(1) بدل جو هڪ عجيب مثال جو ٻيلي جي ٻوليءَ ۾ رائج
آهي، سو آهي ”ٿ“ کي ”ت“ ڪري پڙهڻ خصوصًا لفظ ”ٿي“
يا ”ٿِي“ ۾، چوندا ”ڪيائين تي“ يعني ڪيائين ٿي.
شاعر نم جي بيتن مان مثال ملاحظه هجن:
”اڳي ڏاڏس ڏيؤڙي تي ڏر وڌا ڏينهن“، يعني ”ٿي ڏر
وڌا.“
”نر نوتاڻي سڱريئي تي ڏسايو ڏوکين،“ يعني ”ٿي
ڏسايو“،
”وڙهيو ويرين سين تي ڪيائين شڪيلي سين شان،“ يعني ”ٿي ڪيائين.“
”توتي دهرا ڏنا دان، راهه وراهي رڪ جي،“ يعني ”توٿي ڏنا“.
”مناري تي مچ تو ٽوپئي تي ٽانڊو ٻري،“ يعني ”ٿو ٽوپئي تي ٽانڊو ٻري.“
”هي پيو من مجاج ۾، سو تون ڇپائين تو ڇاهه،“ يعني ”ڇپائين ٿو ڇا.“
(2) الف ۽ هه جي تبديل مشهور لغوي بدل آهي. هي تبديل ٻيلي جي محاوري ۾ اڪثر
سنڌي اچارن جي ابتڙ آهي. يعني ته ڪن سنڌي لفظن ۾
جتي الف آهي اتي ٻيلائي ”هه“ اچاريندا ۽ جتي ”هه“
آهي اتي الف – مثلاً:
”پائجي پاهمال (پهمال) ڪري تنهن منجهه نشو نر وارو“، يعني پائمال ڪري.“
”سا سنگهيي سرت سماهه ۾ تي ڪري پر مغز موچار،“ يعني ”سماءَ ۾.“
”نت نيڻن روئي نينهن وهايو، انجهه ڳري هڪ واري هئي،“ يعني ”هنجهه ڳري (يا
ڳڙي).“
”جيئن مڇي پاهون ماهه، تيئن منهنجو ڪرِيءَ قول قريب سين،“ يعني ”ماءُ.“
هتي آخري سٽ ۾ عربي جي لفظ ”ماء“ (معنيٰ پاڻي) ۾ الف کي ”هه“ ۾ تبديل ڪيو
ويو آهي. خصوصيت بدل موجب عربي زبان ۾ به ”ماءُ“
بصورت ”ماهه“ استعمال ٿيل آهي، مثلاً ”ماه البصر“
وغيره ”ماهات.“[1]
(3) ل ۽ ر جي لغوي بدل مشهور آهي ۽ سنڌ ۾ به رائج آهي، مثلاً: ڄار ۽ ڄال، تل
۽ تر. ٻيلي جي شاعر شيخ ابراهيم جو قول آهي ته:
”تن کي ڪهڙا ملهم مکين ڦولي مٿي ڦٽ“ يعني”مرهم“ (ملم)
(4) الف ۽ هه جي تبديل وانگر، ا ۽ ي جي تبديل يا ”ي“ ۽ ”هه“ جي تبديل به
ازروءِ لغت عمل ۾ اچي سگهي ٿي. هه ۽ ي جي تبديل
ٻيلي جي محاوري ۾ رائج آهي، مثلاً: ”کينديس هت کيت
سين لال پڪار ليهار“ يعني لييار، ليار.
”تنهن ان لاهه تون نيهر نظرمحمد چئي ڪڙا قيد ڪبير،“ يعني نيير يا نير.
(5) ج ۽ ي جي تبديل به اُچاري مناسبت (تجنيس حرفي
Alleteration)
جي لحاظ سان ٻيلي جي محاوري ۾ ڪن شاعرن ڪم آندي
آهي. مثلاً:
”مونکي جادو مڙوئي جند- مونکي جاد مڙوئي جند“،
(شيخ ابراهيم) يعني ”مونکي ياد مڙوئي جنڊ“.
”سي جهيڙا ڏک جيتم سين ڪن ڪاوڙ جا ڪستا“، (ڪبير شاهه) يعني ”يتيم سين“.
”جيئن تو کي جاد جت ڙي- تيئن هوندين جاد جتن کي“، (صدقي) يعني ”ياد“.
(6) ذ ۽ ج جي تبديل: جيئن ته شاعر ولي محمد چوي ٿو ته،
”جات نه ڀائي جت هئا، ڪي ڪهل نه ڪيچيڙن“، يعني ’ذات‘ ڀائي.
(7) د ۽ ذ (يا ز) جي مٽ سٽ به مشهور لغوي خصوصيت آهي، مثلاً استاذ ۽ استاد،
۽ ٻيلي جي محاوري ۾ به موجود آهي، مثلاً:
”پٿر وجهن پوئيين ڪن پاڪيدا پٽ“، يعني پاڪيزا.
(8) نهايت عجيب ۽ خاص سنڌي رنگ جي تبديل ک ۽ ڇ حرفن جي مٽ سٽ آهي (مثلاً:
ڇڇي، ککي) جا ٻيلي جي ٻولي ۾ به ملي ٿي. غور ڪبو
ته ک ۽ ڇ جي اچارن جي اصليت ساڳي آهي ۽ انهي ڪري
تبديل جيتوڻيڪ انوکي آهي ته به ازروء علم تلفظ
(Phometics)
مناسب بلڪ جائز آهي. شاعر نم چوي ٿو:
”عالم آڇين ان کي ڪوڙو ڪجسو ڪچ“ يعني آکين يا چون.
(9) ٻي خاص سنڌي رنگ جي تبديل، ش ۽ ڇ جي آهي جا پڻ ٻيلي جي محاوري ۾ رائج
آهي. ش ۽ ڇ جي تبديل جا مثال سنڌ جي الهندين
محاورن ۾، خاص طرح ضلعي لاڙڪاڻي ۽ ڪاڇي طرف ملن
ٿا. مون لاڙڪاڻي ضلعي جي ٻهراڙي ۾ ”ش“ جو اچار ”ڇ“
وانگر ڪندو ٻڌو آهي. لاڙڪاڻي ضلعي جي مشهور شاعر
ڇتي سانگي جو بيت آهي ته:
”ڇمڇيريون ڇتو چوي ان جون رخ ڀريون ريفي“، يعني شمشيريون. مگر ٻيلي ۾ هيءَ
تبديل زياده عام آهي ۽ شاعرن ”بادشاهه“ يا پاتشاهه
کي هلڪو ڪري ”باڇا“ يا ”پاڇا“ جي صورت ۾ استعمال
ڪيو آهي ۽ درحقيقت ”دش“ ۽ ”تش“ ۽ ڇ جي اچارن جي
اصليت به ازروء علم تلفظ
(Phonetics)
بالڪل ساڳي آهي. هن ئي لغوي تبديل موجب فارسي جي
لفظ ”چشم“ کي بلوچڪي زبان ۾ ”ڇم“ جي صورت ۾ پنهنجو
ڪيو آهي. ٻيلي جي ٻولي ۾ هن بدل جا ڪي خاص مثال
هيٺ ڏجن ٿا:
”تنهنجو قدر قرين، پاڇاون ۾ پڌرو“ (شاعر نم) يعني ”پاتشاهن ۾“.
”باڇا باڇايون پانهنجون اهين ئي
اونڌيون ڪن“ (شاعر نم) يعني ”بادشاهه بادشاهتون“.
”گهر گهر کيرون ڇن، منهنجا جمعي جانب آڻيا“ (صدقي) ’ڇن‘ يعني ٿين.
”سا سڀاءَ ويندياءِ وسري، پاڇاياڻي پر“ (شيخ ابراهيم) يعني ”پاتشاهاڻي“.
”ڇهين ڇم کڻي، جان ترتان ڪيم نهار“ (شيخ ابراهيم) يعني ”چشم کڻي“.
اسان مٿي چيو ته ٻيلي جي ٻولي مختلف ٻولين جي ميزبان ٿي رهي آهي. عربي حڪومت
جي دور ۾ لس ٻيلو سنڌ جي عربي حڪومت جو هڪ علائقو
هو ۽ منجهائنس واپاري قافلن جي وڏي آمدرفت هئي،
ازنسواءِ عربي زبان هن ايراضي جي ديني، علمي ۽
تجارتي زبان هئي. انهيءَ زماني ۾ سنڌي ٻولي به
شايد ٻيلي ۾ رائج ٿي ڇاڪاڻ ته عربي حڪومت جي مضبوط
نظام ۾ ماڻهن جي ميل جول سبب سنڌ جي سماٽ قومن به
وڃي لس ٻيلو وسايو. عربي دور حڪومت بعد جڏهن فارسي
نسل جون حڪومتون کڙيون ٿيون تڏهن ٻيلي جي علائقي
فارسي زبان جو اثر ۽ رسوخ وڌيو جو عرصه دراز تائين
باقي رهيو. ٻيلي جو آخري تاريخي دور مخلتف قومن جي
عروج ۽ غلبي جو دور آهي. سڀ کان اول بلوچ قوم
الهندي کان آهستي آهستي اڀرندي طرف وڌي ۽ مڪران
بلوچستان ۽ ٻيلي ۾ پنهنجون بيٺڪون بنائيندي آخر
اچي سرزمين سنڌ ۾ وارد ٿي. انهيءَ ڪري بلوچي زبان
جو اثر هن ملڪ تي تمام گهڻو ۽ ديرپا رهيو. بلوچن
جي براهوئي قبيلن جون به ٻيلي ۾ دائمي بيٺڪون ٿيون
۽ براهوئي زبان به ٻيلي جي هڪ زبان بني. ان بعد
وري ٻيلي جي سماٽ قومن جو عروج ٿيو. انهيءَ سياسي
ردوبدل سبب هر ٻولي، ٻيلي جي زبان تي پنهنجي مُهر
ثبت ڪندي رهي ۽ ٻيلو مختلف زبانن جو آماجگاه بنجي
ويو. انهيءَ ڪري ٻيلي جي ٻوليءَ ۾ اثرپذيري جي
صلاحيت ۽ ’لغوي جاذبيت‘ جون خوبيون پيدا ٿيون،
جنهن موجب ٻيلي جو سنڌي محاورو ويو پراوا اکر
پنهنجا ڪندو ۽ پنهنجي تمدني سرمايي ۾ اضافو ڪندو.
انهيءَ ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ته سنڌي زبان جي مڙني
محاورن مان ٻيلي جي محاوري ۾ زياده ويجهه ۽ وسعت
آهي. هي محاورو هڪ ڪشادو ڪشڪول آهي جنهن ۾ هر
طرفان پنج ڪڻي پئي گڏ ٿئي. بلڪ هي هڪ بٺي آهي جنهن
۾ انوکا الفاظ ملڪي مصالحي ۾ پچي تيار ٿين. وري هن
محاوري جي معدي ۾ به اها هاضمي جي طاقت سمايل آهي
جو جيڪي پيو کائي سو پيو جيوَ ريس. مطلب ته ٻيلي
جو محاورو هڪ معجون آهي جو مختلف پسار مان بنايل
آهي. عربي، فارسي، بلوچي ۽ براهوئي مڙني هن محاوري
کي قوت ۽ وسعت بخشي آهي. فارسي، بلوچي ۽ براهوئي
زبانون نه فقط ٻيلي جون پاڙيسري ٻوليون آهن مگر ان
جي ڪن ڀاڱن ۾ مروج آهن. انهيءَ ڪري ٻيلي جا سالڪ ۽
سگهڙ انهن ٻولين کي پوريءَ پَر پروڙي سگهن ٿا ۽
عوام به انهن ٻولين کان بيگانا ڪين آهن. انهيءَ
ڪري ئي شاعر شيخ ابراهيم پنهنجي مدح ۾ فارسي جملا
آساني سان استعمال ڪندو وڃي ٿو:
ساراهيان سچو ڌڻي تنهنجي ڪريان تاري
صفت بگويم صاحب تيري رزاق رب جباري
زبان چه گويد ظاهري واتان ويچاري
عرض کند اين عاصي بنده ضعيف اين زاري
همي داند نمي خواند هو جو حرف هزاري
مدح گفتم عاشقان را بخشيندل باري
عاصي بندم دردمندم دوست ڏي دلداري
يار يار ڪردم قلب ناه قراري
عالم تمام گشتم پرين ساڻ پياري
من مشتاق آن رويم جن سين جسو جاري
اگر او را نمي بينم اکين انجهه اُهاري
دور دوستا دم نه درام نيڻن ننڊ وساري- الخ
يا جيئن شاعر نم پنهنجي مدح ۾ فارسي سٽون برجسته تضمين ڪندو وڃي ٿو ته:
ميرخان جو مان ٿيو راضي ٿيو رازق جبار
خورده سال و بخت زاده نيڪ نيت نامدار
گهنڊي رکي گهٽ ۾ ڏنئين تڏجود جگني ايءُ جواب
نـﮧ نشي در ملڪ من شب زود رؤ راه شتاب
تنهنڪري فارسي زبان سان ٻيلي وارا ڪافي ڪجهه آشنا آهن، البته سنڌ ۾ فارسي
زبان عوام جي سمجهه کان ٻاهر هئي تنهنڪري ئي شاهه
صاحب کي، سنڌ جي رهاڪو سسئي سان هم خيال ٿي، فارسي
زبان کان بيگانگي ظاهر ڪرڻي پئي ته:
”برو بيا بي، ڏين پارسيون پاڻ ۾“
مگر ٻيلي جي شاعر لاءِ پارسي ۽ بلوچڪي پنهنجي زبان هئي، انهيءَ ڪري چيائين
ته، ”آءٌ سنڌي به سمجهان ڪينڪي، هن وائي عربي واري
هئي“ (عثمان) ڇو ته البته ٻيلي جي عوام جي سمجهه
کان ٻاهر ڪا زبان هئي ته عربي، انهيءَ ڪري هو
پنهنجي مخاطبن ۾ ٻڌندڙن اڳيان پارسي يا بلوچڪي جي
اڻڄاڻائي پيش ڪري ئي نه ٿي سگهيو حالانڪ سسئي جي
بيان ۾ اها اڻ واقفيت ۽ اڻڄاڻائي مناسب ۽ موزون
هئي. مگر شاعر تي سسئي جي حالت کان وڌيڪ پنهنجي
ماحول جو رنگ غالب هو.
بلوچڪي زبان سان ته ٻيلي وارن جي گهڻي گهَري واقفيت آهي. سنڌ ۾ شاهه صاحب
بلوچڪي زبان ۾ چيل ريخته آميخته بيتن ۾ پنهنجي
وسيع معلومات جو ثبوت ڏنو، مگر ٻيلي جي شاعر بلوچي
اصطلاح رواجي طور پنهنجي دوهري ۾ پوئي ٿو ۽ اهي
اصطلاح نڪي ڳرس غير معمولي لڳن ٿا ته نڪي سندس عام
ٻڌندڙن کي. شيخ حمر بلڪل شاهه صاحب واري رنگ ۾ چوي
ٿو:
برو پادا، زير بيا، بلا بات ڪهن
من گوشد نه ٿيو، سر بت نه پيوم، ته
ڪو هلڻ هوتين من
ويري وسرڪ زادگ ٿيا هت نه هبر ڪن
نماڻيءَ نشار سين جيڏي ڪي جتن
حمر هو ليگن، پسوجا پر ٿي.[2]
اسان پنهنجي بالڪل محدود ۽ ٿوري ذخيري ۽ مان مٿيان مثال پيش ڪري ڏيکاريو ته
ٻيلي وارن کي فارسي ۽ بلوچڪي سان ڪيتري قدر آشنائي
آهي. شاعرن ته رڳو موضوع ۽ موقعي جي مناسبت سان ڪي
چند الفاظ ۽ اصلاح استعمال ڪيا آهن، مگر ٻيلي جي
تر ۾ سراسري طور عام ماڻهو به انهن زبانن کان قدري
واقف آهن. انهيءَ جو نتيجو اهو آهي جو انهن ٻولين
جا لفظ ٻيلي جي ٻولي جي حمام دستي ۾ روز مره پيا
گهوٽجن ۽ زبان زد عام ٿين. ڪي لفظ جي ٻيلي جي
ٻوليءَ ۾ رائج آهن سي سنڌ وارن کي بلڪل انوکا
لڳندا. مثال طور ڪي انوکا لفظ هيٺ ڏجن ٿا جي يا ته
ٻيلي جي ٻوليءَ جي پيدائش آهن يا ته وري ٻين ٻولين
مان پنهنجا ڪيل آهن. بهرحال انهن انوکن لفظن مان
معلوم ٿيندو ته وسيع سنڌي زبان جي ذخيري سان گڏ
ڪيترائي ٻيا الفاظ به ٻيلي جي محاوري ۾ مروج آهن
جي هن محاوري جي سرمايي کي وڌائين ۽ ويجهائين ٿا ۽
سجائين ۽ سينگارين ٿا:
اَتيِم ۽ اِڇو= بي قياس جهنگلي يا بي رحم
بدو
اُست = لسي، ڏڌ
اِڇون = ڦٽل لسي جا سڪايل دڳ
تَسُو = ذرا
پانڍَ وَ = اقرار. بهادر، شانائتو
پانواڻو = مقابلو
ڇَم = چشم، اکيون
ڇَمر = ڪڪر
ساپُرس = چڱا مرد
سَلو = پيچرو
مَزار = شينهن
منِگٽي = ڏيڏر
ڄيــــٖـرو = باهه
خاصو = چڱو
ماهندا = ماهندان
پــــٖـي ما = پيءُ ماءُ
ڀِڙياڀِڙا = اڳ ۾ يا آڳاهون
*ٻنڌڻي = داڻابندي
*بازيار = هاري
*ڀُئي = پن چري
*گورَم = ڍڳين جو ڌڻ
*هڪ سِري پوک = پهرين هر بعد ٻج گڏڻ
*ٻه سِري پوک= ٻئي هر بعد ٻج گڏڻ
*موراڻ = هلر
*ڪارو پاڻي= چشمي وغيره جو پاڻي جيڪو سڄو
سال پيو وهي.
*ڪَيراگ= اهو گڏيل ڌڻ جنهن ۾ رڍن کان ٻڪريون
گهڻيون هجن.
*لس ٿيڻ= سَرهه جو گلن مان چڙهڻ |
پَيدُوار = مشهور
ڌاڃَ = فصل
ڌڳِي يا ڳَئِي = گوڙ
چيِهه = کنوڻ
چيِهَل يا هَــرُ = هرڻ
ڪُڙَهو = همت وارو، جوانمرد، پهلوان
اَئي = ٻڪري
ڳيـــٖـهڻ = ڳنهڻ
اُڇڻ = اُٿڻ
اگارڻ = خرڻ ڪرڻ
جَر = جڏهن
تَر = تڏهن
تـٖـي = ٿي. تڏهن،تنهڪري
گَر (ڳر) = ويجهو
سيـــٖـن = ساڻ
پاڏَ = ڏانهن
هَستي = ننڍي پلاڻي جا اُٺ تي وجهجي
*وس = خريف جو فصل
*واهوندو، واندو= ربيع
*سُنگ چونگي، محصول
*هاڙهو، هالهو جبل
= شهه لياري نيابت جي الهندي ڀاڱي
واري جبل جي قطار
*گَڍ =جهنگلي گهَٽي جو قسم
*سَرَه = جهنگلي ٻڪرو
(Sind Ibex)
*ڳُرانڊ = جابلو گهٽو، هُڙيال
*کٽو ڪڍڻ، ڪڍائڻ
= ٻيو دفعو ڄورون هڻي کٺو رت ڪڍڻ
*لڌارڻ، لڍارڻ= جهنگ وڌڻ
*پکياڙو =جهار هڪليندڙ
*هور (<خور)=
ببڍڙو اپسمنڊڙو |
ٻيلي جي محاوري جا ٻيا انوکا الفاظ ۽ تلفظ آهن.[3]
جي سنڌ ۾ لاڙ جي محاوري سان ملن ٿا. هڪ تحقيق موجب
لس ٻيلي وارا پنهنجي محاوري کي لاڙي سنڌي جو
بهترين يا نج نمونو سمجهن ٿا.[4]
باب چوٿون
ٻيلي جي شاعري
جي نشوونما
ٻيلي جي سخي ڄامن شاعرن جي قدرداني ڪئي ۽ انهن کي پوريءَ طرح نوازيو، تڏهن
شاعرن جي دل اُٿي، قلب کليا ۽ سندن شاعرانه شعور
ملڪ ۾ مشهور ٿيو. مگر شاباس هجي لس ٻيلي جي سالڪن
کي جن شاعريءَ جو ذوق زنده رکيو ۽ انهن سمجهو
سگهڙن ۽ راوين کي جن شاعرن جو گن ياد ڪري ملڪ ۾
ڳايو ۽ انهن شاعرن جي نالي کي اُجاريو.
ٻيلي جا حاڪم اصل کان سخي ۽ سٻاجها ٿي گذريا آهن. مڙني کان مهنداهون سخا جو
سرتاج سپر ڄام هو، جنهن ڪيترن ئي ڏڏن کي ڏان ڏنا ۽
ڪيترن ئي منگتن کي مالا مال ڪيو. سخي سپڙ جي ساک
سنڌ ٻيلي پڌري هئي ۽ ڀٽائي صاحب توڙي لس جي شاعرن
سپڙ ڄام جي سخا جا ڳڻ ڳايا آهن. اها سخا جي سنت
ٻيلي جي ٻين ڄامن به پوءِ جاري رکي ۽ غريبن جا غم
ڪاٽيا. حاڪمن جي حيثيت ۾ هنن پنهنجي درٻارن ۽
ڪچهرين کي شاعرن، سالڪن ۽ سگهڙن جو مرڪز بنايو؛
انهن شاعرن به پنهنجي مربي ڄامن جا اهي ڳڻ ڳايا جو
هنن حاڪمن جو نانءُ ناموس هنڌين ماڳين مشهور ٿي
ويو. ڄام ميرخان اول خود وڏو داناءُ ۽ عقلمند هو،
تنهن نه فقط پنهنجي تر جي شاعرن تي هٿ رکيو، مگر
جيڪو به ٻاهريون سگهڙ شاعر ٿي سندس رخ چڙهيو تنهن
کي مال ملڪيت ۽ عزت آبرو ڏيئي ٿي پنهنجو ڪيائين.
لس ٻيلي جي شاعرن جو سرتاج شيخ ابراهيم، ڄام ميرخان جي ملڪ ۾ اڳيئي مشهور
هو، مگر جڏهن سنڌ مان ڪبير شاهه ڪهَي شيخ ابراهيم
جي مقابلي لاءِ ٻيلي ۾ ويو ۽ ٻئي وڃي ڄام ميرخان
جي ڪچهري ۾ مَدِّ مقابل ٿيا تڏهن ڄام ميرخان محسوس
ڪيو ته ڪبيرشاهه به سنڌ جي سوکڙي آهي تنهن کي هٿان
ڇڏڻ نه گهرجي: انهيءَ ڪري ڪبير شاهه کي زر زمين
ڏنائين ۽ ٻيون به اهي اِڇيائون ڪيائين جو ڪبير
شاهه به هن حاڪماڻي قرب جي ڪمند ۾ قابو ٿي پيو ۽
سنڌ کي ڇڏي کڻي لس وسايائين. کانئس پوءِ ڄام
ميرخان ثاني ۽ سندس فرزند ڄام عالي خان به شاعرن ۽
سگهڙن جو وڏو قدر ڪيو. شاعر نم مڱهڻار سندن درٻاري
شاعر ۽ سگهڙ هو جنهن جو ذوق هن قدردانن جي درٻار ۾
پرورش پائي، فهم ۽ فڪاهت جي انهيءَ بلند پايه کي
پهتو جو هر مشڪل سوال جو جواب بلڪل بيساخته ۽
برجسته پئي ڏنائين.
6 جنوري 1874ع تي سردار نورالدين مئينگل کي خان خداداد شهيد ڪرايو. ان واقعي
کي شاعر نم، ڄام عالي خان جي حڪمرانيءَ ۾ 1893ع
ڌاري ڳايو، جنهن جي جواب ۾ ڄام عالي خان طرفان
شاعر نم کي، قدرداني ۽ تحسين طور لکيو ويو:
سر کار جام صاحب ”حام عالي حا“ صاحب بهادر والي[5]
عزت آثار نم شاعر حفظـﮧ
آپ نـﻶ جو شعر هائـﻶ درباره سردار نور الدين خان صاحب مرحوم تيار کئـﻶ هين
حضور اين جانب سن کر بهت خوش هوئـﻶ. آپ کو آفرين
صد آفرين هـﻶ اور ان شعر هائـﻶ مين ايک دو جگہ
کچهه نقص هـﻶ ليکن يـﮧ آپ کان قصور نهين هـﻶ حاجي
عمر وکيل سـﻶ غلطي هوئي هـﻶ. اس باره مين حضور اين
جانب نـﻶ راول لنگهه کو خوب طور پر سمجهايا هـﻶ آپ
سـﻶ بيان کرﻵ گا. پهر آپ اسي موجب شعر هائـﻶ درست
کرينگـﻶ. بعد درستي آپ بذريعه نائب اوتهل حضور اين
جانب کو اطلاع دينگـﻶ. پهر حيئا لنگهه کو اس جگه
اشعار سيکهنـﻶ کـﻶ واسطـﻶ بهيجا جائيگا، پهر آپ
[جب] جيئا سيکهه جائيگا، بهيج ديوينگـﻶ. يه که
حضور اين جانب اس شعر کـﻶ عوض مين انعام آپ کو
دينا چاهتـﻶ هين لهٰذا چاهـﻶ که جس طرح کا که آپ
انعام طلب کرينگـﻶ حضور اين جانب بصد خوشي قبول
کرينگـﻶ. يعني اگر آپ مشاهره ماهواري يا سالانہ يا
انعام زمين جس طرح جو که آپ کو قبول هو تحرير
کراکر معرفت نائب اوتهل اطلاع ديوينگـﻶ. آپ اس مين
کوئي کس طرح کا انديشہ نه کرينگـﻶ بيشک تحرير
کرينگـﻶ. 20 نومبر 1893 مکرر آنکه اگر آپ کو يکدم
انعام چاهيـﻶ تو بهي تحرير کرو.
اهڙيءَ طرح شيخ ابراهيم، ڪبير شاه ۽ منگتو نم جي لس ٻيلي ۾ چوٽيءَ جا شاعر
هئا سي مڙيئي ڄامن جي درٻار جا مرهونِ منت هئا.
ٻيا ننڍا وڏا شاعر ۽ سگهڙ به ڄامن وٽ پنهنجو هنر
پيش ڪري پيا هنن سخين کان دل گهربا داد ۽ دان
وٺندا هئا. ڄامن جي انهيءَ فياضي ۽ سخا انهن شاعرن
۽ سگهڙن کي فارغ البال بنايو، سندن قدرداني۽ عزت
افزائي شاعرن جا حوصلا وڌايا ۽ قلب کوليا ۽ هنن
اهي چيدا ٻول ٻوليا جي سنڌي شعر جي تاريخ ۾ يادگار
رهندا. هتي جي چوٽيءَ جي شاعرن پنهنجي چوڌاري ٻين
شاعرن جو حلقو پيدا ڪيو جنهنڪري شعر شاعريءَ جو
چرچو سڄي ٻيلي ۾ عام جام ٿي ويو.
ڄامن نه رڳو شاعرن جي پرورش ڪئي مگر سندن شعر جي پرورش ڪئي. هنن حاڪمن
پنهنجي طرفان خاص سگهڙ مقرر ڪيا انهيءَ لاءِ ته هو
شاعرن جي شعر کي ياد ڪري وڃي هنڌين ماڳين ڳائين.
ڄام علي خان جي مٿئين خط مان ظاهر آهي ته جيئو
لنگهو خاص ڄام عالي خان طرفان، شاعر نم جي شعرن
ياد ڪرڻ لاءِ مقرر ٿيل هو. انهن درٻاري سگهڙن کان
سواءِ پڻ شعر و شاعري جي عام چرچي ملڪ ۾ ٻيا ڪئين
سگهڙ پيدا ڪيا جن جي ڪري لس ٻيلي جو شعر پشت به
پشت ماڻهن جي سيني ۾ سمائجي ويو ۽ انهيءَ ڪري هن
سرمائي جو اهم حصو محفوظ رهجي ويو. ان جي برعڪس،
سنڌ جي شاعري سگهڙن جي ڪمي سبب اڪثر ضايع ٿي چڪي
آهي.
لس ٻيلي جي شاعريءَ جا سرچشما:
لس ٻيلي جي سگهڙن جا سينا لس ٻيلي جي شاعريءَ جا سرچشما آهن. انهن سگهڙي جي
صدري دفتر مان ئي اسان کي ٻيلي جي شاعريءَ جو باقي
رهيل سرمايو دستياب ٿي سگهي ٿو. هي جو ڪجهه اسان
پيش ڪنداسون سوبه انهن صدري دفترن جو انتخاب آهي.
جيئن اسان مٿي بيان ڪيو. ٻيلي ۾ سگهڙن جو سلسلو
پشت به پشت پئي هليو آهي. آخري درٻاري شاعر مڱڻهار
نم جي آڪهه مان جيئو خود ڄام عالي خان طرفان شاعر
نم جي شعرن ياد ڪرڻ لاءِ مقرر ٿيل هو. راول لنگهو
به ڄام جو خدمتگار هو جنهن وٽ شاعر نم جو شعر
محفوظ رهيو ۽ راول بعد سندس پٽ صالح محمد اهو گن
موروثي طور آيو. حالانڪ جيترو وکر پهرين وٽ هو
اوترو پوين وٽ ڪونه رهيو ته به هر هنر جي ڪانه ڪا
جنس ضرور محفوظ رهجي وئي. اسان شاعر نم جو اڪثر
شعر صالح محمد وٽان ورتو. صالح محمد وارا برفتن جا
قديمي مڱڻهار ۽ ٻيلي جا وڏا سگهڙ ۽ راوي ٿي رهيا
آهن جنهنڪري وٽن گهڻو گن پشتان پشت محفوظ رهيو
آهي.
هن مشهور مڱڻهار گهراڻي کان سواءِ ٻُرن برفتن مان سنياساڻي گهراڻو به جهونن
سگهڙن ۽ راوين جو گهر ٿي رهيو آهي.[6]
هن گهراڻي مان ”سنياسي اول“ توڙي ”صدقي“ وڏا سگهڙ
۽ شاعر هئا. سنياسي ٻيو خصوصًا وڏو سگهڙ هو، جنهن
کي لس ٻيلي جي خواه ٻئي شعر جا دفتر ياد هئا. هي
صدري خزانو وري سندس پٽ ڪريم داد کي وراثت ۾ مليو.
اسان کي ڪريمداد وٽان سندس وڏن خواه ٻيلي جي ٻين
شاعرن جو شعر جو گهڻو حصو هٿ آيو. ڪريمداد نهايت
پختہ مشق راوي ۽ وڏو سمجهو سگهڙ آهي[7].
مارڪي ۾ سڀني سگهڙن کان مٿان سوار هو ۽ هر ڪنهن کي
پئي ٽاڪاڻا ڏنائين.
افسوس جو ڪبيرشاه جي قبيلي مان ڪوبه سگهڙ ڪونه رهيو آهي، ڪبيرشاه جي ڪٽنب
مان رڳو احمد شاه ئي هڪ وڏو سگهڙ پيدا ٿيو جنهن کي
شاعريءَ جي ڏات پڻ ورثي ۾ ملي ۽ مٿس ٻيلي جي اُتم
شاعريءَ جو پڻ خاتمو ٿيو.
ٻيلي جي حمراڻي شيخن جو خاندان سگهڙن جو گهر ۽ مکيه مرڪز ٿي رهيو آهي، شيخ
حمر شاعر جو ورثو سندس پٽ شيخ ابراهيم کي مليو.
شيخ ابراهيم ۽ ڪبيرشاه جو گن شيخ گهراڻي جي سگهڙن
۾ پشت به پشت هلندو پئي آيو آهي. هن وقت شيخ
گهراڻي جو زنده سگهڙ ٻڍڙو شيخ الله ڏنو آهي.[8]
جنهن جي عمر هڪ سؤ ورهيه يا اڃا به مٿي آهي. ان
وٽان اسان کي ابراهيم شاه ۽ ڪبيرشاه جا بيت مليا.
سندس ڀاءُ مٺو به سگهڙ آهي مگر ساڻس اسان جي
ملاقات ڪانه ٿي. ننڍن مان وري شيخ عثمان ۽ شيخ گنج
بخش کي گهڻو گن ياد آهي جن سان اسان جو سڄو ڏينهن
مارڪو رهيو.
شيخن مان نالي وارو راوي ۽ بيت ڏيندڙ شيخ سنگر هو. ڪريمداد چيو ته، ’سنگر
شيخ شاعر ڪونه هو مگر سگهڙ هو. نِڙي خدا تعاليٰ
مٺي ڏني هئس ۽ آواز ڀريل هوس.‘ شيخ گنج بخش چيو
ته، ’شيخ سنگر سگهڙ هو ۽ شيخ ابراهيم ۽ حمر جا بيت
ڏيندو هو. نڙي مٺي ۽ آواز نهايت جهجهو هوس،
جنهنڪري سندس بيت ٻن ڪوهن تائين ٻڌبا هئا.
پهريائين شيخ سنگر شيخن سان گڏ پنهنجي ماڳ
گذاريندو هو مگر پوءِ وڃي وندر وسايائين.‘ صالح
محمد چيو ته،’شيخ سنگر جي زال مون ڏٺي هئي، جنهن
مان ڀانئجي ٿو ته شيخ سنگر سنه 1900ع کان اڳ ڌاري
وفات ڪئي.‘ حاميد خان رند ڳوٺ راڄ ملڪ (گهاري لڳ)
۾ ختنگ ڀٽ ۽ شيخ سنگر جي حڪايت ٻڌائي: چيائين
ته،’ختنگ ڀٽ هتان (ڪراچي جي تر مان) ڪهي آيل ٻيلي
۾ سنگر وٽ ويو ۽ وڃي کانئس پڇيائين ته:
”الله جي الک جو مونکي سنگر ڏي سماءِ.“ الخ[9]
مگر شيخ گهراڻي جو نهايت نالي وارو ۽ مشهور سگهڙ شيخ سائينداد هو جنهن جي
متعلق سنڌ جي راوي ۽ سگهڙ، حاميد خان رند (ويٺل
ڪڪراند، ميرپور ساڪرو) اسان سان ذڪر ڪندي ٻڌايو
ته،’اٽڪل ٽيهه سال اڳ (1916ع ڌاري) مون ٻيلي جي
شيخن مان شيخ سائينداد سان مارڪو ڪيو: مون جهڙس
سگهڙ ڪٿي ڪين ڏٺو.‘ شيخ سائينداد جو فرزند شيخ
ميان غلام حسين حيات آهي.[10]
جنهن سان اسان جون چڱيون رس رهاڻيون ٿيون. شيخ
غلام حسين کي به هن گن جي ورڇ مليل آهي مگر خود
سندس چوڻ موجب ’شيخ سائينداد ڪا ٻي شيءِ هو.‘
شيخ سائينداد جو ٻيلي جي شاعريءَ تي احسان عظيم آهي: هو پهريون ۽ پويون سگهڙ
هو جنهن جي دل ۾ هي خيال پيدا ٿيو ته: هي صدري
خزانا سگهڙن جي سر سان ٻڌل آهن، نه معلوم پوين ۾
اهو اکر پيدا ٿئي نه ٿئي جو وڏن جو اهو گن ياد ڪري
محفوظ ڪن، انهيءَ ڪري بهتر آهي ته پنهنجي سمورو
صدري گن قلمبند ڪجي تان ته ضايع کان بچي وڃي. ممڪن
آهي ته شيخ سائينداد کي هي تلخ تجربو حاصل ٿيو هجي
۽ محسوس ڪيو هجئين ته ٻيلي جي شاعري جو ڪافي خزانو
خود سندس زماني ۾ ئي ضايع ٿي ويو، انهيءَ ڪري هن
پنهنجو صدري هنر سڄو ڪتاب جي حوالي ڪيو. ڌڻيءَ جي
مهرباني جو اکر به ڄاڻندو هو سو جيڪي ڪجهه سيني ۾
هوس پنهنجي ٻڌ سڌ موجب لکي ڪتاب راس ڪيائين ۽
ايتري تي به اڪتفا ڪانه ڪيائين بلڪ هن ڪتاب جا ٽي
نقل تيار ڪيائين: هڪ ڪنهن خاص حضرت کي تحفي طور
ڏنائين، هڪ پنهنجي خاندان ۾ ڇڏيائين ۽ هڪ پنهنجو
ذاتي نسخو پاڻ وٽ محفوظ رکيائين. شيخ ميان غلام
حسين چيو ته،’پهريون نسخو انهيءَ صاحب وٽان ضايع
ٿي ويو، ٻيو پنهنجي خاندان ۾ رکيل نسخو به اڌ
گابرو کاڄي ويو آهي ۽ باقي سقيم حالت ۾ آهي.‘ شيخ
عثمان ۽ شيخ گنج بخش به مون سان هن نسخي جي
موجودگيءَ جو ذڪر ڪيو مگر ان نسخي جي ڪهڙي حالت
آهي اهو ڪونه ٻڌايائون. مگر ميان سائينداد وارو
پنهنجو ذاتي نسخو کانئس پوءِ سندس پٽ ميان غلام
حسين وٽ رهيو؛ اهو ڪتاب به جهونو هو، جنهن جي مرمت
خود شيخ سائينداد پنهنجي هٿن سان ڪئي هئي. کانئس
پوءِ هن ڪتاب جا اوائلي توڙي آخري ورق ڀرندا رهيا،
جي ميان غلام حسين اُتاري نوان پئي ڪيا ۽ ڪتاب جي
اصلي صورت باقي رهي. سواءِ پهرين ۽ آخرين ستن اٺن
ورقن جي، جيڪي ميان غلام حسين لکي نوان ڪيا آهن،
ٻيو سڄو ڪتاب خود شيخ سائينداد جي پنهنجي هٿ جو
لکيل آهي؛ ازنسواءِ ڪتاب سڄو شيخ سائينداد جهڙي
سالڪ سمجهو سگهڙ جي روايت آهي، انهيءَ ڪري ازروءِ
صحت به نهايت قيمتي آهي. هن ڪتاب ۾ تقريباً ٽي سؤ
ست ورق متوسط سائيز جا آهن ۽ سڄو ڪتاب ساڳئي خط ۾
(سواءِ چند پهرين ۽ پورين ورقن جي) ٿلهي قلم ۽
ڪاري مس سان عربي صورتخطي ۾ لکيل آهي. سنڌي جا خاص
حرف شيخ سائينداد پنهنجي طريقي تي لکيا آهن، مثلاً
’ڻ‘ کي هميشـﮧ ’ن‘ تي ’ن‘ ڏيئي لکيو اٿس. ڍ، ڀ، ڦ
وغيره جي بدلي اڪثر د، ب، ف وغيره استعمال ڪندو
ويو آهي. هي ڪتاب هرڻيءَ جي منظوم معجزي سان شروع
ٿئي ٿو ۽ چند معجزن ۽ مداحن بعد ”قصو بهرام گور ۽
بانو پري“ جو تصنيف شيخ ابراهيم ولد شيخ حمر شروع
ٿئي ٿو، جو سڄي ڪتاب ۾ وڏي ۾ وڏو قصو آهي ۽ ستر
صفحن تي مشتمل آهي. ان بعد وري شيخ ابراهيم جو
جوڙيل قصو ”مومل راڻي“ جو شروع ٿئي ٿو، جو 39 ورقن
۾ آهي. ان بعد شيخ ابراهيم جو جوڙيل منظوم ”قصو
حضرت علي ۽ ميلڪ جو“ (ميلڪ ڪافر جنهن عام روايت
موجب امام وٺي نيا هئا) شروع ٿئي ٿو، جو 16 ورقن ۾
آهي. ان بعد شيخ ابراهيم جو جوڙيل منطوم ”قصو جم
جما سلطان جو“ ساڍن پنجن ورقن ۾ لکيل آهي ۽ ان جي
پويان شيخ ابراهيم جو جوڙيل ”قصو ابوشام(؟)“ ساڍن
اٺن ورقن ۾ ۽ ٻيو شيخ ابراهيم جو جوڙيل ”قصو محمد
حنيفي جو“ ساڍن ارڙهن ورقن ۾ قلمبند ڪيل آهي. انهن
جي پويان نَون ورقن ۾ ”حڪايت امام حسين جي شهادت“
۽ وري ساڍن چئن ورقن ۾ ”حڪايت امام حسين جي شهادت“
۽ وري ساڍن چئن ورقن ۾ ”امام جي شهادت چيل اشرف
شاهه“ جون نوٽ ٿيل آهن. ان بعد وري شيخ ابراهيم
جون چار مداحون چوڏهن ورقتن ۾ ۽ سندس هڪ منظوم
روايت چئن ورقن ۾ ۽ وري سندس ٽي مداحون يارهن ورقن
۾ قلمبند ٿيل آهن. انهن کان پوءِ غلام محمد کٽيءَ
جا ٻه قصا- پهريون ”قصو حضرت علي ۽ نانگ جو“ (جو
”قصو حضرت علي ۽ شاهه شمس جو“ يا قصو شاهه شمس جو“
جي نالي سان مشهور آهي) ساڍن ارڙهن ورقن ۾ ۽ ٻيو
”قصو غل (گل) راڻيءَ جو چيل غلام محمد کٽيءَ جو“
اٺن ورقن ۾ لکيل آهي؛ ان بعد ”حڪايت جابر انصاري
جي چيل خير شاهه سيد جي“ ساڍن چئن ورقن ۾ قلمبند
ٿيل آهي ۽ ان بعد ”حجةَّ الاسلام ڪتاب فقرنامه“
منظوم ڪيل عبدالحڪيم جو، ستن ورقن ۾ لکيل آهي.
ڪتاب جا باقي آخري وارا اٽڪل اٺهتر ورق، تن ۾ شيخ
گهراڻي جي شاعرن، سندن هڪ ٻن ٻالڪن ۽ ڪبير شاهه جا
بيت قلمبند ٿيل آهن. باقي چند ورقن ۾ ڏٺ پروليون،
هندي دوهرا ۽ سنڌي سگهڙن جا دلچسپ گفتا ڏنل آهن.
|