-
ناري واري جنگ يعني توب واري لڙائي
سنه 1876/1877ع ڌاري جو واقعو آهي جڏهن ڄام مير خان ۽ سندس پٽ ڄام عالي خان
ٻئي ٻيلي کان ٻاهر نظربند هئا ۽ ٻيلي تي قلات جي
خان طرفان ناظم ۽ حاڪم پئي مقرر ٿيا. جڏهن مٺو
شاهوڪ جو سونمياڻيءَ جو پروانو وٺي آيو هو مارجي
ويو ته خان پنهنجو خان آفيسر (شاه غاصي ولي محمد)
چاڙهي موڪليو، جنهن اچي ٻيلي تي قبضو ڪيو. شاه
غاصي ٻيلي جي بيٺل ماڻهن خلاف ڪاروايون ڪيون ۽
پڇائين ته ڄام ميرخان جو خزانو ڪٿي آهي؟ کيس جواب
ڏنائون ته: ڄام جو خزانو راڄ آهن، باقي داروغا ۽
ڪنجيدار هئا جي ٻيلو ڇڏي ڀڄي ويا آهن. وڏو داروغو
بلاول نالي هو، جو وڃي لاکڙي ۾ سيد محسن شاه
سيلماناڻي وٽ ويٺو. اتي شاه غاصي پنهنجي فوج جي
ڪماني ’جادو‘ کي چاڙهيو ته وڃي زور سان بلال کي هٿ
ڪري. رونجها شاه غاصي جي طرف هئا باقي ٻيا ٻيلي جا
ماڻهو، سردار ۽ وڏيرا سڀ ڄام ميرخان سان وفادار
هئا تن مڙس ٿي مقابلا ڪيا. راڄ اُٿي پيا ۽ ڪي سؤ
ماڻهو جادي سان وڙهندي مارجي ويا، پر جادو پُڙي نه
سگهيو ۽ موٽي وڃي ٻيلي ۾ ويٺو. اتان پوءِ حملا ڪرڻ
لڳو: ڪڏهن هڪ شهر تي ته ڪڏهن ٻئي شهر تي. بالاخر
لس ٻيلي جي قومي سردارن صلاح ڪري خود ٻيلي ۾ شاه
غاصي جي ڪيمپ تي چڙهائي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. پوءِ
راڄن جو لشڪر شهر ٻيلي ۾ ڍوري جي اورئين طرف کانٽن
۾ وڃي اڙ ڪري ويٺو. شاه غاصي جو لشڪر ”خان جي
مسجد“ (جامع نه ٻي) وٽ هو. کيس جاسوسن خبر ڏني ۽
قائم رونجهو ملٽري پويان ڦيرائي آيو ۽ اچي تاثيرا
ڏنائون؛ ڪيئي سؤ ماڻهو ماريا ۽ توب سان گولا وسائي
راڄن جي لشڪر کي نقصان پهچائي ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيائون.
اها حالت ڏسي، راڄ جي لشڪر مان ڪي بهادر مڙس پاڻ ۾
گڏيا ۽ مرڻ جو پهه ڪري هِرا وجهي پوئتي وريا:
چيائون ته ڀل جان وڃي پر همت سان جُلهه ڪري هلي
نار (توب) تي پئون ۽ شاه غاصي کي ختم ڪريون.
شاعر مينهن لنگهي جي بتن موجب هي ڪل تيرهن مڙس هئا. شاعر نم جنهن شاه غاصي
جي ٻيلي ۾ اچڻ ۽ ڪارواين ڪرڻ کان وٺي ويندي ’نار
واري لڙائي‘ تائين سڄو قصو پنهنجن بيتن ۾ بيان ڪيو
آهي تنهن جي بيت ۾ هيٺين پندرهن مڙسن جو ذڪر اچي
ٿو جن توب تي حملو ڪيو: (1) جان محمد مڱيلڌاڻي
صابو- پوٽو ٻَرو (2) الله ڏنو اوڀاياڻي نِدي- پوٽو
ٻُرو (3) ميان وسايو الي- پوٽو ٻُرو (4) اسماعيل
ڪنگوراڻي ٻُرو (5) جعفر سحاقاڻي جمار- پوٽو ٻُرو
(6) براد الله- رکياڻي بنڀڻ- پوٽو ٻُرو (7) صابو
زهراڻي ٻُرو (8) ڪريڙ سحاق- پوٽو (9) جمن اوڀاياڻي
سوني- پوٽو (10) مڱيو سهتڪاڻي (11) ايوب گبراڻي،
جماڻي (12) بجار موندرو (؟) (13) رحيمنو لونگاڻي
ميراثي (14) دادو موندرو ۽ (15) محمد ٻاپڙو.
شاعر نم جي بيت موجب انهن مڙسن مان اسماعيل ڪنگوراڻي ۽ مڱيو سهتڪاڻي ٻئي وڃي
توب تائين پهتا ۽ گولي- انداز سانول خان مئنگل تي
وڃي تراريون سڌيون ڪيائون. وڏيري علي مراد ٻُري
چيو ته: ’سانول خان خود منهنجي والد سان ڳالهه ڪئي
ته اسماعيل ڪنگوراڻي توب تان اپڙي اچي مون تي تراڙ
سڌي ڪئي ۽ هڪک ڪيائين ته ”جهل ڌڪ اسماعيل ڪنگوراڻي
جو.“ پر مون يڪدم پوئتي هٽي کيس قرابين هنيو جنهن
تي سندس ترار توب کي لڳي ۽ مڙس وڃي ڪريو.“ چون ٿا
ته دادو موندرو لونگاڻي به توب تائين پهتو ۽ وڃي
ترار هنيائين، جنهن جي چوٽي سانول خان کي زخميو ۽
ٻي وڃي توب کي لڳي. ميان عبدالله خان خبر ڪئي ته:
مون خود سانول خان کي اهو ڌڪ جو نشان ڏٺو هو. باقي
ٻيا مڙس توب اُڏائي ڇڏيا. اِها توب اڃان تائين
ٻيلي ۾ موجود آهي جنهن تي ترارين جي ڌڪن جا نشان
بيٺا آهن.
هن حملي ۾ گهڻا مڙس ٻُرا هئا. حملي کان پوءِ قمبر نالي برفت جو شاه غاصي جو
بورچي هو تنهن کيس چيو ته: هي ماڻهو جن وندر مان
هلي اچي هت ٻيلي ۾ حملو ڪيو آهي، تن جا وارث ۽
واهرو ڄاڻ وريا، تنهنڪري هاڻي هي جاءِ ڇڏ. انهيءَ
تي شاه غاصي توب ۽ ٽامڙيون (ديڳون) چڙهيون ڇڏي،
جائُو جو لڪ لنگهي قلات ڏانهن روانو ٿي ويو.
هيٺ هن ’نار واري جنگ‘ بابت اول شاعر نم جا بيت ۽ پوءِ مينهن لنگهي ۽ ٻين ڪن
جا بيت ڏجن ٿا، جي هن واقعي جا شاهد آهن:
[الف] شاعر نم جا چيل بيت
ساراهيان سو ڌڻي هوندو جو آهي
ماڻهو دَريس موڪليو کرا خط لکائي
سو تان شـﮧ- غاصي کي نيو پروانا پهچائي
تنهن معلوم خبر مرد ڪئي هئي خط وانچائي
تنهن شـﮧ- غاصي چاڙهيو ڪاوڙ مان ڪاهي
اچي شهر اُٿل ۾ ٻيٺو ديرا ڌمڪاڻي
ڪنڀار، موچي، واڻيا ٿو لوهر لرزائي
صوڀو، مڱيو، ايوب، دُرو ٿو سُمبَڪ کي سڏائي
[1]
ته آڻيو علي خان کي ڪنراچ مان ڪوٺائي
[2]
ڀانيائون بيان ۾ ته هي ڀي عالياڻي آهي
[3]
تنهن ڪاوڙجي ڪست مان وڌا قيد ڪرائي
سي ماڻهو ڏيئي موڪليا ’ٻيلي‘ تي ٻولائي
سنگت ٻڌي ساڻن هليو پيرل پت رهائي
[4]
تنهن ڪري عرض الله کي آندا مرد موٽائي.
تِهُرَ شـﮧ- غاصي چڙهيو لشڪر لانچائي
اچي اُٿل ڪوٽ ۾ بيٺو ديرا ڌَمڪائي
ميمڻ موچي ڪنڀار ڪوري ٿو لوهر لرزائي
مودي جي ميرخان جا ڪوٺيو ڪُٽائي
ته مايا ڌيو ميرخان جي جا آن لاٿي لڪائي
تنهن پهريندي پشتاب پاڻو ڪيو، ٻُهار تي ٻولائي
[5]
تنهن آڌي رات اُٿياريا پنهنجا هسوار هلائي
سي پرهه ڦٽي پشتاب کي ويا وهاڻيء ورائي
ات عَلُو وسرياڻي آئيو ٻُرو ٻهڪائي
[6]
چئي پَهُون اَيُون نه ڏيان پنهنجون جيئري جس وڃائي
مارٖي هن ميدان تان پوءِ وڃو پهرائي.
رونجهين‘ ۽ ’صابرين‘ کي ٿو چوان حرف چتائي
[7]
سي ٻيلي هئا ’ٻُرين‘ جا پر ٿو لڄ کي لب وڃائي
موٽي پوءِ مياڻِي آيا تت ويٺا طنبو کوڙائي
تڏهن علي خان چڙهيو ڪنراچ مان ڪاهي
تنهن ساٿ هڻي سوگهو ڪيو گودوءَ جو گهرائي
[8]
تنهن کي ڪري ميڙون منٿون ڏنو راڄين ورائي
شِڪرو شـﮧ- غاصي سين ٿو بات ايها بتائي
ڳالهيون ڪيائون، قسم کنيائون، اٿيا سُک سنڀائي
موسو ڪريو مايا جو ٿو هاڻ بلال بند ڪرائي
[9]
ته مايا جا ميرخان جي سا آن لاٿي سڀ لڪائي
تنهن سوار صبح جو موڪليا آهن ٻارهن ٻولائي
زالون مال پاڻ سين آڻجو اُڀائي
جيئن ڳيرو نبي ڇڏيو هو ڪنان بانز بچائي
تيئن سَرڻيو جهلڻ سيدن جو اصل ڪم آهي
محسن شاه کي مڻ مٿي ۾ ٿي جوت چڱي جرڪائي
سليماناڻي سيد سخي ٿو شير شجاع سرسائي
[10]
پوٽو رکيل شاه جو ويٺو واسينگ پوش ورائي
پيرين سيدين پاڻ ۾ ڪيا ٻو اَڇا ٻولائي
ته لڄ جا داروغن جي سا سر سنئين آهي
گونگا، سيد گڏ ٿيا پَهُه اِيهو پهرائي
تن سُوڙهي سپاهين کان وٺتو مال ورائي
[11]
هن ڀي سوڌو شـﮧ- غاصي سامهون ڇڏيو قاصد ڪڏائي[12]
”جادو“ ڪماني سين چڙهيا شير چتائي.
خاشا ٻيلي خان جا آيا ”دنگن“ منجهه دهڪائي[13]
تن ايندي ماڻهو موڪليو پير اُتي پُهائي
سيد محسن شاه مان سُرهو ٿو ڳالهيون ڳالهائي
دعائون دفائون ڪريو جان ڪي حيلا هلائي
تان هي ڪوڙا مڃين ڪينڪي ڇڏيائو مصلحت موٽائي[14]
تِهَر ڪماني چِڙيو ٿو هڪل هلائي
”بِزَن“ ”بِزَن“ ڪيو بهادرين ٿو ٻيلين کي ٻولائي
تن گهوڙا گهوٽين ڇڏيا ڪاوِڙ مان ڪڏائي
هيڏان گهُراماڻي، لائق لَڌاڻي، اٿيا جهنڊا جوان
جهُلائي[15]
سي پانڊؤ بيٺا پڙ تي سورهيه سر سنڀائي
اول صوڀاڻ آئيو وڏي وک وڌائي
[16]
پُڄو گهوڙن پُڇَ ۾ ٿو لائق کنان لائي
[17]
دوستناڻي ٿيو جنگ ساڻي نِمو ننگ رَهائي
آڙٻنگ آيو آڳ تي دُکيو مچ دکائي
ڪارو بِراهي ڪوڏ مان مرڪيو پاڻ مرائي
تنهن کي براهي ات بندوق هنئي ريفل ات رَمائي
ٻيا ڀي رجبوت راڻا، ڪري ماڻا، آيا ڀِيمَ ڀلائي
تن سٽي سرواهين سين ڪڍيا گهيرن مان گهڙڪائي[18]
پوءِ سيد يارمحمد چڙهيو ڪُميت ڪڏائي
[19]
قمبر، الله بخش کي ٿو ڳالهه ٻيهو ٻڌائي
گونگا، اڱاريا گڏ ڪريو ٿو شاهوڪ سڏائي
پير سيد پاڻ سين اچو شيخن کي سڏائي
ٻُرا دودا دست ۾ ڪيئون گڏ گهرائي
سي مانڊڙين مان ميڙ ڪريو چڙهيا جوان جُنبائي
سانجهيءَ مهل سهڙيا وڃي ”گِدڙي“ تي گُس لائي[20]
ميان داد نٿالو آندا قنبر ات ڪوٺائي
[21]
ته: مصلحت اچو مردان ڪريون راند کني جي لائي
’مسور‘ چيو ’مانڊڙن‘ کي ڳالهه اِيها ڳالهائي:
ته رات اوهان جي ڏينهن ان جو، ويندا وهاڻي ورائي.
اتُ ڪوڙو ڪماني کي ٿو وڃي سڌ سُڻائي
ته لاسي آيا لشڪر کڻي تنهن جي آڳهه توکي آهي
شيخ شـﮧ- غاصي تي موڪليو ماڻهو موٽائي
پاڻ ڀي چڙهيو هليو آڌي اهرائي
اتي اِلاّڻِي کي اوچتا ويا ويري ورائي
[22]
”خميساڻي“ کهَٽ ۾ هَنيا چار ڌڪ چِتائي
[23]
سو گُل گونگي جي ذات کي مرڪيو موڙ ٻڌائي
تنهن جي راڻي ساريو، انجهون هاريو، ويٺي پار پڇائي
اوڀاياڻي اڙٻنگ آيو ات الهه بخش اٺائي
ٻهڳڻ تنهن ٻُري کي ڇڏيو ريفل ات رمائي
پوءِ ”اَعِلي“ ڪري اٿيا اهي مانڊڙا پاڻ ملهائي
تن بندوقون بَڇيون آهن لاريون لڪائي
شيخ شهباز بچايو آسپ نيو اُٺائي
هو هڻندا وڃن ڀڄندا هوري وک وڌائي
[24]
جادو ڪماني کي هليا هسوار هٽائي
پڙ پٺاڻن ڇڏيو ڀڳا واڳ ورائي.
تڏهن شـﮧ- غاصي موڪلي پنهنجي پلٽڻ پُهائي
سي پرهه جو پيدا ٿيا ٻيٽا ٿم ٻڌي ٿهرائي
هي ڀي سڀيئي آيا سنبهي جوان ستونا لاهي
چئي آهيان عارب مانڊڙو ٿو سيف هڻيو سمجهائي
نِيچِي اونچِي ناڀُون کوڙيو بانڪو بازيون پائي
شِڪم پشت شڪيلا شڪرو ٿو رڻ ۾ راه ورهائي
اُبت سُبَت احدي پڇاڙيو دنگ هڻيو ڌڪ لائي
حاضر آءٌ اُت نه هو تنهن جو نيسرَ مونکي ناهي
[25]
تنهن مَٽ پنهنجا ماريا پڙ ۾ پنج رهائي
الهه رکياڻي اُت اُبيٺو سڄڻ سينو ساهي
وِسرِيِاڻي وڳي وڙهيو تت تراريون لائي
ماريو ڄاموٽ مَڙهي تي پنهنجي مهندو پاڻ ملائي[26]
پوءِ شڪرا آيا شيخ سين گونگا جوان گجائي
يارمحمد شير شجاعت نيڪ نڌاني آهي
حمر- پوٽو حملي ويلي ڪُڙهو ڪين ڪَٿائي
شيخ شهادت رسيو جانو جَسُ ڪمائي
سحاق ٻڍاڻي سوڀ تي ماريو، گونگو ڪين گهٽائي
مير موساڻي راوت رانيو، ٿو ڪيهر ڪُرُ ملهائي
لڏي پوٽو لڄ جي گس تان ڪونه گسائي
[27]
جوان جماڻي جهُڙ مچايو آيو آڙه لائي
مَرڪي ميهنُ ماريو گڊو گن رهائي
عمراڻي، ڪري ڪاڍاڻي، ٿو سميجو سرسائي
محمود ماريو، سڀني ساريو، پانجين زور پچائي
[28]
سو اَحدي آڱاريين کي ٿو مَرڪيو موڙ ٻڌائي
پاڻي پورالي جو هاڻي آراسيو آهي
[29]
جي هُئي ڌُم درياءَ جي، لهريون وين لُڙائي.
پوءِ وري وڏيرا آئيا هليا ڇپر تي ڇڻڪائي
تِهر علي خان اُٿيو ڪنراچ مان ڪاهي
اچي اُٿل شهر ۾ ويٺو ديرا ڌَمڪائي
راڄ سڀيئي پاڻ ڳري ٿو ڪؤنريجو ڪوٺائي:
ته لڄ سڄئي لس جي مونکي مٿي تي آهي
ڪري مصلحت ملوڪين سان چڙهيو شير چتائي
چئي: ڍائي هاڻ ”ڍنڍو“ اسان اوهان جي آهي
[30]
وڃي ابراهيم رونجهي سين ويٺو مارڪو ملائي
وري پوءِ ”واهِي“ تي ويٺا وِير وَڌائي
[31]
مڱيو ٻُرو علي خان موڪليو ٻيلي تي ٻولائي
تنهن ”پارپياڻي“ پاڻ سين ڪين چڱا مڙس چتائي
سو تان شـﮧ- غاصي سين ٿو ڳالهه اي ڳالهائي:
ته نوابي جا لس جي سا اصل اسان جي آهي
هاڻي هٿ اسان جي هٿ ۾ وجهه تون ورائي
ڳالهيون ڪيائون، قسم کنائيون، اُٿيا سُک سَمڀائي
پر ڪپت قلاتين ۾ اصل کون آهي
قسم کڻي پاڻ ۾ وجهن مائٽ مارائي
سي ڪيئن جَد گالين سين ايندا پاري پڄائي
تڏ علي خان تي ماڻهو مُڪو شـﮧ- غاصي سمجهائي
ته ڏهه ڏهه سوار شهر ۾ ٿا اسين ورهايون ورائي.
اها علي خان کي نه آئڙي ڇڏيائين مصلحت موٽائي.
تڏهن وليدادڻي وِير کي سامهون هليو ٻُرو ٻهڪائي
تنهن سين ميراڻاڻي مرڪي لانچيو ’ڪنڊو‘ ڪُر ملهائي[32]
ٻيو بنڀڻ- پوٽو بَراد هليو سورهيه سِر سَنڀائي
نوروءَ ڄائو، ننگ تي آئو، عثمان اُڌوڻائي
[33]
مَردٖين ويهي مصلحت جوڙي پَهُه اِهو پهرائي:
ته وَجهُه لهي ويرين جا اسين ڪرها اچون ڪاهي.
الله توهار اُٿي هليا چارئي چؤڪس لائي
سُوڙهي شـﮧ- غاصي جا آندا ڪڙهين اُٺ ڪڍائي
تڏهن شـﮧ- غاصي سان ڪار ڪِي مهندا مٺي ڀائي
[34]
رونجها شـﮧ- غاصي سان ٻيٽا ٻول ٻڌائي
ته لشڪر کڻي لانچي هلون آڻيون اُٺ گهرائي
ته علي خان اُن ۾ ڀائران ناميو راضي نه آهي
الهر کياڻي اُت ڳالهِيو ڏمرجي ڏاڍائي
[35]
براد چئي بلڪل نه ڏيان منهن سين موٽائي
تانسبن اُٺ شـﮧ- غاصي کي ڏنا وڏيرن ورائي.
علي خان آڻائيا پنهنجا ڀائر ڀيرائي
تن پاڻو پورالي تي ڪيو آهي پرهه جو پائي
[36]
هيڪڙو ڪان بندوق مان ڪڍيائون ڪڙڪائي.
پوءِ گُرڙوَرِ ينگڙ گاج ڪري آيو علي خان اُٺائي
[37]
ست بندوقون سورهيه جهليون غرض نه غازي ڀائي
مُنهُن گهُنڊِي چپ وات ڪريو ٿو ڏوکين شير ڏسائي
ميهو سانهه ميدان ۾ بيٺو سينو ساهي
بکرخان بندوق کي ٿو بانڪو شير بڇائي
[38]
تنهن راوت کي رڻ ۾ وڌو گليلين گهائي
ڪنڊو پٽ ميراڻ جو عشق تنهين کي آهي
جنهن کي بکرخان ڀاڪرين ڪري آندو اُٺائي
ٻيلي ٻيلي کي ڪڍي جو اونهي مان اوڀائي
وک تراڙ کؤن اڳري تنهن جي گهڻو آهي
حسڻ پوٽو حملي ويلي ڪُڙهو ڪين ڪٿائي
اڳ جيئن طُوطا تيغون کَتيون ويرين منجهه وهائي
تيئن قلعي وير قادرني ڪيو مُزرو مرد ملهائي
ڀيڙيو زَدُ بندوق جو ٿو بکراڻي بڇائي
[39]
تنهن گهوڙو ۽ سوار گُڏٖي وڌا مرد مشاهدو لائي
تراڙ ڪڍيو تتهين ٿو ٻيلين سين ٻولائي:
آئين اچو اڳتي ڪريون جلهه هاڻ جنبائي
تان پيراڻاڻي پنتگ آيو مڇ اتي مرڪائي
آيا پوءِ ڄاموٽ ڄاڻ تي جابلو جنگ لائي
ڀائر علي خان جا، بيٺا غازي گُرملائي
[40]
گونگو ات گرڙا ڪريو ٻيليين کي ٻڌائي:
هٿيار کڻو پاڻ سين نيو مانکي اڀائي
تنهن جا ڀائر ڀڄي هليا ويا پڙ کؤن ورائي
آيو اشرف اُسري سورهيه سر سنڀائي
[41]
سو لعل خان لڄ ڀريو مرڪيو پاڻ مارائي
تڏهن ٻُرا، دودا، موندرا اُٿيا همٿ هڪ هلائي:
سر ڏينداسين سوڀ تي اڄ ڏينهن ڏاڏي جو آهي
پسيو دور درياءُ جو مُنهنُ نه ڪو موڙائي
تن مان تيرهين ڄڻين تانگهه رکي توڪل تن رکائي
هيڪ ٻئي کان هڻڻان ڪا گهٽ ڪنهن ۾ ناهي
سي نِهرا پيا آهن نار تي گل انداز گُڏائي[42]
تِهَر شـﮧ غاصي چڙهيو ڪؤنر قلعي مان ڪاهي
تنهن ناريون گُمبارا ناز سين کنيا ٽڪورا ٽڪائي
هيڪڙي ڪڙڪڙ قرابِينِ جي ٻي آيا سنگينون سنباهي[43]
پستول، تپاچا، ريفلون آيا دُڪاروُن دکائي
[44]
برسي باهه بندوق جي ڪيو توفين تاءُ تپائي
تان بي لاسين لرزو ئي نه ڪيو جي آيا اُتر وائي.
اول ٻُرا آئيا سي تون سگهڙ ڳاءِ ساراهي
جان محمد، الله ڏنو آيا ٻولي ٻڌائي
جوان گهڙيا جنگ باب ۾ ڏنگا ڏاوڻ پائي
مڱيلڌاڻي مرڪي لانچيو جانو جوان جُمبائي
[45]
ماءُ تنهن کي منع ڪئي پاند ڳچيء پائي
ته جانب! مَ وڃ جنگ تي ويهه تون ڳالهه وسائي
پر پيءُ اچي پنهنجي پٽ کي سورهيه جان سمجهائي
چئي: اَبا امان الله کي پرتان جو اوهان جو آهي
اڳ جيئن بند- موک ڀيڻي بر ۾ ڪي هئي نشاني نروائي
هي به صابو- پوٽو سُوڙَو ٿو ڪُر ڪَٽُ نه لائي
پُٺ نا آڇي پُنرو آرڻ وقت آئي
[46]
ڪنهن جي چاڻڪ ڪين سهي گهوٽ گهُنڊي ٿو لائي
تنهن مامي بدران مير اُٿانيو مرڪيو پاڻ مارائي
اُت سهرا سيجون سڀ سرها ڪيا ديسان ديسُ دُکائي
جيئن چيائين تيئن هنيائين، تنهن ۾ تر تفاوت ناهي
اڳ اوڀايو هو ماريو عيساڻي جيئن اَڇائي
سو بانڪو ڀائرين وچ ۾ ٻهڳڻ ايئن ٻولائي
ته اهڃاڻيو آڙن ۾ جوانا تان نه جُڳائي
[47]
پوءِ سائينِي سُرهي ڪي عيساڻي آڇائي
[48]
ڪُڙَهي کانٽي ڪَپ ۾ ڇڏي کٿوري کولائي
تنهن جو برين بويون پييون سُڌ سڀني آهي
ته سَڌان اچي سائيننو ماريو پاڻ ملهائي
ايئن اوڀاياڻي آئيو الانو اُٺائي
پيء ڪاڪـــٖـي جي پير تي بيٺو ڀڙ ڀَڙائي
نندي- پوٽو نامدار ٿو نهرو ننگ وڌائي
مسڙيءَ ڪارو، مُنهن موچارو، گهوٽ آساتو آهي
[49]
عطر ۽ عنبير جا ٻيڙا ٻُرو ٿو ٻهڪائي
خوشبوءِ کٿوري جو لونگي لوپڻ لائي
مُومل ماڻي مينڌري، عشق تنهن کي آهي
هاڻي الي- پوٽا اڳيئي کڻن جهنڊا جوان جهلائي
اڳ جيئن قلندر قلعو مَنڊيو ”گهَٽ“ ۾ گهورون پائي
تيئن ميان وساياڻي مرڪي ماريو ’سڄڻ‘ ست ڪمائي
اَحدي اڙٻنگ اصلي اَجهو ڀائرين آهي
[50]
ڪڏهن پڄندو ڪينڪي پِڙ کان پُٺ ورائي
هڪ مِٺِي وائي وات ۾ ٻيو ٿو صورت ۾ سرسائي
مور مڙهي تي ماريو کٽ تان گهوٽ کِڙائي
[51]
سو گهوڙي چاڙهي، پانجي پاڙٖي، آندو گهوٽ گهمائي
حورين هندوين لوڏيو روپ چڱا رنگ لائي
اڳ جئن سينهن سنگهر ۾ وڙهيو هو بِراهم ڀيم ڀَلائي
تيئن اسماعيل آئيو اڳتي ڪنگوراڻي ڪاهي
سو سيج پَسي سرهو ٿيو متارو مُک راهــــٖـي
[52]
ميهو سانهه ميدان ۾ بيٺو سينو ساهي
ڪڍيو مصري مَڙهه مان ٿو ويرين منجهه وَهائي
[53]
ساريو سانول خان کي سُوڌيون سيفون لائي
سو شير شهادت رسيو هَٿِ حورين جي آهي
جو اهڙين پيرين آئيو تنهن تان چوان حرف چِتائي
سحاقاڻي سوڀ تيِ هليو جعفر جوان جنبائي
تنهن جهُڙ ڪُٽَ جهيڙو جوپ جهجهو ڪيو
هڻيو هٿ ڪمائي
ڪؤنر ڪسونبي ڪُڙَهو لال وڌو ليٽائي
جَمار- پوٽو جهنورَي ٿو جنگ ۾ جَسُ رهائي
مانيون مهمانن کي خوب خوشان کارائي
تڏو کڻڻ تڪڙو تنهن جي عادت اي آهي
[54]
سي تاءَ- مَلَ تراڙ جا کٽن سوڀ سڻائي
[55]
يارين ساريو يار کي پاڙي زور پڇائي
الهه رکياڻي اڙٻنگ آيو بَراد ڀيم ڀَلائي
ڀنڀڻ- پوٽو ڀائرين وچ ۾ بيٺو پڳهه پائي
هاٿي مَلُ هڪل ڪريو ٻيلين کي ٻڌائي
مرڪي هڻجو مصري ڀائران، ڏيـﮧ ڏاڏاڻو آهي
تڏهن زُرو زَهراڻي زور کي سامهون ’صابو‘ ست ڪمائي[56]
سحاق پوٽو سچ ساماڻو ڪَريِڙ ڪوڏ ملهائي
تن جي آبي ڏاڏي آڏ وڏائي اي ڪم اصل آهي
اوڀاياڻي اڙٻنگ آيو جمن جهڙ مچائي
سؤڃي- پوٽو سورهيه وڙهيو مُنهُن نه ڪِي موڙائي
مڱيو ڀائرين مهند ۾ هليو سَهتُڪاڻي سرسائي
دودو دٖيرٖين وچ ۾ ٻهڳڻ ٿو ٻولائي
[57]
پيو پهس پتنگ گهاءِ وڃي توف کي تانگهائي
سورهه سانول خان کي سيفون تو سڌائي
گهوٽ آساتو ماريو مڱيو ميندي لائي
سَهتُڪاڻِي سوڀ پسي شل سکي ٿين سڻائي
اُٺ پهرائي ڳوڌا ڳانتم بيت ۾ خوب بنائي
جوان جماڻي جهڙ مچايو آيو آڙهه لائي
اوسُ پَسي سو اُسريو گبراڻي گجائي
اَحدي تنهن ايوب کي ڇڏيو سِيهي اُت سِجهائي
اڳ جيئن بجار ڀائرين مهند ۾ بيٺو ڀؤڻ لائي
سو وٖيرين واگهه ورائيو چومُک چتائي
ٿو پاڪ لڳي، اڱڙين ڀڳي، ڳاٽ کنيو ڳالهائي
مُڙي ميراثي ڪينڪي هڻيو هٿ ڪمائي
لائق لونگاڻي تي وڙهيو رحمَنو رنڊائي
ڦريو فوجين وچ ۾ هڻيو هٿ ڪمائي
تنهن رحيمني کي رڪ جي ڏني چرم اُت چهٽائي
ته هي تون هٿيڪي ڪج مونجي الله- توهار آهي
سو لونگاڻي لانچي هليو ڪؤنر ڪلهي منجهه پائي
پوءِ گاه گُرڙ جيئن گهيرو ڪيو ٿي دادوءَ ننگ ڌڳائي[58]
جنگ ۾ جاڙيجن جا ٿو بَهُدر بيت ٻڌائي
تنهن محمد مرد ملهايو ٻاپڙو ٻولائي
اهي اُٿيا آڙٻنگ آڌنا ٿا وڙهن وک وَڌائي
[59]
اهڙي لهر لشڪر لاسين جـٖـي ڀڄايو شـﮧ- غاصي آهي
سو کولي خبرون خان خداداد کي ٻيهيو ٻڌائي.
هاڻي موليٰ ميرخان آڻي والي رب ورائي
سوڀ کٽي سو گهر آيو سنگت ساڻ سٽائي
نغارا ۽ نوبتون ٿو ٻيلي منجهه ٻُرائي
اهو سورهيه سدائين سوڀ سين جيڏي هاڪ هلائي
چمن صفائي چوڌار ٿو مهتيون مرد منڊائي
مهمان خانا، سڀئي سمانا، ٿو کاڄ خوشان کارائي
گولا ٻانها، او نه آمانا، ٿو تازيين تنگ ڇڪائي
علم عقل ايمان جي تنهن ڏي واحد وٽ وڌائي
پاڇا تنهن کي پٽ ڏئين تون والي بخت ورائي
آءٌ پڻ مڱڻهار ميراثي آيو چڱو بيت بنائي
تنهن کي دانا دُهرو دان ڏئين سچو سينو سنڀائي
مڃان محمّد مصطفيٰ جو آڳهه اُمت آهي
جني مڃيو محمّد کي تني لڪ لنگهائي
”نم“ شاعر قصو جوڙيو چڱو بيت بنائي
آءٌ پاڻ عاصي آهيان شل مون تان مهر مَ لاهي
ڪلمون پاڪ جڳائي، موچاري محمّد تي-
لا اِلـٰـﮧ اِلا لله محمّد رسول الله.
|