سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ٻيلاين جا ٻول

صفحو :5

ڄام عالي خان ثالث: اِنهيءَ دوران رابرٽ سئنڊمن يعقوب خان ۽ ڪيچي خان (عرف ايوب خان) کي ايچيسن ڪاليج لاهور ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ موڪلي ڏنو؛ ڊسمبر 1888ع ۾ رابرٽ سئنڊمن ڄام عالي خان کي پاڻ سان گڏ وٺي آيو ۽ 21- جنوري 1889ع ۾ درٻار قائم ٿي، جنهن ۾ ڄام عالي خان کي ٻيلي جي تخت تي ويهاريو ويو. ڄام عالي خان جي تخت نشيني وقت، رابرٽ سئنڊمن کي هڪ سپاسنامو پيش ڪيو ويو جنهن ۾ ڄام عالي خان جي تخت نشيني تي خوشيءَ جو اظهار ڪيو ويو. ان سپاسنامي تي ٻيلي جي هيٺين سربراهن ۽ معتبرن صحيون ڪيون هيون: پير احمد شاه صاحب، پير نُور شاه جيلاني ساڪن اُٿل، پير ملوڪ شاه جيلاني ساڪن اُٿل، سيد جعفر علي شاه ساڪن اُٿل، سيد غلام علي شاه لس ٻيلو، سيد جمن شاه، وڪيل خليفو ميان احمد بن خليفو رضا محمد ڀنڊ جوکيو ساڪن ميران پير ڪراچي ۽ ڀاڻس خليفو محمد يوسف، خليفو رحيم خان، خليفو شاه بلاول، خليفو سائينداد (شاه بلاول)، مير فتح خان عالياڻي، مير جنگي خان عالياڻي، مير ڇڳير خان ولد علي خان ڄاموٽ چنره پوٽو، مير جمن خان ولد خان محمد چنره پوٽو، مير جنيد خان ولد عظيم خان ڄاموٽ چنره پوٽو، مير ولي محمد ڄاموٽ چنره پوٽو، وڏيرو شير خان ولد سنگر وندرائي ڄاموٽ، ڇتو ولد الهنو ڄاموٽ ڪتهڙ ۽ پولـــٖـي وارو، علي محمد ولد صاحب ٻُرو، حاجي دريا خان ڄاموٽ، حاجي صاحب صوب خان ٻُرو، وڏيرو پنيلڌو ولد لعل خان گونگو، سليمان ولد ڪلاچ گونگو رئيس پوٽو، الهداد ولد محمد گونگو، گهراماڻي، موسيٰ خان ولد الهنو گونگو، فتيان گونگو، وڏيرو شير خان ولد فقير اڱاريو باڙائي، دائود اڱاريو، علو اڱاريو پِنيه پوٽو، خليفو جان محمد شيخ، خليفو سومار شيخ، بچل شيخ، خليفو مڱيو ٻُرو، ادريس ٻُرو، داد محمد ٻُرو، جانو ٻُرو اُٿلائي، وڏيرو شير خان ولد مِٺو شاهوڪ، وڏيرو لکمير مانگيو، خانو ولد اسماعيل مسور، قدر ولد عمر بودره، عارب بودره، وڏيرو لعل خان ولد پنيلڌو باريجو، لعل بخش باريجو، ناکئو محمد صالح سونمياڻي وارو، ناکئو محمد يوسف سونمياڻي وارو، غلام محمد ولد رحمت پادي، فتيان ولد هيبت پادي ۽ ميان محمد دائود زرگر ڪراچي وارو.

ڄام علي خان، سردار نوردين مينگل سان گڏ شهيد ٿيل ساٿين جي وارثن جي دلجوئي ڪئي ۽ سندن واسطي لوازما مقرر ڪيا. انهيءَ سلسلي ۾ هيٺيون ٻه سندون، هر هڪ سنه 1303هه ۽ 1310هه ۾ جاري ڪيائين،جن موجب ساليانو 25 هزار رپيا لوازمن طور مقرر ڪيائين.

[1]

باعثِ تحرير آنکـﮧ اقرا کردم صحي و اعتراف نمودم شرعي مير جام عالي خان ولد جام ميرخان ملقب جام زئي آنکـﮧ چون بهمراه جنت مکان خلد آشيان سردار نوردين مرحوم از دستِ قاتل مير خداداد خان خان قلات شهيد شد و همراه مرحوم مذکور مقدار هفتاد و سـﮧ نفر مينگل وغيره- و باز مينگلان باقي وارثان از سر کار اين جانب چون مقتولان صدر دريافت نمود کـﮧ مذکوران گفت کـﮧ سردار نوردين بمعـﮧء مينگلان خاص سربر آن سرکار عالي شهيد شد- از باز سر کار اينجانب چنان اقرار کرده کـﮧ مبلغ بيست هزار روپيه بر مذکوران يعني وارثانِ ايشان خواهم داد- وقيمت شاهي زئي ڻک[1] چار هزار، حمزه و حسن خان چار هزار، ديگر دولت خان زئي دو هزار، ديگر مينگلان رئيساني چار هزار وشادمان زئي و محمد زئي و حمل زئي ديگر وغيره دو هزار- اين چند اقرار همراه ايشان کرده و آئنده نيز ديگر خوبِي همراه شان خواهد شد اين چند کلمـﮧ بطريق حجت ودست آويز بدست وارثان مقتولان داده کـﮧ فردا بکار آيد- عندالشرع الشريف مسموع باشد و حال تحرير

17 محرم سنه 1303هه

مهر

جام عالي خان

[2]

باعث تحرير آنکـﮧ

اقرار ميکنم صحي وشرعي من جام عالي خان ولد جام ميرخان قوم جام زئي برين معني آنکـﮧ مقدار پنجهزار روپيه ضرب کلدار مي شودکـﮧ مينگلان بابت خون سردار مير نوردين خان مرحوم ومينگلان سال بسال دادني هستم- علاوه از ده هزار روپيه والـﮧ کـﮧ در کاغذ ديگر نوشتـﮧ داده ايم بـﮧ تفصيل دادني بـﮧ مير حمزه ولد حاجي خان يکهزار، مير حسن ولد گهُرام يکهزار، بمير عالم خان ولد ميران يکهزار- بمير علي محمد ولد دين محمد يکهزار- بملا گهُرام و محمد ولد حيبتان يکهزار و اين عذر و حيلـﮧ نخواهم کرد

حال تحرير بتاريخ 10- رمضان المبارک سنه 1310هه

بمهر

جام عالي خان

شاهد مير محمد رئيساني شاهد جنگو لانگو شاهد کيچي لانگو

وملا گهُرام برائي اينجانب بسيار خدمت و استخاره کرده

بر او مايان خال بود مگر در کاغذ همين مقدار نوشتـﮧ شد

باز علاوه خوبي همراه او خواهد شد- فقط تاريخ صدر

ــــ

ڄام عالي خان ڪجهه عرصو حڪومت هلائي، تان جو سندس پٽ ڄام ڪمال خان ۽ سندس وچ ۾ ڪشمڪش شروع ٿي. انهيءَ موقعي تي مصالحت لاءِ رابرٽ سئنڊمن آيو ۽ سونمياڻي ۾ سڀني کي سڏائي صلح ڪرايائين. سئنڊمن اُتي بيمار ٿي پيو، جتان کيس کڻائي ٻيلي ۾ آندو ويو، جتي بالاخر 29- جنوري 1892ع ۾ گذاري ويو.[2]

ڄام ڪمال خان: ڄام عالي خان سنه 1896ع ۾ وفات ڪئي، ۽ سندس پٽ ڄام ڪمال خان تي ٻيلي جي پڳ آئي جنهن جي ايامڪاريءَ کان وٺي ٻيلي جي ڄامن تي پڻ انگريزن جو سياسي تسلط پوريءَ طرح قائم ٿي ويو. ڄام ڪمال خان 25 سالن جي حڪمراني بعد سنه 1921ع ۾ وفات ڪئي. مرحوم مولوي عبدالحڪيم درس سندس وفات تي هيٺيون تاريخي قطعو چيو:

جهان يکسر بحکم ذوالجلال است

چو خان کمال آن والي لس

شجاعت هم سخاوت را يگانـﮧ

چو اين ماه منور رو بپوشيد

’درس‘ گويد چنبن از سال رحلت

ز قدرت او کمال و هم زوال است

کـﮧ در عهدش بسي لس شان حال است

بدور اين زمان ديگر محال است

خلق را بس ازين رنج و ملال است

”بـﮧ بهشت جاودان جاي کمال است“

1340هه [جون 1933]

مولوي محمد سليمان ٻُري هيٺيون مزيد مصراعون منظوم ڪيون:

حکمراني نموده بيست و پنج سال

غلام خان محمد او ولي عهد

شمار عمر او تاشست سال است

هم آن جام علي او نونهال است

ڄام غلام محمد خان: سندس والد ڄام ڪمال خان 26- جون 1921ع تي وفات ڪئي ۽ 29- اپريل 1925ع تي کيس ڪُلي اختيار مليا. 1927ع ۾ هن رونجها قوم کي گرفتار ڪرائي قلات ۾ انگريزن جي حوالي ڪيو.

جمعي ڏينهن پهرين رمضان سنه 1356هه/ 1937ع تي شڪار ڪندي کيس حاجي الله رکيي رونجهي جي گولي لڳي ۽ وفات ڪيائين:

درين گردش فلک در اين زمان

کـﮧ والي رياست بجاي شکار

غلام محمد حکمران لس

ز دست اجل جام چون خورد جام

چو گويم کـﮧ آن جام فرخنده خوءِ

رعيت نواز و عدالت پسند

نکو روئي باحلم دانش تميز

ز غفلت غلامان محمد غلام

بملک بلوچي چنين انتقال

ز تاريخ بنده صدا شد چنان

 

برمضان بماه بروز بهين

عجب حادثـﮧ شد هلاکت چان

شد از تير همدم قضاي شکار

عديلش نباشد درين عهد کس

خلائق بماتم رسيده تمام

بـﮧ شيرين زبان بود خوش نام جوءِ

رياست ازين شد بسي ارجمند

بجود و کرم بود هر دل عزيز

شهادت چشيده بماه صيام

بگفتار نادر بماند بحال

”غلام محمد بمنزل جنان“

(1956ع)

”شهادت غلام محمد بـﮧ بين“

(1937ع)

ڄام غلام قادر خان: پنهنجي والد جي وفات بعد سنه1937ع ۾ حڪمران ٿيو. لس ٻيلي جي حڪمران ڄامن جو هن تي خاتمو ٿيو. پاڪستان جي قيام بعد سنه1956ع ۾ حڪومت جي نئين نظام ۾ لس ٻيلي جي رياست واري حيثيت ختم ٿي ۽ ان کي هڪ ضلعي جي حيثيت ۾ ڪراچي ڊويزن سان ملايو ويو. ڄام صاحب مغربي پاڪستان صوبائي اسيمبلي جو ميمبر ۽ حڪومت جو وزير ٿيو. هن وقت هڪ معزز شهري جي حيثيت ۾ زندگي گذاري رهيو آهي.


(1) ڻک، يعني يک قبيلـﮧ از قبائل قوم

[2] سندس قبر شهر ٻيلي ۾ ڏاکڻي پاسي شاهي باغ ۾ آهي، جنهن تي انگريزيءَ ۾ هيٺيون ڪتبو لڳل آهي:

In Loving Memory

Colonel Sir Robert Groves Sandeman

K.C.S.I., B.Sc.

Chief Commissioner of Baluchistan and Agent to the Governer General

Born at Perth Scotland 25 February 1835

Died at Las Beyla Baluchistan 29 January 1892

He died as he lived in the discharge of this duty

Vervent in Spirit Serving the Lord

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org