ضميمو
لس ٻيلي جو سفر*
(23-27 جون 1946ع)
ننڍي هوندي سڪولن ۾ پڙهيو هوسون ته اسان جي سنڌ کي اُلهندي پاسي
کان جبل جون ديوارون آيل آهن، جن مان گذرڻ نهايت
مشڪل آهي. ويتر جو سسئي جو هن ڏِس ڏي اڻانگو سفر
ڪنين پيو، تنهن ته الهندينء ڏِس کان البته ڊيڄاري
ڇڏيو. جهونا جبل، ڪهنا لڪ، پٿر، ريتي، رڻ رائو،
رڃ، سڃ، اُڃ، بک، ڏک، بر، بيابان جهڙن هيبتناڪ
لفظن ننڍي وهيء ۾ ڪمزور دل تي اهڙو ڀيانڪ نقش
چٽيو، جو جبل جو نالو ئي هڪ آفت بنجي پيو. افسوس
جو استادن اسان کي ڪڏهن به ڪين سمجهايو ته ڪو جبل
۾ سرسبز واديون ۽ دلشڪ نظارا به موجود آهن، يا
بيابانن ۾ جنت نشان خيابان به هوندا آهن، جي هر
ماندي مسافر جا سڀ غم غلط ڪريو ڇڏين. جبلن جي
سونهن ۽ سوڀيا ته اسان جهونا ڳڙه ۾ وڃي ڏٺي، جتي
ڏاتار ۽ گرنار جون واديون ۽ آبشار مئل دليون به
جياريو ڇڏين. انهن سهڻن پهاڙن، پرين جي آستانن، ۽
شاعر جي عنوانن ڊڄ ۽ خوف جي بدلي جبلن جو عشق دل ۾
پيدا ڪري ڇڏيو.
انهيءَ ڪري ٻن چئن سالن کان خيال پيدا ٿيو ته شل ڪو اهڙو موقعو
ملي جو سنڌ جي الهندي طرف وارن جبلن کي ڪاٽي وڃي
پرينءَ طرف جو سماءُ لهجي. تاريخ جي مطالعي ويتر
تحقيق جي طلب کي وڌايو ته ڪنهن پر اهي الهندي وارا
لڪَ پسجن، جن مان سڪندر اعظم سنڌ مان ڪوچ ڪرڻ وقت
گذريو هو؛ جن مان 17 ورهين جو نوجوان جنرل محمد بن
قاسم لنگهي سنڌ اندر آيو هو؛ جن مان جلال الدين
خوارزم شاه جهڙو بهادر بادشاه، التمش جي ڏينهن ۾،
سنڌ منجهان پنهنجو طوفاني سفر ختم ڪري، لنگهي
مڪران ڏانهن پار پيو هو؛ جن لڪن مان سنڌ جي عربي
حڪومت جي دور ۾ واپاري قافلن جا شاهي رستا وهندا
هئا، جن لڪن کي واپاري ڪاروانن آخر تائين آباد
رکيو؛ جن لڪن مان پنهونء جو قافلو ويچاري سسئيءَ
جي سورن لاءِ ڪيچئون ڪهي آيو، ۽ جنهن قافلي پويان
سسئي اِهي ڏونگر ڏوريا ۽ لڪ لتاڙيا، ۽ آخرڪار هن
عشق جي راه ۾ پٻوڻي جو لڪ لنگهي، سنگهر جي سرزمين
۾ پنهنجو سر گنوايو. بهرحال اهي الهنديا لڪ تاريخ،
عشق ۽ افسانن جا دروازا آهن، جن کي ڏسڻ لاءِ سالن
کان من ماندو هو.
سنه 1944ع جو ذڪر آهي ته مال جي هڪ سوداگر سگهڙ دودي خان
عاقلاڻي سان ميان مير محمد خان هيسباڻي جي معرفت ۽
مهربانيءَ سان نوابشاهه تعلقي جي دوڙ واري
ريگستاني پٽ ۾ ملاقات ٿي. دودو خان ڪچهريءَ جو مور
آهي؛ بيت، ڳجهارت ۽ خصوصاً ڏور جو ته سدا ملوڪ
آهي. دودي خان جي واتان پهريون ڀيرو ٻڌم ته ڏور،
ڳجهارت ۽ بيتن جا وڏي ۾ وڏا سگهڙ لس (لس ٻيلي) طرف
آهن. چيائين ته، ’لس ٻيلي ۾ اڪثر سنڌي ٻولي
ڳالهائجي ٿي.‘ آءٌ هيءَ حقيقت ٻڌي هيران ٿي ويس ته
اهو ملڪ جنهن جي زبان ساڳي سنڌي زبان آهي، ۽ جنهن
۾ سنڌي ٻوليءَ جا ڄاڻو ۽ ڏور، ڳجهارت ۽ بيتن جا
سگهڙ ۽ ماهر موجود آهن، ان ملڪ جو اسان کي ڪوبه
خاطر خواه احوال معلوم ڪونهي! هن ساڳي حقيقت جي
تائيد هڪ ٻئي سگهڙ ڪئي، جنهن ته بلڪل بي چين ڪري
ڇڏيو. سال کن ٿيو جوديبل بندر جي ڳولا ۾ وڃي گهاري
شهر (ميرپور ساڪرو) کان پنج ميل ڏکڻ ڏانهن ’راڄ
ملڪ‘ واهڻ ۾ ميان عبدالله خان ۽ عبدالمجيد خان
ملڪاڻيءَ جو اڻ سڏيو مهمان ٿيس. ويچارن وڏي حب
ڏيکاري ۽ پنهنجي تر جي سگهڙ ميان حاميد خان رند کي
به مارڪي (مجلس) لاءِ گهرايو. حاميد خان وڏو سگهڙ
آهي، بيتن جون وٽس بهيرون آهن. هن سگهڙ کان پهريون
دفعو شيخ ابراهيم جا بيت ٻڌم، جن جي اوچي لغت ۽
پختي بندش تي سر ڌوڻي عش عش ڪرڻ لڳس. پڇيومانس ته
شيخ ابراهيم ڪٿي جو شاعر آهي؟ چيائين ته، ’شيخ
ابراهيم لس وارو تو ڪونه ٻڌو آهي؟ شيخ ابراهيم لس
جو وڏو شاعر آهي، جنهن جي مقابلي لاءِ ڪبير شاه
هتان سنڌ مان قصد ڪري نڪتو هو!‘ حيران ٿي ويس ته
لس ٻيلي ۾ سنڌي شاعريءَ جو هي چرچو، ۽ اسين سنڌ
وارا انهيءَ کان بلڪل ناواقف! انهيءَ ڏينهن کان ئي
پختو ارادو ڪيم ته ڪنهن ڏينهن ضرور اهي الهنديان
جبل جهاڳي، پرينءَ جُوءِ ۾ وڃي، سنڌ جي تاريخ ۽
ادب جي گمنام خزانن جي تلاش ڪندس.
قسمت سان تازو اهڙو موقعو مليو. اوچتو ئي پنهنجي پراڻي دوست
ميان صالح محمد خان لهڙي سان ملاقات ٿي، جو هن وقت
لس ٻيلي جو ڪسٽمس آفيسر آهي. ملندي ئي ساڻ صلاح
ڪيائين ته جي لس ٻيلي هلو ته فوراً تيار ٿيو جو
لاري بيٺي آهي. مشغوليون به گهڻيئي هيون، مگر هي
موقعو به غنيمت هو. صبر جو پيمانو ته اڳي ئي لبريز
ٿي چڪو هو، سو ها ۾ ها ٿي ويئي.
23 جون 1946ع (23 رجب 1265هه) آچر جي ڏينهن ساڍي ٻارهين بجي ٽاڪ
منجهند جو ٽپر ٻڌاسون، ۽ ”لي مارڪيٽ“ کان پرڀرو
وڃي لاريءَ ڀيڙا ٿياسون. اسان جي واسطي ڊرائيور
سان گڏ ٻه جايون رکيل هيون، جتي ڪجهه آرام هو،
باقي پويان ته نسوري ٻچا پيهه لڳي پيئي هئي. لس
ٻيلي ڏانهن لاري هفتي ۾ وڃي هڪ ڀيرو، سو سڀڪو پيو
ائين ڀانئي ته جيئن هيءُ موقعو هٿان نه وڃي. ماڻهن
مٿان ماڻهو سَٿجي ويا. هڪڙي پاسي کان پيو ڊرائيور
ماڻهو لاهي ته ٻئي پاسي کان پيا چڙهن، ۽ ساه جو
سانگو لاهي، پيا پاڻ کي اندر سٽين. ويچارا ٻيلائي
ڀانئين ائين ته ڪيئن به ڪري اڳتي هلون، ۽ جي جيئرا
نه، ته مئا به وڃي مائٽين ملون.
گهڻي ڇڪتاڻ بعد ڏيڍ بجي لاري چالو ٿي. ڊرائيور جان محمد موندرو
هڪ سگهو سارو جوان ۽ طبع جو خوش مزاج نظر پئي آيو،
چپي چپي تي نيون خبرون پئي ٻڌايائين. ٻي بجي حب
نديءَ جي پيٽ ۾ داخل ٿي. حب نديءَ جون موجون مينهن
سان آهن. هن وقت وچ ڌاري سو پاڻيءَ جي پڇ پڇ بيٺل
هئي، باقي سڄي پيٽ ۾ واريءَ جون ويرون لڳيون پيون
هيون. لاري به گهڻا گهوگهٽ ڪري، مس مس حب نديءَ جو
وارياسو پيٽ چيري وڃي پار پئي. مگر پرين ڪنڌي
ايترو ته اوچي ۽ اُڀي هئي جو مون ڄاتو ته لاري
اونڌي ٿي اچي ڪرندي. منهنجي حيرانگي ڏسي، مون کي
منهنجي دوست ٻڌايو ته هن ڪنڌيءَ کان گهڻو اوچا ۽
اُڀا لڪ اڃان اڳتي آهن. هيءَ ڪنڌي ته انهن جي
مقابلي ۾ ڪجهه به نه آهي:
ابتدائي عشق هي روتا هي ڪيا
آگي آگي ديکهئي هوتا هي ڪيا.
منهنجي دوست اهي الفاظ چئي پورا ڪيا ته لاري به رينگٽ ڪري
انهيءَ اُڀي ڪنڌيءَ جي وچ تي بيهي رهي. لاريءَ کي
جان محمد ڊرائيور جي حوالي ڪري، اسين لهي پياسين،
۽ نديءَ جي پراڙ اٽڪل هڪ فرلانگ پيدل هلي، وڃي لس
ٻيلي رياست جي حب واري ناڪي تي پهتاسين. حب ندي،
برٽش گورنمينٽ ۽ لس رياست جي سرحدن جو دنگ آهي.
انهيءَ ڪري حب نديءَ جي پراڙ آمهون سامهون لس
رياست جو ناڪو آهي، جتي تحصيلدار ۽ ڪسٽمس آفيسر جا
هيڊ ڪوارٽر آهن. آفيسن جي ڀرسان هڪ ننڍڙو ڳوٺ آهي،
۽ وچ ۾ سهڻي مسجد آهي، جا پنهنجي سفيدي سبب پري
کان نشانبر آهي. اسان هن ناڪي تي ترسياسين، ۽
پنڌرهن منٽن بعد جان محمد به حرفت هلائي، لاريءَ
کي لڪ ٽپائي اچي ناڪي تي سهڙيو. اڌ ڪلاڪ لاري هتي
بيهاري وئي: مسافرن چاءِ پاڻي پيتو، ۽ ان بعد اڳتي
جبل جي پنڌ جي تياري ٿي. سامهون سامهون جبلن جون
ڪاريون قطارون پئي نظر آيون. لاري به گهاڙو گس
وٺي، کڻي الهندي رخ رکيو، تان جو وڃي جبلن جي
پهرئين لڪ کي ويجهو پهتاسين. انهيءَ لڪ جي اورئين
پاسي ڳچ پنڌ، تي گهاڙو گس جي کٻي طرف ميٽائين پٿر
جون قديم قبرون نظر آيون. جيئن پئي لڪ کي ويجها
پياسين، تيئن تيئن گس جي کٻي سڄي قديم بستين جا
سقيم آثار پئي نظر آيا. لڪ کان سڄي پاسي ٽڪر جي هڪ
نهايت ڊگهي ديوار ڪنڌي مثل طوق ٻڌيو بيٺي هئي. پري
کان جهڙو ٿڪل جانور جو ڪرنگهو. لڪ جي کٻي طرف ٻئي
ٽڪر جو هڪ شاهي گول مول ٽوڙ نظر آيو. هن ٽوڙ جي
بيهڪ ۽ بناوت اهڙي هئي جو ڄڻ ڪنهن هاري انّ وائري
صاف ڪري راهه بنائي رکي آهي! جان محمد ٻڌايو ته هن
ٽوڙ کي ’گئو بٺي‘ سڏيو وڃي ٿو. چون ٿا ته هن مٿي
ڳئون غار ٿيل آهي. جيڪڏهن هن ٽوڙ کي ”ڳئون بٺي“
سڏيو وڃي ٿو ته سامهون ٻئي طرف ڊگهي ٽاڪرو ڪنڌي کي
جيڪڏهن ”ڳئون بٺي“ سڏجي ته نهايت مناسب ٿيندو،
ڇاڪاڻ ته انهيءَ ڊگهي ڪنڌي جي بناوت هوبهو جانور
جي ڪرنگهي جهڙي آهي. هن لڪ جو نالو هن وقت ”گندٻو“
ڪري ٿي چيائون ۽ لاشڪ اهو نالو مشهور سورهيه گندٻي
منداڻي (ڪرمتي بلوچ) جي نالي تان پيو جنهن هن لڪ
تي وڏو مقابلو ڪيو.
خير، لڪ گند ٻهو مان گذري لاري اڳتي رواني ٿي. لڪ جي الهندي طرف
به قديم بستين جا نهايت فنا ٿيل آثار ننڍن پٿرن جي
پکيڙ جي صورت ۾ نظر پئي آيا. ٻه فرلانگ اڳتي، ۽
گهاڙو گس جي سڄي طرف لڳو لڳ، ميٽائين پٿر جي قبرن
جو هڪ قديم قبرستان نظر آيو، جنهن جي جاچ پڙتال
موٽندي وقت تائين مهل ڪئي سين، ۽ لاري ٻه ٽي
فرلانگ اڳتي وڌي هلي ڀوانيءَ جي هوٽل وٽ بيٺي. هن
ڀوانيءَ جي وسنديءَ وٽ ٻه ٽي جهوپڙيون ۽ هڪ کوهه
آهي. شهري باشندو هن وسنديءَ کي به ويراني سڏڻ
مناسب سمجهندو؛ مگر هن رڻ ۾ هيءَ وسندي وڏي غنيمت
آهي. رڻ راهي ۽ ڊگهي پنڌ جي نوئي مسافر کي هنن
وسندين ۾ ننڍڙين چاءِ جي هوٽلن جي موجودگي نهايت
تعجب خيز معلوم ٿيندي، مگر در حقيقت هي اڄوڪا
ننڍڙا هوٽل، تاريخي قافلن جي پنڌن تي منزل بمنزل
قديم رباطن ۽ آرامگاهن جا ڪهنا يادگار آهن. اهي
ننڍڙا هوٽل انهيءَ تاريخي روايت جي ڪڙي آهن، ۽
گويا انهن اڳين رباطن جا ڇورڙا ۽ يتيم ٻار آهن، جن
رباطن وٽ ڪنهن وقت مسافرن جون بهيرون ۽ قافلن جون
قطارون اچي منزل انداز ٿينديون هيون، جتي سوداگر
پنهنجي ساٿن سان، ۽ جنگجو سپهه سالار پنهنجي فوجن
سان اچي ڪيمپ ڪندا هئا، ۽ انهن رباطن وٽ هميشـﮧ
رنگ رتل ۽ ميلا متل هوندا هئا. اڄ به لاري بيهڻ
وقت انهن بياباني هوٽلن ۾ چانهه پاڻيءَ جو چهچٽو
ڏسڻ وٽان آهي.
ڏهن منٽن بعد ڀوانيءَ جي ڀونءِ ڇڏي لاري اڳتي رواني ٿي. هاڻي
ايئن پئي نظر آيو ته دور دور چئني قبلن تي جبلن
جون قطارون بيٺل آهن، ۽ لاري هڪ وڏي ٽاڪرو ماٿريءَ
کي اڀرندي کان الهندي طرف طيءِ ڪري رهي آهي.
جيڪڏهن هيءَ ماٿري سنئين سالم ۽ نشيب واري هجي ها
ته منجهس سؤرنگ لڳل هجن ها! مگر هيءَ هڪ بلند
ٽاڪرو ماٿري آهي، جنهن کي قدرت ويهي وڍ ۽ چير ڏنا
آهن. برسات سبب اونهان گهارا هن اراضيءَ کي کاهي
ويا آهن. سڄي ماٿر ۾ نهايت عميق گهارون ڳتيون پيون
آهن. پري کان سنئين سطح پئي نظر اچي، پر درحقيقت
مومل وارو ڄار وڇايوپيو آهي، ۽ چؤطرف وڏيون جهانار
گهارون واسينگ وارا ور وجهيو پيون آهن. ڪي ته وري
وڌي وڌي اونهان ڍورا بنجي پيا آهن. اهڙو هڪ اونهي
۾ اونهون ”باگڙ جو ڍورو“ آهي، جنهن مان هي گهاڙو
گس ٽٻي هڻي ٻاهر نڪري ٿو. انهيءَ گهار ۾ گهت هڻڻ
وقت جان محمد به پنهنجي ڊرائيوري فن ۾ غرق ٿي ويو.
اکيون کڻي ويل ۾ کپايائين، ۽ پير کڻي بريڪ تي
ڦٻايائين. گس جي ويڪر چار نريون مس هئي، جو ٽڪر جي
ڪڇ مان ڪوري ڪڍيو ويو هو. گس سان لڳو لڳ هيٺ هڪ
جهنم کان به اونهي جهانار گهار پئي نظر آئي. اسين
ڄڻ لاريءَ ۾ ويٺل ڪين هئاسين، پر جنسي عزرائيل جي
ڪلهي تي سوار هئاسين. دل ۾ اسان پئي پير سوريا ته
جان محمد پئي هٿ چوريا ۽ پير سوريا. آهستي آهستي
لاري به رڙهندي رڙندي آخرڪار اچي ”باگڙ“ جي تر ۾
پهتي. گويا تحت الثرى جي تري ۾ اچي ساه کنيائين.
مگر هاڻي سوال هو مٿي چڙهڻ جو: ڇاڪاڻ جو کڏ ۾ پوڻ
آسان آهي، مگر نڪرڻ البت مشڪل آهي. جان محمد جي
اشاري تي مسافر سڀ لهي پيا، ۽ پيدل مٿي چڙهڻ لڳا.
اسان به لاري توڙي جان محمد کي سندن قسمت تي ڇڏي،
سڀني سنوان مٿي چڙهياسين. بس، پويان لاري جا
گهوگهٽ پئي پيا: ڪنهن وقت کرج ۾ ته ڪنهن وت نکاد
م” پورن پنڌرهن منٽن ۾ لاري به رئندي رڙندي اچي
مٿي سطح تي پهتي. شاباس هجي جان محمد جي حرفت کي،
۽ شابس هجي سندس همت کي جو واري سنئون ڪيترن ئي
مسافرن کي عزرائيل جو منهن ڏيکاري، وري به ويچارن
کي سلامتيءَ سان اچي هن جهان ڀيڙو ڪري!
باگڙ جو ڍورو پار ڪري، لاري جيڪو سو الهندي طرف رخ رکيو، تان جو
هن مٿانهين ماٿر جي ڏکڻ- الهندين وَٽ اچي ورتائين.
ڏکڻ الهندي طرف زمين جي سطح يڪدم بلڪل هيٺ جهيل
هئي. هن ڪشادي جهول ۾ ٿورو پرڀرو سمنڊ پئي لهريون
هنيون. لاري هن ماٿر جي اتاهين وٽ تان ائين پئي
وئي ڄڻ ته ڪنهن اوچي قلعي جي ديوار تان پئي هلي،
جنهن جي بغل ۾ گويا سمنڊ قدرتي طور هڪ اجهاڳ کاهي
بنائي ڇڏي هئي. ٿورو اڳتي هلڻ بعد معلوم ٿيو ته
اسان کي هن ماٿريءَ جي بلنديءَ کي ڇڏي هيٺ سامونڊي
سطح واري ترائي ۾ لهڻو پوندو. اُخرڪار لاري ”لڪ
بدوڪ“ مان هلي هيٺ ڍري. لڪ بدوڪ در حقيقت هڪ وڏو
گَرهَر ۽ اونهو گهارو آهي، جنهن جي ذريعي انهيءَ
مٿانهين ماٿر جي اوٺ جو پاڻي سامونڊي ترائيءَ ۾
داخل ٿئي ٿو. انهيءَ بدوڪ جي گرهر جي ڏاکڻي بغل
مان هي گهاڙو گس گهڙيو ويو آهي، ۽ چيائون ته ڄام
عالي خان اول هن لڪ بدوڪ کي آمدورفت لاءِ استعمال
ڪيو، ۽ هي گهاڙو گس منجهانئس ڪڍارايو. لاري هن لڪ
مان لهي سامونڊي سطح واري ترائيءَ ۾ پهتي، ۽ اتان
اتر الهندي طرف هن مٿانهين ماٿر جي ڪنڌيءَ جي سايي
۾ مفاصلو طيءَ ڪرڻ لڳي. هن ماٿر جي ڪنڌيءَ جي ساخت
نهايت عجيب آهي. اڪثر ڪري سمنڊ جي ڪناري سان، توڙي
اڳتي مڪران جي پوري سرحد سان بري سطح يڪدم ته
ايترو اوچي آهي جو ڄڻ ته سڄي ڪناري جي وٽ سان اُڀي
ڪنڌيءَ جو ڪوٽ بنيو بيٺو آهي. هن وقت سمنڊ جو پاڻي
هن ڪنڌيءَ کان ٻه اڍائي ميل پري ڏکڻ طرف آهي، ۽
نئين سر واري اڇلي پيو نئون ڪنارو ٺاهي. مگر ڪنهن
سمي سمنڊ جي پاڻي يقيني طور هن ماٿر جي ديوار کي
پئي چميون ڏنيون هونديون. ازروءِ علم الارض هن
اُڀي ڪناري جي بناوت ڪا پراڻي ڪانهي. ممڪن آهي ته
تقريباً هزار يا ٻارهن سؤ ورهيه اڳ سمنڊ واري
اُڇلي هي ديوار کڙي ڪئي هجي*.
مگر اسان جي خيال ۾ سمنڊ واري اڇلائڻ سان اڪثر
لهوارو ڪنارو جوڙيندو آهي. لس ٻيلي ۽ مڪران جي
سرحد هن اوچي ۽ اُڀي ڪناري جي بناوت مان معلوم ٿو
ٿئي ته ڪنهن سمي سمنڊ هن اراضيءَ جي مٿانهين
ماٿرين کي کائي کائي هي اڀو ڪنارو ڪوٽ مثل جوڙي
ڇڏيو آهي.
بهرحال هن ڪناري جي اُڀي ديوار نهايت عبرت انگيز
آهي، ۽ گهاڙو گس جي مٿان ڇانو ۽ اوٽ ڪيو بيٺي آهي.
لاري هن ديوار جي وٽ وٺي اڳتي رواني ٿي، ۽ اچي هڪ
نهايت عجيب و غريب وانءِ يا کوهه وٽ پهتي. هي کوهه
انهيءَ قدرتي ديوار جي بلڪل پاڙ ۾ ڪن مردن وڏين
محنتن سان سان کوٽيو آهي. ڏاندن جي جوڙي منجهانئس
هڪ وڏي ڪوس سان پئي پاڻي ٻاهر ڪڍيو ۽ انهيءَ
پاڻيءَ تي انبن جي وڻن جو جهڳٽو وڌي وڏو ٿي چڪو
هو. ڀرسان ڪدو ۽ تورين جون وليون ۽ ساون مرچن جا
سلا سبزي ڪيو بيٺا هئا. اسان پنهنجي ايندڙ منزل
واسطي ڪجهه ڪدو ۽ ساوا مرچ خريد ڪيا، مسافرنوانءِ
جو مٺو پاڻي پيتو ۽ ڪن کليون ۽ اويون ڀري پاڻ سان
کنيون. هي وانءِ يقيني طور هن گس جي آباديءَ واسطي
کوٽي وئي آهي، ۽ ظاهر طور نهايت پراڻي زماني جي
پئي معلوم ٿئي. ميان عبدالله سونارو، جو اصل
ڪاٺياواڙ طرف جو هو، مگر هن وقت لس ٻيلي جي اُٿل
شهر ۾ گهڻي وقت کان وٺي مقيم آهي، ۽ جنهن سان سڄي
واٽ اسان جي عربي، فارسي، گجراتي ۽ سنڌي زبانن ۾
گاهي بگاهي گفتگو پئي هلي، تنهن مون کي خاطري ڏني
ته هي گس توڙي هيءَ وانءِ نهايت قديم آهن. ميان
عبدالله چيو ته محمد بن قاسم سنڌ فتح ڪرڻ وقت هن
رستي کان آيو هو؛ پنهنجي دعوى جي ثابتي ۾ ميل پنڌ
اڳتي کجين جا جهڳٽا ڏيکاريائين ۽ چيائين ته هن پٽ
۾ کجين جا درخت عرب مجاهدن جي منزلن جون پڪيون
نشانيون آهن. بهرحال هي انبن جا وڻ توڙي اڳڀرو هي
کجين جا جهڳٽا ڪم از ڪم هن اراضيءَ جي زمين جي
زرخيزيءَ تي غمازي ڪري رهيا هئا. درحقيقت هن قديم
ڪناري واري اُڀي ديوار ۽ ڏکڻ طرف موجوده ڪچي ڪناري
جي وارياسين ڀٽن جي وچ ۾ پيل زمين جي هيءَ ڊگهي
پَٽي بلڪل آباديءَ جي لائق آهي. جيڪڏهن رياست جا
مالڪ هن زمين طرف توجهه ڪن، ۽ هن اراضيءَ ۾ کوهه
کوٽائي هن کي آبادي لائق بنائين ته هوند سندن سڀ
محنتون سجايون ٿين ۽ هن زرخيز اراضيءَ ۾ منڊ: مچي
وڃن! انهن حسرتن ۽ ارمانن پئي اندر ارها ٿيو ته
هوڏانهن لاريءَ هن واريءَ جي پنڌ کي پئي وڍيو. شام
جا چار لڳي چڪا هئا. اٽڪل هڪ ڪلاڪ جي ڇڪتاڻ بعد
يعني پنجين بجي اچي لاري کارڙي ناڪي وٽ پهتي.
کارڙي جي ناڪي وٽ اصلي جهوني ڪناري جي اڀي ڪنڌي کي هڪ وڏو گهٽ
آهي. ڀانئجي ٿو ته اڳئين وقت ۾ سمنڊ جي کاريءَ هي
خال ٺاهيو آهي، جنهنڪري ئي هن ڀيڻيءَ تي ”کارڙي“
نالو پئجي ويو آهي. کارڙيءَ جو گهٽ لس ٻيلي رياست
جو ناڪو آهي، جنهن تي ايندڙ ويندڙ مال کان سنگ يا
محصول وصول ڪيو وڃي ٿو. کارڙي جي آبادي رڳو ٻه چار
جهوپڙيون ۽ هڪ ٻه چاءِ جا هوٽل آهن، جن جي وچ تي
رياست جو ڊاڪ بنگلو آهي، مگر کارڙي جي آب و هوا
لاثاني آهي. آڏو کليل لڪ وچان سمنڊ جي هير لڱ لڱ
ٺاريو ڇڏي. رياست جي توجهه سان کارڙي واپار جو
دروازو ۽ هوا خوريءَ لاءِ بهترين مڪان بنجي سگهي
ٿو. اسان کي به ٽن ٽن ڪلاڪن لاءِ کارڙي جي کليل
هوا نصيب ٿي، ڇو ته لس ٻيلي ڏانهن ويندي کارڙي جو
ناڪو لاريءَ لاءِ هڪ پڪي منزل آهي. هتي مسافرن جي
سامان جي پڙتال ٿئي ٿي ۽ سرڪاري چونگي وصول ڪئي
وڃي ٿي. اسان به هي مهلت غنيمت ڄاڻي وڃي سرڪاري
بنگلي ۾ ساهه پٽيو، ۽ چاءِ پي ڪجهه تازا ٿياسين.
ان بعد سمنڊ طرف سير لاءِ نڪتاسين.
کارڙي جي ناڪي کان سڌو ڏکڻ طرف وڌياسين ته هڪ شاهي ڍوري جو پيٽ
نظر آيو. هن وقت انهيءَ ڍوري مان شايد برسات جو
پاڻي وهي وڃي سمنڊ ۾ پوي ٿو. مگر اڳئين وقت هي
ڍوري وارو پيٽ شايد سمنڊ جي کاري هئي. هن اراضيءَ
۾ هر هنڌ هيرڻ جا وڻ پئي نظر آيا، ۽ جيڪڏهن انهن
جي واڌاري جو باقاعدي انتطام ڪيو وڃي ته چڱي خاصي
اُپت ٿئي. ميل ڏيڍ پنڌ تي وڃي ملڪ جو واءُ سواءُ
لهي واپس موٽياسين، ۽ سانجهي نماز اچي ناڪي تي ادا
ڪئي سون. مولى سائينءَ به مهرباني ڪري ڪدوءَ جي
ڀاڄيءَ جي بدلي ڪڪڙ جو ٻوڙ نصيب ڪيو، جو ونڊي
وراهي کاڌوسون.
هن وقت اُتي جا اٺ وڄي چڪا هئا، ۽ اڳتي جي سفر جي سنبت شروع ٿي.
آءُ حيران هوس ته رات جي وڳڙي ۾ هي ڏکيو سفر ڪيئن
طيءِ ٿيندو! مگر ڊرائيور جان محمد خاطري ڏني ته هڪ
ته اڳتي اهڙا اڻانگا لڪ ڪين آهن؛ ٻيو ته ڏينهن جي
سخت گرميءَ کان رات جي ٿڌڪار ۾ تڪليف گهٽ ٿيندي؛
چيائين ته آءٌ ڪيئن به ڪري رات جو ٻي بجي ڌاري هلي
اُٿل شهر ۾ اوهان کي پهچائيندس. بس، خير سان کارڙي
جي دراوزي منجهان لاري لس ٻيلي رياست جي پيٽ ۾
داخل ٿي. ڪلاڪ مُني جي پنڌ بعد، سڄي هٿ تي پرڀرو
بتيءَ جو شعاع نظر آيو، ۽ جان محمد ٻڌايو ته اِها
’ڪاٺور‘ وسندي جي بتي آهي.
لاري تيز رفتاري سان پئي هلي. رستو به قدري سَنئون سڌو هو. اٽڪل
يارهين بجي رات جو آڏو وڻ نظر آيا. ايستائين ڪراچي
کان وٺي ڪنهن به اراضيءَ ۾ اهڙي وڻراهه خير ڪا نظر
آئي هئي، سو مون جان محمد کان پڇيو ته هي ڪهڙي
جُوءِ آهي جنهن ۾ ايترا وڻ ٿا نظر اچن؟ جان محمد
چيو ته اهي وندر جا وڻ آهن. وندر جا وڻ! سڄو
سسئيءَ جو سفر اکين آڏو تري آيو. ڪنهن وقت سسئي جي
سفر ۾ وندر جا وڻ پڙهندا هئاسون؛ مگر اڄ رات
انهيءَ خواب جي تعبير، بلڪ اُن جي جيئري جاڳندي
تصوير اکين آڏو نظر آئي... وندر جا وڻ!... وندر جا
وڻ!... ائين دل ئي دل ۾ پئي ويچاريم ته لاري هڪ
شاهي نئن جي سڪل پيٽ ۾ داخل ٿي، ۽ جان محمد مون کي
سجاڳ ڪري چيو ته، ’وندر ندي هي اٿو!‘ ڏٺم ته وندر
جي ٻنهي ڪپين وڻراهه هئي. ڪنڊي جا وڻ اڪثر گهڻا
هئا. بارش نه هئڻ سبب وندر سڪي پئي هئي. لاري به
وندر جي وارياسي پيٽ مان ڪئين ڪوڪٽ ڪري وڃي پار
پئي، ۽ ڪجهه مفاصلي بعد هلي وندر جي هوٽل آڏو
بيٺي. مسافر سڀ لهي پيا. آڌي رات جو وندر جي
ويراني هوٽل تي وسندي لڳي ويئي. چاءِ هڪ طرف تيار
هئي ته ٻئي طرف هڪ درويش کاري ۾ انب ڀريو ويٺو هو.
چيائين ته، ’ڪاٺور جا انب آهن، ڏاڍا مٺا آهن. ست
پيسا هڪ انب جا وٺندس. مون چيومانس ته، ’ٻيلي، انب
مهانگا آهن.‘ مگر منهنجي دوست صالح محمد خان نڪا
ڪئي هم نڪا تم، يڪدم روپيو ڪڍي کڻي درويش کي
ڏنائين، ۽ مونکي چيائين ته، ’ميان! آڌي رات جو
وندر جي سڃي وڻراهه ۾ مولى سائينءَ کڻي مٺا انب
ڏياريا آهن، سو شڪر ڪري ويهي کاءُ! صالح محمد خان
جو گفتو مونکي دل سان لڳو، سو شڪر ۽ صبر سان ڏهه
انب ته بنا حجاب کاڄي ويا. ايتري ۾ جان محمد آواز
ڏنو ۽ وڃي لاريءَ ڀيڙا ٿياسون. اڃان پنڌ پري هو،
سو جان محمد به رات پنهنجي تات ڪري اچي لاريءَ کي
ورتو. هاڻي رات جي تاريڪي ۽ خاموشيءَ ۾ اسان جي
ٿڪل دماغ کي لاريءَ جو آواز به لولي ٿي لڳو ۽ مڙني
کي ننڊ اچي گهيريو. ڪڏهن اڳتي ته ڪڏهن پوئتي سڄي
لاريءَ ۾ جهوٽ جهوٽان لڳي پيئي هئي. هڪڙو جان محمد
سو ’جاڳ جو جوان‘ هو، جنهن آخرڪار پنهنجو قول
پاريو، ۽ پوري ٻي بجي ڌاري لاري اُٿل شهر ۾ ڏکڻ
طرفان سرڪاري بنگلي جي آڏو آڻي بيهاريائين. مسافر
لهي پيا، ۽ وڃي پنهنجي ڏٺي آرامي ٿيا، ۽ اسان به
وڃي سرڪاري بنگلو وسايو.
صبح جو صالح محمد خان اول اول منهنجي سڃاڻپ منشي محمد عبدالله
سان ڪرائي. منشي محمد عبدالله برفت (نومڙيو). عمر
ڪرڙاٺ، ۽ نهايت مهذب ۽ سنجيده پئي نظر آيو. گفتي
جي جواب ۾ ’هائو‘ جي بدلي ’بلي‘، ۽ حقيقت جي تائيد
جي لاءِ ’جي صاحب‘ جا سهڻا محاورا استعمال ڪري، چڻ
پنهنجي سمجهه ۽ شائستگي جو وکر پئي ونڊيائين. هن
وقت ميان عبدالله اُٿل جي نائبي ۾ منشي آهي، مگر
آهي پراڌو ۽ پيڙهياتو. سندس وڏو ڏاڏو جنگي خان
مٿير مرد ۽ جنگ جو جونجهار هو. چيائين ته: جڏهن
جوکين ۽ جوهي (سنڌ) جي جمالين جو نزاغ ٿي پيو،
تڏهن جوکين اچي لس ٻيلي جي ڄام مير خان جي مدد هٿ
ڪئي. جمالين جو سردار به ’شاهي‘ نالي شاهي بهادر
هو، جنهن لس ٻيلي تي شاه بلاول جي لڪ کان چڙهائي
ڪئي. ان وقت ڄام مير خان جلدي ۾ جنگي خان کي سپهه
سالار بنائي؛ شاه بلاول جي لڪ جهلڻ لاءِ موڪليو.
جنگي خان سان جميعت ٿوري هئي، پر هن مرد مڙڻ جي
ڪانه ڪئي ۽ وڃي سرڪش جمالين جي سامهون ٿيو. وڙهندي
وڙهندي پنجن ساٿين ساڻ شهيد ٿيو، ۽ پنهنجي خون سان
لڪ کي لال ڪري ڇڏيائين. ڄام مير خان جي شاعر نم
فقير سندس مرثيو جوڙي کيس هميشـﮧ لاءِ حيات ڪري
ڇڏيو:
جس کي جنگي خان، جنهن قطر گهٽايو ڪينڪي
هوڏانهن نو سؤ، نم چوي، جنگ مٿي سي جوان
هيڏانهن چورنگ چئن ڄڻن سان، پنجون پاڻ بيهي ٿوپان
جها جها جهڳ مڳ جهورڪي اچيندي اخوان
سٽ ڪٽ سرواهين جي همـﮧ ٿيا حيران
دولهه ساڻ ڌيان، تو ملهايو مير خان کي.
منشي عبدالله گهڻي مرحبا ڪئي، ۽ جڏهن خبر پيس ته آءٌ لس جي
شاعرن ۽ خصوصاً شيخ ابراهيم ۽ سيد ڪبير شاه جي سڪ
پئي آيو آهيان، تڏهن يڪدم ماڻهو ڊوڙايائين ته وڃي
صالح محمد ۽ ڪريمداد کي وٺي اچو ته مهمان سان
مارڪو ڪن. انهيءَ وچ ۾ نائب تحصيلدار آيو، تنهن به
گهڻي حب خير ڏيکاري. اسان اڃان نيرن پئي ڪئي ته
صالح محمد به اچي سهڙيو، ۽ وڏي حب وچان اچي هٿ
ڏنائين.
صالح محمد عمر جو پڪو ۽ شايد پنجهٽ ۾ هوندو
(1)،
پر کهي واه جا اٿس! ملٽري ۾ به نوڪري ڪيل اٿس، مگر
سپاهيانه تيز کان وڌيڪ وٽس غريباڻو نياز آهي. اها
نياز ۽ نئڙت جي ورڇ کيس ورثي ۾ مليل آهي. صالح
محمد اُٿل شهر جي اصلي مڱڻهارن منجهان آهي ۽ لس جي
ڄامن جي مشهور منگتي مڱڻهار ۽ نامياري شاعر نم جي
قرابت مان آهي. سندس پيءُ راول درويش نم جي خاص
خذمت ۾ گذاريندو هو، ۽ صالح محمد به ٻال- جتيءَ ۾
هن درويش جي صحبت حاصل ٿي هئي، جنهنڪري ڪي اڻ سيون
۽ اڻ ٻڌيون ڳالهيون کيس به ازبر ٿي ويون؛ ڇو ته نم
هڪ نر شاعر ۽ وڏو سگهڙ هو:
نهرو نم چون، گهيڙو گهنڊارو ٿيو.
هن نامياري نم شاعر جي حقيقت ۽ لس ٻيلي جي ڄامن ۽ سندن مخالفن
جي جنگين، جهيڙن جهڳڙن جون خبرون صالح محمد وٽ
جهجهيون هيون. سو صالح محمد ۽ اسان ته ملنديئي ٻکن
تي ٺهي وياسون، ۽ عام ڪچهريءَ کي ڇڏي وڃي سڪول جي
ورانڊي کي وياسوسون ته من نويڪلائيءَ ۾ ڪو جهجهو
وکر ونڊي سگهون. اڃان صالح محمد سان ڪچهري شروع ٿي
ته هڪ ٻئي جهوني مڙس اچي سلام ورايو. صالح محمد
مونکي اشارو ڪيو ته ڪريمداد اچي ويو. اٿي ڪريمداد
سان ملياسون ۽ خير خوش عافيت ڪري خبرون چارون
ڏنيون ورتيون سون.
ڪريمداد پٽ سناسي، حسن پوٽو، ٻُرو برفت، عمر ۾ اسي کان گهٽ ڪونه
ٿيندو، مگر ذهن ۾ تيز ۽ طبع ۾ جوان، زنده دل، کلمک
۽ خوش مزاج، جنهن کلنديئي خوشبوءِ ڏني؛ سندس زبان
پڪي ۽ پختي، ۽ سندس ڪلام شيرين ۽ خوشتر، انهيءَ
کان وڌ... ته پاڻ وڏو سگهڙ، جنهن وٽ وهائي وکر جي
ڪمي ته ڪانه هئي، مگر قلبي شعور به جهجهو هو؛ ٻين
جو وکر به پئي ونڊيائين ته پنهنجي هٽيءَ جو هوڪو
به پئي ڏنائين. سندس سهڻن گفتن مان يڪ مشت نمونـﮧء
خروار، هيءَ جو چيائين ته، ’شعور اهو جو مشهور
ٿئي‘: سياڻن چيو آهي ته:
مورک ماٺيان گن، وير وڻسن ماٺ
چڀڙي سر پرتو، جڪس وجهائس م ڪاٺ.‘
پر ڪريمداد کي به اهو ڳڻ ورثي ۾ مليل آهي. سندس پيءُ ’سناسي‘
سگهڙ هو، ۽ سندس ڏاڏو ’صدقي‘ توڙي پڙڏاڏو ’سناسي‘
ٻئي شاعر هئا پر سندس امڙ توڙي ڀيڻ به سگهڙ ۽ سڄاڻ
مايون هيون، ۽ درويش نم شاعر سان صحبتي هيون. سندس
والده، نم درويش کان اچي دعا گهري ته من سندن ڪک
نئن جي پاڻي جي ٻوڏ کان بچن! جنهن تي درويش نم هي
نياپو نئن ڏي موڪليو ته:
ڀر جو بڻ ڇڏي، پاڻي ونءُ پري.
خاوند کيٽ ڀري، ته ٿين سناسياڻي سنرا.
قدرت الــٰهي جو پاڻي هٽي ويو ۽ سناسياڻي ٻوڏ کان بچي ويا! سندس
ڀيڻ کان ته خود نم درويش دعا گهري، ۽ چيائينس ته:
مائي! منهنجي نظر جهڪي ٿي پئي آهي، هاڻي تون ڪا
دعا ڪر. جنهن تي مائي هيڪر چيو ته:
ٿيو نور سائو نم جو، ڪئي ڪجل ڪارائي
وري ٻيهر چيائين ته:
املهان ئي اڳرا ٿيا، ڇڏي رڻ جهڻ رتولن
مطلب ته ڪريمداد جهڙو تاڃي پيٽي پٽ سگهڙ به مولى کڻي ملايو.
هاڻي صالح محمد ۽ ڪريمداد جو جوڙو سجوڙو ٿيو، ۽
مونکي ڄڻ لس ٻيلي جا فيضي ۽ ابوالفضل ملي ويا: جو
ڏس پئي پڇيم سو پئي ڏنائون، ۽ اڻ سُيون، اڻ ٻڌيون
خبرون پئي ٻڌايائون.
ڪبير شاه جو پتو پڇائيندي، مونکي هڪ ٻه ورهيه گذري ويا هئا.
هينئر هنن سگهڙن ڪبير شاه جو سڄو احوال ٻڌايو، ۽
اشارو ڪيائون ته، ’سائين! اهي جيڪي ڪنڊن جا وڻ پيا
ڏسجن، اهي مقام آهي، جنهن ۾ ڪبير شاه مدفون آهي،
پوءِ سڄي خبر ٻڌايائون ته ڪيئن ڪبير شاه سنڌ مان
ڪهي لس ٻيلي ۾ شيخ ابراهيم شاعر جي مقابلي لاءِ
آيو، ۽ ڪيئن آخر اچي ڄام دوري جي انهيءَ ڳوٺ ۾
سڪونت اختيار ڪيائين. دل ۾ چيم ته ملوڪن سچ چيو
آهي ته، ’پڇندڙ نه منجهندڙ‘. اسان به پڇي پڇي آخر
اچي خود ڪبير شاه جي ڳوٺ کي اکيين لاتو. اهو ڏينهن
سڄو صالح محمد ۽ ڪريمداد سان رهاڻ ڪري، شام جو
وچينءَ نماز ڌاري، ڪبير شاه جي مقبري جي زيارت
لاءِ نڪتاسون. ڪريمداد هاڻي مون سان گڏوگڏ رهيو.
سيدن مان به ڪا پهر هن کان اڳ اسان وٽ پهتي هئي،
تنهن اسان جي اچڻ جي خبر اڳيئي وڃي ٻڌائي. اسين به
سنئون رخ وٺي لوڙهو لتاڙي وڃي مقام جي حد ۾ داخل
ٿياسون. وچ ۾ هڪ ٿلهي تي چار ديواري اندر سدا حيات
شاعر ڪبير شاه جي شاهي قبر هئي، جنهن تي سلام واري
وڃي پيرانديءَ کان گوڏا ڀڃي ويٺاسون، ۽ ختمو
ڏنوسون. بلي! ڪنهن وقت ته ڪبير شاه جي صحيح سڪونت
جو پتو ڪونه ٿي پيو، اڄ ته سندس دائمي تڪيي کي به
اچي ڏوري ڏٺوسون. اسان دعا گهري فارغ ٿي نڪتاسين
ته ڪبير شاه جي موجوده خاندان مان ميان نبي بخش
شاه نالي هڪ سهڻو سنجيده ۽ پڪو موٽيل مڙس اچي اسان
کي مليو، جنهن ڏاڍي حب خير ڏيکاري، ۽ ڪبير شاه جي
ڪٽنب مان اهل مماتيءَ جي تربتن جي سڃاڻپ ڪرائي. ان
بعد وٺي هلي چاءِ جي مهمان نوازي ڪيائين، جتي ميان
ابراهيم شاه ۽ علي اصغر شاه، جي پڻ هنن خاندان جا
عمر رسيده مرد آهن، تن سان ملاقات ٿي. وٽانئن ڪبير
شاه ۽ خصوصاً احمد شاه (جو هنن سيدن مان آخري شاعر
ٿي گذريو آهي) جا بيت قلمبند ڪيا ويا. ميان نبي
بخش شاه جي زبان وڌيڪ شسته ۽ صاف هئي، ۽ پڇڻ تي
معلوم ٿيو ته سندس اڪثر سفر سنڌ ۾ ٿئي ٿو، ۽
ڪراچي، حيدرآباد، دادو ۽ ويندي نواب شاه ضلعي ۾
شهدادپور ۽ هالن تائين سندس اچڻ ٿئي ٿو. اسان به
سانجهيءَ جي نماز پڙهي سيّدن کان موڪلايو، ۽ اچي
پنهنجي منزل ڀيڙا ٿياسون.
اسان جي اصلوڪي پروگرام موجب ٻئي ڏينهن صبح جو، يعني 25 جون تي،
اسان کي لياري ۽ لاکڙي جو چڪر ڪاٽي، رياست جي گادي
’ٻيلي‘ ڏانهن اُسرڻو هو، لياري ۽ لاکڙي طرف شيخ
ابراهيم ۽ ٻين حمراڻين شيخن شاعرن جا احوال هٿ
ڪرڻا هئا، ۽ لس ٻيلي ۾ ڪن سگهڙن کي ملڻو هو. مگر
24 تاريخ جي رهاڻ ثابت ڪيو ته صالح محمد ۽ ڪريمداد
سڀني سگهڙن جي سڪ لاهڻ وارا آهن، ۽ خبري خزاني
اوتڻ ۾ هو جملي ٻين خابرن جي طرفان فرض ڪفايا ادا
ڪرڻ وارا آهن. تنهنڪري ٻيلي ڏانهن ڪشالي ڪڍڻ کان
اسان به بس ڪري ڇڏي، ڇو ته بس اڳيئي ٻيلي ڏانهن
رواني ٿي چڪي هئي، ۽ هاڻي آڏو اُٿل کان وٺي ٻيلي
تائين ويهن ڪوهن جو سفر اُٺن تي طيء ڪرڻوهو.
باقي وڃي رهيو سوال لياري ۽ لاکڙي وڃڻ جو. انهيءَ باري ۾ سڄي
سنگت جي صلاح ٿي ته لاکڙي مان حمراڻي سگهڙن کي
اُٿل ۾ گهرائي وٺجي ته انهيءَ ڇهن ستن ڪوهن جي سفر
کان بچي پئجي. اها سٽ سٽي، دوست محترم صالح محمد
خان، لاکڙي جي نائب ڏانهن انهيءَ باري ۾ خط لکيو،
۽ منشي محمد عبدالله جي ڪوشش ۽ اُٿل جي نائب جي
مهربانيءَ سان اهو خط راتورات لاکڙي ڏانهن اوٺي
قاصد جي هٿان روانو ڪيو. هاڻي اُٿل کي باقي ٻن ٽن
ڏينهن لاءِ پنهنجو مستقل مرڪز بنايو، ۽ رات جي
ماني کائي، ميان ڪريمداد سان رس رهاڻ ڪري وڃي
آرامي ٿياسون، ۽ 25 جون جو خير جي سج اُڀرڻ سان
وري ميان ڪريمداد ۽ صالح محمد سان مارڪي ۾ مشغول
ٿي وياسون.
شام جو ڪنهن شخص اچي خبر ڏني ته حمراڻي شيخن مان سڀني ۾ عمر
رسيده سگهڙ شيخ الله ڏنو فلاڻي هنڌ ويٺو آهي، ۽
ڪراچي وڃڻ جي سانگي ٿي آيو آهي. هيءَ خبر ٻڌندي ئي
اسان يڪدم شيخ صاحب کي پاڻ وٽ گهرائي ورتو. شيخ
الله ڏنو ولد شيخ ابراهيم ننڍو، جُهور پير مرد
آهي، ۽ سندس عمر سؤ ورهين کان سوائي آهي. شيخ
ابراهيم شاعر سندس پڙڏاڏو هو؛ انهيءَ ڪري شيخ الله
ڏني کي پنهنجي پاڙي توڙي شيخ ابراهيم شاعر جي
حقيقت حال جي سڄي سربرستي خبر هئي. ڌڻيءَ جا احسان
چئبا جو هن ٻڍڙي شيخ سان گهر ويٺي ملاقات ٿي وئي.
قاصد هٿان اسان لاکڙي جي نائب کان ساڳئي شيخ الله
ڏني ۽ شيخ عثمان جي گهر ڪئي هئي، پر هينئر شيخ
الله ڏني جي پيري ۽ صعيفي جو حال ڏسي اسان کي پڪ
ٿي ته هي غيبي امداد آهي، جو شيخ جهڙو عنقا اسان
کي زمين تي مليو، ورنه لاکڙي مان نياپي تي سندس
اچڻ مشڪل ۽ محال هو. شيخ صاحب پيريءَ جي باوجود
وڏي خوشيءَ سان ويهي اسان سان حال ونڊيو: پنهنجي
پاڙي جي خبر ڏنائين، شيخ ابراهيم توڙي ٻين شاعرن
جي حقيقت ٻڌايائين، ۽ ڪبير شاه ۽ شيخ ابراهيم جي
هڪٻئي ڀران ويهارو کن بيت لکارايائين. سؤ ورهيه جي
عمر ۾ شيخ الله ڏني جي سالم ٻڌ ۽ صحيح حافظو ڏسي
آءٌ حيران ٿي ويس. رات جو شيخ صاحب کي هنڌ ٺاهي
ڏنم، سو ويچارو دعائون ڪندو سمهي پيو. ڪريمداد ۽
اسين وري ٿياسون ڪچهريءَ ۾ شروع. ايتري ۾ لاکڙي
ڏانهن راتوڪو ويل قاصد به اچي سهڙيو، ۽ اُتان جي
نائب جو نياپو آندائين ته صبح جو سوير شيخ عثمان،
شيخ گنج بخش ۽ ٻيو هڪ درويش حاجي موسو لياريءَ جو،
اهي ٽيئي، مارڪي لاءِ اسان وٽ پهچندا. باقي شيخ
الله ڏنو ڪراچيءَ طرف روانو ٿي چڪو آهي (جو خوش
بختيءَ سان اڳيئي اسان وٽ پهچي چڪو هو). خير، اهي
سنيها سُڻي سمهي پياسون، تان جو اڀريو سج خير جو.
26 جون صبح جو نيرن ڪري، بمصداق ’انّ جو منهن جنڊ ڏانهن‘، اسين
وري ميان ڪريمداد ۽ شيخ صاحب سان مارڪي ۾ لڳي
وياسون ته ايتري ۾ ٻن مڙسن اچي سلام ورايو... شيخ
عثمان ۽ شيخ گنج بخش اچي ويا. اٿي ملياسون، ۽
خبرون چارون ڏنيون ورتيوسون. شيخ عثمان پڪو جوان
مڙس، بت ۾ سگهو صحتو ۽ ڪپڙن ۾ ٺهيل جڙيل؛ شيخ گنج
بخش موٽيل مڙس ۽ طبع ۾ سادو، نيڪ نيت، خصلت ۽
اشراف پئي نظر آيو. زبان جا ٻئي مٺا، ۽ محبت جا ته
ٻنهي وٽ مڻ هئا. ٻنهي کي شيخ ابراهيم ۽ ڪبير شاه
جو گهڻو بياض ياد هو. چوڻ تي شيخ عثمان هو، پر ڪچي
پڪي ۽ گهٽ وڌ گفتي وقت گنج بخش پئي ٽاڪاڻا ڏنا.
مارڪي جا منڊل لڳي ويا. ڀلا سگهڙ سگهڙ جي ذات اچي
گڏ ٿي. ميان ڪريمداد ته منهنجو گوڏو جهليو ويٺو
هو، ۽ پنهنجي وسيع معلومات مان هر سگهڙ کي پئي ورڇ
ڏنائين. بس گفتي جي وڍ ٽڪ لڳي وئي: هڪ طرف سگهڙن
جي زبان ته ٻئي طرف بنده جي قلم هڪٻئي سان ڪلهو
پئي هنيو. مطلب ته پوري اٺ لڳي وئي. ٻيا سڀ اسان
کي ديوانو سمجهي وڃي پنهنجي دنيا ئي ڳالهين ۾ لڳا.
هاڻي اسان کي به نويڪلائيءَ ۾ ملي ويو بل، سو دل
کولي مارڪو ڪيوسون. منجهند جي مانيءَ وقت ذرو
ويساهين ڏيئي وري ويٺاسون، تان جو سج اچي وچينءَ
کي پهتو، اسان کي به جيڪي مطلب ڏيڻا وٺڻا هئا، يا
جيڪي مقصد حاصل ڪرڻا هئا، تن جي چڱي پورائي ٿي
وئي. اتي سمورن کي اسان پنهنجو ڏس پتو ٻڌايو، ۽
هنن کان به سندن ايڊريسون ورتيون.
اهي آخري ناتا پئي نباهياسون ته جان محمد به ٻيلي مان لاري
مسافرن جي ڀري اچي واپس اٿل ۾ ٺڪاءُ ڪيو. لاريءَ ۾
سردار حاجي حيدر ڄام صاحب نالي هڪ نوجوان به هو.
کيس ڪاٺوڙ وڃڻو هو. اٿل مان لاريءَ جي روانگيءَ جو
وقت وري ٻئي ڏينهن صبح جو مقرر ڪيو ويو. تنهنڪري
وري اچي پنهنجي ساٿين ڀيڙا ٿياسون، مگر شيخ عثمان
۽ شيخ گنج بخش کي واپس وڇڻ جي اجازت ڏني سون. شيخ
الله ڏنو پير مرد ڪراچيءَ اچڻو هو، سو اسان سان گڏ
رهيو. ميان ڪريمداد ته اسان کان جدائي ڪين ٿيو ته
ايتري ۾ حاجي موسى به چڱا مزاحي نُڪتا سڻايا. مل
محمود پلي ضلعي ٿرپارڪر واري جو وکر وٽس گهڻو هو،
۽ ٻڌي تعجب ۾ پئجي ويس ته ڪٿي جو شاعر ته ڪٿي سندس
شعر! وري به مارڪو ڪري سنجهي لڙئي سمهي پياسون،
تان جو خير جو 27 جون جو سج اُڀريو ۽ لاري تياري
ٿي. شيخ الله ڏني درويش کي جڳهه ڪري ڏني سون. ان
بعد انهن دل وارن دوستن کان موڪلايوسون. منشي
عبدالله کي الله واهي چئي سون، ۽ نائب صاحب سان به
نياز ونڊيوسون. صالح محمد کي السلام عليڪم چيوسون
ته ميان ڪريمداد کي قرب وچان ڀاڪر پائي کانئس
ڀريءَ دل سان موڪلايوسون، ۽ اهڙيءَ طرح اُٿل شهر
سان منزل ڪوچ ڪري وڃي لاريءَ ڀيڙا ٿياسون، جنهن
وري واپس ڪراچيءَ ڏانهن رخ رکيو.
اُٿل ڏانهن ويندي وقت رات جو وڳڙو هو، جنهنڪري انهيءَ تر جو
ترڀاءُ لهي نه سگهياسون، مگر هينئر ڏينهن ڏٺي جو،
هي سڄي جُوءِ جاچيندا آياسون. هن ڀاڱي جي زمين
اڪثر سنئين سڌي هئي، ۽ مٽي به رءُ واري ۽ آباديءَ
جي لائق پئي نظر آئي. ڪٿي ڪٿي ٻٻرن جا وڻ پئي نظر
آيا، جي هميشـﮧ زمين جي طاقت ۽ زرخيزي جي پڪي پختي
نيشاني آهن. رڳو پاڻيءَ جي اڻاٺ سبب، هي ملڪ ويران
لڳو پيو آهي. مون جڏهن زمين جي زرخيزي جي ڳالهه
ڪئي ته حاجي حيدر ڳالهه ڪئي ته سڄي لس ٻيلي ۾
لاکڙو نهايت زرخيز آهي، ۽ رياست جو ڪشمير آهي.
انهن ڳالهين ۾ ويٺا هئاسين ته لاري اچي مندياريءَ جي نئن ٽپي، ۽
کٻي پاسي، بر ۾، هڪ مٿانهين ڀيڻيءَ تي ميٽائين رنگ
جون قبرون نظر آيون. اهڙيون قبرون عام طرح ’ڪلمتي
قبرون‘ مشهور آهن. هي مقام ڏسي مونکي ڪنرل هالڊچ
جو قول ياد آيو ته ڪلمتي قبرون سنڌ جي ڏکڻ اُلهندي
کان وٺي ڪيچ مڪران تائين جابجا نظر اينديون. هن
صاحب قبرن جي سنگتراشيءَ جي فن جي تمام گهڻي تعريف
ڪئي آهي(1)
تحقيق اهي قديم قبرون نهايت سهڻيون ٻڌل آهن. پٿرن
تي سنگتراشيءَ جو هنر انسان کي حيران ڪيو ڇڏي. هن
وقت جابجا اهي مقام اهڙن بيابانن ۾ بيٺل آهن، جو
سمجهي نٿو سگهجي ته اهڙن سڃن ۽ ويران پٽن ۾ اهي
سهڻا پٿر ڪٿان آيا، ۽ اهي ڳريون ڇپون ڪيئن کڄي
آيون! مون اهڙو مقام پهريائين سنه 1944ع ڌاري ڦٽي
ڍوري جي ڪناري تي گهاري شهر (ضلعي ڪراچي) کان ست
ميل ڏکڻ ڏي، ديبل بندر جي ڳولا ۾ رلندي رلندي ڏٺو
هو جنهن ۾ قبرن تي لکيل نالن مان معلوم ٿيو ته هي
قبرون ڪرمتي بلوچن جون آهن(1).
قبرن تي لفظ ”ڪلماتي“ نالو پيو. بلوچڪي نسب نامي
جو شعر آهي ته:
اڙحبا چانڊيهء گاين کلمتي لوغ پهه گورين،
نوح نندي منـﮧ نليا جستگاني پهه گرين.
يعني ته: چانڊيا حب ۾، ۽ ڪلمتي انهن جي ڀر ۾ (رهن ٿا). نوحاڻي
نِلي ۾ ۽ جستگاڻي انهن جي نزديڪ (آباد آهن).
هنن ڪلمتي قبرن جي ڏسڻ جو اڳيئي شوق هو، سو پنج منٽ لاري روڪائي
وڃي قبرن کي چتايوسون. هڪڙي قبر تي هن طرح :”حوط
شنبـﮧ لس“ نالو نظر آيو. حوط (هوت) جي نالي مان
ثابت ٿيو ته هي هوتاڻين يعني ڪلمتي ڪٽنب جي ڪنهن
شاخ جو مقام آهي. جان محمد ٻڌايو ته پٻوڻي جي لڪ
مان جيڪو رستو اُٿل کان ڪراچيءَ طرف وڃي ٿو،
انهيءَ تي پٻوڻيءَ کان ڇهه ميل اتر طرف ’تاراڊه‘
جو مقام آهي، ۽ تاراڊه کان اڃان به اٽڪل چار ميل
اٿل طرف وري ’مٺڙي‘ جو مقام آهي. اهڙي طرح گندٻو
لڪ واري رستي تي (جيئن اسان مٿي شروع ۾ بيان ڪيو)
لڪ جي ٻنهي پاسي اهي قبرون نظر اچن ٿيون. هينئر
موٽندي وقت اسان ڀواني گندٻو لڪ جي وچ تي، رستي لڳ
واقع مقام کي جانچيو. ڪن قبرن تي هي نالا پڙهڻ ۾
آيا: يا الله- آدم مندو، حدو مندو، توڪو هارون...
هارون، علي کرازي، جمال زنگي، محدو دودو (؟)، خان
زنگي وغيره. اهي نالا به صاف بلوچڪا آهن. قبرن تي
سنگتراشيءَ جو واه جو ڪم ٿيل آهي! عام ماڻهو هن
مقامن کي ’رومي يا روميون‘ ڪري پيا سڏين، ۽ اسان
کي پيا سمجهائين ته هي سڪندر جي وقت جون قبرون
آهن. مگر اهي بلوچن جون قبرون آهن، جيئن اسان بيان
ڪري آيا آهيون؛ ۽ ڀائنجي ٿو ته اهي گذريل ٻن سون
ورهين کان وٺي پوين پنجن ڇهن سون ورهين عرصي جون
بنيل آهن. ڇو ته تقريباً انهيءَ عرصي ۾ ئي بلوچن
جا قبيلا سنڌ جي سرحد ڏانهن وڏي تعداد ۾ وڌيا.
ڪرمتي بلوچن جا سردار سنڌ ۾ ملڪ مزار خان ۽ ملڪ
غوث محمد خان وارا آهن، جي گهاري (ضلعي ڪراچي) لڳ
رهن ٿا. انهن کي جاگيرون اول اول ۾ سرڪار طرفان
اورنگزيب عالمگير جي ڏينهن ۾ مليون. اهو 17 صديءَ
جو زمانو هو، مگر انهيءَ وقت ته حڪومت انهن قبيلن
جو حق تسليم ڪيو، انهن جو سنڌ ۾ اچڻ مغلن جي دور
حڪومت کان گهڻو اڳ ٿيو.
بهرحال انهن مٿير مردن پنهنجي مئن تي به رڻ ۾ رنگ لائي ڇڏيا. هن
وقت اهي مقام ان وقت جي سنگتراشيءَ جي فن جو زنده
ثبوت ۽ انهن قافلن جي راهن جي مسلسل آباديءَ جا
جيئرا نيشان آهن. هي تاريخ جو داستان ڊگهو آهي،
تنهنڪري اسان پنهنجي اصلي بيان تي ٿا اچون. هي
’مندياري‘ جو مقام ڏسي، وري اچي لاريءَ ڀيڙا
ٿياسون، جا ’کڙڪيري‘ جي وسنديءَ وٽان، ۽ وندر جي
نئن وچان، واڪا ڪندي، آخر اچي ڪاٺوڙ جي نزديڪ
پهتي. حاجي حيدر صاحب کي ڪاٺوڙ وڃڻو هو، تنهنڪري
سڄي لاري اچي هن بستيءَ ۾ پهتي. ڪاٺوڙ جي وسندي هن
برپٽ جو خيابان آهي. شهر سان لڳولڳ هڪ سهڻو باغ
هو، جو جنت نشان پئي معلوم ٿيو. اندر ميون جي به
ڪمي ڪانه هئي. انب، ڄمون، ليسوڙا ۽ ليار سڀ موجود
هئا. اسان به ماندا ٿي وڃي لٿاسون، ۽ ويهي ميون جو
مزو ماڻيوسون. ان بعد حاجي حيدر صاحب چاءِ موڪلي
جا پي اچي لاري ۾ چڙهياسون. پوءِ ته ساڳيو پنڌ
ساڳيا رند. آخر سگهوئي اچي کارڙي پهتاسين. ڪاٺوڙ ۽
کارڙي جي وچ ۾ زمين جو ورق نهايت زرخيز نظر آيو.
ڪاش! جو انهن پٽين کي آبادي لائق بنايو وڃي.
کارڙيءَ ۾ مانجهاندو ڪري، سج لڙئي وقت وري لاريءَ ڀيڙا ٿياسون،
۽ سمنڊ جي ڪنڌي جي وٽ وٺي، لڪ بدوڪ مان مٿي چڙهي،
باگڙ جي ڍوري کي پار ڪري، اچي ڀوانيءَ جي ڀونءِ ۾
رسياسون، جتي قديم مقام جو معائنو ڪيوسون، ۽ وري
اچي لڪ گندٻي کي اکين لاتوسون. گندٻي لڪ جي نالي
جي باري ۾ اسان جيڪي اتي ٻڌو، تنهن جو بيان ڪري
آيا آهيون، مگر هتي پهچڻ بعد اسان جي دوست ميان
احمد خان (گهاري جي ڪلمتي سردار ملڪ غوث محمد جي
ڀاءُ) اسان کي نهايت خاطريءَ سان هيءَ خبر ڏني ته
انهيءَ لڪ تي اهونالو گندٻي بلوچ سردار جي نالي
تان پيو آهي. چيائين ته گندٻو، منڌاڻي قبيلي جو هڪ
ڏاڍو جوان سردار هو، جو گُري نالي پنهنجي گهوڙي تي
سوار ٿي، انهيءَ لڪ مان لنگهي وڃي لس ۾ لوڙهيون
يعني چوپيائي مال جا ڌاڙا هڻندو هو، جنهن جي مرڻ
تي ڪنهن شاعر مرثيو چيو ته:
گري ۽ گنديي، آڻيءَ اُبتا پير
منڌاڻي مري ويا، هاڻي لس ڪاهيندو ڪير؟
اسين انهيءَ گندٻي جي لڪ مان گذري اچي ’حب ناڪي‘ تي پهتاسون،
جتان دوست محترم صالح محمد خان کان موڪلايم. حب
نديءَ جي اورئين ڀر يعني ڪراچيءَ واري پاسي ٻڍڙو
شيخ الله ڏنو به لهي پيو، جنهن کان به دعا گهري
موڪلايم. هاڻي ته رستو هو پڪو، سو لاري لحظن ۾ اچي
’لِي مارڪيٽ‘ ۾ پهتي. سانجهيءَ جو ٽاڻو ٽري چڪو
هو: لاري مان لهندي وقت لس ٻيلي جو سڄو سفر دل تي
تري آيو:
ذرا اس چمن مين دل سير ڪرلي
دوباره پهر قدم آئي نه آئي
ڪنرل هالڊچ جو ڪتاب: ’هندوستان جا دروازا‘.
|