سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ٻيلاين جا ٻول

صفحو :2

علامات

نوٽ: ڪتاب جي متن ۾ اختصار واسطي جيڪي علامتون يا نشانيون استعمال ڪيون ويون آهن جي هيٺ ڏجن ٿيون:

نشاني :                               مقصد

الخ:    =      الي الاخر- يعني ته اها سٽ، اهو بيت يا قول ويندي آخر تائين.

ا. هه:   =      انتهيٰ- يعني ته هلندڙ قول يا ڳالهه ختم ٿي.

ح:     =      حاميد خان رند جي پڙهڻي.

ر:      =      ڪا ٻي روايت يا پڙهڻي.

س:    =      سائينداد شيخ جي روايت يا پڙهڻي.

ص:    =      يعني اصل پڙهڻي.

صح:   =      صحيح - يعني صحيح ائين آهي.

فليتحقق:  =  يعني ته انهيءَ جي اڃان وڌيڪ تحقيق ڪرڻ گهرجي.

ڪ:    =      ڪريمداد سگهڙ جي پڙهڻي يا روايت.

ڪذا:   =      انهي طرح - يعني ته اهو لفظ يا پڙهڻي هوبهو ائين ملي آهي.

م:     =      محاورو - يعني لس ٻيلي جي محاوري مطابق اهو لفظ يا اها معنيٰ انهيءَ طرح آهي.

(؟)     =      يعني اهو لفظ، اها معنيٰ، اها راءِ يا اها ڳالهه اڃان تحقيق طلب آهي. 2. اشارو ائين ٿي سگهي ٿو ڇا؟

[ ]     =      هي چورس ڏنگيون ڏيکارين ٿيون ته انهن اندر ڏنل الفاظ مصنف جي طرفان اضافو آهن.

 

مقدمو

عام سنڌي شاعري

 

وڏائي ۽ واکاڻ تنهن واحد کي جڳائي، جنهن انسان جي زبان کي اثر ڏنو ۽ منجهس بيان جو سحر سمايو. قربان سندس نبيءَ تان، جنهن فرمايو ته: ”شعر ۾ حڪمت ۽ دانائي آهي.“

عربي شاعري متعلق خليفو عمر رضه چوندو هو ته: ”هي عربن جو عام دفتر آهي، ان کي ياد ڪريو ۽ ان جي حفاظت ڪريو.“ خليفي عمر رضه جو قول نهايت وزندار آهي: تحقيق، شاعري هر قوم جو عام دفتر آهي، جنهن ۾ ٻوليءَ جي سٽاءَ کان سواءِ، انهيءَ قوم جي اخلاق، عادات، اطوار، ريتن رسمن، تاريخ، فلسفي، سمجهه ۽ عقل جو سرمايو محفوظ آهي. سنڌ جي دهقاني يا نج شاعري خاص طرح سنڌين جي حيات جو آئينو آهي، جنهن ۾ اک وجهڻ سان اهل سنڌ جي رهڻي ڪهڻي جي اصليت پنهنجي سڄي جوڀن جنسار، رنگ روپ، خيال و خط، خوبين توڙي خامين سميت سربستي نظر اچي ٿي.

مگر افسوس جو اسان يا ته رڳو ”عروضي“ شاعريءَ جي دام ۾ گرفتار ٿي، سنڌ جي پنهنجي اصلي شاعري ڏانهن توجهه ئي ڪونه ڪيو، ياته وري پنهنجي اڻ ڄاڻائيءَ سببان سنڌ جي ڳوٺاڻن جي عوامي شاعريءَ جي جواهر پارن کي مٽيءَ جا ڪوڏ سمجهي کڻي ڦٽو ڪيو. اسان جي اونڌي سمجهه ڏسو جو اسان سنڌ جي شاعرن جي سرتاج ۽ سردار سونهاري سيد عبداللطيف  جي شاعريءَ جو به رڳو اڌورو قدر ڪيو! اسان سندس ڳوڙهن خيالن جا ته بيشڪ ڳڻ ڳايا، مگر سندس شاعري جي فن کي ڪين سڃاتو. جيڪڏهن اسان سندس فن جو قدر ڪريون ها ته هن اُستاد شاعر جي حقيقي شاگردن جي هنر، يعني ته سنڌ جي ڳوٺاڻن شاعرن جي شاعريءَ تي جيڪر بلڪل پاڻي نه ڦيري ڇڏيون ها.

سنڌ جي نج عوامي شاعري هڪ اعليٰ ۽ عجيب فن آهي، جنهن کي قابل استادن سموهي سينگاري هڪ مستقل علم يا سائنس جي درجي تي پهچايو آهي. هن فن جون گوناگون شاخون آهن: سٽاءَ جي لحاظ سان ڳاهه، بيت ۽ قافي ٽي مکيه قسم آهن ۽ معنوي لحاظ سان ڏٺ، معما، هنر، ڏور، مولود ۽ سينگار مڙيئي هن فن جا مظهر آهن. وري هن فن کي پکيڙڻ ۽ پڌري ڪرڻ لاءِ سمجهه وارن جو هڪ خاص نظام آهي. هڪڙا ”شاعر“ جي اڻ سيون اڻ ڏٺيون ڳالهيون پنهنجي شعرن ذريعي نروار ڪن: ٻيا ”سگهڙ“ يا انهن شاعرن جا راوي جي شاعرن جي گفتن ۽ بيتن کي ياد ڪري ٻين تائين پهچائين. سڻڻ ٻڌڻ وارن مان هڪڙا ”سالڪ“ جي ڳالهه جو سر سهي ڪن ۽ گفتن جي معنيٰ ۽ مراد ڪن، ٻيا ”سمجهو“ جي ٻڌي سمجهي واه واه ڪن ۽ ٽيان ”نالي ماڻهو“ جي سڻن پر سمجهن ڪين. اهڙن اڄاڻن کي عام شاعرن جانورن برابر ڪيو آهي ته:

رڍ اڳيان رباب، وڄائيندي ورهيه ٿيا

تان هو گلي گس نه ڇڏي ۽ جوڙي ڏئي نه جواب - الخ.

يا جيئن ”ٻيلي جي شاه“ ڪبير شاه چيو آهي ته:

ڳوه اڳيان ڳالهاءِ توڙي کڻي مرليون محبت جون هڻي.

تان هن موڳيءَ کي مجلس جو ناهي سر سماءَ - الخ.

لس ٻيلي جي شاعري، ”عام سنڌي شاعريءَ“ جو هڪ مکيه ڀاڱو آهي ۽ ڄڻ بهتر ڀاڱو: ڇوته لس ٻيلي جي شاعري، ٻيلي جي سڄاڻ سگهڙن۽ سمجهو سالڪن جي ذوق سبب پنهنجي اصلي صورت ۾ موجود ۽ مروج آهي ۽ زماني جي لٽ ۾ اڃا لٽجي نه ويئي آهي، مگر خاص سنڌ جي عام شاعريءَ مان رڳو ٻڏل ٻيڙيءَ واريون هريڙون وڃي باقي بچيون آهن جن کي به ڪو سهيڙن ۽ سنڀارڻ وارو ڪونهي. مگر جيئن ته ٻيلي جي شاعري به عام سنڌي شاعريءَ جو جز ۽ جگر آهي، انهيءَ ڪري ان جي اصليت کي پرکڻ ۽ پرورڻ ضروري آهي.

”عام سنڌي شاعري“ مان اسان جي مراد اهو سنڌي شعر آهي جو سنڌ جي عوام ۾ مقبول ۽ مروج آهي: اهو شعر جو صرف پڙهلين تائين محدود ڪونهي بلڪ سنڌ جي اڻ پڙهيل ڳوٺاڻي ڪڙمي خواه ڪاسبي، هاري توڻي ٻيلي جي ذوق جو ورد وظيفو آهي: اهو شعر جو سنڌ جي جهر جهنگ، واهڻ وسين ۽ ڳوٺ ٻنيءَ جاري ساري آهي، اهو شعر جو رڳو شهرن جي شهرت کان آجو آهي، اهو شعر جو ٻهراڙيءَ جي عام ٻولي ۽ مضبوط محاورن ۾ چيل آهي ۽ شعر جي بگڙيل ٻولي ۽ ضعيف اصطلاحن کان پاڪ آهي، اهو شعر جنهن جي زبان پڙهلين جي عبارت کان وڌيڪ پختي ۽ جنهن جي سٽاءَ ڪتاب خوانن جي ايجاد ڪيل لفظن ۽ لفظي بناوتن کان وڌيڪ شسة ۽ بلند آهي.

عام سنڌي شاعر جو خطاب عوام الناس کي آهي ۽ نه خاص پڙهيلن کي انهيءَ ڪري عام سنڌي شعر، علمي پيچيدگين کان آجو آهي. عام شعر جو وزني سٽاءَ لچڪدار آهي، انهيءَ ڪري عام شاعري علم عروض جي اپايل ۽ نپايل موزون شاعريءَ کان مختلف آهي. عروضي شاعري به عام شاعري جي دائري کان خارج ڪونهي، بشرطيڪ عروضي شاعري جو خطاب عام هجي. خليفي گل محمد موزون شاعري کي عام محاوري ۽ اصطلاح  ۾ نباهڻ جي ابتدائي ڪوشش ڪئي مگر آهستي آهستي عروضي  شاعري جا مخالب خاص علم وارا بنجي ويا، جنهنڪري عروضي شاعري ۽ عام شاعري ۾ هڪ وڏي گهاري پئجي وئي. عروضي شاعر به پنهنجي عام خطاب سان عوام جو شاعر بنجي سگهي ٿو بشرطيڪ سندس خطاب عام هجي. انهيءَ معنيٰ ۾ خليفو گل محمد ۽ حافظ حامد عوام جا شاعر هئا، حالانڪ سندن شعر اڪثر عروض جي نپايل موزون شاعريءَ ۾ پيل آهي، انهيءَ معنيٰ ۾ اڄ جي شاعرن مان مولوي ثناءُ الله ثنائي ۽ مولوي احمد ملاح عام شاعر آهن.

عام شاعريءَ جو ٻول مٺو ۽ سٽاءَ نهايت سادي ۽ فطري آهي، ڇو ته جهڙي آهي عام شاعرن جي زبان، تهڙو آهي سندن ڪلام. شعر جي واسطي خاص الفاظ بازي ا محاورن جي جڙتو جوڙجڪ وٽن ڪانهي. سندن لفظي ۽ اصطلاحي گهڙ ڀڃ به بالڪل فطري آهي. ٺيڪ عروضي وزن جي کين ضرورت ڪانهي. سندن ساهميءَ جي تراري ۾ اٽل جي ڪافي گنجايش آهي. رڳو ايترو لحاظ رکڻو آهي ته جيئن ٻيو ترارو بالڪل پَٽ سان نه وڃي لڳي. قافيو عام شاعري ۾ بلڪل ضروري آهي، مگر عام شاعريءَ جو قافيو عروضي قافيہ جي قيد بند کان آزاد آهي، ضروري صرف ايترو آهي ته هر قافيو ٻئي سان ”آواز“ ۾ لازمي طور مناسبت رکي. ڪن عام شاعرن پنهنجي آزاد طبع سان، وزني ڍار خواه قافين ۾ نوان نوان رنگ پيدا ڪيا آهن: مثلاً ڊگهي وزن ۽ اندروني قافيي جي سلسلي کي شيخ ابراهيم ۽ ڪبير شاه ڪمال تي وڃي پهچايو جئين اڳتي بيان ٿيندو.

عام شاعري لغت جي اڻ کٽ کاڻ آهي. عام جو شاعر سرزمين سنڌ جي هر خطي ۽ ماحول جو نيپاڄ آهي. هو عام فهم زبان ۽ ان جي اصطلاحن جي علاوه پنهنجي تر ۽ جوءِ جي خاص لفظن ۽ محاورن جو به ماهر آهي. جن کي هو پنهنجي شعر ۽ فطري طور ان جي اصلي ۽ حقيقي خواه اصطلاحي معنيٰ ۾ استعمال ڪري ٿو، اهڙيءَ طرح هر ماحول ۽ ڀاڱي جي شاعر پنهنجي ٻوليءَ کي شعر جي ماٽيءَ ۾ ولوڙيو آهي ۽ ڪيترن ئي نون ۽ انوکن لفظن کي مکڻ جي ڦٽين مٽل پنهنجي کٽي مٺي جهڻ گاڏئون پارکن جي آڏو پيش ڪيو آهي. جيڪڏهن ملڪ جي هر ونهيين ولوڙيندڙ شاعر وٽان انهيءَ مهي ۽ جهڻ جي ورڇ وٺجي ته هوند لفظن ۽ لغت جي گيهه مکڻ جا ڍڳ لڳي وڃن، ۽ اسان جي سنڌي زبان سائي، سرهي ۽ سڻڀي ٿي پوي، مگر ويچارا نازڪ مزاج پڙهيل شهري بدقسمتيءَ سان اسان جي سنڌي ٻولي جا وارٽ بنجي ويٺا! ڀلا جن جو ذائقو رڳو چپن جي چس تائين محدود آهي، سي ڪٿي ٿا هنن ڀاڳوند ڀاڳين ۽ ونهين ولوڙيندڙن جو قدر سڃاڻن: هي ويچارا گاڏڙ کير پيئندڙ ڪٿي ٿا پلر پي سگهن. هي ڏيک ويک ۽ صفائي جا ستايل ڪٿي ٿا پٽ تي ويهي جهڻ جهڳي سگهن. هي ته انهيءَ سڻڀي جهڻ کي کٽي لسي سمجهي ويجهو ئي ڪين ويا آهن: ويچارن اٻوجهن کي اها ڪل ئي ڪانه آهي ته ڪو مکڻ انهيءَ جهڻ جهڳڻ مان هٿ ايندو، هنن رڳو بيڪار هيسيتائين پئي پاڻي ولوڙيو آهي.

عام جا شاعر اصلي ۽ نج سنڌي ٻولي جا اَبا آهن: هنن جي اردگرد روزمره جي گفتگو ۾ لفظن جي وڍ ٽڪ ۽ اصطلاحن جي فطري گهڙ ڀڃ لڳي پئي آهي. نوان نوان محاورا ۽ الفاظ برجسته زبانن مان نڪري، عام ڪچهرين ۾ پچي پختا ٿي، پيا رواج ۾ اچن. ٻوليءَ جو اصلي لفظن جو قديم ذخيرو به نج ٻهرارين ۾، جن کي شهري هوا اڃا گندو نه ڪيو آهي، محفوظ ۽ سلامت آهي ۽ وڏڙن جي صدري دفتر ۾ سمايل آهي ۽ پشت بپشت موروثي طور هلندو اچي. هر ڪنهن فن ۽ ڌنڌي جي اطوارن اوزارن، محاورن ۽ معنائن جا نج سنڌي نالا اصلي سنڌي ڪاريگرن وٽ محفوظ ۽ مروج آهن. لوهارن، واڍن، ڪورين، ڪنڀارن ۽ ملاحن وٽ انهن فني نالن جون فهرستون موجود آهن. درحقيقت سنڌ ۾ لوهارن، واڍن، ڪورين ۽ ڪنڀارن جا دڪاڻ، مارڪن ۽ ڪچهرين ها اڏا هئا، جتي هميشه محفل ۽ مجلس، رس ۽ رهاڻ جا رات ڏينهن رنگ لڳل هئا ۽ گفتي جي ملوڪت ۽ گهڙ ڀڃ جا منڊل متل هئا. اڃا تائين به انهن ماڳن مڪانن تي، هرلن ۽ نارن تي يا ڀاڳين جي ڀائن تي انهيءَ جهوني وندر ۽ ورونهه جا اهڃاڻ نظر ايندا. عام سنڌي سگهڙ ۽ شاعر لاءِ وکر وٺڻ توڙي پنهنجي وکر ونڊڻ جون جايون اهي ئي ڀاڻ دکاڻ ۽ ماڳ مڪان رهيا آهن، جنهنڪري عام شاعري جو سرمايو نهايت عجيب لفظن ۽ انو کن محاورن سان مالا مال آهي، بلڪ عام شاعري هڪ بي بها بٺي آهي، جنهن جي ذريعي نوان لفظ ۽ محاورا زبان زد عام ٿي، پيا پچي راس ٿين ۽ رائج ٿين.

عام شاعري پنهنجي آزاد ٻولي ۽ آزاد خيالي سبب نهايت پختي ۽ زوردار آهي. اسان چيو ته جا عام شاعرن جي زبان سو سندن ڪلام. جڙتو ٺاه ٺوه کان عام شاعر جو ڪلام آجو آهي،کيس جيڪي زبان تي چڙهي آيو سو چئي ڏنائين. هن سنئين ڳالهه ڪري پنهنجو حال اوريو آهي ۽ پنهنجي صاف سادي زبان ۾ پنهنجي اندر جو احوال ۽ بيان پيش ڪيو آهي. جنهنڪري جو لاهو چاڙهو سندس زبان ۾ آهي، سوئي سندس ڪلام ۽ بيان ۾ آهي. عام شاعر پنهنجي ٻئي عام غير شاعر ڀاءُ وانگر ٿلهو ۽ کائيندڙ، ٿلهو هنڊائيندڙ، ۽ ٿلهو ڳالهائيندڙ آهي. سندس ٿلهو ۽ کهرو ڳالهاءُ سندس ڪلام ۾ ظاهر آهي، مگر خوبي به انهيءَ ٿلهي ۽ سادي ڪلام جي اصلي صورت ۾ آهي. سندس ڪلام انهيءَ ڪنوار جي مثل آهي جنهن جون خاميون توڙي خوبيون سندس صورت ۾ کليل ۽ پڌريون آهن. مگر هڪ ته پاڪيزگي ۽ سادگيءَ سبب ٻيو وري اٿاه جوانيءَ جي زور سبب سندس حسن ٻهڪي پيو. جواني موٽڻ بعد به نج نسل ۽ صاف خون سبب سندس رونق ۽ ڏيا باقي رهي آهي. ان عام شاعريءَ جي برعڪس، عملي ۽ عقلي شاعريءَ جي صورت ۾ انهيءَ سال خورده، عيار ۽ نازڪ مزاج عورت جي مثل آهي، جنهن صابڻ جي صفائي، مساڳ جي لالائي، وڳن جي سينگار، ڳهڻ جي جنسار سان پنهنجي حسن کي ٻهڪايو آهي ۽ آواز جي لطافت سان پاڻ وڻايو آهي، مگر حقيقت ۾ سندس اها سوڀيا رڳو انهن جڙتو ٽيڪن تي بيٺل آهي ۽ سندس رنگ ۽ لالائي رڳو پائوڊر جي مهٽ سهٽ ۽ مسي مساڳ جي آهي ۽ نه جواني ۽ جوڀن جي. اهڙيءَ طرح علمي ۽ عقلي شاعريءَ جو چٽڪو ۽ چسڪو رڳو وقتي آهي، سندس دلچسپ نزاڪت ۽ دلڪش رنگت، زبان جي لهس لپيٽ، لوڏ ڌوڏ ۽ اٿل پٿل بعد جهڪي ۽ جهمي ٿي وڃي. مگر ان جي برعڪس عام شاعري فطري ۽ پائدار آهي: ”جيئن ڳاءِ تيئن مٺي، جيئن مهٽ سرهي.“

عام شاعر ڳوٺ ۽ ٻهراڙيءَ جو پليل ۽ جهر جهنگ جو نپايل آهي. صاف پاڻي، صاف هوا، سادي کاڌي، سادي ڪپڙي ۽ سادي رهڻي ڪهڻيءَ سبب طبع ۾ به سادگي ۽ صفائي سمايل آهي. انهيءَ سادگي سبب جيترو جسم پهلوان آهي اوترو سندس ذهن جوان آهي. سندس طبع جي صفائي ۽ ذهن جي قوت سندس ڪلام ۾ به زور پيدا ڪن ٿا. جڏهن هو شعر چوي ٿو تڏهن پنهنجي طبع جي زور ۽ روانيءَ سبب، ڪلام جي اُٿل ڪري، بات بيان جون موڪون لائي ڇڏي ٿو. نه آهي وٽس الفاظ جي ڪمي، نه بيان جي گهٽتائي، نه محاورن جي کوٽ ۽ معنائن جي ڪوتاهي، جڏهن زبان چوري ٿو ته پلٽجي پوي ٿو، جڏهن ٻولي ٿو ته ڄڻ ٻوڙي ٿو. انهيءَ زور ۽ برجستگي سبب، انهيءَ اچانڪ ٻول ۽ ٺهه پهه گفتي سبب، شاعر جو ڪلام کهرو مگر کرو آهي.

عام شاعر، عام وکرجو وهائو آهي، انهيءَ ڪري سندس سٽاءَ ۾ لوهه توڙي سون ٻئي نظر ايندا، ڪوڏ ۽ سپون توڙي موتي ۽ ماڻڪ ٻئي ملندا، سڪا کڙا توڙي ساوا سلا ٻئي گڏوگڏ نظر ايندا. هن پنهنجي پارس زبان سان لوهه مان سون پيدا ڪيو آهي. هن لوهه وارو سرمايو ۽ ان مان پيدا ڪيل سون وارا داڻا گڏي پيدا ڪيا آهن. هن ٽٻيون هڻي ڪوڏ ۽ سپون ڪٺا ڪري ان مان موتي ۽ ماڻڪ ڪڍيا آهن، مگر ڪوڏن ۽ سپن جا کرکڻا لڪايا ڪين آهن، بلڪ انهن کي به ماڻڪي موتين سان لڳو لڳ پيش ڪيو آهي. هن سڪي زمين کي پاڻي ڏيئي، ٻج ڇٽي سلا اُپايا آهن، مگر انهن ساون سلن کي فطري طور کيڙيءَ ۾ بيٺل ڏيکاريو اٿس. اها عام شاعر جي سادگي ۽ ايمانداري جي حد ڪمال آهي، جو مخاطب کي ٻئي جنسون گڏوگڏ پيش ڪري ذهن نشين ڪرايو اٿس ته هي لوهه، ڪوڏ، سپون ۽ سڪا کڙا بي ڪما نه آهن بلڪ سون، موتي، ماڻڪ پيدا ڪندڙ ۽ ساوا سلا اُپائيندڙ آهن. انهيءَ طور وکر ونڊڻ تي سندس لياقت ۾ ڪمي نه ٿي اچي بلڪ سندس مرتبو، سندس ايمانداري، اخلاص ۽ سندس هنر اڳين کان اڳرو نظر اچي ٿو. ڇوته هرسالڪ ۽ پارکو سمجهندو ته شاعر پارس آهي جنهن لوهه کي هڻي سون ڪيو: بلڪ ٽوٻو آهي، جنهن اونهي عميق مان ڪوڏ ۽ سپون ڪڍي موتي ۽ ماڻڪ پڌرا ڪيا. بلڪ استاد هاري آهي جنهن سڪي زمين کي سرسبز ۽ سائو بنايو. مطلب ته عام شاعر جهڻ مکڻ گڏي پيش ڪيا آهن. ممڪن آهي ته اڻ ڄاڻ جهڻ ڏسي منهن موڙي، مگر عاقل خوب سمجهي سگهي ٿو ته مکڻ جهڻ مان ئي ملندو آهي. عام شهري اهو هار آهي جنهن ۾ لعلون، مرجان ۽ پٿريون توڙي موتي، ماڻڪ ۽ کرکڻا گڏ پوتل آهن. مگر جنسون ٻئي حقيقي ۽ اصلي آهن ۽ نه بناوتي. نقلي مڻين ۽ موتين خواه ڪوڙي ڪچ ۽ ڪائي جو عام شاعريءَ ۾ نالو ئي ڪونهي.

عام شاعري اهل سنڌ جي حيات جو آئينو آهي. عام شاعر سنڌ جي سرزمين جو اُپايل نپايل آهي. هن جي نظر تيز ۽ ذهن سليم آهي. هو پنهنجي ملڪ جي حال احوال ۽ ريتن رسمن کان واقف آهي، هو راڄ ڀاڳ جي اُٿڻ ويهڻ کان واقف آهي، هو مال متاع جي ٻڌڻ ڇوڙڻ کي سمجهي ٿو ۽ جهنگ جهر جي وڻن ٻوٽن کي پروڙي ٿو، هو زمين جي ننڍي وڏي پيچري کي ڄاڻي ٿو ۽ آسمان جي کٽ نکٽ کي سڃاڻي ٿو. جيتوڻيڪ سندس خيال جي پرواز هڪ علم واري شهريءَ کان گهٽ آهي مگر سندس نظر ۽ حافظو زياده تيز آهن. عام زندگي جي جملي ڀاڱن ۽ ڀاڳن تي گهري نظر آهي جا سندس روزمره جي فطري تربيت جو نتيجو آهي. سندس ڪلام جو واسطو به عام زندگي جي عام شعبن ۽ شغلن سان آهي جن تي گهري نظر ۽ ٻوليءَ تي ملڪي هئڻ سبب کيس وصف ۽ بيان جي بي انتها طاقت آهي. جيئن ته رهڻي ڪهڻي جي جملي اطوار جو ”جزئياتي تفصيل“ کيس ازبر آهي، انهيءَ ڪري جيڪڏهن ڳالهه ڪندو ته ذري پرزي بيان ڪندو ۽انهيءَ بيان ۾ سئي سڳي سوڌا پار پتا ڏيندو.

اسان چيو ته سندس نظر حياتيءَ جي سڀني شعبن، شغلن ۽ شين تي آهي: اٺ، گهوڙا، مينهون، رڍون، ٻڪريون ۽ ٻيو سڀ مال متاع، جهنگ جهر، گاهه گلزار، ٿر بر، رڻ رائو، اهي سڀ سندس شعر جا اعليٰ عنوان ۽ مٺا مضمون آهن. انهيءَ کان سواءِ عزت، غيرت، مردانگي، سيرت، صورت، سورهيائي، سچائي، سخا ۽ ٻين سڀني سهڻن ڳڻن کي، جي مرد خواه عورت ۾ سونهن ٿا، خوب ڳايو اٿس. وري زندگيءَ جا جذباتي پهلو مثلاً حسن عشق، ڏک درد ۽ جهيڙا جهڳڙا به پوريءَ طرح سان بيان ڪيا اٿس. ازانسواءِ سنڌي زندگيءَ جا تمدني پهلو، مثلاً نسب ۽ ذاتيون، ريتون ۽ رسمون، ڀليون خواه لايون به پنهنجي شعر ۾ شايع ڪيون اٿس. مطلب ته عام سنڌي شاعر اهل سنڌ جي رهڻي ڪهڻي، راج ڀاڳ ۽ تمدن ۽ تهذيب کي پنهنجي شعر ۾ پوريءَ طرح محفوظ ڪيو آهي. بقول حضرت عمر رضه ”جيڪڏهن عربي شعر عربن جو عام دفتر آهي“ ته عام سنڌي شاعر اهل سنڌ جو عام دفتر آهي. انهيءَ عربي ”ديوان“ وانگر سنڌي شعر جو دفتر ۽ ديوان به نهايت مڪمل آهي، جنهن ۾ ٻيو ته خير مگر وڻ، ٽڻ، گاهه ڏٿ، رڍ ۽ ٻڪريءَ جو به ذڪر پوريءَ طرح ڏنل آهي: شايد سواءِ عربن جي، دنيا ۾ ڪنهن قوم جيڪڏهن حياتيءَ جي انهن ننڍڙن شعبن  ۽ شغلن، بابن ۽ ڀاڱن کي ايتري قدر چٽيءَ طرح ۽ پوري ”جزئياتي تفصيل“ سان بيان ڪيو آهي ته اهي سنڌ جا سگهڙ ۽ شاعر آهن، جن پنهنجي عام سنڌي مقولن ۽ عام سنڌي شاعريءَ ۾ پنهنجي وقت جي چال چالت ۽ حال حقيقت متعلق ڄڻ سڀڪجهه چئي ڦٽو ڪيو، بمصداق ”جَفَّ الۡقَلَمُ وَمَا هُوَ بِڪَائِنُ ٗ.“

 

 

باب اول

 

لس ٻيلي جو تاريخي پس منظر

 

لس ٻيلو سنڌ جي اُلهندي سرحد تي اٽڪل ست هزار چورس ميل ايراضيءَ وارو ملڪ آهي. لام ۾ اٽڪل چار سؤ ميل ۽ بر ۾ ٻه سؤ کن ميل ٿيندو. 1951ع جي انگ اکرن موجب لس ٻيلي جي آدمشاري پوڻا ڇاهتر هزار کن هئي. اتر طرف قلات جو جهالاوان وارو پر ڳڻو اٿس ۽ الهندي طرفان هالار پهاڙ ۽ ڪلمت نئن، مڪران واري علائقي کان جدا ڪنس ٿا. اڀرندي طرفان کيرٿر قطار جو ڏاکڻيون جهميل ڪرنگهو
لس ٻيلي ۽ سنڌ جي سرحد کي جدا ڪري ٿو، ڪراچي، ٺٽي ۽ دادو ضلعن جون سرحدون لس ٻيلي سان سينئن ٻني آهن. حقيقت ۾ لس ٻيلو نه رڳو سنڌ جو پاڙيسري علائقو آهي، بلڪ سنڌ جو جگر گوشو آهي.

قبل از تاريخ واقعا ۽ آثار

قبل از تاريخ دور کان لس ٻيلي جي سرزمين ۾ انساني آبادي جا آثار نظر اچن ٿا. هتي جا دنب ۽ دڙا انهن آثارن تي شاهد آهن، جن جي کوٽائي مان قديم دور جي تهذيب تان پردو کڄندو. شهر ٻيلي کان اتر اولهه ۽ پورالي ندي جي پار هڪ شاهي ٽڪر جي ڏاکڻي ڀڪ جي مٿئين ڀاڱي ۾ کوٽيل غارن ۾ ڪمرن مثل قطارون آهن، جي انهيءَ قبل از تاريخي دور ۾ انسان جي بود و باش تي غمازي ڪن ٿيون. عامي روايت موجب اها مائي گندُراڻي جي بستي آهي، بلڪ اهي ديون ۽ پرين جي شهر ”روغان“ جا عجائبات ۽ آثار آهن ۽ انهيءَ ڪري ان پهاڙ کي ”پري وڍ“ پڻ سڏين. ”سيف الملوڪ ۽ بديع الجمال“ جي داستان جي ياد ۾، هن ساڳئي علائقي ۾ هڪ نشان تي ”سيف الملوڪ“ جي قبر جو نالو پيل آهي. الهندي طرف، جائولڪ واري رستي تي پهاڙ ۾ هڪ وڏو سوراخ آهي.[1] جو چون ٿا ته فرهاد ڪاٽيو هو. ان سان لڳ ٻه قبرون ”شيرين فرهاد“ جي نالي سان مشهور آهي ڀرسان هڪ ٻي قبر انهيءَ شخص جي آهي جنهن هنن عاشقن تي چغلي هنئي هئي، انهيءَ چغل جي قبر تي ايندڙ ويندڙ ڦٽ لعنت وسائيندو آهي. لس ٻيلي جي الهندي ڀاڱي ۾ ”سپُٽ“ جي سرزمين ۾ صدين ۽ ايامن جي وساڻل ”ٻرندڙ چوٽين“ جا تعجب خيز آثار آهن. اهي چوٽيون جبل جيڏين گُندين جي صورت ۾ سپٽ جي ميدان تي اڀيون ٿيون بيٺيون آهن ۽ انهن جي چوٽيءَ مان گندرف جي بوءِ سان گپ ۽ گارو ڄڻ ته ٻڙهڪي ٽهڪي اٿلي پيو ٻاهر نڪري. علم الارض جي لحاظ سان اهي وساڻل ”جوالامکي“ وڏي اهميت رکن ٿا. عام طرح مقامي طور انهن کي ”ڀٽڻ“ سڏين. انهن کان اولهه طرف ”هڱور ندي“ قديم زماني کان قلات جي پهاڙن جو پاڻي آڻي سمنڊ ۾ وجهي ٿي. هڱور ندي جي اولاهين ڪنڌي سان هڪ گهار ”بِي بِي ناني“ واري تڪيي ڏانهن وڃي ٿي. انهيءَ تڪيي تي اهو نالو غالبا عراق جي قديم معبود ”نان“ يا ”اينون“ جي نالي پويان پيو ۽ جنهن جي پرستش جو دائرو اوڀر لس ٻيلي جي سرحدن تائين وڌيو. اندازاً پندرهين صدي کان وٺي سنڌ ۽ هند جي جوڳي پنٿ جا گرو انهيءَ تڪي تي پهتا ۽ هڱور، هنگول يا هنگلور ندي جي نالي پويان انهيءَ تڪيي کي “هنگلاج” سڏيائون ”وئا جي هنگلور ته ڪرمين ملندءِ ڪاپڙي“. پر انهيءَ ماڳ جي قديم نالي ”نانيِ“ پويان ان جبل جو نالو پڻ ”ناني“ پيو، ۽ اهوئي نالو هميشه مشهور پئي رهيو آهي. ڀٽائي صاحب چوي ٿو ته:

جوڳي ٿين نه يار، ڪنهين سين قريب ٿي

اٺئي پهر ان جي آهي “ناني” ڏانهن نهار

____

نانگا ناني هليا، لوڪان لڪ ڪري

____

نانگا ناني هليا، هاءِ منهنجي حال

 

هڱور ندي کان وٺي ويندي لس ٻيلي جي اڀرندئين ڀاڱي تائين سون مياڻي، هنبدان ۽ پٻهوڻي وارين واٽن سان، بلوچن جي سنڌ طرف هجرت جا نشان قديم قبرستان آهن، جن ۾ سهڻي چٽسالي، گهوڙيسوارن، اٺن ۽ جنگ جي هٿيارن جون تصويرون اڪريل آهن.“کارڙي” لڳ “آدم پير“ جو قديم قبرستان آهي. “آدم پير” ڪلمتي بلوچن مان هڪ درويش سردار هو[2] جنهن جي مراز تي سال بسال ميلو لڳي ٿو. سون مياڻي مشهور مورڙي کي دلوراءِ جا گير ڪري ڏني ۽ انهيءَ آڳاٽي افساني سببان مشهور آهي. اتر طرف پٻوڻي لڪ وٽ ”سنگهر“ جي سيم ۾ مائي ”سسئي“ جي قبر آهي، جا ”سسئي پنهون داستان“ جو هڪ يادگار آهي.

تاريخي دور جي لحاظ سان لس ٻيلو ”توران“ جي سرزمين آهي.  سنه 326 قبل مسيح ۾ سڪندر اعظم لس ٻيلي مان مٽيو. ان وقت هن سرزمين جو نالو ”گيدروشيا“ (Gedrosia) هو، جنهن جي ياد گدور قوم ۽ گدور ڍوري (هڱور) جي نالن ۾ اڄ تائين محفوظ آهي. اسلامي فتوحات ۾ لس ٻيلي جي شهر جو نالو آرمابيل يعني ارمن ٻيلو هو، جنهن مان شهر جي چوڌاري وڻن ۽ ٻيلن جو هئڻ ثابت ٿئي ٿو. شهر ٻيلي ۾ ”پير آري“ (آري=هارون؟) جي نالي سان مشهور قبر غالباً پهرئين مسلمان فاتح ’محمد بن هارون‘ جي آهي.

لس ٻيلي جو تاريخي دور

لس ٻيلو سنڌ جو تاريخي دروازو آهي. عربي دور حڪومت بعد سومرن ۽ سمن جي حڪومت ۾ لس ٻيلو سنڌ جو هڪ مکيه ڀاڱو هو. سنڌ جي سمن گهڻي انداز ۾ وڃي لس کي وسايو، جنهنڪري خاص سنڌ جو تمدن لس ٻيلي ۾ رائج ٿي ويو عربن بعد هن جابلو ۽ خشڪ سر زمين ۾ ڪنهن به حڪومت جو پڪو پختو نظام قائم نه ٿي سگهيو، جنهنڪري هي ملڪ مختلف طاقتور قومن ۽ قبيلن جو آماجگاه بنيو. بلوچن توڙي سمن سردارن هتي حڪمراني ڪئي ۽ پنهنجا وارا وڄايا. ٻيلي جي مڪاني روايت موجب لس ٻيلي جي قبائلي تاريخ هن ريت بيان ڪن ٿا ته پهريائين هتي ”گُجر“ قوم حاڪم هئي ۽ پوءِ ”رونجها“ سردار ٿيا؛ رونجهن کان پوءِ ”گونگا“ حاڪم ٿيا ۽ گونگن کان پوءِ ”برفتن“ غلبو حاصل ڪيو. برفتن کان پوءِ ”ڪؤنريجن ڄامن“ جي حڪومت قائم ٿي، جا پاڪستان قائم ٿيڻ بعد سنه 1956ع ۾ ختم ٿي.

رونجهن ڄامن جي حڪومت

رونجهن جو وڏو ۽ سردار ”پَٻو“ نالي هو، جنهن جي باري ۾ عام روايت مشهور آهي ته: کيس غيبات کڻي وڃي ’پٻ جبل‘ ۾ روجهن جو کير پياريو، پوءِ اتان موٽائي آندائونس ۽ هو ”ڪانهيري“ ڪوٽ ۾ سردار ٿيو. روجهن جي کير پيارڻ سبب پاڻ ’روجهو‘ ۽ سندس اولاد ”رونجها“ سڏجڻ لڳو. ا. هه٬ حقيقت ۾ رونجها سنڌ جي سمن جي هڪ شاخ آهي


[1] سنه 1888ع ۾ انهيءَ نا تمام سوراخ کي پورو ڪري، اٺن جي باربرداري لاءِ تجارتي رستو ٺاهيو ويو، جو “جائولڪ” ذريعي لس ٻيلي کي ڪولواه سان ڳنڍي ٿو. هينئر اتان وڏي “شاه راه” جي تجويز تي عمل ٿي رهيو آهي.

[2] سندس ڀاءُ ٺڪر خان سندس خليفو ۽ وارٽ هو جنهن جي پيڙهيءَ مان ميرپور ساڪري لڳ آدم پير جا خليفا رهن ٿا، جن مان اسان جا راوي مرحوم خليفو حاجي سرماڻ خان ۽ سندس پٽ حاجي محمد سوڍو آهن: خليفو حاجي محمد سوڍو بن حاجي سرماڻ بن لعل خان بن حاجي خان بن سرماڻ بن عيسب خليفو بن ٺڪر خليفو بن سرماڻ خليفو بن نندو خليفو بن عيسب خليفو بن ٺڪر خان خليفو جو آدم پير جو ڀاءُ هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org