سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ٻيلاين جا ٻول

صفحو :34

فصل

مبارڪ سسئي جي سر مان ٽيهن راتين جا بيت جن مان هيٺان ڪن سگهڙن کي ياد آهن(2).

پهرين ماه پرين چڙهيا، ٿياسَن خذمت منجهه کهڙي(3)

ستياس ڪين سرتيون، پاسي گهوٽ گهڙي

تن پڄندي پنهون پڪڙيو، واريائون اُٺين تي اڙي

وجهي هنڌ گليم گاديون، ڪيائون چانگي تي چڙهي

پَڳُ پٿون ٿيا ڇوهه ڇپر ۾، روڏن لاءِ رڙي

اڳيون مبارڪ چئي مڙي، هاڙهو ڳولينديس هوت لاءِ.

ــــــ

ڇهينء ماه ڇپر چڙهيا، سَمَن اهائي ساٿ(1)

ڏاڍا ڏوهه ڏونگر ۾، آهن، مرن وڏا وات

آرياڻي عجيب جا، مون رند نه ڏٺا رات

ماڻهن مونکي، مبارڪ چئي، نصيحت ڏنا نا ته

پرهه ڦٽي پرڀات، مونکي مليو هوت حضور ۾.

ـــــ

اَٺينءَ ماهه اُٺين جو، تون سسئي جهل سَلو

ڀِري شهر ڀنڀور مان،هوتين پٺيان هَلو

مون نان مهند، مبارڪ چئي، لنگهيو هور گَلو(2)

پوءِ مَلاڻ ٿيو مَلو، بُزيءَ لڪ ڀَنوارئَون(3)

ــــــ

ڏهينءَ ماه ڏاگهن تي هنڌ وڌائون هير

ڀيڻيون ڀرندي شهر ڀنڀور تي ڪانڌ وساري ڪير(4)

تَرڱا وار تني جا، ڀَڱين اُبتا ڀير(5)

مون نؤن مهند، مبارڪ چئي، ڏونگر لنگهيا ڏير(1)

جت ايندا ساهميون سير، اُتي تَسُو ترندا تور ۾(2)

فصل

ٻاروچا ٻيا گهڻا، منهنجو ساجن سرمورو

چڙهي هليو چانگي تي جت جبل گهورو

مون کان مهند، مبارڪ چئي، ڪج ٿڪيءَ تي ٿورو

جت ترندو تورو، شل اتي اماني نه ٿيان.

2. ٻاروچا ٻيا گهڻا، منهنجي آهي وڻجاري ۾ وَٽ

جتن جاڳاري ڪينڪي جان کڻي ويا کٽ

سسئي پنهون سڱين گڏيا، محبت نيئي ڪيا مٽ

سونئيم واٽ سنگهر جي، پرين پنهنجي لاءِ پٽ

گهيڙ گهٽيون، گونگو چئي، آهن بر بازاريون هٽ

ڍاٽي ڪاهي ڍٽ، وڃي ڪامل ڪيچ قراريا.

فصل

ڀنڀوران ٻهار پئي، منهنجا ڏير نه هئا ڏيئي(3)

پوتي ڄام پنهون جي هئي پينگهي تي پيئي

انگ اڙي، قسمت چڙهي، هئا سيڻ منهنجا سيئي

آرياڻيءَ عجيب کي آن ڪيئن وساريان ويهي!

محب سياڻو، مبارڪ چئي، منهنجو ڄاتووَ نه نيئي

ٻاروچا ٻيهي، مون سان هيڏي هوت ڪري ويا(4).

ــــــ

ٻيا سڀ جاءِ بجاءِ، هئي هوتن هلڻ- هاري

وجهي جهيلا جهمن تي، ڪنهن ڪلاندري(1)

وجهن وامون، ڀرين گامون، ميا سرمهري(2)

ٻروچ ٻيهي، ويا ڏک ڏيئي، منهنجو زور نه هلي زاري

پير وجهندي پوئتي نه ڇنڊي، ور کان ويچاري(3)

موچڪ ويا، مبارڪ چئي، ڪيچين ڳالهه نه پاري

ايندوم ڄام آري، اچي هوت ڌريندم هٿڙا.

وريو گڊو: وريو سنگهر جو ويٺل هو. شيخ غلام حسين چيو ته: ”اسان جو ڏٺل هو ۽ ان وقت ڄمار ۾ پيرسن هو.“ وريو ٻيلي جي چونڊ شاعرن مان هو. شاعر مڱيي کي ڏنل جواب سندس لياقت جي ساک ڀري ٿو(4). سندس هڪ بيت (روبرو رخ رهاڻ سين- الخ.) پڻ مٿي نقل ٿي چڪو آهي. هڪ راوي اسان کي سندس هڪ انوکي بيت جا هي الفاظ ٻڌايا ته:

”برق ستونت، ورق وريو چئي- الخ.“

چون ٿا ته وريي گڊي تي ڄام عالي خان جو ڏنڊو وڌل هو، سو لنگهي ويو ڄام جي مامي جنگي خان وٽ: تنهن چيس ته لس جون سڀ ڍوريُون ساري ڏي ته معافي وٺي ڏيانءِ. تڏهن وريي هيٺيون بيت کيس ٻڌايو ۽ جنگي خان سندس ڏنڊ معاف ڪرايو.

ساراهيان سچو ڌڻي جو هوندو هئڻهار

هاري ’حب‘ ڪنڌيءَ جا، هيڪاندي هوشيار

’بدوڪ‘، ’ڀَواني‘، ”گَندٻو‘، ’بُرِيدو‘ بسيار

’آدم‘، ’ڏُوڏو‘ اُتهين ’نانڪو‘ ٿيو نروار

’مُهنبار‘، ’ڪاٺوڙ‘ موج چڱي سين ٿيا انبُ ’اُويز‘ جا اظهار

’ڀانار‘، ’ڦاٽي‘، ’ڇِٻ‘ ’ڇَرڇَري‘ ’ڦيهو‘ فهم دار

’وِندرِ بالا‘ واه ٿي جا جوڙي پاڻ جبار

’ڪَسَ‘، ’ميندِيارِي‘، ’پُرڳڙو‘، رهن ’سَنڪيءَ‘

منجهه سنگهار

’وٽو‘، ’ڊگهو‘، ’وينگيون‘، ’اُٻايون‘ انهيءَ پار

’پَوَڻ‘، ’ٻيڙي‘، ’پيٽ ڌَؤنرِي‘ رهن ’رُهڙي‘ ۾ ريڍار

دُرس ’ڌِيرجو‘ خوش ’کانٽو‘ ڪيا ’اٿل‘ ان اپار

مڪڙ مَولي ڪڍي ڇڏيا، ڏيهه ڌڻي ڏاتار

جنگي خان جونجهار، سڻ هيء غزل سانئر جو.

ليلان ۽ ڪؤنرو

هيون ليلان جهڙيون لک، پر ڪونرو جهڙي ڪانه ٿي

سا کلي گڏي خان کي، سڀو لاٿائين شڪ

سا واهه چڱي، وريو چئي، جا حقي ڳولي حق

پوري ڪيائين پرک، جي ڪيائين عمل اڳ ۾.

سسئي

جبل ڏونگر ڏَرَّ، پهڻ پٽولا ڀانئيان

حب ديرو دوس پنهونء جو تِت باغ بوندون ڪن بَر

چڙهيس چُنجين چوٽيين جت هئا واٽين وِنگا وَر

سي وڻيا مانکِ، وريو چئي، بغدي بازيگر(1)

ٻُڌي مان ٻانهيء جي، سو ڪيچ ڌڻي ڪُوڪر

موٽ ڪوهيارا لهه ڪر، اچي پُڄيج پياديءَ کي.

صاحبڏنو شيخ: شيخ صاحبڏنو ويٺل ڳوٺ شيخ قنبورو برهماڻي (شهر اٿل کان اٽڪل ڇهه ست ڪوهه اتر اوڀر طرف) قهري شيخن جي پاڙي مان هو. ميان ڪريمداد چيو ته: پٽ مري ويو هوس جو اچي فراق لڳس ۽ موت جو ذڪر ڪندي ’مارئي جي سر‘ مان بيت چيائين ته:

چيٽ ڦٽو، وڻ موريا، ٿيو پاڻي پوڄ پٽن

تور پهرايم اوچتو، ڪري مدي من

سوال نه سڻي سومرو، ڪنهنجي نه ڪري ڪن

بي ڏوهيائون بند ڪري، نياڻيون تان نه نجن

اڳيان حق حساب جا ٿا تراڙا ترن

تنهنجي سمجهه، صاحبڏنو چئي، پيئي پنهوارن

هن ڀي اڪيريو اچڻ لاءِ، تان ٿيو وس نه ويچارن

شل وڃي ويڙهيچن، وطن واڙا جوڙيان.

چيٽ ڦٽو وڻ موريا، سچ ڪي ساڻيهه ڏي

رهن پنهواريون ريج ۾ ڪن پاڻان پانئر ڏي

تنهن کي سانبين بنا، صاحبڏنو چئي، ٿي انجهه نه اوڪاڻي (1)

سنهڙا ساري، ڏجو مارن کي ملير ۾.

هڪ روايت  موجب شيخ صاحبڏنو، شيخ حمر جو هڪ همعصر درويش هو جو شيخ حمر ڏانهنس بيت چوائي موڪليو ته:

سج چنڊ پيدا ڪين هئا، هئي اونداهي ايئن

نڪا ڇوه ڇمر جي، نڪي مينگهين مينهن

نڪي تارا ڪتيون، نڪي طبق تيئن

حمر حبيبن سين عهد ٻڌوسين ايئن

مون پڻ توئي سينءِ، ٿي ”قالو بلى“ ڪهيو.

چون ٿا ته انهيءَ جي جواب ۾ شيخ صاحبڏني هيٺيون بيت چوائي موڪليو. روشن هجي ته شيخ حمر علم وارو هو مگر شيخ صاحبڏنو پڙهيل ڪونه هو:

سج چنڊ پيدا ڪين هئا، نڪي هو روشن راه

ارڙهن هزار آدم کان اڳي جيڪي جڳ ٿيا

تيائين پوءِ تدبير سين ٿيو پيغمر پيدا(1)

تنهن لاءِ هفت زمينون آسمان پاڻ جبار جوڙيا

اهڙي چال انهن جي سڄي قائم قدرتا

هادي حوض ڪؤثر جي، جنت جوڙي جاءِ

”وڻ يقينؤن“ واه ۾ هو تهڙي طريقا(2)

سمونڊ سوئي چون ٿا جنهن منجهه نور گهڙيو نبياءَ

هلي پنج حضور مان آيا قلم جا قطرا

سي سڀ سڳوري، صاحبڏنو چئي، پڙهي پورا ڪيا

آءٌ ڄٽ ڄاڻان ئي ڪينڪي منهنجي ناهه مجا

ماڻڪ جي مذڪور جا، سي ڏوريندن ڏٺا

مولى جن جي من ۾ سي پڇن پاٻوهيا(3)

آهي عاقل ڳالهه اها، ڪ پڇان تنهن جو پيچرو.

شيخ صاحبڏني جا ٻيا ڪي بيت جي هٿ آيا آهن تن کي هيٺ قلمبند ڪيو وڃي ٿو. انهن مڙني بيتن مان ظاهر آهي ته شيخ صاحبڏنو فراق جو ماريل ۽ وصال لاءِ ويڳاڻو هو.

دعا

واحد وريامن ۾ تون آهين سدا ڪارو

ميم مدايون ميٽئين، تون آهين عالم جو آڙو

سسئي ڏوريو، صاحبنو چئي، هوتين لاءِ هاڙهو

مارئيءَ ملير من ۾، سا ڪيئن وساري واڙو

سونهڻي گهڙي سير ۾، جنهن ڪيو ڏاڍو ڏاواڙو

هو دائم ڄام چنيسر داسڙو، سو ڪيئن ليلان لاوارو

ليلى مجنون مست ڪيو، جنهن جي ڪيو قلب ڪاڙهو

مومل ساري مينڌرو، ڪريراڻي لاءِ راڙو

پني ڪر پادشاه هن سقيم تي سارو

آءُ پڻ عاصي بندو آهيان ٻولڻ منجهه ٻاڙو

پسائيم پاڙو، صاحب! سانيئڙن جو.

سانگ ته وئڙا سپرين

سانگ ته وئڙا سپرين، تن مان ٿيو ڀرم ڀلائي

عاشق انڌ الوٽ ۾ وٺيو پڻن وائي

متان ڪرين منهنجا ڌڻي ان ڏونهن جئري جدائي(1)

ساجن سچائي، توجِي مونکي ٻئي تي مور نه مٽڻي.

سانگ ته وئڙا سپرين، تن جو وطن ٿئڙو ويءَ

ورن شل وڻڪار تي اچي پرين چونم پيءُ

جميعت جسو جيءُ، منهنجو پسي ڪندو پرينءَ کي.

سانگين سکيا سپرين! مونکي ڳالهين سان ڳِنتوءِ

چاڙهي چڱاين سين منهنجو وجود کي وٺتوءِ

جاني من جَڪوڙي ٻولن ساڻ ٻڌوءِ

توتي رب راضي ٿيو شل وهم لهي وڃندوءِ

ساجن ڳڻ سنوءِ، آءُ ٻئي تي مور نه مٽيان.

سسئي

ڏيئي ڏيکاري، ورنـﮧ وٿ وٺي ويا

هيءَ پئي اُڪيري اُن پار ڏي، ٿي نيڻ کڻيو ناري

هوءَ جي رهي رات روان ٿيان، ٿي سڄڻ سي ساري

رئڻ واريون رڃ ۾ شل اچي ميون ماٺياري

مون جهڙي مسڪين سين من پت پنهون پاري

تنهن ولهيءَ جا واري، الله پرين آڻ تون.

مومل راڻو

وسي وَساڻو، ڪاڪ ڦلي وڻ موريا

مئي کي مار م مينڌرا ڇڏ هيڏو هاواڻو

سومل ڪارڻ، صاحبڏنو چئي، جنهن هو وڌو وڇاڻو

تنهن تان ور! وڃڻ وارج ڪينڪي لنگهي لوڊاڻو

هيءِ ٿي ڦٽي پاڻ فراق ۾ پنهنجو پسيو پاواڻو

مومل سين ماڻو، راڻا ڇڏ رسڻ جو.

راڻو ماڻو راه، ساريو ويٺي سَڌِ مران

موٽائي ماڳن تي آڻيندونِ الله

سوڍا تو ڳر ساه، نه ته راڻا گهڻا راڄ ۾

راڻا هياس ريءَ، تنهنجي سڱ سون ڪياس(1)

مٽي مائٽيءَ تنهنجي اپر اجارياس

تونان پوءِ ٿياس، ڪر سوڍا سياڪي جهڙي(2).

راڻا تو نه رهاءِ، ڪاڪيان وڃڻ ڪيڏهين

سٺيم ساهيڙين جا طعنا توئي لاءِ

ڪامل ڪاڪ وساءِ، موٽ مران ٿي مينڌرا.

هئي هئي جيڪر هو، دلاسو دوسن جو

راڻا ڦٽ فراق جو لاهوتي لڳو

سڀني پَرين، صاحبڏنو چئي، هو نوازيو نالوءِ

تنهن تان ڏمر ڏک ڏور نيو، ڀيرو پاڻ ڀڳوءِ

آءٌ اداسي آهيان پرين ڪنان تو پوءِ

سوڍا هن سهاڳ ۾ ڪهڙو وڇوڙو وڌوءِ

سوين سک سندوءِ، ٿي ڪين وساريان ڪاڪ ۾.

وريائو: لس جو شاعر هو. سندس احوال معلوم نه ٿي سگهيو مگر هيٺيان بيت مليا:

چارڻ طنبور چوريو، ويو رمي وٽ راء

تنهنجي سڀائي سرڪار کي ٿي مڙيئي معلوما

دان گهريائين دل وچان تنهن جا سچي سڏ سوا

ڏنو ڏياچ اُن کي تهدل تحقيقا

مليو آهه مڱڻي کي ڪُنۡ فَيَڪُوۡنا

اها صحيح ڳالهه سچي آهي، هي سڀ جڳت پوءِ جڙيا

ويئي ورونهن، وريائو چئي، ڏک سڀ ڏور ٿيا

عاشق معشوقا، ڳجهه ڳرهن پاڻ ۾.

ڳجهه ڳرهن پاڻ ۾، هن وڄايو وِناڻ

مڱڻي مِئين پاڻ ۾ سچي ڪئي سهَاڻ

عاشق معشوقن سين ريجهو ڪن رهاڻ

بخشيائينس برهه مان ڏيئي سڀوئي ڏاڻ

کڻي وڏي خوشيءَ مان خزانن جي کاڻ

ڀري مهرن ماڻ، ٿي اُتان انعامي آئيو.

ٿي اُتان انعامي آئيو، ميراثي مهنديار

سمجهي سڀ سرود کي سر سڄي سينگار

مون وڄايو، وريائو چئي، سر منڊل سؤنسار

جيئن مِئين ڏنس مهار، تيئن ٻئي مڱڻي مليو ڪينڪين.

پير محمد: لس جو شاعر هو. ڪبير شاه جي ڀران چيل سندس هيٺيون بيت مليو:

ٻڌو ڪنهن ٻانڌاڻ، منهنجو آهي هنيون هوتين سان

سر جهليو پليو نه رهي، جو ريڌو من رهاڻ

سي منهنجا پانڌيئڙا، پير محمد چئي، الله کڻي آڻ

سمن مون هي ساڻ، ٿي ڪيوسين پانجُون ڳالهيون پاڻ ۾.

سنگر ڀوتاڻي: ميان محمد امين چيو ته سنگر سندن وڏن مان هو ۽ دريجي جو ويٺل هو؛ گهڻا بيت چيائين جن مان هيٺيون بيت ’مومل راڻي‘ جي سُر مان ميان محمد امين کي ياد هو.

اتو آدمي کي جوڳي هي جواب

تنهن ڪل جوڙائي ڪامڻي طول وڏي سان تاب

تنهن جو سوڍي سڀ صحيح ڪيو ناٽ نَڪَٽَ اي ناب

تڏ ٿيو راڻو نر نواب، جڏ چڙهيو منهن مومل جي.

علو بادشيراڻي: سندس هيٺيان بيت مليا جي ڪبير شاه جي بيتن ڀران چيل آهن.

آگ اجهامي ڪين اندر جي،باه ٻاروچل ٻاري هئي

سرتيون سائي چال چَڱن جي، مون خوب ڏٺئي خنڪاري هئي

پلئه پاريچو ڪين پاڻان، سهڻي سٽ سيکاري هئي

جهڙي جوڙ جتن جي تهڙا ساز سندن سلڪاري هئي

پٽ پٽيهر پاکڙا، مُهرج ميناڪاري هئي

گلم غاليچا گل پرين جا، سهڻا هنڌ سنجاري هئي

هٿيار هوتن چيلهه چڱي سين، چست چڱي چلڪاري هئي

آب انهن جو اهڙو ’علو‘، مرم انهن جي ماري هئي

چور چڱي ڪئي چست پريان سا سوئڙي وچ سوپاري هئي

آءٌ ڏيرن جي ڏک ڏاري هئي، ناته ڪير ڪچا ڪري ڪيچن جا.

ــــــ

آگ اجهامي ڪين ڪي، جا دلبر دل دکائي هئي

جگر جلاور، هنيون هلاور، اور ارواح مان آئي هئي

رند کڻيو مان پنڌ پڇان ٿي سرتين سان ڳالهه سائي هئي

واري وهنديس ڪينڪي، آءٌ ڪيچ پٺيءَ دل ڪاهي هئي

چلن چِٽا چُنج چوهه ۾ گجن سيهن ساڻ نڀاهي هئي

نور، سور، سرڻ ۽ هرڻ، ٻانڀن جي ات هائي هئي

امر الــٰهي وارث نه واهي، ڀوت ڀڳڙ جي پائي هئي

تان به ترسيس ڪينڪي، مونکي واٽ وڃڻ جي وائي هئي

هڪ اسونهين دل ۾ دونهين، پيچ پنهل جي پائي هئي

ڏنيون پاسا ڏونگر ڏاسا، ڇپن پير ڇنائي هئي

پنڌ ڪشالا ڪرم جا ڪايا، امر لکئي ڏانــﮧ آئي هئي

’علو‘ اهڃاڻي آهه انهن جي، مونکي سنگهر واٽ سونهائي هئي

ڪنين ٻڌو مان ڪينڪي، تن پٻ پٽن ۾ وائي هئي

مٽ نه ماڳين اهل آرياڻي، دلبر جي آءٌ دائي هئي

جانب جنهن جيائي هئي، سو اچي ٿيڙم ساڻي ڪانڌ سنگهر ۾.

نورو آچرو: ويٺل وايارو، لڳ سڪڻ، 1905-1900ع ڌاري گذاري ويو.

ســـــڄڻ مــــــــنهنــــــــجا ســـــــــونــــــهڻا، پر مــــــل پيارا

ڪريج ننگ، نورو چئي، مون سين صحبت سونهارا

جيءَ جا جيارا، جُڙيو هوندين جهان ۾.

مانجهي آچرو: ويٺل وايارو لڳ سُڪڻ، 1930-1932ع ڌاري گذاري ويو. محبت ۽ درد جو ماريل هو. سڄڻ جي سڪ جا سهڻا بيت چيائين:

سيڻ سٻاجها سپرين منهنجا آوَسر ڏورنيا

راتيون وهامن ڪينڪي سڄَ وڏا ٿي پيا

پسي پَٽ پرينءَ جا مونکي لهي لڙڪ ويا

محبت مطرقن جيئن اچي مونکي هنيين هنڌ ڪيا

سي محب گڏيام، مانجهي چئي، کامي کر ويا

حب جني جي هيا، سي الله آندا پرين.

ــــــ

ٻنڌڻين جو ٻانڌاڻ ڪنهن جو ڇڄي نه ايئن

فقير! هن فراق جي توکي ڪل نه پيئي ڪيئن

جنهن تي اوس عاشق جا، تِت آهن راتين مان ڏينهن (1)

ٿيو آهين مياري، مانجهي چئي جاڳي سمهه مَ سِيئن

سندا محبت مِينهَن، جن تان وَٺا ســٖـي وسهنديون.

ــــــ

ٻنڌڻين جو ٻانڌاڻ، ڪنهن جو ڇڄي ڪِيمَ

فقير هن فراق ۾، ويٺو آهي ڪيئن

محبت جي ميدان ۾، ٻه ٽي لڳاءِ ڏينهن

ٿيو آهين مياري، مانجهي چئي، جاڳي سمهه مَ سِيئن

سندا محبت مينهنَ، جن تان وٺا سي وسهنديون.

سنگر آچرو: سَنگر پٽ نوروء جو، ويٺل وايارو لڳ سڪڻ:

سڄڻ منهنجا سونهڻا، عاقل عقلدار

ڏين مَتيون موڙهيـــٖن کي، وَڻجارا وينجهار

سڀ ڪنهن وير،  سَنگر چئي، شل ڪنهنجا دوست

مَ ٿين ڌار

عاشق اَجهيـــٖـدار، چور مَ شاخون سُور جون.

ـــــــ

اُلَهه مَ سڄ، آچرو چئي، ٽَر مَ ٽُٻي ڏيئي

سڪي مليا، سَنگُر چئي، جي عاشق اڳيئي

کڻيو اکيون احساس جون، مَر ٻولين ٻيئي

پرين پرڏيهي، شل قادر ڪنهن جا نه ڪري.

گجڻ برفت: گجڻ برفت کديجيء تي ويٺل هو. سندس هڪ بيت ’مارئي جي سُر‘ مان مليو.

عمر اباڻي پار ڏي اڄ وڄون ٿيون وڙڪن

ڪارا ڪڪر اُڀ ۾ ڇپر سانگي سان سڻن

پٽ پٽيهر بافتا تنهنجا سوين طاق سڙن

ويجهي ناهيان وڳن کي موران مون نه وڻن

عمر بندياڻي بند ۾ آهيان قابو منجهه ڪڙن

ڪڙا عمر ڪوٽ جا ڪٽجي مانَ ڪرن

پڪارون پهچن، منهنجيون سگهيون سنگهارن کي.

ڦل فقير: لس جو شاعر هو ۽ لاکڙي طرف ويٺل هو.

شُڪر مُڪو سڄڻين مون ڏانهن ڳجهو ڳالهائي

پرور اِن پِرين سان، ڏين ساڃاه سَڀائي

ته پاري مران پرينءَ، جو، آهيان ثابت سڄائي

ساجن سڀڪائي، مون سان ٻنهين جهانين ٻاجهه ڪئي.

ٻنهين جهانين ٻاجهه ڪئي، جئن مون جهڙين مِرييــــــٖـن لڌا مان

بنا رحمت رب جي، ٻي ڪنڌي ڪيڏي ڪانه

مون نِوڙِيءَ سان وَڙ ڪيا، منهنجي رب رحمان

آيا پرين پرچاء ٿيو، جئن ڪر شاديون ٿا شڪران

منهنجي ساه ساريو ٿي جن کي، تن اچي اندر ڪيام اُلٽان

ساجن سنڌي شان، ٻيو ڪي برابر ڪينڪي.

ڪي برابر ڪينڪي، منهنجي محبوبن

وارث جي ولهين جا، جيارا، جتن

سي اُڪاريندا احسان سين، ٻانهون ڏيئي ٻُڏن

مونکي نيندا پاڻ سين، وٺي ڀلارا بهشتن

ڪلمون جي ڪَهن، سي جوان ماڻندا جنتون.

جوان ماڻيندا جنتون، حورون ۽ حُجرا

جن جي ٻار (ٻاهر) ٻاڦ ئي نه پوي، قلب ڪِينَرَ ها

تن کي ياد ته يار يقين سين، جي ڀُوڻن سڃ سَرها

جن ڪٺوتن ڪَرها، ٻيو ڪهڙو سُکين سماءُ سور جو.

ڪهڙو سُکين سماءُ سور جو، جي سنجهيئي سمهنديون

اولائِي ارٽ کي، ڪاپو تان نه ڪنديون

اُٿي اَشور ويل جو، سي شُرمنديون ڇنڊيون

تن سين ڪندين فضل پاڻ، ”ڦل“ چئي، جي آهن

بيڪاريون بنديون

سي پرين پارونديون، سڀان ڪهڙي سهاڳ سين.

خدا رکيو صابريو: ويٺل وايارو، لڳ سُڪڻ، تعلقو اُٿل، سنه 1910-1920ع ڌاري گذاري ويو.

ساڃاه ڪر سومرا، آءُ هت نه جاليندياس

مال پنهنجو ملير ۾ آءُ چُوڙيءَ چاريندياس(1)

کوڊون پنهنجون، خدار کيو چئي، آءٌ نه ماڙيء مٽيندياس

ماڙي مرڪ نه منهنجو، پنهنجي پر ڪندياس

زال هياس، زور نه لڳو، اَمر کڻي آندياس

گلا پنهنجي گهوٽ جي سومرا ڪين سڻندياس

تڏهن ئي جيئندياس، جڏهن وڃي تُور کوليان تند مان.

شفيع محمد: لس جو شاعر هو. سندس هيٺيون بيت سگهڙ حاجي اسماعيل بنديجي کان سنه 1960ع ۾ مليو.

بنڀوران ٻاهر پئي گس ڏسيون گهرندي

ويندي هو وڻڪار مان ڪوهيارو ڪندي

جبل ۽ جانار جا ڪي ڏونگر ڏوريندي

جن گهَٽيِن تان گهوٽ ويو تن لڪن تان لڙندي

ٻانڀڻ ڪي ٻروچ لاءِ ڪَــــﮧ ۾ ڪيڪون ڪندي

بي اکر بسم الله جو پنهنجي پِر لاءِ پڙهندي

شرم ڀرم ۾، شفيع محمد چئي،پنهنجو ور واري ورندي

مهندان شال مرندي، پيرانديءَ پنهون ڄام جي.

مينهن وسايو شاهوڪ: مينهن وسايو، شاهوڪن مان ’لُڌن‘ جي پاڙي مان هو. اٿل کان اوڀر طرف ’وندر‘ جو ويٺل هو. پنجونجاهه سالن جي عمر ۾ سنه 1960ع ڌاري گذاريائين.

وڏا وڻ وڻڪار جا لَيُون سڀ لنگهجن

اڳيان ٿاڻا ٿڪيءَ کي ٿا سوين لَڪ سُڄن

اڳيان وحصول وهنوار جو واريو تِت وَٺن(2)

تِت مائٽ منهنجا، مينهن وسايو چئي، سيئي سيڻ سُڄڻ

پاڻا وڙ ولهيءَ سين، مان ڪيچ ڌڻي ڪن

ڪن کي پنهون ملي ويو پلڪ ۾، ڪي سوين ٿيون سڪن

ڪن پڇي لڌو آهي پيچرو، ڪي ٿيون اڃان پنڌ پڇن

محب جني جي من، تن سفر سولَو ڇندو(1).

حاجي اقبال خاصخيلي: لاکڙي ۾ رهندڙ آهي ۽ مولودي ۽ مداحي آهي. عمر چاليهه پنجيتاليهه سال کن اٿس. سندس بيتن مان مثال طور:

تڙ اونهو، تار گهڻي، ڇولين ۾ ڇوليون

ڪاهي گهڙيس ڪُن ۾ ٻڌيم جي ٻولون

ڪيئن ڪريان ڪاڏي وڃان اڌ ۾ ٿيس اولون

متان رڻ ۾ ٿيان رولون، اچي هٿ وٺيج هاشمي.

ـــــ

تڙ اونهون، تار گهڻي، تري نه چاڻان تار

ڇولين ڇيهه ناه ڪو ويريون ڏين نه وار

جهولن ڪيئي جَهٽي نيا ٻيڙا کڻي ٻار

اونهان ڪن عميق گهڻا درياء جي دڌڪار

تنهن جي هيبت ڪيئي هوليا لکين لک هزار

اچي سونهون ٿي سردار، اوتڙ اولي آهيان.

ــــــ


(2) هي بيت اسان کي نابينا سگهڙ پسند باکڙي (لالو کيت، سيپٽمبر 1950ع) ۽ سگهڙ حاجي اسماعيل بنديچي (ڪچهري بند مراد خان، 24 سيپٽمبر 1960ع) جي روايتن ذريعي مليا.

(3) ٿياسن= آءٌ سندن خذمت ۾ کڙي ٿيس (م).

(1) سمن= خبر. ساٿ= ان ساعت.

(2)  مون نان= مون کان. هور= نالو نئن جو.

(3)  ’ملاڻ‘ ۽ ’بزي‘ لڪن جا نالا.

(4)  ر: ڀيڻيون شهر ڀنڀور ۾ ڪانڌو ساري ڪير

(5)  ترڱا= گهنڊيدار. ڀڱ= وارن جا وڍا- ڏڪ

(1) مون نئون= مون کؤن

(2) ر: جت ساهميون ايندا سر، ات ڪاڻياري ڪام ٿئي.

(3) ڏيئي= ڏيهي (م)

(4) پيهي= ويهي (م) ر:... مون سان هاڃو هوت ڪري ويا.

(1) جهيلا= زيلا= اٺ جو ساز سينگار. جهما (جهه کي زير)= اٺن جو رنگ. ڪهين= هلن.

(2) وامون= وکون.

(3) پوئتي نه ڇنڊي= پوئتي نه ٿيندي.

(4) ڏسو مٿي ص

(1) مانک= مانکي (م)

(1) انجهه= هنجهه

(1) تيائين پوءِ= تنهائين پوءِ

(2) يعني ”يقين جو وڻ= جو بهشت ۾ هو

(3) ص: ملير جن جي من ۾- الخ.

(1) ان ڏونهن= ان کان.

(1) ريء= ريهه- ڪچ

(2) تونان= توکان.

(1) اوس= تجلا- روشنايون.

(1) چوڙي= گهر جي ڪنڊ، يعني گهرن پاسي.

(2) وحصول= محصول

(1) راوي عجب پٽ جانو ٻرو، ويٺل آوداڻ، لک اُٿل.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org