سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ٻيلاين جا ٻول

صفحو :29

(1)

الله جلّ جلالـﮧ، جنهن جڳ اپايو جيئن

منور اَخۡضَر آپس ۾ ٿيا تمهر طالب تيئن

طائف تَمَس ٿي ٿيا، وَنهَر وهن ڪيئن

زنبق سندي ذاتڙي، رامههَ راتو ڏينهن

زنبق سندي ذاتڙي، رامههَ راتو ڏينهن

اَبۡيَض انگ انهن جو، نس دن تن جو نينهن

سڪس سيون شل سين، پاڻ پيدا ڪيا پيهن

دائو اٿئي دست ۾ ٿو سانئر چائين سيئن (1)

ان مذڪور جو، مينهن چوي، مون جواب جلد ڏجئين

اَن تي گهرجي ايئن، ڪائافر قلوب ۾.

(2)

سارهه ڪريان سبحان جي، سارهه جنهن جڳاء

نيچي رحضت رعد کي، ابر گراڻ جي آه(2)

بستان ۽ بهير ۾ رضوان تنهن جو راه

سنبل مستَر سڦرا، دونو اونچي اوپر جا

اَسۡودَ اَحمر ان تي آهن زوراتا زبرا

فاختـﮧ گرداند دؤ رؤ نفسي، جيء ۾ جن جي جاءِ

اُني جيٖ اهاء، ٿيا معافي تڙ مينهن چئي.

 (3)

شمس گهڙي جيئن شب ۾، تيئن شانگر ٿي، ساريان پئي سردار

يَمُ ڪريٖ ٿو يُغديون، آواريون لهوار

”يُبۡصِر يَمۡشِيۡ، يَسۡمَعُ، يَنۡطِقُ“ آهن

هڪ جڳهه هيڪار

تند وڄائج ”تون هي تون“ وٺ پيچري جو پار

جي آهين سالڪ سمجهدار، ته وٺ مخفي راه مينهن چئي.

هن بيتن ۾ مينهن ڪا معنى رکي آهي، پر سندس ڏهس نامي کي راوين ايترو ته مَسخ ڪري ڇڏيو آهي جو بيتن جي معنى مشڪل سان ٿي سمجهه ۾ اچي.

بچي فقير چيو ته مينهن اڃان به گهڻا ’ٻولي‘ جا بيت چيا هئا، جيئن ته:

آئُوۡ ديکي آب ۾، ڪي مَخَر سين مها

اوپر بيٺو آگم آدم،جن جي ڪيو تير ڪمانين تاءُ

”ون“، ”ٽو“، ”ٿري“، ”فور“، ”فائيو“، ”سِڪس“، نه چوريو ساءُ

ڪو اهڙو عاقل آه، جو ڏئي ماهيت ان مذڪور جي؟

مينهن يقيني طور هڪ نهايت سمجهو ۽ سگهڙ شاعر هو. چون ٿا ته ڪنهن سگهڙ شاعر، حضرت آدم جي باري ۾ اچي مينهن کي ڏٺ طور هي بيت ڏنو ته:

ستين مائين پٽڙو، هو اينهوڙي وياءُ

نڪي لوڏيو پينگهڙي، نڪي سانڍيو ماءُ

ڄاڻي هڪ الله، اهو لکيو آه ڪتاب ۾.

مينهن انهيءَ جو جواب ڏنو ته:

ستين مائين پٽڙو، اهو هو انهينءَ جو وياءَ

تنهنجو پئه پيدا ئي ڪونه هئو، نڪو ڄڻيو ماءُ

مولي تنهن مٽيءَ ۾، هو سائينءَ وڌو ساه

سو مائٽ سڀڪنهن جو مينهن چئي،

ڪيو پاڻي ڌڻي پيدا

ڄاڻي هيڪ الله، اهو لکيو لوح محفوظ ۾.

مينهن جا باقي بيت جي اسان کي هٿ آيا آهن تن کي ترتيب ڏيئي فصلن وار هيٺ قلمند ڪيو ويو آهي.

صفت

ساري رات سبحان کي جن جاڳي جاد ڪيو

تن کي تسوءَ جيترو ڪٽر ڪونه پيو

ڪارڻي ڪريم ريءَ ڪندو ڪونه ٻيو

ٿيون مهرون تن تي مينهن چوي، راضي رب ٿيو

محبوب مڙني جو، اچي ٿيندو مرسل مهند ۾.

سر سسئي

فصل-1*

گل چمن گلدار، اچي هستيءَ ۾ هموار ٿيو

سو ڪيرب ڪنزل کي مڱي، اچي نيرب ٿيو نروار (1)

عشرد ان سان اوز ڦٽو ڪيو، ديکي سو ديدار

هفت، شفت، سورجي، دائودي دلدار

”ان الدين آمنوا وعلو الصالحات“ سبق پڙه سچار

ٿي بَستي مان بيزار، ونءُ مخفي راه مينهن چئي.

ونءُ مخفي راه مينهن چئي، ڀڃي گوڏا گڏ

ڪامڻ توکي ڪيچ ڌڻي ڪيا ساٿ لڏيندي سڏ

”توبـﮧ“ ۽ ”تبرڪ“ مان ڪيئن ميڙي ويٺينءِ مڏ

هوءِ هُنِي سان گڏ، تون ڪيئن هوت نهارين حب ۾!

جو ٿي هوت نهارين حب ۾، ٿيءُ تنهنجي تابعدار

ويچاري! وجود سين وڃي هاڙهي هوت نهار

”ڪل نفس ذائقة الموت“ آهي صاحب جي سرڪار

هوءِ هُت ڪيچين ڪار، هِت ڪيئن هوت نهارين حب ۾.

فصل -2

ٻانڀڻ جي ٻروچ سان هئي پهرين ڳالهه پڪي

براهمڻ جو بلوچ تي ٿئڙو حرف حقي

هاڻي ثابت ٻڌ تون سندرو سچ جو، اها ٿي

ڪيچين کان ڪچي

دم سويلي ڪيئن تون ترسئين، تو جا نرت نه ڪي(1)

شريعت، طريقت، حقيقت، کڻ معرفت مچي

”ونحن اقرب اليـﮧ من حبل الوريد“ اها اٿئي ثابت

ڳالهه سچي

تن مشتاقن جو، مينهن چئي، کنيو رهبر راه رچي

سو آرياڻي اچي، هوت ڌريندءِ هٿڙا.

هوت ڌريندءِ هٿڙا، ڪر سانجهر ويلي سار

مام مهيلي مخفي من جي، توڪل رک تون تار (2)

سنگت بلوچان، سرسو سونهڻو ويهي ڪيم وسار

رؤ رؤ رند پريان جي ونء تون ڪامڻ منجهه قطار

کانچ م خوب کڙي ٿي، وڃي پهچ پرين جي پار (3)

هاڙهي، پٻ، هڱور جي پهتو ڪونه پرار

تن مشتاقن کي، مينهن چئي، پتڻ اڪارج پار

سو آرياني اڳوار، اچي هوت ڌريندءِ هٿڙا.

فصل-3

اٿي آڌيءَ رات جو، ڪاهيائون ڪرها

هيءَ نار ڳهيلي ننڊ هئي، هن جو وٺي هوت ويا؛

جان جاڳي تان جانب نهين، ڪيڏانهن ويا ٻيلي ٻاروچا!

ڪوڪون سڏ ڪيچين لئي، ڪامڻ تت ڪيا

براهمڻ جا بر ڏي آهن پوٿيءَ پهه پيا

سا ڏئي ور لاءِ ور ورندر ۾، ٿي لڇي لعلڻ لاءِ

هو پڻ هور لنگهي ويا، هي سونهين نه هئي سا

اتي تنهن کي عجيب جا اچي دل ۾ درد ٿيا

”ڏونگر مون نان ڏور ڪرين جن منجهه ڊپ

گهڻير اڊاء“ (1)

هاڙهو ڳولي هوت پٺيان، ڪيئن وري وطن سا

ان جي من جي ڳالهه، مينهن چئي، تنهنجي

ڪنهنکي ڪل نه ڪا

جنهن ٿي لوچي لعلڻ لاءِ، تنهن اچي ڏنس سهرا

ڪانڌ سنگهر ۾.

ـــــ

نيڻين ننڊ م هير، جاڳ ٽُري جهل جت کي

ڇڏ ڀنڀور ڦٽو ڪر ڀوري، پُرج پريان جي پير

ٻي ڪامڻ توسين ڪانه هلندي، تون دم نه ڪجئين ڪا دير

عشق سونهايَئي واٽ وندر جي، ڏِس ڏيکاريئي ڏير

تڪڙي وڃ تنهن وير، محبت لڳي مينهن چوي.

 

سونهڻا پرين

 

فصل-1

وسهج نه وساريانء، مونکي ٿو وسان وسرين ڪينڪي

پلپل پڪارون ڪريو ٿي ساه اندر ساريانءِ

محب مٺا، مينهن چوي، ٿي نيڻ کڻيو ناريانءِ

تن اندر تاريانءِ، مونکي آهن جهجها ڳڻ تو جانب جا.

ـــــ

سونهڻا سونهڻا سپرين، سونهڻا قدم سنداءِ

سونهڻا عين عجيب جا، ڳل مک موتين موچارا

سونهڻا ڏند ڏاڙهون کؤن اڳرا جئن عاج ڪري اُجلا

جئن چمڪي چنڊ چمن ۾، منهنجي شافع صورت سا

مينهن چوي، محبوب پرين منهنجا آهن سڀ پر سونهارا

جنهن ڏونـﮧ ارواح جا آرا، سو مولى مونکي ميڙئين.

ـــــ

مولى مونکي ميڙئين، پرين پيارا

ڪريان آزي، ٿئين راضي، منهنجي جيء جا جيارا

پاڻ سڃاڻي سُوَڙا، شل مون تي مهر ڪندا

مدائي مينهن جي مڙيئي ميٽيجا

مون صاحب تو ساڃاءِ، مونکي محشر ڏينهن متان ڇڏئين.

ـــــ

نيئي نيئي ڏيج، منهنجو سنيهو هوت حبيب کي

تنهن ڪامل ڪچهريء وچ ۾، چڱيءَ پَت چئيج

منهنجو محبوبن کي، سلام اهو سليج

ته آءٌ عاجز آهيان ڪا مون تي مهر ڪريج

مداهي مينهن جو، اچي باري بار کڻيج

سگهي سار لهيج، مون کي متان ڇــَـﮧ ۾ ڇڏئين.

ـــــ

متان ڇَـﮧ ۾ ڇڏئين، ڪامل ڪُر اُجار

روح اسان جي ريل اوهان ڏي، آهن گهڻيرا آر

مون جي مَٺايون ڪيون، سي محب ميٽيين منٺار

مداحي مينهن جي اچي سگهي لهجئين سار

صاحب رب ستار، مون کي متان ڇَـﮧ ۾ ڇڏئين.

 

(3) سنگر: سنگر پنهنجي وقت جو چڱو خاصو شاعر هو. سندس پونيئر دُريجي طرف اچي ويٺو، جن مان آخر ۾ ”اَلُودو“ ٿيو جو پڻ شاعر هو. الودي جو ڀاءُ ’ڪارو‘ سگهڙ هو. ميان محمد امين ڀوتاڻي (دريجي جو) اسان سان خبر ڪئي ته ’الودو‘ سندس ساٿياري هو(1). اسان کي سنگر جو فقط هيٺيون بيت مليو.

عقلمند اشراف هجي جو ڪاٽي دل جا دُک

جئن ڌوئي ڌوٻي ڪيڙا تئن لاهي ڏيل اندر جا ڏک

نس دن صاف، سنگر چئي، ڪري خوبي ساڻ خلق

تاڻيي طنبو نه ٿئي بنا سِيراڙيٖ سُرک

سَکاڻ بنا سير ۾ جئن ڏسي ٻيڙو ڏک

تئن ٿو جوٺو ٻولي جک، بنا عقل آدمي.

(4) صالح محمد: جئن ته هن کان اڳ موقعي به موقعي بيان ٿي چڪو آهي، صالح محمد پٽ راول جو اسان جو هڪ مکيه راوي آهي؛ صالح محمد شاعر نم جي ويجهن عزيزن مان هو جئن ته ڏنل شجري مان ظاهر آهي. اسان جي زوربار تي مرحوم صالح محمد پنهنجا هيٺ ڏنل ٻه بيت ٻڌايا:

1. سوڙهيءَ ۾ اچي ساٿ ڌڻي رس وارث وير وريام

ويچاريءَ کي واه نه ٻي، آهي نڌر اوهان جي نام

ريءَ طلب اوهانجي تانگهه نه ڪا، لڳي لعلڻ اوهانجي لام

وڙ ڪري، ٿيءُ واهر والي، اوکيءَ آهر ڄام

هي آ سوالي اوهانجي سام، تنهنکي پهچج تون پرڏيهه ۾.

2. پهچج تون پرڏيهه ۾ ڪري مهر مٺا منٺار

مشڪل گذري مير! مُٺيءَ کي دم اوهان کان ڌار

لاهج لائق لطف ڪري اندر جا آزار

”لاتقنطوا من رحمة الله“ ايء عهد ٿيا اظهار

سوڙهيءَ ۾ سردار، اچي رسج رهبر راه ۾.

(5) روضي فقير: روضي پٽ حسن جو، نم شاعر جي ساڳئي ڪڙم قبيلي مان هو. ”وٽيٖ ڍوريٖ“ تي (شهر اٿل کان 12 ميل کن اوڀر) رهندو هو، ۽ سنه 1954ع ڌاري گذاري ويو. مداحون ۽ بيت چيائين. سندس بيتن مان هيٺيان نموني طور ڏجن ٿا: (1)

جوڳي هن جهان جا، بيهو ٻڌن بم

سي ڪرِي سکيائي ڪانه ڪا، جنهن جا

        وهن وٺن ڪين دم

ريزالا روضي چئي، ڪن ڪوڙا قصا ڪم

جي هئا عاشق نيڪ نرم، سي آديسي اڳ گيا.

جوڳي هن جهان جا منڊين مانڊاڻا

ماڻهو تن کي منٿون ڪن، هو موٽيو ڪن ماڻا

ٿيو مريد اسانجا، اسين ڪريون دليل دنياڻا

جي هئا سائينءَ سپباڻا، سي آديسي اڳ گيا.

ـــــ

 

باب پنڌرهون

 

سنياسياڻي شاعر

 

شهر اٿل لڳ ٻُرن مان ’سنياسياڻي‘ قبيلو آباد آهي، جنهن مان ميان ڪريمداد موجوده وقت ۾ (1) ٻيلي جو شايد وڏي ۾ وڏو ۽ سمجهو ۾ سمجهو سگهڙ آهي. جئن اسان اڳيئي چئي آيا آهيون، سنياسياڻي گهراڻو آڳاٽي وقت کان وٺي ٻيلي ۾ سگهڙن، شاعرن ۽ راوين جو گهر ٿي رهيو آهي. هن قبيلي جي سڄاڻن جو شجروع هن طرح آهي: ڪريمداد سگهڙ (اسان جو راوي) بن سَنياسي (سگهڙ) بن صدِقي (شاعر) بن سنياسي (شاعر) بن حاجي بن محمد...

اسان لاءِ سنياسي ۽ صدِقي جي شعرن جو واحد راوي ميان ڪريمداد هو جنهن انهن ٻن شاعرن جا بيت، جي کيس ياد هئا، ٻڌايا جي هيٺ ڏجن ٿا.

سنياسي

شاعر سنياسي هيٺين بيتن ۾ بادشاه پير جي تعريف ڪئي آهي. اهو موضوع عام سنڌي شاعرن وٽ گهڻو مقبول آهي.

ميران مير پيران! منهنجون سَنيون صاحب پاءِ

مشهور آهن ملڪ ۾ ڏاني ڏيهه سنداءِ

ڪيڙا، ميوا، گل ڪيترا باغين بنايا

اَهُڳ کٿوري واسيا اڱڻ اوتارا

بصري ۽ بغداد ۾ ماڙيون منارا

ڪر پوءِ سندياءِ ڪانڪا، آهن ڀريا ڀنڊارا(2)

داتا تنهنجي در تي ٻي ڪمي ناهي ڪا

مونکي غم گيلاني لاه، سائينءَ لڳ سنياسي چئي.

پير منهنجو ملهڻو دمامن ڌڻي

اڙين اٻوجهن کي ڏئي خزانا کڻي

مٿي جن مڻي، پياسين پناري ان جي.

پير منهنجو پاتشاه، جنهن جا ولي سڀ وزير

هليا حضرت شيخ سين فوجون ٿي فقير

ميران هن مريد کي لهي اوسيڙو امير

پلئه تنهنجي پير، ڏڍ گذاريان ڏينهڙا.

4. پير پيرن ۾ پڌرو جبر جيلاني

  زره منهنجي جان تي آهي پکر پيراڻي

ڪوڙا هلندءَ ڪانڪا مون تي ڪرامت ڪاني

مدعي پوندين مامري ويندين کر کامي

گولي جي ٻانهي، آهيان داڳيل دستگير جي.

صدقي

شاعر صدقي اسان جي راوي ميان ڪريمداد جو ڏاڏو هو. جنگ نامي جا سندس چيل بي نظير بيت (آءِ الاڻي آءِ، جوانن جلهه لائي- الخ.) مٿي ’باب ستين‘ هيٺ نقل ٿي چڪا آهن(1) ٻيو هڪ بيت (ڇنڇر سپرين- الخ.) مٿي باب پنجين هيٺ قلمبند ڪيو ويو آهي(2). سندس باقي هٿ آيل بيت هيٺ ڏجن ٿا جي صدقي جي شاعرانه لياقت جي ساک ڀرين ٿا.

سهڻا سڻيءَ ڦل جيئن

ڦري ڦيريدار، سدا شؤق شڪار جي

اڃان ئي ڪي بکيا آهن تو منجهه طمعدار

سهڻا سڻيءَ ڦل جيئن، جيئن سي گل انار

پاٻوهين پدمڻيون ٻڌيو هيرين هار

سينڌ ٽڪا، صدقي چئي، آهن جهومڪ ۽ جهالار

تن دوسين سندي در تي اچي ڪيڙم سين سنڀار

مانَ ڏينئَون يار، اکيا اکڙين سين

اندر منجهه اداس

اندر منجهه اداس، سڪ تهنجي سپرين

مشڪ کٿوريءَ کان مٺي ڀلي تهنجي باس

ڇنڻ ڪم ڪميڻن جو تن ۾ ڳالهه تپاس

اچي پڇج ارواح کان چاري ٿي چڪاس

ته تهنجو وير وماس، ٻئي جي وائي ڪانهي وات ۾.

جني لاءِ ڪيوم هيڏو حال هنين سين

تن پنهنجو تن لاءِ وڍي ورهايوم

عشق هوم عجيب جو، اهو ريکُون ٿي رهيوم

ڳلين تان ڳوڙهين جي پونديـــٖن بس نه ڪيوم

سارو ڏينهن، صدقي چئي، ارواح آساني بوم

ڏاڍي محبت من ۾، جاني جادم هئوم

پرين جي پار جو ماڻهو اڄ مليوم

تنهن کان خوش ٿي پڇيم خبرون ته

’ڪـــــــــــــــو جـــــــــــــــــــــانـــــــــــــــــــــي جــــــــــــــــاد ڪـــــــــيوم‘!

تنهن دلاسو دوست جو سوڌو سڻايوم

اچڻ هن عجيب جو ٻيهي ٻڌايوم

سڻي ڳالهه سرهي ٿي آهيان گوندر سڀ گيوم

آسانبي اکين جي اچي پرين پاڻ ڏٺوم

قدر جن لڌوم، مرطنيٖ سڄان تن جي.

 

سر سسئي

فصل-1

 جيءُ جيارا جي، منهنجو من سڪي ساري تن سڄئين

خان نه ايندي خوش ٿيا، سڱ نه راضي سي

هن ڀاءَ تان ڪم ڀَڙا ڪيو، ٿيو پَريٽين پاسي(1)

پنهون تنهنجي پَيد جون ٿو سُڌيون سڻائي(2)

ٻٽي ٻانڀڻ راءِ جي هي ڪا احمق ڌيءَ آهي

اصل آرياڻيءَ جي ٿي تري تراڙي

تن سان ريسيون ڪهڙيون جن کي ڏاتر ڏياري

پاڻ پياديءَ کي، شل اچي رسي رهبر راه ۾.

جيءَ جيارا جي، منهنجو من سڪي ساري تن سڄڻين

هوتي، نوتي، ٻٻر، ٻانون- هڻي ويا ڌاڙو ڌوٻڻ کي

صبح اٿيو سا، صدقي چئي، ٿي پاڙيچيون پڇي:

ته ڪهڙي ڪوهيارل ڪئي ڪيچي ويا ڪاڏي؟

ڀيڻيون ڀِرڻ سنديون، مَ ڪا متيون ڏي (3)

جسو منهنجو جت نيو، جيڏيون ڙي جانڪي

پاڻ پياديءَ کي، شل اچي رسي رهبر راه ۾.

فصل-2

جاڳي جان در پاس، پوريا پٽيا پل پسي سا (4)

پرڻي ويل پَرِيٽَ کي ڪامل قول ڏناس

ڀيڻيون ڀِرڻ سندي تن چِٽي ڳالهه چياس

ته چئي: موڙي ٻڌيٖ مون ڳرين آهن سرتيون

سک سندياس (1)

اديون آرياڻيءَ ري وري نه وهندياس

سڪئون ٻڌي سندرو ڪافين ڪاهيندياس

چڙهي چُنجيــــٖن چوٽين، وڃي ڪامڻ ڪِيڪ ڪياس

سُوئي سا، صدقي چئي، ٻاروچل ٻُڌياس

ڪلهي ٻيلي ٻانهن ڏنياس، اچي رسيس روهن وچ ۾.

جان مون جاڳِي ڙي، تان منهنجا اٺ نه اوطاقن تي

هستيون هوتن ڏنيون، پاکڙ پائي ڙي(2)

هنئڙي حب ڇڪ هوت جي مونکي اصل آهي ڙي

ايندم واڳ ورائي ڙي، شل ساٿ ڌڻي صدقي چئي.

 اٿي سنبهه سسئي! ستي ڪج ست ڙي

ڪهي قاصد آئيو کڻي خريدار خط کڻي

ڳوٺئون ڳوٺ ڳڻينديون سرتيون تنهنجو ست ڙي(3)

جئن توکي جاد جت ڙي، تئن هوندينءِ جاد جتن کي.

اٿي سنبهه سسئي! ستي ڪج ست ڙي

ڪاغذ قيمت چڱو، جنهن تي محبت چڱي مس ڙي

ڳوليان ڳجهو نه ٿئي سندو گونئرن گس ڙي

تنهن ساٿ ڌڻيءَ جو، صدقي چئي، توکي ڏوٿي ڏيندا ڏس ڙي

تنهن سان ڪري روح رهاڻيون پنهنجي قلب لاهج ڪس ڙي

سو پنهون پيارو پس ڙي، جو سَر مُهرو ساٿين جو.

فصل-3

اوچــــــــــا ڪـــــــــــــــــيا اوتـــــــــــــــار، آگــــــــــــــــي آريــــــــــــاڻين جا (1)

پيءُ پنهنجي پٽن سان ڪي گلا جي گفتار

ته: ”پرين اوهان پرڻائيو، نيئن ڏونهن ديس دوار(2)

ساريو تنهن سپرين کي اڄ منهنجا نيڻين ٽمن نار

ننڍيءَ وڏيءَ ڳالهه جو هو ڪندو وير ويچار

اَن تي ننڊ حرام جئن هوتي نوتي هار“.

هستيون هستر اُن جا جوڙ ڀليءَ جنسار

جوڙيون جاجم اُن تي تنگين ڏنائون تار(3)

زريون زيبا بافتا ڪن دوسالين ڌمڪار

سڀڪنهن چنگر چيلهه تي، کيڙو کُڙين ڍار (4)

سي جواڻ جمازين چڙهيا، هليا ڪن هونگار

ڀڙ تان شهر ڀنڀور جي، ڪي سسئي ڏٺا سردار (5)

وَڃو پنهنجي ور کي پورا ڏئي ٿي پار

ته: ”دانهه در دلير گهڻو عاقل عقلدار

شال اچيندم سپرين جي آهن ڏور ئَن ديس دوار“.

سڄاڻندي، صدقي چئي، ٿيا ڀيڙا ڀائر يار

تني گڏجي پاڻ ۾ خوش ڪئي کينڪار

ڄاڻي ڄام کٽين تي واه ويٺا وينجهار

چون: توکي ٻاٻي سلام موڪليا آهن بيحد بيشمار

ته اُڪنڍ اوتارا ڪيا منهنجي هينئڙي منجهه هزار

آءُ تون پنهون پيدوار، ڪامل ڌڻي ڪيچ جا (1)

نوري

ناپو کائي نپني هئي اهڙن  اهڃاڻن

تنهن ٿي چونڊيا ڪنؤر ڪينجهر جا لميو تان لامن

تُڙڳي ٿي تالور ۾ هئي ميربحر منجهن

اچي نڱئو اوڏڙو وٽان تماچي تن

تان نياز نوريئن جو اڳرو آهي سرس سڀن

تنهن جهٽي جهاٻيلين مان نيئي چاڙهي چؤڏولن

تنهنجي سونهن سونهاري، صدقي چئي، آهي ويٺي وڇاڻن

تنهن سان راڻيون ريس م ڪن، جنهن جي جهوليءَ

چنڊ جهلي پيو.

مارئي

 عمر ماروءَ ڏي، آءُ ٻئي ڪنهن ڪريان سڏڙا

پــــکـــــــــٖـين آئــــــــون پائـــــــر مــــــــان ڪـــــو نـــــياپو ني (2)

ساڻيهه جو، صدقي چئي، آڻي ڏس مئيءَ کي ڏي

جي ويا ٿرين ٿوڪ ڌري، سي مارو موٽي آئيا.

مارو موٽي آئيا منهنجي هنئين جئين سان هيج

دانهه هڻي دل سين تون پارس پروڙيج

ڪين وهندي ڪوٺيين، تون صدقي چئي سمجهيج

ڏاڻ لکيو پيو ڏيج، تنهن کي عمر عنايت جا ڪيو.

ـــــ

اٺينءَ رات ڳالهاءِ، عمر ماروئيءَ سان ڪيو

ته سڱيڻا، صدقي چئي، پنهنجا آڻي پٽ پرهاءِ

لڏي اوڏي آءُ، ته پرين پرچون پاڻ ۾.

سهڻي

گهڙو سو گهيڙوس، ساهڙ سا سونهڻي

چئنــــــــي سندو چت ۾ نـــــــرتـــــــــو نينهن لڳوس (1)

هڪڙي گهڙي گهر ۾ وهڻ وه ٿيوس

سمونڊ جو، صدقي چئي، تن سلو سونهايوس(2)

مهند ٿيندو ميڙوس، اڳينءَ جاءِ جنت ۾.

 گهڙو سو گهيڙوس، ساهڙ سا سونهڻي

تهدل تنهائين پوءِ ٿي، جان سرڪي ساءَ ڏنوس

واڳون وِيسر ڪيترا، ته به ڏيل نه ڏهڪيوس(3)

محبت مان ميهار جيءَ ڪنهين ڪونه چيوس

مهند ٿيندو ميڙوس، اڳينءَ جاءِ جنت ۾.(4)

ـــــ

 

باب سورهون

 

رونجها شاعر

 

رونجهن مان ولي محمد ۽ آدم لس ۾ نالي وارا شاعر ٿيا.

ولي محمد ورنجهو: ولي محمد پاڙو ’اسماعيلاڻي‘ رونجهو، ٻيلي کان ٻه ڪوهه اڀرندي ’مُهاڙي‘ جي علائقي ۾ ’اسماعيلاڻين‘ جي ڳوٺ ۾ ويٺل هو. سندس ڀاءُ گنج بخش نالي هو. ولي محمد شيخ ابراهيم جو شاگرد هو. شيخ ابراهيم جي بيتن جي ڀران سندس چيل ٽي ڊگها بيت اڳيئي ’باب ڇهين‘ هيٺ نقل ٿي چڪا آهن. (1)انهن مان هڪڙي بيت (وٺا مينهن ملڪ تي، جيءَ اندر ويا جار ميان- الخ) جي پهرينءَ ڪڙيءَ جو هيٺيون بيت شيخ سائينداد جي ڪتاب مان مليو ته:

وٺا مينهن ملير تي گاهن ڪيا گلزار ميان

وڻ ٽڻ، وليون واسيا، ڦل ڦڳيا ڦلٽار ميان

خوب کٿوريون پوڄ پٽين ۾، ٻيا عطر ٿيا اظهار ميان

ڏٿ ڏاڏاڻي ڏيهڙي، ٻيا جي لال پڪا ليهار ميان

چونڊين ڳاڱا، ڪرين ڀاڱا، تورا ڀريو تار ميان

ميوا موڪ ملير ۾ ٿا ڌوڻيو کين ڌرار ميان

لوت کائي، عمر آئي، ڊؤل وڏي سين ڍار ميان

تور چاري، وڇڻ واري، امر آنديس آر ميان

عمر آيو، ڪري سعيو سونهاري سلگار ميان

اُٺ آجاڙي، منزل ماري تنهن نه ڪي تنگ ڍار ميان

تتان تري، ڇيلان ڇڙي، هئي وير نه پيئي مونکي وار ميان

ڪر ڀلائي ڀيري ڇڏ تون پنهوار پنهنجن پار ميان

آءٌ وهنديس ڪين، ولي محمد چئي، ڌرارن کان ڌار ميان

وينديس ويڙه ولهار ميان، مون سو ملڪ ملير ساريو.

ولي محمد جا چيل ڪي ٻيا بيت جيڪي اسان کي  مختلف راوين کان مليا سي هيٺ ڏجن ٿا:

سهڻا سپرين

 

سونهڻا ماڻ سندان، سونهڻي ڳچي وِيانِ

اکيون آريتل سُونهڻيون خاشي گُج رتان

نظر پاليو نانگ کڻي، اهڙي طرح طولان

چيلهه ته آدم چِينَ جيئن پَرِينءَ جهڙا پالان

ڪنڌ ته ڪوئل ڪونج کڻي ايئن عجب ڳاٽ ڳچيان

سِجانۡ چنڊانۡ سونهڻا نڪا جوت جِهڙِيان

پائي پادر پير ۾ هاڻي ڪهڙو عرض ڪريان

سي لائي لنؤن لڪي ويا، ويڳاڻا وٽام

سي هردم دوس هنئين ۾، وير نه وساريانِ

ڏه ڏه ڀيرا ڏينهن ۾، پر سڄو ڏينهن ساريانِ

پچان ڪڇان ڪينڪي پسيو پٽ سندانَ

گنج بخش چئي گهُرانِ، جي اڱڻ ايندا سپرين(1).

ــــ

پرين بنا پرديس ۾ اچي نه آرام

ويهڻ مونکي وهه ٿيو، طبع نه پييم طعام

کلان خوش نه جندڙو، نيڻن ننڊ حرام

ساعت نه سريم ساجن ري، جي دل وجهي ويا دام

ڪنهن وَجـﮧ، ولي محمد چئي، منهنجو جيء قراريو جام

گهميس سارا گام، پر شبيهه ساجن نه ڏسان.

آدم رونجهو: ولي محمد کان پوءِ آدم چڱو خاصو شاعر ٿيو. اسان کي سندس ڪي ٿورا بيت مليا جي هيٺ ڏجن ٿا.

ڏمر جي ڏاڍو ٿئين

دلبر دل کان دور، شل پلڪ پراهون نه ٿئين

چاڙَه هنيو چُغلايون ڪريو، ڏمرايو نئين ڏور

ماڻهو هن ملڪ جا، توکي زبون ڪندا ضرور

آدم چئي ان ڳالهه جي مونکي مايت ڏي مذڪور

جنهن جا ڏس پون ٿا ڏور، سي ڪيچي ڪٿ نهاريان*.

 ڏمرجي ڏاڍو ٿئين نه ڄاڻان ڪنهن قصور

مون تان ٻاڙو ڪِونه ٻوليو، مدي اوهان سين مور

پِرين تون پَرَ چئي مَ لڳ، پاڻ به ڪي پُور

انهيء ڳالهه جي، آدم چئي، مونکي مايت ڏي مذڪور

متان ڏمر نيئي ڏور، ڪري ڏکي ڪن کي*.

سسئي

ٻانڀڻ ٻيٽي پٻ وڻن ۾ ٻيٺي ٻاڪاري

رويو رويو رت ڦڙا ٿي ڇپر ڇاٽاري

تاجا پير پنهل جا ٿي نِگَهِيو نهاري

ساٿ سچو هو سونهڻو ڪوٺيو ڪوهياري

اديون اَساريٖ، پس هَٿين هوت هلي ويو.

مارئي

پهرين رات پَري ڪري، زَدِي زابر زيـــٖـل

من تن ماروئڙن جي اندر سِڪ اُگهـــيـــــٖـل

سي مان ويڙهيچا ڪيئن وساريان جن سين ٻول ٻڌي هئم ٻيل

آڇين ٿو، آدم چئي، طول وهاڻا تيل

ماڙيچا مور نه مَٽيان، تُڙي ٿيان تُفيل(1)

مون تن تنهين ويل، ڪيا هئا سوڳند سانگيڙن سين.

ــــ

پنجينءَ رات پچار، مون تن ماروئڙن جي

اٿم ياد آدم چئي، اها سِڪ سنگهار

پير کڻي، پت ڀڃان، ايڏو ڪريان ڪيئن انڌار (2)

ڪن ڪُسومت دل ۾ سرتيون سڀ ڄمار

وچن ويڙهيچن دل ۾ سرتيون سڀ ڄمار

وري وت ٻيهار، قول وسهندا ڪينڪي.


(1) سانئر چائين= شاعر چوائين

(2) ر: نيچي رخصت احمد ڪئي

* فصل 1. هن بيت ۾ انوکا الفاظ آندل آهن جن جي معنى تحقيق طلب آهي.

(1) ٻي پڙهڻي: ’ڪيرف ڪنزل کي مڃي، نيرف ٿيو نروار‘.

(1) ر: ”تم (تنهن مهل) سويلي تون ڪيئن ترسين تو جا نرت نه ڪي“

(2) ر: محب مهيلي مخفي ڪج تون- الخ.

(3) کانچ م= سمهه نه (بروهڪي)؛ ر:... ونءُ پرج پريان جي پار.

(1) مون نان= مون ڪنان.

(1) ميان محمد امين سان اسان جي ڪچهري ٺٽي ۾ سنه 1962ع ۾ ٿي جڏهن سندس عمر پنجهتر سال کن هئي.

(1) روضي فقير جو احوال ۽ بيت اسان کي محترم حمزه رجباڻي کان اٿل ۾ مليا.

(1) يعني سنه 1946ع ۾، جڏهن پهريون ڀيرو اهي الفاظ لکيا ويا.

(2) ڪر پوءِ= ڪر پوي= ڪل پوي، خبرپوي.

(1) ڏسو، ص ص 183-185.

(2) ڏسو، ص 129.

(1) ڀڙا ڪيو= اڳتي ڪيو

(2) پيد=محبت، عشق

(3) ڀرڻ سنديون= موٽڻ يا هٻڪڻ سنديون

(4) ڪ. ’جاڳي جان در طاق‘. پل= وقت

(1) موڙي= ڳنڍ، پلئه.

(2) هستيون= ننڍيون پلاڻيون.

(3) ست= همت، سعديو، سچائي.

(1) اوتار= وصفون، اوساڻ.

(2) ديس دوار= ڏوراهين ڏيـﮧ.

(3) تار= تاڻ، ڇڪ.

(4) چنگر= چنگل، بڻجي. کيڙو= ڍال.

(5) ڀڙتان= اڳنان.

(1) پيداوار= محبتي، مشهور.

(2) ائون= ۽.

(1) نرتو= چٽو.

(2) سلو= پيچرو.

(3) ويسر (واو کي زير)= وڏو مانگر مڇ يعني وڏيون آفتون.

(4) ميان ڪريمداد: هنن بيتن سان لڳو لڳ هيٺيان بيت پڻ ٻڌايا جي صدقي جا يا ڪنهن ٻئي شاعر جا چيل آهن.

1. سانڀاران ساهڙ جا ايءَ دکن ٿا دونهان

وينديس تنهن وٿاڻ تي جت آهن ڪنڍيون ۽ ڪونهان

ميهر وٽ مونهان، ٻيو به سهسين گهڻيون سونهڻيون.

2.  پر دونهان پيو دکاءِ، جان ساهڙ سٻاجها نه مرين

ڪاريءَ رات ڪنن مان اچان تنهن اُهاءَ

سو مان سڏ سڻاءِ، جو تون تنوارين تڙ تي.

3.  ڪنين ڏنيم ڪن تي، تان لڳن ٿيون لارون

مونکي شال ميهار جون اچي پهچن پڪارون

ساهڙ سانڀارون، وڃي ديکيان دوس ميهار جون.

4.  پرڏم کٽن ئي ڏينهن، تون واتان ڇو وڻائيين

      مونکي سڪ ساهڙ جي آهي روح منجهه راتو ڏينهن

سو قول پارينديس ڪيئن، جي مون ٻڌا ٻول ميهار سين.

(1) سو ص ص 145-154.

(1) هي بيت ولي محمد چيو پر نالو ڀاءُ گنج بخش جو وڌائين.

* هي بيت اسان کي ميرپورساڪري جي سگهڙ هاشم گڊي کان مليا.

(1) تفيل= تف، فنا.

(2) اجايو پير کڻي ايڏو انڌير ڪيئن ڪريان!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org