تت لائق ’لائق خان‘ اچي خوب کنا لايا
پَڙٿي ۾ ’پيراڻي‘ اچي پورا پير ڀريا
اچي ’نوت‘ نرتيُون کثيون آرڻ وير اڳيا
’سينڌل‘ ات ساڱائبو، اچي ڪڪين ڪؤنر ڇڻيا
اچي ’آراديڻ‘ ڀر تان وڳي وڙهيو واه
ڏيوڙاڻي ڏيهه ۾ اونچي منهن سين آه
[1]
ڀَر ڏيئي ڀالا کُتا تيڳياڻي تِتاه
[2]
ڀَلي ڀائرين وچ ۾ مٿي جن مڻياه
سئين سوڳاتي ڪري آڻي خبر ڄام ڏنياه
وڌي ويڳو ٿيا، ويا سرهي سيڄ سندياه
[3]
ڪونڌَ ڪڏندا ويا، وڏي ڪيائون ڪاه
[4]
اُت پهڙ خان پَريان ڪري دُور مُڪايا
[5]
تنهن ريڙهي آندو رَبني کي، خاشي پڻ ڪيا
[6]
––
ٻرندي مان ٻاهر ڪڍي ان کي ڇوٽائي ڇڏيائين
ڄاموٽ جي ڄاڻي ته خاشي پُر ڪيائين
آهِس ڀُڪر- پوٽي جو هٿ مٿائين
3- ڪيچ ۾ پهرين گهٽ واري جنگ
ملڪ پهاڙ خان جي ڏنل سَند مان معلوم ٿئي ٿو ته سنه 1125 هه/ 1713ع ۾ مير
براهم (پٽ سرماڻ پٽ ڏيوڙو پٽ مريد) ٻُرو اُٿل جو
وڏيرو ۽ سردار هو. نسبنامي جي روايت موجب مير
براهم ۽ سندس ڀاءُ ڏيوڙو ’گهٽ واري جنگ‘ ۾ ماريا[7]. تاريخي حالات جي تور تڪ مان ائين ڀانئجي ٿو ته اها ’ڌڙام جبل‘
جي ’جِنڪاني گهَٽ‘ واري جنگ هئي جا ڪيچ ۾ لڳي هئي.
سنه 1716ع ۾ مير عبدالله خان، قلات جو خان ٿيو. ان وقت لس ٻيلي جو حاڪم ملڪ
پهاڙ خان هو، جنهن جي طرفان غالبًا ٻيلي جو لشڪر
مير عبدالله خان جي فوج ۾ شامل هو ۽ ٻيلي جي لشڪر
جو اڳواڻ مير براهم ٻُرو هو. خان مير عبدالله خان
پهريان اُڀرندي ڏانهن سنڌ جي سرحد تي ڪَڇي ۾ اوچتو
ڪري ڪلهوڙن جي لشڪر کي پسپا ڪيو ۽ ان کان پوءِ
الهندي طرف ڪيچ تي چڙهائي ڪيائين. مير براهم ٻري
پهريائين ڪَڇِي ۽ قلات ۾ پاڻ موکيو ۽ بالاخر ڪيچ
واري جنگ ۾ بهادريءَ سان وڙهندي مارجي ويو.
مير عبدالله خان اول پنجگور تي چڙهائي ڪري ان کي فتح ڪيو ۽ پوءِ ڪيچ تي حملو
ڪيائين. ڪيچ وارن (تربت جو؟) شهر خالي ڪري، ڌَڙام
جبل جي ’جنڪاني گهٽ‘ وٽ وڃي گڏ ٿيا. مير عبدالله
خان اتي مٿن چڙهائي ڪئي ۽ هن به آڏو گهٽ جهلي وڏو
مقابلو ڪيو پر بالاخر شڪست کاڌائون. مير براهم
بابت چيل هيٺيان بيت غالبًا انهن ٽاڻن ۽ اهڃاڻن جي
ساک ڀرين ٿا.
ڪاڇي ۽ قلات ۾ براهم ڀِيمَ سندياءِ
دٻايو دسِيُنِ کي ٿي امن ۾ آندياءِ
وجهي دس دائرين ۾ ماني موڪ ڏنياءِ
لس نه لڄاياءِ، احدي مِير اُٿل جا.
––
مير براهم مردن ۾ ٿو ڏيهه ڪاڇو ڪاهي
سَر سُڪايو سينهنِ کي ٿو داناء دٻائي
ان احدي جي آهي، خبر حدا آباد ۾.[8]
4- سٻيرِي يا اونگر واري جنگ
هيءَ جنگ ڄام بجار جوکيي ۽ برفتن جي راڄدارن جي وچ ۾ لڳي ۽ سنڌ جي حد اندر
اؤنگر (ڪوٽڙي ۽ جهرڪن جي وچ تي) وٽ لڳي. ان جو
هڪڙو مکيه سبب لس ٻيلي جي سياست هو، جو لس ٻيلي جي
ڄام عالي ۽ سندس لشڪر هن جنگ ۾ ڄام بجار جوکيي جو
طرف ٿي حصو ورتو.
برفتن ۽ جوکين جو پاڻ ۾ آڳاٽي وقت کان وٺي نزاع هو. سنه 1703ع ڌاري ملڪ پهاڙ
خان جيئن طاقت ۾ آيو ۽ لس ٻيلي جو حاڪم ٿيو ته
برفت قوم جي طاقت وڌي وئي. پاهڙ خان جي وفات کان
پوءِ، جوکين جي ڄام بجار زور ورتو جنهن جي اڳواڻي
هيٺ جوکيا برفتن سان وڙهيا پر ڪمزور ٿي اچي ’حب-
وات‘[9]
۾ الله- ٻَني‘تي رهيا. ’الله ٻني‘ وٽ ٻي جنگ ٿي
جنهن ۾ جوکين جو ثمر ۽ سامان ختم ٿي ويو ۽ جهِل جو
ٻج ڏٿ طور کائي گذران ڪيائون، جنهنڪري اها جنگ
’جهِل واري جنگ‘ جي نالي سان پڻ مشهور ٿي. پوءِ
قيصر خان ڀنڊ جوکيو سمنڊ رستي سامان ۽ بارود کڻائي
آيو ۽ جوکين حملو ڪري برفتن کي پوئتي هٽايو.
باوجود انهيءَ جي جوکين ۾ ايتري طاقت نه هئي جو
هيٺ سنڌ ۾ ملير طرف اچي سگهن يا حب وٽ ويهي سگهن،
انهيءَ ڪري ڄام بجار ڪجهه وقت لاءِ هٽي وڃي اُٿل ۽
لياري جي وچ تي ’ٽَٽِياڻ‘[10]
تي ويٺو.
انهيءَ وقت ڌاري ڄام عالي (وڏو) لس جو حاڪم ٿيو. مائي چاڳلي کي تڙي ڪڍيائون
جا پنهنجي ننڍڙي پٽ عزت خان کي وٺي اچي ڪوٽڙي ۾
رهي. انهيءَ ڪري برفت قوم جو زور ٽٽڻ لڳو. ٻئي طرف
ڄام بجار زور ورتو: هڪ ته ڄام عالي جي پٽ غلام شاه
کي پنهنجي ڌيءَ پرڻايائين ۽ ٻئي طرف سنڌ جي والي
ميان غلام شاه جي پٺڀرائي حاصل ڪيائين. پوءِ ڄام
بجار نه فقط ملير وارو ملڪ هٿ ڪيو پر گهڻو اڳتي
وڌي اچي جهرڪن ۽ سال واري جُوءِ ۾ برفتن جي
’گَگهِي جي سيري واري جاگير‘ تي قبضي جي ڪوشش
ڪيائين. ان وقت عزت خان قلات جي خان وٽ رهيل
هو.کيس اتي رهايو ويو هو ته متان برفتن جي اڳواڻي
ڪري، لس ٻيلي تي حملو نه ڪري. پر اڃان برفت قوم جا
راڄدار ۽ معتبر ماڻهو وڏي طاقت وارا هئا؛ دريا
خان، مزار ۽ ديڳي سندن اڳواڻ هئا، جن جوکين جي
لشڪر کي ٿڏي جهليو. چيائون ته: ’جيسين عزت خان نه
ايندو تيسين گهگهي جاگير جي فصل مان هڪ سنگ به نه
ڏينداسون.‘ انهيءَ تي ڄام بجار، ڄام عالي خان کان
مدد گهري جنهن خان قلات سان صلاح ڪئي. چون ٿا ته:
خان صاحب، عزت خان کان پڇيو ته: برفت توسان ڪيئن
ٿا هلن. عزت خان جواب ڏنو ته: ’ڪڏهن ڪيئن ڪڏهن
ڪيئن.‘ انهيءَ تي خان طرفان ڄام عالي اجازت ملي ڀل
ڄام بجار سان چڙهائي ڪري، پر جي برفت باز نه اچن
ته کين آڻ مڃائي صلح ڪرائي.
ڄام بجار سڄي ملير ميڙي جوکين جو لشڪر گڏ ڪيو. قلات طرفان بروهي سپاهي ڄام
عالي کي مدد ۾ مليا ۽ ٻيولشڪر لس جو ساڻ ڪري ڄام
عالي چڙهيو[11]
۽ ٻنهي لشڪرن گڏجي اچي اؤنگر تي ديرو دمايو. آڏو
برفتن جي راڄدارن، دريا خان ۽ ديڳي خان جي
اڳواڻيءَ هيٺ ديرو دمايو. ڄام عالي گهڻو سمجهايو ۽
عقل جون ڳالهيون ڪيون، پر آڏو هنن مٿير مردن مرڻ
قبوليو پر آن ڪانه مڃي. هن جنگ ۾ گهڻا ماڻهو مئا[12].
هن جنگ بابت هيٺيان بيت سُنگر نالي شاعر چيا. ڀانئجي ٿو تهاول خود ڄام بجار
جوکيي هن جنگ بابت ڪي بيت چيا ۽ پنهنجي فتح ۽
سَرسي کي ڳايائين. پوءِ جواب ۾ سُنگر، مڱڻ ۽ ٻين
شاعرن بيت چيا:
اونگر اوتارانِ، ڀَرم- ڌڻي بارڻ جا
واڳن هُونِ هٿڙا، پيرين رِڪابانِ
[13]
سُوئا جڳ سندانِ، رڻ راماڻا اُن جا.
–––
ساري سنيهو، سُنگر جو، وڃي ڪو چاڪر- پيءَ کي چوءِ
[14]
ته جوکيا هوءِ جنگ جو مٿئه مداروءِ
[15]
جَت، ڪرمتي، جاکرو جي پَٿر پانجو ڪيوءِ
[16]
ته نڪي سِرائي سُوڙهئين، نه برفت اُتِ ڀُليوءِ
[17]
پيو سينهُن سٽاڻو سنڌ جو سو موٽي مدعي ٿيوءِ
[18]
پر چئي ٿي ’چاڪر‘ جي واريٖ وير وڌوءِ
ڪري گوڙ گگهيءَ تان، اُن تان اُٿانيوءِ
[19]
بيت ڏيئي بجار سين قد مَ ٻڌي ڪوءِ
ساهه جو سُوڙهو ڪيوءِ، تڏهن ليٽي ڇڻين لسَ تي
[20]
––
ليٽي ڇڻيين لس تي، ڪهڙا ٺَپ ٺرياءِ
تيلاه مير مارياءِ، جيلاه وَٿُون ڏنيوءِ وِتريون
[21]
––
وَٿون ڏيندي وتريون، ڄانتوءِ ڪين ڄام!
سر تان سوغاتون ڪري وڃي وراهيونءِ وريام
[22]
اجهي پئي ’عالي‘ جي وڃي سرڻ ٿئين تون سام
[23]
مانيو نصير کي ٿي سهسين ڪياءِ سلام
[24]
هي به ڪُٺا ڪنهن ڪلام، نا ته مير مرڻ جا ڪين هئا.[25]
––
عالي، بجار آئيا جهان جهان ڪري جهام
سنڌ ميڙيائون ساڪرو، لَس ميڙيائون لام
هيڪڙو نوازيا نصير خان ٿي ٻيو ميان ڏنن مان
ٻيلي مان ٻاهر پئي، سُوائون سلام
تان ديرو دريا خان نه کَڻي ڳوڌو ڳَريءَ ڳام
[26]
بجار بهادرن ڏي توجي سدا وڃي سام
هي به ڪُٺا ڪنهن ڪلام، ناتي مير مڙيائي ڪينڪي.
––
جانڪيِن جهونجهارن کي ’عالي‘ عقل ڏي
تان درياخان ديرن ۾ ڪنهن تي ڪَنُ نه ڏي
مزار موٽڻ مينهڻو، دٖيڳي دنگ نه ڏي
چئي: آهن جاگير جنهن جا، سومر عزت خان اچي
اسين اُنهين ري، هڪ سِرٽي نه ڏيون سيري جي[27]
––
لس، ملير ڄام، کريٖ کڻي آئيين
هڪ نوازئين ’نصير‘ ٿي، ٻيو ميان ڏنياءِ مام
هي به ڪٺا ڪنهن ڪلام، نا ته مير مارڻ جا ڪين هئا
––
بِراهي لس ملير، ڄام سڀ کرٖي کڻي آئيين
[28]
نصير تيلاه نوازئين، ٻيا پاڻ ٻيلي ٿياءِ پير
[29]
بيت ڏيئي بجار تو وهند نه ڪئي وير
[30]
ٻيا به ٽيڀر ٽيليدار هئا مرد مهائين مير
[31]
هوڏانهن حَمل، ٻاپڙو، ٿي آيو منجهه اُڪير
[32]
سي مَٽ مَٽين کي گڏيا چوکا وجهي چير
’بارڻ‘ ڏني ڀِيڙ، ڄام هزارن کي هيڪليء
––
لس، ملير، بارڻ، نيئي ويڙهيون وڏيرن
اهي ٽيئي ٽر ڏٖي آئيون وڄن جهڙٖي وَن
تن جو ٽلي ٽڪر جهليو، ’بارڻ‘ جي بيگن
تڏ ’ميان‘ کي مُشادو ٿيو، ٻئين پڻ پاٿارُن
[33]
ڪَني ڪرهيو پاڻ ۾ ڇپر وڏيرن
پورا پار ڏجن، مُوران مَهاين جا.
––
خان ته درياخان، ٻيا حَمرڪَ هزارين هئا
[34]
سواليــــٖـين آئـٖـي سنرو، ڏئي مهمانن کي مان
ڪُڏٖي ڪيهر شينهن جيئن، جنگ ويلي جوان
بجار چوءِ بيان، هو اهڙو ئي احدين جو
[35]
––
اونگر تان جي الٿيون، سي ڍؤنگر ڍار ڍريون
[36]
چُوهڙ ڌاري چَٽڪو ڪَرٖي وِير وريون
[37]
اُتر ڏان جي آئيڳن سچيون شاهه پريون
[38]
هيلو حاڪمن کي وجهن چڪ چَريون
ٻيلان جي ٻَريون، تن وڃي آڙهه اونگر تي ڪيو.
[39]
آڙهه اونگر تي ڪيو ڪنهن ڪاري ڪڪر ڪار
سمن صفون جوڙيون، ڏس الاهي اختيار
[40]
ڀَڙ گڏيا، بازار ٿيئي، تيغن چڪر چوڌار
سوڀاتي سردار جي پٽ ڍٽ پچار
رڻ سان رانديون راڻيون ابڙا ڀڙ ڀتار
سوائي سالار، کڻي ڪيون پرلون پنجاين جون.
––
انهين پيرين آئيا، جيئن ٿي چيائون
لاف پنهنجي لاک ڪري رڻ کي رتائون
[41]
هوءِ هزارين تي هُل ڪري ڇڻي ڇڏيائون
جا پر پاشاهي جي سا پڄي پاريائون
سنڌ ۽ ساڪري کي ٿي کيهه سين کٽيائون
ايهي رب جون رضائون، نا ته مير مرڻ جا ڪين هئا.
––
5- ڪيچ ۾ بي تربت واري لڙائي
مير نصير خان نوري سنه 1749ع ۾ قلات جو خان ٿيو. سندس دؤر ۾ ڪيچ جي گچڪين،
جي ان وقت ذگري فرقي جا هئا، بغاوتون شروع ڪيون.
سنه 57/ 1756ع ۾ مير نصير خان، پهريون دفعو ملڪ
دينار گچڪي خلاف چڙهائي ڪئي. ان کان پوءِ 1756ع
کان وٺي 1760ع تائين گچڪي سردارن جون مسلسل طور
بغاوتون هلنديون آيون جن کي ختم ڪرڻ لاءِ ٽي چار
دفعا مير نصير خان پاڻ لشڪر ڪشي ڪئي. هڪ دفعي
آخوند فتح محمد جي اڳواڻي هيٺ لشڪر موڪليائين. مدت
تائين حالتون ٺاپر ۾ رهيون پر 1776ع بعد وري ڪيچ ۾
بغاوت ٿي. ان وقت ڄام مير خان (اول) ٻيلي جو حاڪم
هو جنهن کي مير نصير خان لکي موڪليو ته ڪيچ تي
چڙهائي ڪري.
هن جنگ جا بيت صفر مڱڻهار جا چيل آهن تن مان معلوم ٿئي ٿو ڄام مير خان پاڻ
لشڪر سنباهي چڙهيو. فتح خان للاڻي ڄاموٽ، دُرو ۽
ٻيا ٻُرا معتبر، فقيرمحمد بروهي، مراد ڀوتاڻي،
عثمان گدرو ۽ ٻيا سردار پنهنجي پنهنجي قوم جي لشڪر
سان گڏ اچي شامل ٿيا. ٻيلي جو هي سنڌي لشڪر شهر
تربت جي سامهون وڃي منزل انداز ٿيو. اهو ماڳ اڃان
تائين ’جَد گال- ڏني‘ جي نالي سان مشهور آهي ۽ پڻ
اتي هڪ کوهر آهي جو ”جَدگال چاهه“ جي نالي سان
سڏجي ٿو.
الهداد ٻُرو، سومرو بروهي ۽ ٻيا بهادر ماڻهو هن جنگ ۾ماريا پر بالاخر گچڪين
جو لشڪر هار کائي پوئتي هٽيو. صفر جا هي بيت
پڇاڙيءَ ۾ کٽل آهن انهيءَ ڪري هن جنگ جو وڌيڪ
احوال نٿو ملي، پر صدري روايتن مان تصديق ٿئي ٿي
ته فتح خان للاڻي ڄاموٽ، مير براهم نوتاڻي ٻُرو،
مراد ڀوتاڻي ۽ ٻيا گهڻا لس جي لشڪر مان ڪم آيا پر
جنگ کٽيائون. پوءِ ميرنصيرخان، انهن ماڻهن جي خون
۽ قربانيءَ جي عيوض اورماڙو بندر ڄام ميرخان جي
حوالي ڪيو. ڄام صاحب چيو ته بندر انهن راڄن جي
حوالي آهي جن جا مڙس مئا آهن. راڄن چيو ته تو ڏنو
اسان ورتو، پر اسين وري توکي ڏيون ٿا. ان ڏينهن
کان پوءِ اورماڙو بندر ڄام صاحب جي ذاتي ملڪيت ٿي
رهيو. نسبنامي جي روايت مان تصديق ٿئي ٿي ته مير
براهم نوتاڻي ٻُرو هن جنگ ۾ ماريو ۽ پڻ سومار
اِلاڻي ٻُرو هن جنگ ۾ وڏي بهادريءَ سان وڙهيو،
جنهن کي شاعر ’صدقي‘ ڳايو. هيٺ صفر جي بيتن کان
پوءِ، شاعر صدقي جا بيت ڏنا ويا آهن.
صفر جا چيل بيت
ساراهيان سچو ڌڻي فرمان جنهن ڦيرايا
جنگيون جهيڙا جهڳڙا رازق ريت رَمايا
ڪيچي مذهب ڪوڙا آگي اپايا
[42]
واري نَر نصير جي جواڻن زور جهُپايا
[43]
ڀَري پڳ ’بايان‘ تي ان سندي آيا
[44]
عقل احدي گهڻو ڪري پانجي پِرڄ پڇايا
[45]
پر رَسي راڄا نه سگهيو تنهن حيلا زور هلايا
تڏ ڪري مصلحت من ۾ ڳالهه اِها ڳلهايا
ته ٻگهڻ ڌڻي ’ٻيلي‘ جو لکي تنهن تي لنگهايا
سڄي ڳالهه، صفر چوي، تنهن سڀائي سجهايا
ڪڍي قاصد پانجو مانجهي ڏانهن مُڪايا
عالياڻي عزت سين پانڊؤ سي پرهايا
تڏهن مير خان مانجهي پانجا ٿي ڪٽڪ ڪوٺايا
دُرو، فتح واه ويا ٿي للاڻي لانچايا
[46]
چڙهيو مير خان مانهند ۾ جنهن جي ناڏ نعارن لايا
فقيرمحمد فوج سين اُنهين وير ٿي آيا
ٻيا بِراهي ڀَر پيا جن احدين ڳالهه اُڇايا
[47]
ته جوانا ان سين جنگ مَ ڪريو جي
اوهان ڏان آيا[48]
تان ميرخان مڃي ڪينڪين جا ڳالهه انهين ڳالهايا
تڏهن سڀني سعيو جنگ تي ڪيچين تي ٿي ڪاهيا
وڃي ڪيچ ڪنڌين ۾ ديرن ڌَمُون لايا
نومڙيي – ڌڻي ننگ جا وڙهن زور وڏايا
[49]
تني رونجهي راء کي امر پڄي آيا
[50]
پانجين ماريو پٿر تي، قضا ڪم ڪرايا
خذمت ميرخان مور جي وري واهه ملهايا
[51]
دُرٖي ٻُرٖي مورچو جهلي پانجا پَڙ پڇايا
اتان پوءِ ’تُربت‘ سامهون ڌڱين ديرو پايا
خبرون خان مير کي اچي ٻيليين زور ٻڌايا
ته ايندٖي اڀرندي ڏان احديين اُڙون پايا
[52]
مانهدان دونهن دارون جو فِرنگين وات فُٽايا
[53]
جهَلي ٻُري ٻانهن ۾ الهداد اُٺايا
سينهن بِراهي سومرو گهوٽ گليلين گهايا
[54]
ڀَري پُههُ براهي حسڻ ڏان هلايا
[55]
مائٽين، ملاقاتيين تي وڙ وڄايا.
پوءِ ٻيهي ڏينهن ٻه ٽي جواڻن جنگ وسايا
لڳيون لَڪيُون تنهن اڱرين، انهن اُڀايا
[56]
تؤ گهڻو ٿِيئي تيغين جي، ويريين واڳ ورايا
پِڙ کؤن پٺيرا ٿي ڏوران تن هاگامان هُلايا.
تڏ مراد ماڻهو موڪليو پويان پَڙ پڇايا
[57]
ڪوڏان اچي ڪاپڙي سڄي ڳالهه سڻايا
[58]
ته اوهان جي حرص هڻڻ جو ته اِجها سِڱر آيا
[59]
اُها نه سوئي اَحديين غازيين حرف گُسايا
تڏ مراد مانهند ۾ احدي تيغ اُٺايا
جا پَر جهونجهارن ڪئي پتنگ سا پڄايا
ٿَئِي پاٿارُنِ پڌري، جا ڳالهه دُوجي ڳالهايا
بادل ۽ ڀادِيڻ تِتهن ٿي آڳ ٻرندي آيا
[60]
بيهي بادل تتهن کنا خوب وڄايا
سامهون ڀَڙ ڀادِيڻ کي ڀالن ڀيِڙ رکايا
پر مانجهي ڪين مڙيو جنهن هڻي هٿ ڪمايا
جيئنداڻي کي جنگ ۾ ڀلي رب بچايا
[61]
صفر ڪاپڙي ڪَٽ مان پوئتي پير نه پايا
سُڻي هاڪ هڻڻ جي ڏُوران ڏُڌِر آيا
[62]
نِماڻي ناميي تنهن جمعي جس ڪمايا
[63]
سيِنهن سرتيين وچ ۾ اچي آڻا اَنگايا
[64]
شيدي لوڙيون سلامتي، جنهن ليکايا پاڻ لکايا[65]
|