍڪي ڇڏي. کيٽ ڀيلجي ويا. ڍڪيندڙ کي به ڳالهه وسري وئي. ڪوڙي وڏي ٿي پچي پئي، جنهن جي مٿان ڪنهن جانور پير ڏنو ته چگهه ٿي پيو. ان ۾ وري ٻج اندران موريو. شيخ سائينداد آيو ۽ اها کوٽائي کنيائين. ڪوڙي سڄي سربستي هئي، رڳو سَلي ۽ چگهه وارو ٽڪر ڪَڙو هو ۽ ٻي سڄي مٺي هئي، اِنهيءَ تي اِها ڏٺ چيائين: اها ڏٺ پوءِ شيخ مٺي يا ڪنهن ٻئي سگهڙ ڀڳي. ڀڃڻي واري بيت جي هڪ سٽ هن طرح ته:

”ڪوڙيون، ڪرٽ، گدرا، چڀڙ پوڄ پٽن- الخ“

شيخ سائينداد هر فن موليٰ سگهڙ هو. ڏٺ، هنر توڙي سينگار جا بيت چيائين. هيٺيون بيت محبوب جي مجازي تعريف ۾ پنهنجي پٽ ميان غلام حسين جي نالي جوڙيائين جو خود ميان غلام حسين پنهنجي زباني اسان کي ٻڌايو:

چست گني چئنچل پرين، تنهن وٽ گن جا باغ بهار ميان

گل ڦل، گل ڪيتڪي، ٻيا کڙن کٽڻهار ميان

گل ايلاچان، گل سورتي، بهوت چڱا بسيار ميان

گل ڪوپ، گل ڪيوڙا، رنگ چمن رنگدار ميان

گل لاله، گل گلابي، گل دائودي دلدار ميان

گل جاءِ، گل جافر، ٻيا گل وڏا گلدار ميان

گل ڪيسر، گل قيمتي، گل عشق- پيچ انار ميان

گل ريحاني، گل سورجا، گل چڱا چنار ميان

گل سبزي، گل آرزن، چؤطرفين چؤڌار ميان

گل چندن، گل جاوٽي، گل ابيض ئي اپار ميان

گل ڪرني، گل ڪچنا، گل زيتون زينتدار ميان:

پر ڇا گل ڦل، غلام حسين چئي، جيتوڻي هون هزار ميان

تان ڪونهي مٽ محبوب جو، ان مان ويهه پڻ ڀاڱي وار ميان

شمس قمر شرمائيا پسي دلبر جا ديدار ميان

حورون پريون پيمال ٿيون ڏسي ساجن جا سينگار ميان

ڪڏهن وسرنم ڪنيڪي سي ڪامل ڪنگڻ هار ميان

جهڙس ڪونهي جڳ ۾ اهو قسم ڪريان ڪلتار ميان

اي محب پرين منٺار ميان، سڀ تهنجي جلوي جهڙپ جهپائيا.

شيخ الله ڏنو.

ٻڍڙو شيخ الله ڏنو جنهن سان 26- جون 1946ع ۾ اسان جو مارڪو ٿيو، سو ان وقت عمر ۾ سؤ ورهين کان سوايو هو، ۽ پوءِ 1948ع ۾ گذاري ويو. شيخ الله ڏنو وڏو سگهڙ هو ۽ وٽس ٻيلي جي شاعريءَ جو وڏو صدري خزانو محفوظ هو. وڏي عمر هوندي به ڪافي بيت پنهنجي حافظي مان اسان کي ٻڌايائين. پنهنجا جيڪي بيت ٻڌايائين تن مان هڪ مٿي قلمبند ٿي چڪو آهي.

تاريخ 27- جون 1946ع صبوح جو شهر اٿل مان واپس ڪراچي ورڻ جو ارادو ٿيو. لاري ۾ چڙهڻ جي تياريءَ وقت ٻڍڙي شيخ الله ڏني کان ڪجهه ٻڌي رهيو هوس جو چيائين ته منهنجي هي جوڙيل صدا به لکي ڇڏ:

1-      عرض ڪريان تو الله کي، سي منهنجا صاحب سڏ سڻيج

اسين، ٻانهان، تون ڌڻي، خطائون کميج

منڪر ۽ نڪير کي صاحب ساڃهه ڏيج

الاهي الله ڏنو چئي، پاڻان پاڻ رسيج

حضرت هادي ٿيج، مونکي محشر ڏينهن متان ڇڏئيين.

2-     عرض ڪريان تو الله کي سي منهنجا صاحب سڏ سڻيج

پهريون عرض ايمان جو سو مون تي واحد وڙ ڪريج

ٻيو مرش لاهين جا جو سو مون تي ميون مهر ڪريج

ٽيو موت وقت منهنجا ڌڻي ڪلمون وات ڏئيج

چوٿون هجان ميڙي محمّد جي، مون تي رحيم رحم ڪريج

پنجون پڙهان قرآن کي سو مون تي قادر ڪرم ڪريج

ڇهون ڇڏيان حرام کي، مونکي ڪوڙ م ڪرائيج

ستون مڱان سائو ٿيو، مونکي اڳيون آلا ڏيج

اٺون شيخ، الله ڏنو چئي، منهنجا ڏوهه مڙيئي مرهيج

نائون پڙهان نماز کي هنيون ڏيئي هيج

ڏهون ڏک ڏاکڙو مولي مونکي م ڏيڄ

”ومن يعمل مثقال ذرّةٍ“ اها بندا بات بڪيج

حضرت هادي ٿيج، مونکي ڏينهن محشر جي.

شيخ الله ڏني سر سسئي مان سندس هيٺيان بيت لکايا:

1- ڏکي ڏير ڇڏي ويا، ڏاڍي جات جتن

ڪڏهن سمجهيام ڪينڪي ته آهي سُرپر ساٿيڙن

مونکي سمهار سيج تي ٿا آڌيءَ اوءِ اُڇن

ڪڏهن ستياس ڪينڪي، هوند ننڊ نه ڪيام نيڻن

لکپو هئوم لوح ۾ تيلانـﮧ منهنجو ڪُڙَ هو نيو ڪيچين

اصل آسارينِ جا وٽئون ور وڃن

آءٌ هياس ٻيٽي ٻانڀڻ جي پالياس پريٽين

تيلانهن ڏيرن مون تي ڏک ڪيو، جئن نه هياس سڱيڻي سندين

اصل، الله ڏنو چئي، ٿا لکيا انگ پرن

پڄاڻان پرين، آءٌ کڻي ڏينديس باهه ڀنڀور کي.

2- ڏکي ڏير ڇڏي ويا، ٻي آ واٽن تي واري

پنڌ اڻانگا پٽ جا بر سڄن باري

اٿياس آڌيءَ رات جو ته وئي سنجهي سواري

مونکي سمهاري سيج تي، ڪڻڪيا ڪوهياري

تيلانـﮧ منهنجو ور وٺي ويا، جيلانـﮧ ٿيس اساري

مون تان ڪچو ڪيچين جو ڪونه ڪيو، آهن منهنجا مياري

اصل الله ڏنو چئي، هئي منهنجي تن جتن سان ياري

پوءِ ناحق ڇو مون نڌر سين ڪري ويا ڪاري!

هي منزل جا ماري، سا قادر ڪيچ رسائيين.

شيخ سنگر

اسان مٿي صفحي 87 تي راوي ڪريمداد جو قول نقل ڪري آيا آهيون ته ”شيخ سنگر شاعر ڪونه هو مگر سگهڙ هو.“ حقيقت هيئن ٿي ڀائنجي ته شيخ سنگر شايد گهڻي شاعري ڪانه ڪئي پر تنهن هوندي به بعضي ڪي بيت پئي چيائين.  پر شيخ سنگر ۾ به ڪا شاعريءَ جي ڪڻ ڳڻ هئي جو ختنگ ڀٽ به وٽس سوال کڻي آيو.[6]

سسئي جي سُر مان سنگر جا چيل بيت جيڪي اسان کي مليا سي هيٺ ڏجن ٿا. انهن بيتن مان  معلوم ٿئي ٿو ته سنگر شيخ بيشڪ هڪ سهڻو شاعر هو.

سر سسئي

1- هلي مان سان هوت ڏي جيڏيون جاڪاڙي

آن وَرَ ري وهندي ڪينڪي سرتيون ساڪاڙي

وينديس پير پنهون جي ڪندي وس وس واڪاڙي

ڏيو سامتِ مان ڪاڙي، جان وڃي جيڏيون ملان جت کي.

2- جيڏيون ملان جت کي، وڃي توڙ پڄان تان ڙي

ڪهڙو عُدوليان آرياڻين کي اديون ڙي آن ڙي

سنگر ساٿ ڌڻين کي آن ڇا چوان ڇان ڙي

ڪرم هيءَ ڪم ڪيو پنهنجي چٺيءَ کي چان ري

محب ڏٺو مان ڙي، سو سَڀِيان رس سنگر چوي.

3-سڻ سسئي سنگر چوي، ڪر مون سين حال سچي هيڪار:

ته ڪيئن آرياڻي آئيا، توجي ڀاءُ ڏانهن ڀتار

ڪَ ڪيِئيءَ ڪيچين سين ڪانه ڪا خوش ڀلي کينڪار

مانهندان مزمانن کي تو ڇو نه وڇايا وار

پوءِ ٿي پنڌ پڇائين پار، هاڙهي ۽ هوتن جا.

4- سڻ سسئي سنگر چوي، مونکي سڀا ڳالهه سُلاءِ

ته ڪيئن تو وٽ آرياڻي آئيا، ڪيئن وٺي وَرُ وياءِ

ڏيئي ڏَر ڏاگهن کي، وڇاڻا ڪين وڌاءِ

هاڻ آڌيءَ پنڌ پياءِ، وڃي هاڙهي ڳولج هوت کي.

5- چئي سنگر! ٿي سچي ڪيان جيڪا منهنجي من

اٿيس اوسيڙي منجهان ڏسي تن ڏيرن

هٿ چمي هوتن جا پيس تن پيرن

رڌم طعام خوشيءَ مان ادا لاءِ اوٺين

پهرينءَ پَرو ڪونه پيو ته ڪي مون سان ڪُشرَ ڪن[7]

سي وٺي مون وهاريا، خاشـــٖـين کٽولن

ٻيءَ رات ٻيهي رهيا، رکي مدي من

ٽيءَ ٽڪاڻا جوڙيا وڃي ٻاهران ٻروچن

سمهڻ سَگهرين وٽ نٿو رِهائي رُنگن [8]

چوٿينءَ چڱا ڪيا اڱڻ اشرافن

پنجينءَ ٻاروچي پاڻ ۾، مون سمڌي ڪين سندين

ڇهينءَ خوب ڇاڻيا، نشا نادانن

ستينءَ سيلا ڪڍيا، ڪشي ڪنواٽن

گنگا اُٺ غني هئا، سنگر چئي، ساڻن

اديون ان پاران، منهنجو اٺينءَ ور وٺي ويا.

6- جت جوراور جيڏيون سرتيون سيڻ سندام

برو بگيرد ٻولي ٻاروچل جي، ڪين سنگر سمجهيام

سو وَرُ واري، پره پچاري، ميزل ماري، ڪرها ڪيچ ويام

دانهون ڪوڪون، وس وس واڪا، ڪيچين لاڪُ ڪيامِ

سي سڀ صاب پيامِ، جي ڪيم ڪشالا ڪيچ ڏي.

7- جان مان جاڳيس جان، ته اٺ نه اوطاقن تي

پسيو پڊ پنهونءَ جا مون جي دل جيڏيون ڪي دانهن

سرتيون هيس، سنگر چوي، پنهنجي ور سين واڳي آن

کڻيو هٿ خدا ڏي ٿي ان پر عرض ڪيان

ته قادر ڇِنُ مَ ڪامَ ڪا، سرتين جي سَڱَ مان

معذورينَ مٿان، من هوت ڌري اچي هٿڙا.

8- اچي هوت ڌريندو هٿڙا، مٿي نِگهه نماڻي

لنگهي لَڪ پٽَ، لانگها لڪيون، وينديس ساٿ ڌڻي ساڻي

وَرُ ولهين تي تون اچي ڪج تڪڙو آرياڻي

رويو ريهون ڪري چيهون، منڌ هوتن لئي هاڻي

ڪيئي ڪن ڪپر جوپ جبل ۾، جت برپٽ بيباڻي

تِتي به سُتِيَسِ ڪين، سنگر چوي، ڄاتو مون ڄاڻي

اچي آرياڻي، مانَ پهچي پيادين کي.

9- پهچين پيادين کي تون آرياڻي انور

ڇِپُون ڇپر جوپ جبل ۾ جت ڏاڍي ڏَهِ ڏونگر

تتي ٻانڀون ڀويون ڀولڙا واٽ اتي وانَرَ

چلن چيتا چنج چوه ۾، گجن شينهن سَٻَرَ

قهري بحري باز برن ۾ ڪن شَيلوليون شڪر

روڏ رڃن جي راهه ۾، سيچاڻا سَٻَرَ

اتي سڙيو ساه، سنگر چئي، ڏوه پسيو ڏينوَرَ

مِرُن مٿوئي ناه ڪو جوهين جناور

ورٖي وهلو وَرُ، اچي مان پهچي پيادين کي.

10- وَرَ ۾ ڪونهي وَرُ، هي سڀ ڏنگايون ڏيرن جون

تون جي جاڳينءَ جَرُ پَئي، سُتينءَ نه ساجهر

ته هوند نه هاريوءَ هيترو جتن ڪارڻ جَر

ڪيچين ڪاڻ نه ڪو ڏنئي واٽ وندر جي ور

چئي: سنگر! ساٿ ڌڻين کي آن ڏورينديس ڏونگر

ڀيڄِ ڀنيءَ ڀينر، ٻڌنديون ٻاروچو مليو.

11- وَرَ ۾ ڪونهي، وَرُ، هي سڀ ڏنگايون ڏيرن جون

ايندو ڪامل ڪيچ ڌڻي ڀيڄ ڀنيءَ ڀينر

آڏو ٽڪر ٽَرُ، متان روهه رتيون ٿيين.

شيخ مٺو

شيخ الله ڏني جي ڀاءُ مٺي سان اسان جي ملاقات ڪانه ٿي،[9] مگر شيخ مٺو به سگهڙن مان ٿي چيائون. سندس هڪ بيت جو هن شيخ سائينداد جي بيت جي ڀران ٻَڌو، سو اڳيئي مٿي باب پنجين هيٺ نقل ٿي چڪو آهي ۽ شيخ مٺي جي طبعزاد شاعري جي ساک ڀري ٿو.

شيخ عثمان

شيخ عثمان پٽ محمد صديق، شيخن جي خاندان مان هڪ جوان مڙس سگهڙ آهي.[10] جنهن کي ٻيلي جي شاعرن جو گهڻو گن ياد آهي. هو انهن اڳين شاعرن جو راوي به آهي ۽ ازانسواءِ پاڻ به بيت ٺاهي ٿو. البت سندس شعر جي جنس سادي آهي ۽ وڏن جي ڪڙي تي ڪونه پهتو آهي، مگر ’صفت‘ جا ڪي بيت سهڻا چيا اٿس. اسان کي پنهنجا عمر مارئي جا ٽيهن راتين ۾ ٺاهيل سوالن جوابن جا بيت ٻڌايائين جن مان جنس طور هي ٻه قلمبند ڪيا ويا:

1- پنجينءَ مان پنهوارن ڏانهن وڄيون ٿيون وسن

هُت مون جيڏيون ملير ۾ ٿيون مينهن پسيو مرڪن

آءٌ هت جيلين جهلي آهيان، هو ٿيون ٻڪر کوليو ٻڌن

سي ڦريو پنهنجي ڦرن سين ٿيون اوپريون اچن

شال پنهواريون پسجن، وڃي ملان اباڻن عثمان چئي.

2- چئي: ڇهينءَ مان نه ڇڏيان مونکي م ڪر ضعيفان زاريون

عمر نالو منهنجو، مون تي م ڪر ايتريون آريون

جهليندو سئين جيلن ۾ ڪين پسندينءَ پنهواريون

ڪَڙاوندينءَ ڪوٽن ۾ اِت پئي سنديکا ساريون

وڏيون ڪندينءَ واريون، پر ويندينءَ مري منجهه هن ماڙئين.

هيٺئين بيت ۾ شيخ عثمان، ڪبيرشاه جي واٽ وٺڻ جي ڪوشش ڪئي آهي:

هڪ عرض ڪريان ٿي عمر! سو سڻ ميان سومرا سردار

جيئن هت تنهنجون ڀتيون ماڙيون، جُت ٻه جاڙيون،

چرکيون چاڙهيون، آهن جوڙ چڱي سنسار

تئن هت پکن گهر، بيديون بر، چارين ڦر، منهنجا پت ڀريا پنهوار

جئن هت تنهنجا گهوڙا گلا، وڃن رلا، بغدي ڀلا، ٻيا ابلق وٽن اپار

تئن هت ٻڪر چارن، گهيٽا وارن، در تي ڌارن، منهنجا دل گهريا سي ڌرار

جئن هت تنهنجون گلم گاديون، شغل شاديون، نوبت ناديون، ٿا ڪن وهسيو ويس وينجهار

تئن هت ڳاڱا ڳاڙها، پٽن پاڙان، وجهن واڙا، اسان جا کٿين منجهه خمار

جئن هٿ پلنگ منجا، سمند سنجا، قيمتي ڪنجها، ٻيون وٽئن چؤطبقيون چؤڌار

تئن هت پکن ڇانيون، ٻاون ٻايون، لڱن لايون، ايء منهنجي سرتين جو سينگار

جئن هت تنهنجا ڪوٽ ڪَرارا، نرگس نارا، چُنا مارا، ٻيو سندءِ دم دمون درڪار

تئن هت کڻن ڪهاڙيون، ڳنن ڳاڙهيون، وجهن واڙيون، پسيو پٽ چڱا پنهوار

جئن هت تنهنجا مئگڻ ڳاڙها، کڻن ڀاڙا، هڻن ڌاڙا سڄي سنڌ ستار

تئن هت اسين ٻڪر چاريون، ساٿ ۾ ساريون، وڄر واريون، ٻي رڍن منجهه رڻڪار[11]

جئن هت جنگيون جهيڙا، کڻن کيڙا، مجلس ميڙا، ٻيا وٽئن چؤڏس چوڪيدار

تئن هت چارين ڌڻ، وڍين وڻ، مائٽين مڻ، ڇڏ تون پرڻي جي پچار

آهيئين ڀيڻ، نه ڪر ويڻ، اُپٽ نيڻ، تون ننگ ڀريا ڏسي نار[12]

آهيون بابي طرفان ڀار، ڇڏ وڃي مِلان اباڻن عثمان چئي.[13]

مينهن

مينهن ويٺل وايارو لڳ سڪڻ، محموداڻي شيخن مان هو. سنه 1900-1905ع ڌاري گذاري ويو. سندس هيٺيان بيت اسان کي مليا.

سسئي سار نه ٿايهَ، تو نه ٻُڌو ڪوچ ڪڻڪار[14]

وجهي ڏر ڏاگهيـــٖـن کي، مهٽـــٖـي جهل مهار

سي مَهري مَيا، سنجهي ڪَهيا، ڪي ڪاريءَ مهار قطار

سي وڻ واسيندا ويا، اُٺيـــٖـن جي اوڳار

ٻُڌي سڏ ساجن وَرٖي، منهنجي ٻاتاڙي ٻَرڪار[15]

’مينهن‘ چئي ميار، مون رکي ڏيرن مٿي ڏک جي.

مهر عالي

شيخن جي محموداڻي پاڙي مان هو. ’وايارو‘ لڳ سُڪڻ جو ويٺل هو. 1920ع ڌاري گذاري ويو.

1- پسڻ لائق پرين جي اکيون اُڪيريون ايئن

ساهه برابر سانڍيان، سي جيءَ برابر جيئن

جيڪي پرينِ ڪَنا پوءِ پَيا، سي گهوريان ڏکيا ڏينهن

انهيءَ مذڪور منجهه، مهر عالي چئي؛ ڪيئن مٿان

                                وسي ويا مينهن

تهدل يار توسينءَ، ٿي ڏيان تسا تن کي.

2- پسڻ لائق پرينءَ جي، منهنجي حُب هنيين ۾ آه

سو ماکيان مٺو ڀانئيان سُرهي سِرکن گهاءِ

اڙٖي آنٽ عشق جي، ڪا محب لڳئي مون گهاءِ

سڀڪا سڪ سپرينءَ جي، سا مونکي پِيئَٽ ڪين پياءِ[16]

آهم ارادو الله تي، منهنجو تڪيو توتي آه

هاڻ گڏيا محب، مهرعالي چئي، دوس دلاسو چاءِ

تن کي تات تيلاه، جيلاه اڳ هيرايوءِ هنيون.

هيٺئين بيت ۾ پنهنجي ڀاءُ اوباهيي جو نالو وڌائين:

ڀيڻيون شهر ڀنڀور ۾ ٻَر ڪنهن جي ٻهندياس

سنجهي ساٿ لڏيو، آءٌ آڌيءَ جو اُٿياس

ڪهي ڪوهيارو هليو، تنهنجي نرت نه ٿياس

براهمڻ بانئٺ ٿي، هاڻي سچـــٖـين سڏ ڪندياس

کڻي توڪل ترهو، تار تنهين ترندياس

آوَرا لَڪ، اوباهيون چئي، لحظي ۾ لنگهدياس

ناحق پرين ناندياس، ناته ڪچو منجهم هو ڪونه ڪو.[17]

سڄن منهنجا سونهڻا، ريٽي گهاءِ رَتا

عاشق معشوقين مليا ٻيئي ٻول ٻڌا

مَن جا لوه، مهرعالي چئي، ٿين جئري ڪيم جدا [18]

ثابت رب سچا، ڪج ميڙو محمد ڄام سين.

جنگو

محموداڻي شيخن مان، ويٺل وايارو لڳ سڪڻ، سنه 1956ع ڌاري گذاري ويو. مينهن شيخ جي ڀران هيٺيون بيت چيائين:

سسئي سار نه ٿايهَ، تون اُتيـــٖـين آتڻ اويرو

توک ڏيئي ڏير ويا، ويچاري ويرو

سسئي جو، شيخ چئي، نه پيو ڪيچين کي ڪِرو [19]

تون رکي ڌيان ڌوٻڻ، کڻ پنهون جو پيرو

جهلي تولاءِ، جَنگُو چئي، ڀڳائون ڪين ڀيرو [20]

هُنِي لنگهي پُڳ پاڻُو ڪيو، ڪو آرياڻي ايرو

پوءِ ساٿ کِ سَوارو، تون سَٽي پُڄ سنگهر ۾.

عارب

محموداڻي شيخن مان، ويٺل وايارو لڳ سڪڻ، سنه 1957ع ڌاري گذاري ويو. ’مينهن‘ جي بيت جي ڀران هيٺيون بيت چيائين ته:

سسئي سار نه ٿايهَ، اُٿي ڪڍ گوڏي مان گندي

ستينءَ آساري، شيخ چئي، آڌيءَ جو انڌي

سي پرين تنهنجا پري ويا، وٺي ڪيچ ڪنڌي

اِني اٺين جي گُڏِ، عارب چئي، رڙهي پوءِ رندي

من ٻاروچو ٻُنڌي، تنهنجو ساجن سويرو وري.

محمد احسان

ڪڙياڻي شيخ جنهن جا هيٺيان ٻه بيت اسان کي مليا.

1- اڄ به اُتر پار ڏي ڪڪر آهن ڪارا

کنيو اچن کَٽـــٖـي جا هوءَ پنهواريون پارا

منهنجو هنيو هت نه وندري اُن ڌڻوليـــٖـن ڌارا


[1] پٽاکن ۾= پڙاڪن ۾= ڀڄ ڊڪ ۾

[2] ر: ’ته هرگز هوت پنهونءَ سين گام نه پييئي گهٽ‘

[3] ڏنا= ڏنيون. پهاڙ جي پنڌ جون پٽيون

[4] ”ٻڏيءَ کي ٻنا- الخ“= يعني ته ٻني ٻڏي ويئي تنهن کي ٻنا ڏيئي ڪيترو سنڀاريو، هاڻي ٻيو ڪي ڪرڻ گهرجي. ر: ”ڪونه سيبائي سسئي.“

[5] ر: ’ڪانڌ اسونهين آهئين، تون کمي راه کڻيج‘.

[6] ڏسو مٿي، ص 88

[7] ڪشر= دغا

[8] رنگن= ڇڙن (رنگ= ڇڙو)

[9] سنه 1946ع ۾ شيخ مٺو جيئرو هو.

[10] هي جون 1946 جو ذڪر آهي.

[11] ساٿ ۾ ساريون= گڏجي چاريون. وڄر= فجر، سويرو

[12] نار يعني نهار (م)

[13] ڀار= ڀائر (م)

[14] ٿايه= ٿياءِ (م)

[15] ٻرڪار= سڏ.

[16] پيئٽ= سڌ، خبر

[17] ناندياس= نه آندياس.

[18] من جا لوهه= لوهه جهڙا من جا ناتا.

[19] ڪرو= ڪهل

[20] ڀڳائون ڪين ڀيرو= ويٺائي ڪين. پاڻو ڪيو= منزل ڪئي

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org