سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ٻيلاين جا ٻول

صفحو :32

عزت پاکڙو: شاعر وٽ جو همعصر، هم قوم ۽ هم وطن شاعر عزت باکڙو هو، جنهن شاعر وٽ سان منهن مقابل ٿي بيت ٻڌا. پسند نابينا چيو ته: وٽ هيٺين ’ست سري‘ ٺاهي جنهنجو جواب وري عزت باکڙي ڏنو.

مارئي ڀلجيو ماڙيين تي، ڦٽا نه ڪري ڦر

سسئي ٻڌو سندرو، جنهن گهوريا ڪيا گهر

مومل ڇڏائي مينڌري، تنهن ڏاڍي ڏک ڏمر

سهڻي گهڙي ٿي سير ۾، جت هئي درياه جي ڌڌڪر

مجنون عاشق ليليٰ جو، جنهن جا اڃا بيٺا آه  ناکر

هار تي ليلان هٿ ڪيو، ڪري لاءِ ڪثر

موکيءَ متارا ماريا، پنهنجا وهان ڏيئي ور(1)

نوريئن ڄام نوازيا سمي کان به سکر

واءُ وينجهارن، وٽ چئي، تن ۾ ڪاهي ڪثر (2)

سڀني منجهه سکر، ڀانيو ته قاعدي تي ڪاهِي هئي؟

شاعر عزت باکڙي جواب ۾ چيو ته:

مارئينءَ کي به ماڙيين جي، ڪانه هئي خوب خبر

سا آندي هئي، عمر، ڪري زورو زوراور

پهون چاري پڌري ڏي، پٽين تي پنهور

سسئي به سمهي جاڳي ته، ڪيچي ويا آهن ڪر (3)

سا اٿي هلي هيڪلي، پنهنجو واجهائيندي ور

چئي؛ پنهون نيائون پاڻ سين، ڪنهن حيلي حال هنر

سا درياه پسي نه دهلي، آئي سونهين منجهه سنگهر(4)

ته: اندر باغ بناءَ ٿيا، ڌرتي پٽياس در

مومل راڻو مٽ ٻڌاسين بيشڪ بروبر

سوڍي کي تنهن سر جي ڪل نه پيئي ڪر

سامي تنهن کي سيکاريا هزارين هنر

سو اچي سهڙيو اوچتو، دانه لاهي در

تڏ ڏسي مڙس مومل سين، ڪري ويو ڏک ڏمر

سهڻي گهڙي ٿي سير ۾ ڪنهن عشق جي اوسر

تنهن کي محب ميهار جي، هئي اڳي تان آڌر

مجنون عاشق ليليٰ جو جنهن جا اڃا بيٺا اکر

ليليٰ پڻ مجني تان، وڏا ڏنا ور

پڙهي ڪنهن نه پورا ڪيا علم جا اکر

الله جي الک کي ٻي ڪنڌي نڪا ڪر

مان پُر پڇائي ڪانڪا، مونکي خاشي ناهي خبر(1)

ارڪانان ۾، عزتڻ چئي، آهي سسئي سرس سکر(2)

ڪي سخي آهن سخا جا کڻيو وڃن سامانا ثمر

ڪي هليا وڃن هيڪلا، پنهنجون گاديون ڇڏيو گهر

الله جي آڌر، مونکي شل در ڏيکار دوست جو.

ـــــــ

 

باب ويهون

 

موندرا شاعر

 

موندرن جي قوم لس ٻيلي جي ڏکڻ الهندينءَ سرحد تي ڳورو، گجري، وندر، کارڙي کان ويندي ڪراچي تائين آباد آهي. سندن قومي روايتن موجب موندرا سومرن جي شاخ آهن. چون ٿا ته سنڌ ۾ سومرن جي حڪومت جي زوال جي وقت خفيف نالي سردار بارڻ طرف آيو جتي برفتن ۾ شادي ڪيائين. انهن سندس پٽ هوتڪ کي ڳورو ۽ گجري (لس جا اڀرنديان علائقا) جو سردار ڪري موڪليو. موندرا هن سردار هوتڪ جو اولاد آهن. هن پوئين ويجهي دور ۾ مونڌرن مان يوسف، عمر فقير ۽ اسماعيل شاعر ٿيا جن جو احوال هيٺ ڏجي ٿو.

يوسف موندرو:

يوسف پٽ جمال موندرو کارڙي ناڪي جو ويٺل هو. سنه1943ع ۾ جوانيءَ ۾ ئي 35  ورهين جي ڄمار ۾ گذاري ويو. سندس سؤٽ، سگهڙ حاجن پٽ چاڪر خبر ڪئي(1) ته يوسف اٺيون چاريندو هو. پوءِ هڪ ٻه بيت چيائين جنهن تي قاضي چيس ته تون قرآن شريف پڙهه. انهيءَ تي ٿوري وقت ۾ ئي قرآن شريف پڙهي پڄايائين، مگر جئن ته يوسف جي ڄمار اٺين سان گذري هئي، انهيءَ ڪري عام ماڻهو کيس ”جت“ سمجهندا هئا ۽ کين يوسف جي لياقت جي پوري پروڙ ڪانه هئي. يوسف اهڙن عام ماڻهن ڏانهن پنهنجي هڪ بيت ۾ اشارو ڪندي چيو ته:

سؤٽ منهنجي سلکڻي آهي بصران رڌو ڀت

ماڻهو هن ملڪ جا چون ”جوسب“ آهي جت

يوسف خلق ۽ خوش طبع جوان هو. حاجي پنهون (پٽ حاجي نوروء جو موندرو) ڳالهه ڪئي ته يوسف اسان جي والد جي وانءِ تي آيو ۽ حاجي نوروء چانهه ڏنس جا پيتائين، ۽ پوءِ هي بيت چيائين جو مون خود شاعر جوسب کان سکيو:

چاءِ گرم چڱي آهي، مٺي سٺي واه سندياس ميٺ مٺائي

حاجي نوروءَ همت ڪري منڊل مرد مچائي

پنهونءَ پنهنجي پيء سان، ٿي صلاح سامائي

بَراد ڀَرتان ڀاءُ جي ٿي هوٽل شير هلائي

ها ها قاضي همت مردان چورنگ بنائي

تنهن نَر نِدائيءَ ناليري وَرَن واءِ ڪُڻائي(1)

پاڻيء ڪونڊيون ڪوش ڀريو ٿا پين آب اڃائي

ڪن مَسحا مومن غازي ٿا هلن خير واٽ خدائي

سان وانءِ موري ويءَ تي، جا هوندي سدائين سائي

تنهن تي نوڪر نفر ڪيترا ويٺا آهن واهي

ٻج پوکيو ٻاريون ڀريو ٿا گولپ ڪن گاهي

مِري مُوريء مصالحي واهه جي چڱي چهرائي

واڱڻ هيرڻ وانءِ ۾ ٿا چانوَر ڪن ڇانئي

ٻيرين ٻَٻرين ٻُور ٻڌو، ڪيڙين ڪَر نَه ڪائي

وَلين مورِي ويڙَ ڪيا قابو ڪَر ڪائي

وَلين مورِي ويڙَ ڪيا قابو ڪَر اچائي

پڪيون ڇاهيون پيٽين ڳاڙهيون، ڪَرٽ، گِدرا،

ڪَدوئين ڪنڌ ڪُنڍائي

ڄام ڄَميُون صوف گيدوڙا ٻيا ڪيئي ميوا مٺا ٿڏائي

تنهن تي پادِي واسطي پِنڊَڪ جي ٿا ڀيرا ڏين بِرائي(1)

لالچ خاطر لب جي هر ڪو آهي طماعي

کائي تنهن مان خوش ٿيا، ٿا ڪن دليان دعائي

ڌڻي تنهن جا دولتمند ٿيا کاڄ کٽيا کائي

پاڙو ننگ پنهواڻي جو، جنهن جي واڙي رب وڌائي(2)

مشهور موندَرين جو آهي نالو ننگ سچائي

کِينِ مال حلال جو ٿا ڪريو ڪن ڪمائي

آءٌ ڄٽ ڄاڻان ڪينڪي مونکي اِها مت آئي

عقل هئوم ايترو، اڃا ته ڪيام صفت سرسائي

رب ستار واحد غفور، گولو آئون گناهي

تون پاڻ مرهيندين بادشاه، ٿو مڃان پاڻ مدائي

ٿيو جڳ انعامي، جوسب چئي، ڪئي صاحب رب سڻائي

ساڻ ڪلمي جي سچائي، ميڙو هي مهند ٿيو.

حاجن حوالدار چيو ته سنه 1914ع ۾ هڪ انگريز ڪمپني لس ۽ مڪران ۾ تيل جي ڳولا ڪئي. آءٌ ان ڪمپني ۾ حوالدار هوس، ۽ يوسف سپاهي طور ڀرتي ٿيو ۽ اسان سان هڱور گڏجي هليو. اتي سپٽ جي پٽ ۾ بيمار ٿي پيو ۽ تپ جي حالت ۾ هڪ بيت ٺاهي، مون کي سندس امڙ ڏانهن ڄڻ نياپي طور چئي ٻڌايائين ته:

حاجن حوالدار حال ڳرهيان ڪن، ڪرين جي ڪا

سڱ ۾ ٿيون سوٽ سڀيئي، پر آءٌ ٿو ڀانيانءِ پنهنجو ڀاءُ

خاطو موڪل خير جو ڪو ماڻهو ملڪ ڏانـﮧ

سؤ سلامين سنجٽ سنيهڙا نيئي منهنجي ڏجو ماءَ

ته: اچي ڪونه اسان ڏي اوهانجي وطن جو واءُ

”جتي کير تتي پير“- پنهنجا پسڻ لاءِ

ناريان ساريان ورنه وساريان، ڪريان عرض الله

شل سانبي سلامت پسان پنهنجا جڙيا جاءِ بجاءِ

اتي سنيو سکيو جندڙو، هتي هنيون ڀيرؤن بتالا

راتو ڏينهن روح ۾ مونکي تات تنين جي آه

ڪيام جانب جاد، جوسب چئي، مونکي پرين پسڻ ٿيا

پلپل پڪارون ڪريو منهنجو ٿو اڪيري ارواح

’سپت‘، ’تنڪو‘ سک نه آيا مونکي هت وهڻ ورهيه ٿيا

کـﮧ کٽيوئي ٻن وجهان، مونکي جي ههڙي ڪل

پيئي هئي ڪا

پر وس هت پساه، هت وڃي جوت جلوي جوان ٿا.

يوسف جي بيتن جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته هن پڇاڙي واري دور ۾ يوسف ٻيلي جي ٻين سڀني ننڍن شاعرن ۾ وڏو شاعر هو. سگهڙ علي محمد مڱڻهار چيو ته: کارڙي، وندر ۽ سنگهر جا ٻرا ۽ موندرا سڀ ڇوٽڪو ٽه- تُڪا شاعر آهن. انهن سڀني ۾ يوسف وڏو شاعر آهي. ا.هه.

يوسف جي ٻولي به ٻيلي جي ٻين سنهن ٿلهن شاعرن کان وڌيڪ فصيح ۽ شسته آهي. پنهنجي اڪثر بيتن ۾ قبر، قيامت، نبي صلعم جي شفا ۽ واحد جي وڏائي جو ذڪر ڪيو اٿس. سر سسئي، سهڻي، مارئي ۽ مومل راڻي ۾ سندس گهڻا بيت چيل آهن ۽ صفت ۽ ساراهه ۾ به سندس بيت ججها آهن.

پسند فقير نابينا کان پهريون دفعو اسان کي يوسف جو شعر هٿ آيو. ان بعد خود يوسف جي سؤٽ ميان حاجن سان مارڪا ٿيا جنهن کي يوسف جو گهڻو گن ياد هو. هيٺيان بيت ميان حاجن، پسند باکڙي، مينهن وسائي موندري ۽ الله ڏني موندري جي زباني قلمبند ڪيا ويا. بيتن جي فصلن وار ترتيب اسان قائم ڪئي آهي.

سر سسئي

فصل-1

ڪيچان ڪيچي آئيا، ڪيو قافيلو ڪيچين

تهڙا اٺ انهينءَ جا، جهڙي جوڙ جتن

سي ڀِريا شهر ڀنڀور تي، لاهي بار بوتن

سي کولي ڦل کٿوريون پيا چارين کي چانگن

شهر سڄوئي واسيو هو اڳاري اٺن

عطر، مشڪ، عنبر مان بر پيا بوندون ڪن

ويٺا خان خوشحال ٿي، ڪيون اوطاقون انهن

هيءَ ڀي اڳيان وهسي ان جي، ڏسيو کؤن ڏيرن

ڪامڻ سمجهيئي ڪينڪي، جا ٿي ڪي ٻولي ٻروچن

هلڻ سندي هوتن کي هئي مدي ڪا جا من

ستي ڇڏيو سيج تي، ويساهيو وڃن

تن جا آڌيءَ اٺ اٿي ويا،هن کي ڪرڪ نه پيئي ڪن

سا صبح جاڳي سسئي، ٿي ناري گهوٽ گهرن

هلي پٺيان حق جي، رکي توڪل تن

چئي: مران مور نه وران، ڪيو ويچاريءَ وچن

هي ڀي روشا (اٺ) رهن ئي ڪينڪي، راتو ڏينهن رمن

جبل ڇپر، جوسب چئي، وڃي لڪ لتاڙيان ليڙن

آءُ پاڻ اسونهين، پنڌ گهڻو، هو پيا وڻڪار وڃن

هاڙهي پٻ، هڱور جي، ماڙهو ڳالهه ڪري ٿا ڪن

پڄان شال پرين، منهنجا آهن ٻڌل ٻول ٻروچ سين.

ـــــ

*ڀيڻيون! شِهرَ ڀنڀور ۾، اهڙا ڪيچي آيا ڪي نه

هتان اچن سَوَ مسافر سافِرُو، پر اهڙي صورت سي نه

اهڙي جوڙ، جوسب چئي، هِت آيا اُٺ اڳي نه

سي سڃاڻي- مون سهي ڪيا، اوٺِي اَڻ ڏٺينِ

پنهون ڀائر پاڻ ۾، هئا سَرها خوش سَڀنِ

دست چُميو دوستن جا، قُربئون ڪوٺيون نينِ

حرصان هنڌ وڇائيو، اوطاقين آڻينِ

گهوٽيا گِلمين تي، وٺيو ويهارينِ

تَهدليان تِنين کي ٿو دوست دلاسا ڏئينِ

طرحين طعام تيار ڪريو، خوشيان کارائينِ

مان ڀِي خدمت منجهه کڙي ٿيس، ويهي پاڻ وَٽينِ

قربانيون ڪيچن تان، صدقي نام سَندينِ

گهورياس، مون گهر آئيا، اچي محب مليا مونکي نه

سي ٿا ڪن ملاقاتيون محبتون، سَرها ڏينهن سَڄينِ

رات پچارِون پنڌ جون، پلپل پور اَچينِ

ڪا جا مَدي ڏيرن من ۾، ڏمر روز ڏاڍينِ

سي نشو ڏيئي نڱيا، رَميا راه مَٿينِ

پيالو مون پَريٽِ کي، جَتين ڏنو جي نه

ته ڪيوم ڪشالو ڪيچ جو سڳر هوند ساڻينِ

الله مانَ آڻينِ وري ٻاروچا ڀنڀور ۾.

ـــــ

*ڪير ٻانڀڻ، ڪٿ ٻروچ، ڪيئن سي محب ملياس

لکئي لوح محفوظ جي، وڃي ڏونگر ڏيارياس

انگ اصل کؤن ائين لکيو هو، پوءِ پرتئون پيچ پياس

سچي محبت دوست جي. رڱ رچي ڪئي راس

ايڏا قرب ڪيچ ڌڻيء سين، يڪدل يقيناس

هينئڙي هيرون ساريون، روح منجهه رمز رهياس

اکين اُڃ عجيب جي، تن ۾ تؤنس پياس

نيرا نازڪ نينهن جا، لنؤ منجهه لڳياس

وِههَ ۾ واڍوڙي پِرَ جي، ايڏا عمل اُٿياس(1)

دردن ديرا دل ۾، فڪر فاقيراس

اندر ڦٽ فراق جا، چاڪن چاڪ چيرياس

سا چَري چانپي هَلِي، مَن ۾ مداماس(2)

 جَت مسافر، جوسب چئي، سيئي سيڻ سنداس

سا جي پورهيت ٻانهي پاڻ سين، رٺي ڏير وياس

ته هِتي هُت ٻروچ سين، هوند سوين سهنج سرياس

ڦور، هڱور، هور وطن ويجها هئاس(3)

قسمت ڇِڪ ڪياس، پوءِ براهمڻ پهه پيا.

فاصل-2

ٻاروچا ٻيا گهڻا، منهنجي جتن سان ياري

پاري مران پنهونءَ سان، شل محبت موچاري

همت حالين، مدد مولى، مونکي ڏيندو توڪل تياري

هٿين پيرين هوت بلوچين مان زر ڪندي زاري

هردم هيجان يار پريان ڏي، مونکي اڪنڊ اچاري

تن ۾ تاري، يوسف ياري، مون ورجي ڪانه وساري

ورجي وائي، ڪندي نلهائي، وهنت ويچاري(1)

عيب اٻوجها، محب مٽئين تون، منهنجا مالڪ مختاري

هردم هيڻي، مون ڪميڻي، آهيان بالڪل بدڪاري

پوندي ٻاجهه ٻروچ کي مون غافل ساعت گذاري

حاڪم هوت، ڪميڻيء جي ڪندو پنهون پوئواري

الله لڳ آري، نيج نماڻي پاڻ سين.

ڪٿي هوندم هير، جي جاني ساريان جيءَ

ڏوريان ڏسان ڪونه ڪو، تن جي شان شبيهه

جدائيءَ جي، جوسب چئي، ٻولي نه ڦيريان ٻيء

هيء پريت پراڻي نه ٿئي، جي کڻي ورهيه لڳن ويهه

تن جي توهه تڳان ٿِي، جي شڪر اچڻا آهن سڀرين.

ٻاروچا ٻيا گهڻا، پر جَتين جوڙ نه ڪو

سر مورو ساڳيـــــٖـــنٌ ڌڻي، هو ساجن سڀني جو

ڌَڻي ڌُڻي دوست ڪيو، پنهنجو پيارو

دليان دوست نه وسري مونکي وسان وڻجارو

آءٌ به ڏوريان ڏسان ڪونه ڪو، تهڙو ٻاروچل ٻيو

اِنهين جوڙ، جوسب چئي، سو مونکي پنهنجو پَسڻ پيو

صحيح سلامت سو، شل ڏسان آرياني اکين سان.

ٻاروچا ٻيا گهڻا، پر جَتيـــٖــن جوڙ نه ڪا

هيء ٿي پرٽ پڇائي جن لاءِ، سي ڪهڙي واٽ ويا

رڙهي راه انهيءَ ڏي، مون سي پانڌي پَسڻ پيا

پاڙو سو پَساءِ، مونکي الله آريء ڄام جو.

*5.ٻيلي ٻروچ جن جو، وارث وسيلو

آري ڄام اڳوار ٿي، هو سڀني سونهن ٿيو

ساٿ سڄو سبب تنهن جي، کڻي مالڪ معافي ڪيو

سي پنڌ پُوئيائي ڪينڪي، تن سولو لڪ لنگهيو(1)

پر ڀايان منهنجو پنهونء سين، هو انجام آخر جو

سو ويهي ڪيئن وساريان، جو سنگت سا کاتو

جهڙي همت غريبان هال همارو، تيئن وس ڪنديس واڪو

پر ڀيڻيون! شهر ڀنڀور ۾، مونکي وِهڻ وِرهه ٿيو

آءُ ڪنهن ڪل ٽِڪندي ڪينڪي، جنهن مون

سين هيڏو هيج ڪيو

”جف القلم بما هو ڪائن“ ڄاڻ ته اصل ائين لکيو

جئن لکيو تيئن پارڻو، صحيح سرتيون سو

پر جي آءٌ نه ڄائي ته نه سُئو، منهنجو ڪچو ڪيچين ڪو

هاڻي بخت کان ٿي ڀانئيان، ٻيو ڪهڙو ڏيون ڏوه

جيڪر جاڳائي، جوسب چئي، مون جانب جاد ڪيو

ته هوت حياتي هردم هوند مون وٽان ڪين ويو

پر آءُ ناحق غافل ننڊون ڪيان، مون ويهي وساريو

جن ڏٺو، تن نه وسري، جُلوو جانيء جو

سو ڪرمن ملندو ڪنِ کي، هاڻي ٻيهر ٻاروچو

هوت مون وٽ هو، پر سڌ نه پيم سرتيون.

جيڪر پيتم سُڌ سرتيون، هوند نه ڪئوم هيئن

جاڳي جهليم جَت کي، هوندِ نيهر پائي نينهن

خذمت منجهه کڙي، اُبِٺياس، منهنجو جانب سَرچي جيئن

ساکون، سُخن، واعدا، هاڻي قول وساريان ڪيئن

جيئن مونکي محب ملڻ جو، آهي ڏنو آخر ڏينهن

سو ڪنهن ڪَل پاريان، ڪين وساريان، منهنجو

 عهد پريان سين ائين

هي سڀ جبل جهوري، ڏونگر ڏوري، وينديس

پار پرينء

ڪَهه منجهه ڪامڻ، بر براهمڻ، ٿوٻ ٿڪل کي ڏيئن

تنهن رامڻ رند پريان جي، ٿي مُنڌ وسايا مينهن

لٿاس گوندر گم گَميِنُهنٌ، جنهن سان ٻاروچي

ٻاجهون ڪيون.

فصل 3.

ڀنڀوران بار پئي، هلي ڪامڻ ڪهي

ساجن ڪارڻ سسئي، ٿي پڇائي پهي

بر براهمڻ باسي هلي، ڀانئي تان نه ڀئي

جانب ڪارڻ، جوسب چئي، وڃي هاڙهي هاڪ هنئي،

هي سڀ هور لنگهي ويا، پيئي تن تئي؛

سا موٽي منڌ پٺيان، پسي روه رئي

منهباران مٿي ٿي، سنگهر ٿي سئي

پسي تنهن پنهوار کي سا هئي سحر کنئي

تنهن کي ماتا ڌرتي ماڳ ڏنو، ويئي پٽ پئي

وياس ريک رهي، وڃي ڪرمن ميڙي ڪانڌيس.

ڀنڀوران ٻهار پئي، سسئي سڏ ڪيا

ساماڳ نهاري، ورنه وساري، جنهن ”هئي“ ڪيو هٿ هنيا

ٻيون سڀ ورن واريون، جڙيون جاءِبجا

هيءَ ويهي وندري ڪينڪي، لوچي لعلڻ لاءِ

بر براهمڻ بانسي هلي، تيڏهون ڪياءِ ڪاه

تنهن کي جؤنسۡ جسي ۾، جوسب چئي، ٿي پلپل پور پيا

چئي: ڪرم ڪم ڪيا،  نه ته ڪير پيادي پنڌ ڪري!

ــــ

ويهه ويسل ڪيم ڪي، پڳ نه پوئتي پاءِ

جت بلوچان، جوسب چئي،پيچ نماڻي پياءِ

کڻج پنڌ رند پيچرا، رڙهج اني جي راه

دست م ڇڏ جيئن دوست جو، جنهن واٽ ڪوهيارا وياءِ

قابو ڪيچ مڪران ۾ سسئي ست رهياءِ

ڏس پرين جا ڏور پڇيائين، تنهنجو هوت هتيئي آه

سنگهر سک ٿياءِ، ميڙئينءَ امر آرياڻيءَ سان.

سهڻي

سڪي سڱ ڪيوم، لڪي ڪنبي لوڪ کان

سنگت سپيرين جو اپر مٺو ٿيوم

محب هنيون مست ڪري، ناز پريان جي نيوم

دوست دلاسو دلبر دل جو وچن ڏيئي ويوم

سرتيون ساءِ ميهار جي ڪڏهين ڪونه ٿيوم

تهن مبارڪيون محبوب جون، روز ڏيهاڙي ڏيوم

جوسب جدائي نه ٿئي، پيچ جنين سين پيوم

ٿي منع مَٺيين ڀانئيان، نه ته ڏم ڏيهاڙي چيوم

ريڌو روح نه ٽڪي جو نازڪ نينهن لڳوم

هميشائي هوم، سنگت ساهڙ ڄام سين.

سنگت ساهڙ ڄام سين، لنؤ لنؤ لڳيم لام

پلپل پور پراڙ جو، من منجهه روز مدام

دلبر دوست ميهار جون آهن پڪارون پيغام

هوت بنان منڌ هيڪلي، ڪير هلندي ڪام

ڪاري رات، ڪچو گهڙو، جت جر وهي ٿو ڄام

تکي سير سمونڊ جي، اتي رسج ويرم وريام

آءٌ پهچان مان پراڙ کي وڃي عاشق جي انجام

مون سين ميهر ڄام! ڪو ٻهڳڻ ڪجئين ٻيلپو.

ٻهڳڻ ڪجئين ٻيلپو، مون سين حاضر دوست حضور

ناريان تو لاءِ نبڻ کنيو، مون سين حاضر دوست حضور

محبت جسو مست ڪيو ٿيس محب پرين مخمور

جوش جسي ۾، جوسب چئي، پلپل اچن پور

سو ڏيکاريم ڏيـﮧ ڌڻي، دلبر ڪنهن دستور

ته: ڳجهه ڳرهيان پرينءَ سين وڃي من سندا مذڪور

فڪر منڌ فراق جي، ڪي ويچاري وهلور

چت چريءَ چنچور، آهي ماندي محب ميهار لاءِ.

ماندي محب ميهار لاءِ“ سهڻي منجهان سڪ

پيتائين پرينءَ وٽان، ڪو تازو ڏيئي تڪ

تنهن پيالي ئي پوري ڪئي، لالائيءَ جي لک

ڪري لوڪان لڪ، وئي سنجهي گهڙي سونهڻي.

سنجهي گهڙي سونهڻي، جڏ ستو سڀ عام

هن کي پوءِ پور پراڙ جو من ۾ روز مدام(1)

تنهن ويچاريءَ کي واعدو ڏنو پرين پاڻ انجام

سا تڳي تؤنڪي رب جي، ٻيو هوس سنگي ساهڙ ڄام

تن ٻنهي سندي ٻاجهه سين ٿيس اڳيون تڙ انعام

جنهنجو نيڪ نيشانبر نام، هن به لايو نينهن تنهن نيڪسين.

لايائين نينهن نيڪ سين عشق اڻاگو

اونهو جي تانگهو، توءِ ڪونهين سانگو ساه جو.

فصل-3

چري مونکي چُونِ، آءٌ پاڻ ديواني دوست لاءِ

ميارون ميهار جون منيون سٻي مون نه

طعنا تهمت پرينءَ جا، ڀل هزارين هون

کلي سڄڻ مليا، پيا ڏجهڻ ڏسيو رون

سي جين شال، جوسب چئي، جي پاپ منهنجا ڌون

پڪارون ٿيون پون، من ۾ روز ميهار جون.

جن ڏٺو تن نه وسري، مٺو محبتي(1)

سو سنمک سدا هوءِ سونهڻو، گني گنوَتي

هيءَ جا رمز رتي، لالائي مان تنهن لال جي.

لالائيءَ مان لال جي، اپر رتي ايئن

من رتو ميهار سين، ننڊ وساريس نينهن

اهڙا جوش جسي کي، جوسب چئي، جر منجهه لهريون جيئن

سا محبت محب ميهار جي، هاڻي سهي سگهندي ڪيئن

سچو ساڻس ايئن، هو ويچاريءَ جو واعدو.

ويچاريءَ جو واعدو، شل پرين ساڻ پري

ساهڙ بنا سهڻيءَ کي هڪ ساعت نٿي سري

محبت جنهن جي من ۾ سا وچان ڪيئن وري

لهي مان مري، مهندا محب ميهار سين.

مارئي*

وُٺا مينهن ملير تي، وسي پيو وسن

سانگيـــٖـنٌ وئڙا سپرين، سي الله شال اچن

حاڪم جي حڪم جو، ڪونهي اُهَنڊو اُنِ

سي مارو ٿر ملير ۾، بيفڪرا ڀوڻن

سي سَٻر سانبِي سومرا، سِيل کي سڃاڻن

مون جهڙي مشتاق جي، من پرين پڇا ڪن

قيد وهاريو ڪيــــٖـن ٿي، اڳي اشرافن

راڄا! تون راضي ٿي، من ڪا مهر پويئي من

ڇوڙي ڇڏ غريب کي، تو جا جهلي جنجيرن

محل اڏائين، ماڙيون منڊائين، آءٌ تن ڪوهه ڪندي ڪوٽن

هنڌ وڇائين، کٽون پائين، آءٌ تن ويهان نه تختن

سون نه گهرجيم سومرا، تنهنجون ٻانهيون وجهان ٻن

زريون، بخمل، بافتا، سوين ننگ سَڙن

پر آءٌ هڏ نه اوڇان انگ تي، هڪ لوئي ري لڱن

ست رڇي منجهان سومرا، توجي کِنيان نه طعامن

ڏٿ ڏؤنرا اسان جو، سي پيرون شال پچن

ٻَر ڪُونَر، ٻٻر، ڳاڱا، اهو گذر غريبن(1)

چونڊيو آڻينِ مزا ماڻينِ، قوت تنين مان ڪن

سي پنهور ٻيٽيون، پکن ويٺيون، وڳر منجهه وهسن

مڃٺ مينديون، چونڊڻ وينديون، تن وٽ لويون لاک رچن

کٿيون کيس، چڱا ويس، سادو رنگ سندن

مَنگُڻ ماشا، اوڇين خاشا، سي پيون لوئيءَ

منجهه لٽڪن(1)

پٽر پايو، ويهن وڇايو اوڍر اوڍيا ان

سي پهريون پنهواريون، هردم هوشياريون، ٻييٽيون

سان ٻڪرن

سي ڦر ڦيرين، تُور تنوارين، گهميو ساڻ گهيٽن

سي حرصان هليون، ڪنهن ناپليون، ڪرت موچاري ڪن

اچن واريو، ڪن پورهيو، او سؤنڪو ساهيڙين

سي قوت ڪريو، ڪانبا ڀريو، ڏوريو ڏٿ اچن

سي پاڙي واريون، ڀريو پاريون، کير ولوڙيو کڻن

وائِي سائي، وات اهائي، وسان نه مون وسرن

سُتي رات، تن منجهه تات، ساريان سڀڪنهنِ ساٿ سپرين

آهيانء ڀيڻ ڪر مَ ويڻ ميان مَ ڀُلج من

سمجهه سُڄاڻ، پروڙج پاڻ، ڇوڙ اُماڻ، وڃي

ٿيان سڳر سيالن

عمر ميان! جانسين جيان، توبهه ڪريان، ڏسي

تنهنجا دنيا دولتون ڌن

تنهن تان لاهه جنجير، جوسب چئي، مان وڃي

پهچان پنهوارن

مون ڏانهن ماروئڙن، ٻيا ڀي سَوَ سَنيهڙا چائيا.

ـــــ

سانبي ساريم سومرا، مونکي ڏيـﮧ- وڻ ڏور سڄن

ويهي تان نه وساريان، آهن مارو منهنجي من

هت نه هنيون وندري، ڌاران ڌرارن

جدائي جوسب چئي، شل م ڇئي (ٿئي) ماروئڙن

مارن ٻانڌو مال سين، ڦرين سانگ ڦرن

اڄ ڪ سڀان اچڻا، اُٺي مان اچن

اٺو آبادي ٿيو ملڪُ ماروئڙن

ونهين ملڪ وسائيو وطن ويڙهيچن

ڪوڙيون، ڪرٽ گدرا، چپڙ پوڄ پٽن(1)

آرڻ ٻج ٻنيءَ ۾، پنهور پوکون ڪن

وڻ ٽڻ ڦل ڦليا، گل ڦل گولاڙن

تن جو گذر گولين تي جي چڱيءَ رت رچن

آڻين ڏئونرا، چکن چنوئرا، مرڪن مزا ڪن

ٻير، ڳاڱا، چونڊي چڱا، مونکي مڪا تن

تن سانبين ساري، دم نه گهاري، ريءَ پنهور پاڙيچن

ڪنهن ڪل پاري، ڪين وساري، سنگت سانبيڙن

جن سان ياري، پرتئون پاري، طلب تاري تن

سا هلڻ هاري وڃڻ واري، بيٺي تان نه بندن

بند نه بيهان، عمر ميان! تنگ نه جالي تن

چونڊيو سرتيون، آڻين گهر ٿيون، ڏوريو ڏٿ اچن

جر ٿر جيڏيون سک وساڻيون، ملير ماڻيو تن

در در ڌيڻيون، مارن ميڙيون ٿيون مال ڌڃاڻيون مرڪن(2)

اٺي ايندم، اچي نيندم، وٺي مان وڃن

سي مون سندا، ساڻي ڇنڊا، ڪارڻ ڪندا غرض غريبن(3)

تن کي مشڪل جهلڻ آهي پلڻ، رخصت رواجن

ڏک ۽ غم گوندر گهوريان، مونکي سک من ساڻي ڇن (1)

سکيا سانگ سندن، من وڃي ساعت گذاريان سک جي.

ـــــ
3. بي ساريم سومرا، مونکي ڏيهه- وڻ ڏور ٿيا

منهنجا ماروءَ ڄام سين، هئا پرتئون پيچ پيا

سا ويندي، رهندي ڪينڪي، آهي هت نه گهارڻ گهاءُ

حق حوالي هيڪڙي، آءٌ اڳ مڱائي آه

سا ور مٽي ٻيا ور ڪندي ڪهڙي لالچ لاءِ

پٽ نه پرهيان سومرا، تنهنجو وڳو تان نه سيباءِ

گندي ’کيئت‘ گهوٽ جي، لوئي تان نه لڄاءِ

ماءُ ماڏوئي، پئه پالينو، راڄين ڌيءُ جهلياءِ

ڪر ڀلايون ڀيڻ سين، تون عمر ٿورو لاءِ

سچ ڪريان ٿي سوڳند توسين اهم ادا تون اصلاءِ

مون ستيءَ جو سڀين پرين ٿيو نام سچو نرواءُ

پئه ٻنهيءَ جو هيڪڙُ، مونکي چيو ماءُ

سڪ سچائي ساڃاءَ، وڃي ملندي ماروءَ ڄام کي.


(1) وهان= ويهه- زهر.

(2) واءُ= ونء ڪاهي= ڪهڙي (م).

(3) ڪم= ڪلهه- ڪالهه (م).

(4) درياه= حب ندي. ’سنگهر‘ نالو مڪان جو.

(1) پر= پري

(2) ارڪانان ۾= ارڪانن ۾ (م).

(1) حاجن حوالدار سان سنه 1951ع ۾ ميان نبي بخش موندري جي دڪان (ڪنڀار واڙو، ڪراچي) تي اسان جا مارڪا ٿيا. پڻ ميان حاجي سليمان موندري، جنهن جو ان وقت صدر (ڪراچي) ۾ کير جي ڊيئري جو دڪان هو، اسان کي لس ٻيلي جي سگهڙن سان ملايو.

(1) ندائي= هميشـﮧ جو ويٺل- قديمي ويٺل، ڪڻائي= کٽائي

(1) پادي= ڀاڙو (م). پنڊڪ جي= پنهنجي. ڀيرا ڏين= ڦيرا ڪن. برائي= بروهي.

(2) پنهواڻي= پنواڻي موندرا.

* هيءَ بيت پهريائين حاجن موندري کان، ۽ پوءِ مينهن وسائي موندري جي زباني (29- آڪٽوبر 1961 تي لياري، لس ٻيلو) قلمبند ڪيو ويو. شاعر يوسف، مينهن وسائي جو نانو هو.

* هي بيت پهريائين حاجن پٽ چاڪر موندري کان، ۽ پوءِ الله ڏني موندري ويٺل لياري (لس ٻيلو) جي زباني قلمبند ڪيو ويو. شاعر جوسب موندرو الله ڏني موندري جو نانو هو.

(1) وهه= وجود

(2) همت سان هلي

(3)  ڦور ۽ هڱور ٻئي نديون. هوڙ= ۽ هڱور جي وچ ۾ سمنڊ جي ڪناري ڀيٽاريون

(1) تلهائي= نلائي= اڪيلائي؛ وهنت= منٿ.

* 5-7 بيت حاجن پٽ چاڪر موندري (ويٺل لياري) کان قلمبند ڪيا ويا

(1) پوئياڻي= پيائي

(1) پوءِ= پوي.

(1) هن بيت کان اڳ ٽي ٻيا بيت به هن ڪڙيءَ جا هئا جي وقت جي تنگيءَ سبب قلمبند نه ٿي سگهيا.

 

* راوي حاجن موندرو.                  

(1) ٻر= وڻ. ڪونر (بروهي ۽ مڪراني ٻولي)= ٻير جو وڻ

(1) منگڻ= اَن جو ٺهيل ڪوٽ، جو مڪران جي پاسي اوڍين

(1) ڪوڙيون= جبل جو ”پانهيرو“ نالي وڻ جنهن جو ميوو ”ڪوڙيون“ جي گولاڙن جهڙيون مگر مٿين کل سخت؛ ڪوڙين کي رڌيندا، سنڌيندا ۽ ٻن ٽن ڏينهن بعد اَچار ڪري کائيندا. ڪرٽ= ڪرٽيون، ريڀڙيون

(2) ڌيڻ جمع ڌيئون= سوئا ڳئون يا مينهن

(3)  ڇنڊا= ٿيندا

(1) ڇن= ٿين.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org