سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ٻيلاين جا ٻول

صفحو :22

سسئي جو سڱ

 

1- نڪو سڱ سسئي کي، ٿيس امر الاهي

نڪو ڀاءُ برادر بکر چئي نه ڪنـﮧ ماڳ مائي [1]

هئي جنهن منڌ ڄائي، ڪيائين سوئي ڪانڌ ڪڇ ۾.

2- نڪو سڱ سسئي کي، امر ائين ٿيوس

سا آدم کان اڳ هئي پيڇو ڪٿ پيوس

نڪو ڀاءُ برادر بکر چئي نڪو ماءَ ماموس

هو پنهون پيءُ سندوس، پر ڪرم هڻي ڪانڌ ڪيو.

 

باب ڏهون

شيخ ابراهيم ۽ سندس شاعري

 

شيخ براهيم، شيخ خاندان جي پهرئين شاعر شيخ حمر جو فرزند هو. جئن شجري مان ظاهر آهي، شيخ ابراهيم جا ٻيا به ٻه ڀائر هئا: نورمحمد ۽ سائينداد. سندن والد شيخ حمر کي پنهنجو مڪتب هو ۽ هي ٽيئي ڀائر پنهنجي والد جا شاگرد رهيا. شيخ ابراهيم پڻ پنهنجي پيءُ شيخ حمر وٽ ۽ غالباً ڪنهن ٻئي مدرسي ۾ به پڙهيو. هو ڄام مير خان اول جي وقت ۾ قاضي ٿيو ۽ ڄام صاحب کيس سندون ڏنيون جن مان هڪ سنه 1210هه (1790ع)  ٻي سنه 1221هه (1806ع) جي آهي. جيڪڏهن پهرين سند وقت سندس عمر ڪم از ڪم چاليهه سال تسليم ڪجي ته پوءِ چئبو ته سندس ولادت سنه 1170هه ڌاري ٿي؛ سندس وفات يقيني طور سنه 1221هه/1806ع کان پوءِ ٿي هوندي.

چون ٿا ته شيخ ابراهيم جي شاعري جي شروعات ننڍي وهيءَ ۾ شاگردي واري زماني ۾ ٿي. ميان ڪريمداد خبر ڪئي ته: ابراهيم خطابي هو جو بيت چوڻ لڳو. تنهن تي ڪنهن ٻئي خطابي وڃي شيخ حمر کي چيو ته سائين ابراهيم به بيت ٿو ٺاهي. شيخ حمر چيو ته وٺي اچوس ته پڇونس متان اسان کي خوار نه ڪري. اٿي خطابي ابراهيم کي وٺي آيا. حمر کانئس پڇيو ته بيت ٿو ٺاهين ڇا؟ ابراهيم چيو ته سائين ٺاهيان آءٌ به ٿو. اتي حمر چيو ته ڀلا پنهنجو ڪو بيت ٻڌاءِ. ابراهيم چيو ته سائين تون منهنجو والد ۽ استاد، تون بسم الله ڪر ته پوءِ آءٌ به انهيءَ نموني تي جهڙو حال هوندو تهڙو ونڊيندس. اتي شيخ حمر هي بيت ڏنو ته:

جوڳ ڪڍيائون جيئن، تيئن منهنجا سناسي سنرا

پنتگ پوي جيئن آڳ ۾ پنهنجو تن پڪايائون تيئن

جيءَ سا جوڳيئڙن جي عادت آهي ايئن

ههڙي حال، حمر چئي، هئ هئي ڏٺام هيئن

سا سوٺائون سيئن، جنهن نيئي ملايا محبوب کي.

اتي ابراهيم وراڻيو ته:

جوڳ ڪڍيائون جيئن، تيئن منهنجا سناسي سنرا

ڪٺل ڪٺا ڪينري وڍيل وڍيا نينهن

رتل رتا رب سين اچي موسم وٺا مينهن

انهيءَ باب براهم چئي هي ناٿ نهوڙيا نينهن

سا سوٺائون سينئن، جنهن نيئي ملايا محبوب کي.

اتي شيخ حمر وري بيت ڏنو ته:

چانگا چيو نه ڪرين، ميا منهنجي مڏ

وٺين واس ولين جا، ٿو رسين چرين رڏ

جت گڏبايه جوءِ ۾ هڻي ڀڃندايَه هڏ

حمر چئي هن پار جو آهي پنڌ ڊيگهارون لڏ

سوين ڪندين سڏ، ته به حرف بچائيندوءِ هيڪڙو.

چيائين ته پٽ چئو. انهيءَ تي شيخ ابراهيم چيو ته:[2]

چانگا چت مجهاءِ، اڊڪو لاهه م ان جو

ان اوٺين جي ابراهيم چئي، توکي ڪل نه ڪا

واري وڳ منجهاءِ، هڪ ڏينهن ڪاهيو وينداءِ ڪا ڪتي.

شيخ حمر اهي بيت ٻڌي چيس ته: ابا تون ڀلي وڃي بيت ٺاهه. ان بعد شيخ ابراهيم جي شاعريءَ جو بحر اچي کليو. ا. هه.

سنڌ جي سگهڙن، حاجي سرماڻ خان ۽ سندس فرزند حاجي ميان محمد سوڍي، خبر ڪئي ته: شيخ ابراهيم جو والد شيخ حمر توڙي سندس والده مائي بوجاٽي ٻئي پهتل ۽ خدا وارا هئا؛ شيخ ابراهيم پيٽ ۾ هو جو شيخ حمر جهد ڪٽڻ ويو هو؛ موٽيو ته ابراهيم وڏو ٿي ويو هو ۽ پنهنجي ساٿين سنگتين سان گڏ هو. ان وقت شيخ حمر ڳالهه ٻڌي ته ابراهيم به بيت ٿو ٺاهي. ان وقت ٻنهي جي وچ ۾ مٿيان بيت هليا. چيائون ته: شيخ ابراهيم کي سڄي عمر گهڻو ڪري هڪ کٿو ڪلهن تي ۽ هڪ کٿو گوڏ طور هيو. ا. هه.

چئي نٿو سگهجي ته شيخ حمر ۽ پٽس شيخ ابراهيم ڪهڙا ۽ ڪيترا بيت هڪٻئي جي آمهون سامهو چيا. ممڪن آهي ته اهي بيت شيخ ابراهيم پنهنجي والد جي بيتن جي تتبع ۾ چيا هجن. اهڙو مثال شيخ ابراهيم جي هيٺين بيت مان ملي ٿو جو شيخ حمر جي ”من ملاقت سپرين“ واري عنوان هيٺ قلمبند ڪيل بيتن جي ڀران ٿو ڀائنجي ته:

من ملاقت سپرين، تن ملاقت ٽات

ساهه ملاقت سڄڻين، جيءَ ملاقت جات

انهيءَ باب براهم چئي پنهنجو رب مڱيج رات

پرهه ڦٽيءَ پرڀات، پوندين پيش پرينءَ جي.

بهرحال شيخ ابراهيم کي ڌڻي تعاليءِ طبع سليم ڏني هئي. باقي شاعرانه ذوق پنهنجي والد جي صحبت مان حاصل ٿيس. قرآن شريف ۽ ديني تعليم جي بناءِ تي شيخ ابراهيم ڪي عام روايتي قصا مسلمانن جي فائدي لاءِ منظوم ڪيا، جيئن ته ”قصو حضرت علي ۽ ميلڪ جو“، ”قصو قاابو شام (؟) جو“ ۽ ”قصو محمد حنيف جو.“ ازنسواءِ عام قصا به عوام جي وندر ۽ دلچسپي خاطر جوڙيائين جيئن ته: ”قصو جم جما سلطان جو“، ”قصو بهرام گور ۽ بانو پريءَ جو“ ۽ قصو مومل راڻي جو.“ اهي قصا شيخ سائينداد جي لکيل ڪتاب ۾ ستن مداحن ۽ ڪن منظوم روايتن سميت قلمبند ٿيل آهن ۽ صرف شيخ سائينداد جي حافظي جو ثمر آهن؛ ممڪن آهي ته شيخ ابراهيم اڃان به ٻيو ڪو نظم جو وڏو ذخيرو ڇڏيو هجي جو اسان اتائين نه پهتو هجي. انهن قصن، روايتن ۽ مداحن ۾ شيخ ابراهيم جي شاعري علمي ۽ ارادي آهي. سندس فطري شاعري جو جلوه سندس انهن بيتن ۽ دوهرون ۾ سمايل آهي جي سنڌ جي عام شاعري جي رنگ ۾ رچيل آهن ۽ اڪثر شيخ ابراهيم ۽ ڪبيرشاه جي همعصرانه ذوق ۽ شوق جو نتيجو آهن.

شيخ ابراهيم ٻيلي جي شاعريءَ جو اڏو ۽ اجهو هو، بلڪ عام شاعري جي ڪسوٽي هو جنهن تي هر ڪنهن شاعر اچي ٿي پنهنجو جوهر پرکيو. ڪبيرشاه سنڌ مان ڪهي اچي هن ڪسوٽي کي پرکيو؛ شاه ڄڻ ڪنجي هو جنهن اچي شيخ جي شاعريءَ جو خزانو کوليو. اڪيلو شيخ ابراهيم ڄڻ هڪ هٿ هو: جڏهن ڪبيرشاه جو ٻيو هٿ هن هٿ تي لڳو تڏهن تاڙي وڳي ۽ ٻيلي ۾ شاعريءَ جو غوغاءَ ۽ غلغلو ٿيو. شيخ ابراهيم جي صحبت يا اثر سان صفر براديو، مڱيو براديو ۽ سندس ڀاءُ محراب براديو، شاعر نم ۽ ٻيا ٻيلي جا مشهور شاعر ٿيا ۽ ازانسواءِ خود شيخ خاندان ۾ به شاعريءَ جو ٿڏو لڳي ويو.

شيخ ابراهيم هر فن موليٰ هو. معما، ڏور، ڏٺ پروليون، روايتي قصا، عام قصا، مداحون، عام بيت، سينگار جا بيت ۽ رسالي جا بيت جوڙيائين؛ انهن مان ڪن جا نمونا هيٺ ڏنا وڃن ٿا.

معما: شيخ ابراهيم جي چيل معما ”مونکي جاد مڙيوئي جند“ هن کان اڳ قلمبند ٿي چڪي آهي.[3]

ڏور: حضرت ابراهيم ۽ آڙاهه واري ذڪر تي شيخ ابراهيم هي ڏور ٻڌو ته:

ٿر ٿوهر گهر جهوپڙا، اونها کوهه سپن

ابراهيم آڙاهه ۾ وڃايو واڻين

ماڙي چاڙهي بيبي، جان نهاريو نيڻن

تان آڻي کٽون خوب وڇايون موچاريون ملڪن

اندر باغ براهم چئي ٿا لکين ميوا لام لڏن

ٻاڙو وجهي ٻن، مٺو پيتو مارئي.

روايتي قصا: روايتي قصا مثلاً ”قصو حضرت علي ۽ ميلڪ جو“، ”قصو ابوشام جو“، ”قصو محمد حنيفي“ ۽ ”حڪايت محمد امام حسين جي شهادت جي“ منظوم ڪيائين.

عام قصا: عام قصن مان شيخ ابراهيم ”جم جما سلطان“ ۽ ”مومل راڻي“ جا قصا منظوم ڪيا. عام قصن کي سنڌ جي شاعرن اڪثر ڊگهن سنڌي بيتن ۾ ڳايو آهي مگر شيخ ابراهيم هڪ نئون رستو اختيار ڪري اڪثر ننڍن رسالي جي بيتن ۾ هي قصا ادا ڪيا آهن، ۽ فقط جڏهن وصف يا بيان جي ضرورت پيش آئي اٿس تڏهن پنهنجي طبع جي رواني ۽ شاعريءَ جي پلٽ سبب ڊگها بيت ٻڌا اٿس. ٻيو ته قصن کي بيان ڪرڻ ۾ بي موقعي ڊيگهه جي بجاءِ سنئون سڌو مقصد ادا ڪيو اٿس. سندس جوڙيل ’مومل راڻي جي قصي‘ مان ڪي بيت هيٺ ڏجن ٿا.

ڏسبو ته شيخ ابراهيم قصي جي شروعات ۾ ئي صرف مختصر تمهيد بعد ٻئي بيت ۾ سڌو سنئون اصل قصي تي آيو آهي:

1- وڏي سگهه ستار کي جو بلند باري آه

جڳائي جنهن صاحب کي سڀڪا ساراهاءِ

سڻو سٻوجهاءِ، قصو ويهي ڪاڪ جو.

2- سندو سنڌ همير هو سومرو سردار

سو ڪامل دل قوي هو وير عقل وينجهار

هڪ ڪمي هيس ڪانڪا ٻيو دل وڏيءَ دلدار

قابل در ڪمان جو سورهيه سلحدار

يارن سندو يار، تنهنجو شوق شڪار سين.

شڪار ڪندي سومري سردار ۽ سندس ساٿين کي هڪ سامي گڏجي ٿو:

21- پرهه جو پيدا ٿيو سامي سورج ويس

زرد ڪمربند ڪاپڙي مٿس تاج مڪيس

مالهه ڦلي، سر ساڌوئي، لالائي لبيس

رَسي راڻي پڇيو آديسيءَ آديس

اها بات ابراهم چئي ٿو کليو پڇي کيس:

”ڏس اوهائي ڏيس، جتان رچي رانول رنگ رتول ٿئين.“

22- چئي: ٿين رچي رنگ رتول، ڪهي آيس ڪاڪ مان

مون لشڪر لک لٽائيا، جيئن ٻڌو هوم ٻول

ڪلنگي ڪل ڪپار ۾ سر هزاري هول

منجهن ڪونه رهيو ڪڏهين موالي من کول

پاڙي ڪامڻ قول، سڀ پدمڻي پيمال ڪيا.

سامي کين مومل ۽ سندس سهيلين جي خبر ڏيندي چوي ٿو ته:

35- سبزي گل گلاب جا سبزي ويس سندان

سبزي کٽون کٽلا سبزي وڇاڻان

سبزي ڀتيون بنگلا سبزي مناران

سبزي اٽ ان جا سبزي دبوسان

سبزي ٻانهيون ٻانهن ۾ سبزي ٻانهوٽان

سبزي سبز صندوقئين جڙيا جنهوران

سبزي باغ براهيم چئي ميوا موڪ پڪان

سڻ تاڪي تعريفان، جي ٿيون ڪتن ڪنواريون ڪاڪ ۾.

ڪاڪ تي، ناتر نوڪرياڻي مومل متعلق هنن چئن ساٿين کي هي خبر ٿي ڏئي ته:

45- آهي حورن جي حساب، ڪر پري ذات پدمڻي

تنهن بهت ماريا منڌ مجنا، هت نائي نر نواب

اُتهن پهچي ڪين ڪيا، ڪنهن ساڻس سوال جواب

سا سوڍي ڪري ٿي سرستو دم ڳوري سين داب [4]

مُک جبين مهتاب، تنهنجي وڻڪ وڄائين وتري.

46- سوڍي رنگ سرنگ، گجر گن گيان ۾

سونهن سسيهل اڳري، اُدرلهه جيهس انگ

سا ههڙي حال [حسن سان ٿي ٻهڳڻ هڻي ٻنگ]

اُتهين گلِ ڇڏيو، گلرنگ، اچبو پُونِ ڀونئر ڀنڀلجو.

47- جي پسيوَ تنهن جي سونهن هيڪر اکڙين سين

ته ويٺا هت ورونهه، ڪريو ڪاڪ ڪنڌيءَ ۾.

48- نڪا تل نه تنهنجو، نه ڪا شان شبيـﮧ

هڻي هالبن کي ڪهبر ڪان قوي [5]

تنهن ماري منڌ مات ڪيا غازي مرد غني

هوا ڪنڌيءَ ڪاڪ ولي، پر خواب ستا ڪن خاڪ ۾.

هنن مثالن مان ظاهر آهي ته شيخ ابراهيم هي قصو رسالي جي طرز وارن ننڍن بيتن ۾ بنايو آهي جو هڪ نئون نمونو آهي. سنڌي شاعرن رسالن ۾ ڪڏهن به قصا پيرائتا بيان نه ڪيا آهن ۽ جن شاعرن قصا منظوم ڪيا آهن تن اڪثر وڏا ڊگها بيت ڪم آندا آهن. البته شيخ ابراهيم موقعي جي لحاظ سان وڏا بيت پڻ ٻڌا آهن جئن ته هن ساڳئي مومل راڻي جي قصي ۾، مومل لاءِ راڻي جي ڳهه گهڙايا آهن تن جي بيان ۾ بيت (نمبر 98) ٻڌل آهي بيت باب ڇهين ۾ ”وصف“ جي عنوان هيٺ بيان ٿي چڪو آهي[6]

مدح ۽ صفت: نبي صلعم ۽ يارن سونهارن جي مدح ۽ تعريف به شيخ ابراهيم نهايت سهڻي پيرايه ۾ ڪئي آهي. ”معراج مرسل“ جي بيان ۾ شيخ چوي ٿو ته:

1- ناز منجهارا نڪري جڏ پرين پنڌ پيو

حورون حيرت ۾ پيئون شمس شرميو

تارا، نکٽ، ڪتيون، قمر ڪين ڪيو

پسي اوس ان جو وڄن ويس مٽيو

ملائڪن مجرو ڪيو پسي سرور سو

برين بحرين براهم چئي منهنجو مرسل مهند ٿيو

مونکي سو ڳنڌ سائينء جو، ته مون جو ساجن

                                سڀنئان سهڻو.

2- نفل پڙهي نڱيو، سنڀوڙو سرور

تنهن سين ايڪ براق براهم چئي هئڙو نيڪ نظر

تنهن تي چڙهي هليو چاڳلو پيارو پيغمبر

ستاويهين ماهه سومار جي هو رجب رات پهر

مقرب ملائڪن مهند ڪيو، امت جو اوجر

ايءُ دمامن دمر، جئن خان کٽي گهر آيو.

3- نفل پڙهي نڱيو، هليو هاشمي

ملائڪ مطيع ٿيا ڪانه هئي جِن ڪمي

پڙهن شهدت شيخ چئي تَميمَ ساڻ تمي

لٿا غم غمي، گهوٽ کٽي گهر آئيو.

شيخ ابراهيم جي چيل هڪ مدح جو منڍ باب ٽئين هيٺ قلمبند ٿي چڪو آهي.[7] شايد انهيءَ مدح منجهه ئي اڳتي هلي هن طرح صفت ڪري ٿو ته:

ابابڪر عمر عثمان علي آهن چار چڱا چؤڌاري

چار ڪتاب، چار ڪرسيون، مذهب چار مداري

چار ڪلما، چار مقام، جن جي راه سکو ره داري

چار پير چتئون مڃان ڪري من منجهه موڪ مڃاري.

شيخ ابراهيم جي شاعريءَ جي انهن مختلف جنسن پيش ڪرڻ بعد، هيٺ هن نامور شاعر جو اهو جملي ڪلام ڏجي ٿو جو ادبي نقطه نظر کان اهم آهي:

محبت ۽ مجاز [8]

فصل – 1

1- ستي ڏٺم سپرين اندر خواب خمار

جان جاڳان تان جيڪي ٿيو عجب پريان پار

تلاه تلن تن سي رپي کان رنگدار

جهڙي صورت اعليٰ سڄڻين تهڙي مورت نه مروار

نه سا جوت جمرود جي، نه سي هيرا هار

در، مک دندان دعوتي دوس پرين دلدار

بره ڪٽ، براهم چئي، وحد تي وينجهار

مون وس محب نه اچڻا، تون جانب ميڙ جبار

وساريان نه وسرن، دم نه دليان ڌار

 من مٺي محبوب جي خوش طبع خنڪار

جئن سان بوند بهار، تئن وسن ٿا وجود ۾.

2- لوڏ لکيسر اڳري، جنهن اڳيان ٻاهون ٻئي ٻنج [9]

اڇي ٻانهين ٻانهن ۾ سونهي خاشي کنج

مرڪڻ موتي هٿ ۾ هار پکيڙي هنج

براهم چئي باک جو، يا ساجن ملي سنجهه

ته اندر جا اهنج، لحظي منجهه لاهي ڇڏي.

3- اکيون جت اڙن، من به اتي مينٿو [10]

هٿن حاجت ڇڏئي، ٿا پير به پيهڪون ڪن

سڀ گڏ سوالي سر جا ٿا مڙيو منٿون ڪن

الله لڳ، ابراهم چئي، پرچي مان پڇن

جي دوست دلاسو ڏين، ته سدا وتان سنرو.

4- اکين اُورئون اُور، پريان سندي پار ڏي [11]

محبت ماٺي نه ٿئي معشوقاڻي مور

ساعت سال ڀانئيا جئن ڏينهن گذرن ڏور

دلاسو دهدور، جي چائن ته چڱي ٿيان [12]

5- چشمن چت پڇي ڪيو اکڙين نه اٽڪا

ڪڏهن وسرنم ڪينڪي لالڻ جا لٽڪا

نظر نيزا ناز پرين، جت ساه ڪري سٽڪا

چاڪ چٽيون چٽڪا، لک اکڙين جا ابراهم چئي.

6- ساريان سپرين کي هردم هنڌ پسيو

چڪن ٿا چشماه ۾ ول ول آب وسيو [13]

منهنجي نياءَ ڙي محب پرين، دلبر دل کسيو [14]

ڀِرج دوس، براهم چئي، گهرجين روح رسيو [15]

آئين ڏونگر ڪيم ڏسيو، يا رب يار ملائيين [16]

7- ساريان سپيرين کي هردم پسيو هنڌ

ڪڍان ڪيئن قريب کان قول مقابل ڪنڌ [17]

وانچا آهم وصال جي، ساڻن ساک سچو سو ڳنڌ

ٻڌم قول قريب سين هو جي هاٿيء ڏند

آيا، ابراهيم چئي، پرين سواري پنڌ [18]

صاحب نانءَ صمد! تون داتا دوس ملائيين [19]

8- تند تند تات پرينءَ جي، نس نس ايندر نينهن [20]

هر هر حب حبيب جي، سنڌ سنڌ ساجن سيئن

پورج انهيءَ پنڌ کي رمج راتو ڏينهن

اکيين مان، ابراهيم چئي، موڪ وسايم مينهن

اچي ملج ايئن، جيئن رهان معرفت ۾ محبوب جي.

فصل- 2

1- ڇنڇر ساريم سپرين، ايندم شال آچار

پير پڇان ٿي پرين لاءِ سڳوري سومار

اڱاري ايندا پرين دلبر ديس دوار [21]

اربعا آساتي اک ڦري کڻي نيڻ نهار [22]

خوش من ڏينهن خميس جي براهم چئي برڪار

گهر گهر کيرون چار، منهنجا جمعي جانب آئيا.

2- ڇنڇر ساريم سپرين، آچار عجيبن

سڳوري سومار جو ڏنو ڏينهن پرين

اڱاري ڏينهن آس ٿي منهنجي محبوبن

اربعا سڄڻ ساريان خوشيءَ نيڻ کلن

کيرون ڏينهن خميس جي واڌايون ورڪن

ڪيو دلاسو دوسن، منهنجا جمعي جانب آئيا [23]

3- جمعي جانب آئيا، ٿي بعد جمعي برجاء

وئڙا سور ورهين جا، ساجن جي ساڃاء

مليم مارو مهت ٿيو، لٿم جهوري جاء

وريم بخت براهم چئي منهنجي دل نه دوکو کاء

عجب جهڙي آه، صورت سپيرين جي.

4- وريو بخت براهم چئي سڀي ٿيا سهنج

درد مڙيئي دور ٿيا جي هوا اندر منجهه اهنج

دوس دلاسو چائيو روح ڇٽو کي رنج

دکن سندي دنج، شال رهي م رتي جيتري [24]

فصل- 3

1- چنڊ اهوئي چنڊ، جو ڏٺوسين سڄڻين [25]

ائين مٺا مون پرين، جيئن کير مٺو سين کنڊ

انـﮧ باب براهم چئي پس محبت سندو منڊ

ساجن سرت سمنڊ، تون ڪيئن ڇاڻي من ڇپائيين [26]

2- چنڊ ري چانڊوڪي نه ٿئي، سج ري ڏت نه ڏينهن

گل بهار، براهم چئي، موڪ نه ڇَن ري مينهن [27]

اڪونجر عميق ۾ ٿي جر سپ گهري جيئن [28]

تن منجهه رکي تيئن، مان ڪي پنهنجو سڄڻ سانڍيو.

3- اڪونجر عميق ۾ ٿي جر سپ گهري جال

سا ستي وچ سمونڊ جي ٿي نيڪ زن نهال

وسندي واحد کؤن، پني موتين مال

الحمد لِله آواز ڪيو ڀائني ڀلا ڀال

براهم چئي بحر ۾ تنهن سانڍيا ڪؤنر ڪمال

سي ٿين خالق در خوشحال، سڀڪنهن سڪ جن جي.

فصل- 4

1- در مَ ديوانا ڇڏ، ورچي ويهه م ڪڏهين

آورچ ٿي اُبيهه ٿون ته سيڻ ڪوٺينداءِ سڏ

ادب سان ابراهيم چئي نيئي پاڻ غاريبيءَ گڏ

لکيو ڪري م لڏ، اڏ ته اوڏائي ٿئي.

2- پرين منهنجا پٽ، آءٌ سٽ نه جوڳي سڄڻين

هوءِ داناء دوس پرين، تن جي موزي ناهيان مٽ

سڄڻ سنگ مصريء جو، تنهن آءُ ويڳاڻو وٽ

تن ڀلن جا، براهم چئي، تون ڇو نه ڳڻين ڇَٻٽ

تن ڄامن پٺيءَ ڄٽ، شال کيسر کڙو رهين.

3- کـﮧ حويليون ٻن هٽ، منهنجو روح نه ريجهي راڄ ۾

اڄاڻن سين ايڪ گهڙي ڪر ٿيم ڄمارو ڄٽ

آ ڀلن جي براهم چئي مونکي اندر منجهه اُگهٽ

موٽج پرين پٽ، مونکي سڪڻ وڏا سور ڪيا.

4- هوءِ جي چونم جيءُ، ته (سا) جيءُ سڻي جيان گهڻو

آڻيو آب اکين مان پرين چُونم پيءُ

اِنهين باب، براهم چئي، آيو اڱڻ ٿيءُ

ڪو دم دوست اُڀيءُ، ته سو دم ساه ستو کنيان.

5- پرين بنا پرديس ۾ پس هنيڙي جا حال

ڏينهن ڏهه ورهيه گذري پهر ته پندرهن سال

ساعت سالان سرهي، دم گهڙي در حال

ساجن جي هن ساهه کي آهي سڀڪنهن وير سنڀال

ايندام اوڏا سپرين، براهم چئي برحال

[ٿيندا نيڻ نهال، اچڻ ساڻ عجيب جي].

 

فصل- 5

1- جي ڀائين جوڳي ٿيان، سکان وڃي ڍارو

ساميءَ ڪو ويس ڪري نڪران نهارو

پنهنجي هٿ ڳارو، من ڏينم بيک براهم چئي.[29]

2- جي ڀائين جوڳي ٿيان، بيهي وڄايان بين

ٻيا گهرن بيک براهم چئي، آءٌ ڪي به گهران ڪين

عامل ڪري امين، وڃي پرين پرچايان پانهنجو.[30]

سر ڀوري[31]

1- ويڄ ڏنڀين ٿو ٻانهن، درد نه لهين دل جو

ڏنڀـــٖـين ڏيل ڏَسائيو، سو اچي پسو پريانـﮧ [32]

ساه ته هٿ ساجن جي ٻي ڪريان ڪهڙي دانهن

جيڏيون هوند جيان، جي آڻيو بابو هن باغ جو.

2- سپيريام طبيب، ٻڪي ٻين کان نه گهران

مرض وڳڻ ڇا من سين ايندم هردم روءِ حبيب

محب مليندم هٿڙا اکين ٺار عجيب

ويندو بره سور براهم چئي لهندا غم غريب

ايندم ڪامل دوس قريب، ايها ويڄ ٻڪي وتاءِ کڻي[33]

3- ويڄ م مون وٽ ويهه، هيءَ اچڻ وير عجيب جي

اُٿ آڳاهون کڻ ٻڪيون، وڃي پهر پراهون پيهه

تنهنجي اوکت عمل ناه ڪو، تون رنگ هلين ٿو ريهه[34]

انـﮧ باب براهم چئي ڏينهن ڏٺي ڇڏ ڏيهه

ايندم ساجن صحت سنيـﮧ، مت ڦڪيدار ڦڪو ٿئين[35]

4- ڦَڪي ڦڪيدار، اوڏي هڏ م آڻ تون

هتان ويڄ ورچي هليا تو جيئن طمعدار

سا پُڙي کانءِ مَ پانهنجي براهم چئي بيڪار [36]

تون منجا ٻانـﮧ ٻنجٽو، نه تو سڌ طبيبي سار [37]

هوءِ مليندم هٿڙا جاني جيءُ جيار

ايندم محب پرين منٺار، ايها حبيبڪ جاءِ جلاءِ تون [38]

5- هت جيبڪ جاءِ نه ڪا، حاجت ناه حڪيم جي

ٻانهن ٻين کي نه ڏيان پنهنجي نس نهارڻ لاءِ

ويڄ وري وانءُ گهر تون، سِٽون ڪيم سنڀاءِ [39]

ويندم بره سور، براهم چئي، ايندم جانب جاءِ

سندي ساجن ساءِ، ٻڪيون ٻاري ڇڏيان.

6- انڌا اونڌا ويڄ، تون ڏڏ ڇاکي ٿو ڏنڀ ڏئين

جن کي بره سور، براهم چئي، تن ڪوه پيارين پيڄ

دوس دلاسو چائيو سهجر ڀنيءَ ڀيڄ

ايندم ساجن مٿي سيڄ، مت گورين گلادار ٿئين.

7- گڏ گس گوريون تنهنجون، ويڄ نه ڪي تون دير

نه تون قابل انهين ڪم جو، نه تون سرت سڌير

جنهن تان فرق ڦٽن کي نه پوي سو آڇين ڪوهه عنبير

ونءُ بي عقل، براهم چئي، آهين سمجهه صغير

ٿو ڏسجين ڪاٺ ڪرير، هونئن ٿو چندڻ پاڻ چوائيين.

8- ويڄ نه مونکي واءُ، تنهنجي اوکت عمل ناه ڪو

سڌ نه لهين سور جي نانهين درد ٻڪيءَ داناءَ [40]

هي جو پيو من مجاج ۾ تون ڇپائين ٿو ڇاءَ

انـﮧ باب، براهم چئي، توکي ناهي سرست سماءَ

جيئن مڇي پاهون ماء، تيئن منهنجو ڪريءَ قول قريب سين[41]

9- ٻڌم قول قريب سين، ويڄ وري وانء ڄٽ

توکي ناهي سماء سور جو، چل چُرٽا چرٻٽ [42]

ونءُ بي سرتيا، براهم چئي، توکي عقل ناه اُگهٽ

تن کي ڪهڙا ملهم مکيين ڦولي مٿي ڦٽ

جي آهينِ گهاءَ اندر جا گهٽ، سي ڇاکي ڏنڀين ساڻ ڏسائيين

10- ويڄ وڄائون پانهنجون سڀئي سانڍي رک

م ڪو اوکت آڇ تون، م ڪا بات ئي بڪ

ڪرِ مَ هلاکي هيتري ٻڌ مَ جاءِ جيبڪ

ڪنا طبيبي تنهنجي ڪيم تن ترڪ

بي فهمان، براهم چئي، تنهنجي ڦڪيءَ ناه فرق

ايء پيو محبت من مجاج ۾، تون پنهنجون

                        گوريون ڪج غرق

وريم شال ورق، آءٌ دوس دلاسي آهيان.

11- دوس دلاسي آهيان ويڄ وري ونءُ ڏڏ

ڍڪ پانهنجا ڊڀڙا، رک گوريون گورين گڏ

تنهنجيءَ اوکت، ابراهيم چئي، آهم روح اٻڏا [43]

دوا دارون دوس جو، مون ساه سيباڻو هڏ

سندي ساجن سڏ، ٻڪيون ٻاري ڇڏيان [44]

12- ٻڪيون مڙيئي ٻار، جي گڏيو گوريون جوڙئين

اها وِڄا ويڙهي ڍڪ تون، سل مَ ڪين سيکار

پَها، پِنيون پانهنجا مونکي ڏي م ڪي ڏيکار

هوءَ جا پر پريان جي، تون ڪري نه ڄاڻين ڪار

ونءُ بي گن ويڄ، براهيم چئي، اڳ مين کي م مار [45]

نس ڏس نار نهار، ته هي لنو لنو لالڻ لئي وڄي.

13- جا لنؤ لالڻ لئي وڄي، سا لنؤ ساجن لاءِ

تنهن لنؤ تات پريان جي، هت حاج حڪيمن نانـﮧ

تن لنؤ ترڪ طبيب ڏانهن باس نه ڀري ڪاء

اِن لنؤ بوند، براهم چئي، عجب جهڙي آه

من لنؤ لات لنواء، آءٌ تنهنجي نستر نس نه لائيان.


[1] س. .... نڪا ماڳهه مائي.

[2] هي بيت بروايت حاجي جمن شيخ نقل ڪيا ويا.

[3] (1) ڏسو باب ڇهون، ص 162

[4] سرستو= چالبازي. ”سا سوڍي ڪري ٿي سرستو دم ڳوري سين داٻ“ (؟)

[5] هالبن= هارين (؟) ڀڄندڙن. ڪهبر= تيز، بجلي دار (؟)

[6] ڏسو مٿي ص ص 143- 145. سڄي قصي لاءِ ڏسو اسان جو مرتب ڪيل لوڪ ادب سلسلي جو ڪتاب نمبر 33، ’مومل راڻو‘.

[7] ڏسو مٿي ص 79

[8] هي عنوان توڙي هيٺ ڏنل فصل ۽ بيتن جي ترتيب اسان جي طرفان آهن.

[9] ٻنج. ص. ٻج

[10] هي بيت ۽ چوٿون بيت سگهڙ وريام فقير جت، ويٺل لڳ گهوڙاٻاري جي اڪيلي روايت موجب ڏنا ويا آهن.

[11] ص. ”اکين اُور اور“

[12] چائن= چوائي موڪلين

[13] ر: چڻڪن ٿا چشماه ۾- الخ

[14] نياءِ= تو وٺي ني، تون کڻي وئين

[15] ر: ”ڀرج... گهرجين راوت روءِ رسيو“. ڀرج= راضي ٿج

[16] ”ڏونگر ڪيم ڏسيو- الخ“ ڏسيو= ڏکويو يا ڏکايو مثلاً: ”ڏنڀين ڏيل ڏسائيو، سو اچي پسو پرياڻ“ ڏسائيو يعني ڏکائيو

[17] ر: ’ڪڍائي قريب ڏانهن- الخ“. س: ’ڪندا ڪيئن قريب کان- الخ‘

[18] ر: ...... پرين سهاري پنڌ؛ ... ساري پنڌ؛ سواريء پنڌ

[19] ر: ”جنهن جو صاحب نانء صمند، ايءُ تون داتا دوس ملائيين“

[20] هي بيت ساڪري جي سگهڙ ميان حاجي محمد سوڍي بگهياڙ وٽان مليو ۽ سندس اڪيلي روايت موجب قلمبند ڪيو ويو.

[21] (1) ص: ’..... دلبر دوس دوار‘

[22] ’....کڻي نيڻن سين نهار‘

[23] ڪذا س. ر: ’.... واڌايون وهسن‘. علي محمد مڱڻهار چيو ته هن طرح، ڏينهن جا ست بيت اسان ٻڌا.

[24] دنج= دنز

[25] سڄڻين= سڄڻن ۾، سڄڻ جي سونهن ۾.

[26] ساجن سرت سمنڊ- الخ= سڄڻ کي سمنڊ جهڙي عميق ۽ اٿاه ڄاڻ آهي پوءِ تون ڪيئن وڃيو پاڻيءَ جي ڇاڻي (ٿورڙو پاڻي) سان دل لڳائين (ڇپائيين)

[27] موڪ نه ڇن= موڪون نه ٿين

[28] اڪونجر= اونهو اجهاڳ پاڻي، سمنڊ.

[29] هي ٻه بيت ساڪري جي سگهڙ حاجي محمد سوڍي کان مليا ۽ سندس واحد روايت مطابق قلمبند ٿيل آهن.

[30] ايضاً.

[31] سر ڀوري: هن سر ۾ ’ويڄ‘ جا بيت آهن (جي شاه صاحب جي رسالي ۾ سر ڪلياڻ ۾ ڏنل آهن). شيخ سائينداد جي ڪتاب ۾ هن سر جو اهو نالو لکيل آهي.

[32] ”ڏنڀين ڏيل سائيو“ يعني ڏنڀن ڏيل ڏکائيو.

[33] وتاء= هار (وتائڻ= هارڻ). ٻي روايت: ’ايندم ڪامل دوس قريب، کڻي ٻڪي ٻاجهه جي“

[34] ر: تون رڳو هڻي ٿو ريهه

[35] ر: ايندم ساجن صحت سنيـﮧ، اچي ستي ڏيندم سور جي.

[36] کانءِ= وڃاءِ، ضايع ڪر، ساڙ

[37] اصل ايئن

[38] جيبڪ= زيبڪ= پارو جو ڪکن مارڻ ۾ ڪم اچي

[39] سٽون سنباهڻ= سٽون سٽڻ= تجويز سوچڻ

[40] ر: تون سلهين ٿو سور جي درد ٻڪي داناء

[41] ماء= پاڻي؛ ڪري= رک، پرهيز

[42] ر: چل چلي چرٻٽ

[43] ر: تنهنجي اوکت ابراهيم چئي مونکي نه گهرجي مڏ

[44] ر: ري ساجن سڏ- الخ

[45] بروايت حاجي محمد سوڍو: ”بي گن ويڄ براهم چئي محبتي م مار“.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org