باسمه تعاليٰ
ٻئي ڇاپي جو ديباچو
هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو سن 1951ع ۾ پڌرو ٿيو. ان
ڇاپي جي آخري باب (ٻارهين) ۾ ڄاڻايو ويو هو ته:
”هن ڪتاب ۾ فقط ايترو سرمايو گڏ ٿي چڪو آهي، جيترو
اسان پنهنجي فراغت موجب گڏ ڪري سگهيا آهيون.
انهيءَ ڪري هي ڪتاب فقط بنيادي ديوار آهي جنهن تي
نقش نگار ۽ چٽن گلن جي اڃان ڪافي گنجائش آهي. اميد
ته سنڌي ادب جي ڪنهن سڄڻ کي سائين وڏي سگهه ڏيندو
جو هو دوباره لس ٻيلي جو گشت ڪري شعر جي باقي رهيل
خزانن مان ڪي هٿ ڪندو ۽ هن بنيادي ديوار کي نئين
نقش نگار سان ويتر سينگاريندو.“
هن ٻئي ڇاپي جي اشاعت سان مٿين اميد جي ”قدري“
پورائي ٿي آهي، حالانڪه ”کاري کسي تمام نکرد“.
پهرين ڇاپي جي اشاعت کان پوءِ، وڌيڪ مواد هٿ ڪرڻ
لاءِ، پوين اڻويهن سالن جي عرصي ۾ بقدر فراغت اسان
پنهنجي جستجو جاري رکي، ۽ جن سڄاڻ سگهڙن کان وڌيڪ
حالات هٿ ڪيا ويا تن ۾ مرحوم الله بخش پالاري (سنڌ
ڪوهستان)، مرحوم محمد امين ڀوتاڻي (دريجي) ۽ وڏيري
علي مراد ٻُري (شهر اٿل) جا نالا قابل ذڪر آهن.
سگهڙن جي صدري روايتن کان سواءِ هيٺين قلمي ذخيرن
مان پڻ قيمتي مواد هٿ ڪيو ويو آهي: (1) مرحوم ميان
شيخ غلام حسين وارو ڪتاب، جو اسان 1946ع ۾ فقط ٽن
ڏينهن لاءِ ڏٺو هو سو دوست محترم حاجي محمد سوڍي
بگهياڙ (ميرپور ساڪرو) جي معرفت تفصيلي مطالعي
لاءِ مليو، (2) مرحوم عبدالرحيم ”وفا“ جو قلمي
ذخيرو، (3) منشي صالح محمد ٻُري جو قلمي ذخيرو جو
ميان صالح محمد سمي جي معرفت مليو، (4) پير صاحب
سجاد نشين درگاهه ”ميران پير“ (ڪراچي) وٺان مليل
قلمي ڪاغذات، (5) ۽ وڏيري ميان علي، مراد ٻُري ۽
سندس فرزند ميان الله بخش وٽان مليل سندون ۽ ٻيو
قلمي ذخيرو.
مٿئين ذخيري جي ڪن عبارتن ۽ اهڃاڻن جي درستي ۽
تصديق خاطر توڙي مقامي سگهڙن سان ۽ کانئن صدري
خزاني حاصل ڪرڻ خاطر اسان ٽي دفعا لس ٻيلي جي ڪن
اراضين جو گشت ڪيو: سنه 1961ع (28 آڪٽوبر کان 2
نومبر) ۾ لياري، ڪاٺين واري ۽ هاڙهي جي اڀرندين
دامن ۾ ڪچهريون ڪري خاص طرح مبارڪ گونگي ۽ مڱيي
براديي جا وڌيڪ بيت هٿ ڪيا، سنه 1962ع (5کان 7
آڪٽوبر) ۾ اٿل لياري ۽ ٻيلي ۾ مارڪا ڪري ڪن نون
شاعرن جا بيت قلمبند ڪيا: ان وقت اسان جو جهونو
راوي ميان صالح محمد مڱڻهار اڃان جيئرو هو ۽ اٿل ۾
ساڻس ڪچهريون ٿيون، ٽيون ڀيرو سنه 1969ع (4 کان 6
جولاءِ) ۾ اٿل ۾ منزل ڪري وڏيري ميان علي مراد
ٻُري کان خاص طرح لس ٻيلي جي جنگين جي بيتن ۽
تاريخي اهڃاڻن بابت حالات هٿ ڪيا ويا.
اهي ڪوششون قدري ڪامياب ٿيون ۽ هن ٻئي ڇاپي لاءِ
نئين مواد جو ڪافي ذخيرو گڏ ٿي سگهيو. هن ڇاپي ۾
لس ٻيلي جي تاريخ توڙي لس ٻيلي جي قومن ۽ قبيلن
بابت وڌيڪ معلومات گڏ ڪري جدا باب ڏنا ويا آهن.
”جنگنامن“ بابت ”باب ڇهين“ جو مواد نئون آهي جنهن
کي وڏي محنت ۽ تحقيق سان سهيڙيو ويو آهي. شعرو
شاعري ۽ جدا جدا شاعرن بابت پهرئين ڇاٻي واري مواد
۾ جابجا اضافا ڪيا ويا آهن. ”ڪبيرشاه“ جي نسبنامي
کي درست ڪيو ويو آهي ۽ پڻ سندس شاعري ۾ ”سينگار“
وارن بيش بها بيتن جو اضافو ڪيو ويو آهي. هن ڇاپي
جا پويان ڇهه باب گهڻي قدر نئين مواد تي مشتمل
آهن، جن ۾ شاعر دوس محمد بابت ”سترهون باب“ هڪ
قيمتي اضافو آهي. شاعر دوس ّمحمد لس ٻيلي جي
باڪمال شاعرن مان هو جنهن جي سوانح توڙي بيتن جو
تفصيلي ذڪر پهريون ڀيرو هن ٻئي ڇاپي جي زيب زينت
بنيو آهي. انهن اضافن سان اميد ته هيءُ ٻيو ڇاپو
عام سنڌي شاعري جي شائقن لاءِ عموماً لس ٻيلي جي
شاعرن ۽ سگهڙن جي قدردانن لاءِ خصوصاً مفيد ثابت
ٿيندو.
هن ڇاپي لاءِ مواد گڏ ڪرڻ ۽ ان کي پايه تڪميل تي
پهچائڻ لاءِ جن دوستن ۽ سگهڙن مدد ڪئي آهي، تن
سڀني جو آءٌ دل سان شڪر گذار آهيان، هن سلسلي ۾ ٻن
صاحبن جا نالا قابل ذڪر آهن: محترم ممتاز مرزا قرب
ڪري پريس ڪاپي تياري ڪرڻ ۾ مدد ڪئي، ۽ محترم احمد
نبي بخش شيخ نه صرف وقت بوقت تقاضا ڪري هن ڇاپي
لاءِ نسخي تيار ڪرڻ لاءِ آماده ڪيو مگر ان جي
ڇپائي ۽ اشاعت جو بار پڻ پنهنجي ذمي ڪيو.
خادم العلم
سنڌ يونيورسٽي
حيدرآباد سنڌ
15 مئي 1970ع
پهرين ڇاپي جو مهاڳ
1945ع ۾ محترم رئيس محمد خان هيسباڻي جي اوطاق (لڳ دوڙ) تي پهريون ڀيرو سگهڙ
دودي عاقلاڻي وٽان معلوم ٿيو ته لس ٻيلي ۾ سنڌي
زبان جا وڏا سگهڙ ۽ شاعر ٿي گذريا آهن ۽ موجود
آهن. ان بعد سنڌ جي هڪ ٻئي سگهڙ حامد خان رند سان
رئيس ميان احمد خان، عبدالمجيد خان ۽ عبدالله خان
ملڪاڻي جي اوطاق تي ڳوٺ راڄ ملڪ ۾ (گهاري لڳ)
مارڪو ٿيو، جنهن ۾ هن سگهڙ مٿين حقيقت جي تصديق
ڪئي، شيخ ابراهيم ” لس واري“ جا بيت ٻڌايا ۽ ڪبير
شاهه ۽ شيخ ابراهيم جي شاعرانه مناظري جوبه ذڪر
ڪيو. انهن اهڃاڻن ٻيلي جي سگهڙن ۽ شاعرن جي احوال
هٿ ڪرڻ جو عشق پيدا ڪيو. مگر هي عنقا آسانيءَ سان
هٿ نه اچي ها، جيڪڏهن دوست محترم ميان صالح محمد
خان بلوچ منهنجي لاءِ لس ٻيلي جو اوکو ۽ اڻانگو
سفر سولو ۽ سوکو نه ڪري ها. شل سائين سلامت رکيس.
تاريخ 23 جون 1946ع رات جو ٻي بجي لس ٻيلي جي شهر ”اٿل“ ۾ پهتاسين. ٽي ڏينهن
هن شهر ۾ ٻيلي جي ڪن سگهڙن سان ملڻ ۽ مارڪي ڪرڻ جو
موقعو مليو. اتان واپسيءَ بعد،11-آگسٽ 1946ع/12
رمضان 1365هه تي شيخ ميان غلام حسين سان ملاقات ٿي
۽ هن لائق ڪري پنهنجي سگهڙ ميان سائينداد جو ڪتاب
ڏيکاريو، جنهن ۾ هن سگهڙ پنهنجو سڄو صدري خزانو
قلمبند ڪري ڇڏيو هو. انهيءَ ڏينهن مون روبرو ويهي
هن ڪتاب کي جانچيو ۽ منجهانئس ڪجهه انتخاب ڪيو.
اميد هئي ته ڪنهن وڏي واندڪائيءَ ۾ ويهي ڪتاب تي
گهري نظر وجهندس، مگر اوچتو آمريڪا جي سفر جو سڏ
ٿيو ۽ 16 آگسٽ 1946ع تي ڪراچيءَ مان روانگيءَ جو
پروگرام مقرر ٿيو. ڏٺم ته حياتيءَ کي بقاءُ ڪونهي
۽ شايد هن ڪتاب کي وري ڏسڻ به يا نصيب، سو شيخ
غلام حسين جي ڪراچيءَ ۾ موجودگيءَ جو موقعو غنيمت
ڄاڻي، وٽس ويس ۽ پنهنجي ڏورانهين سفر جي سنبت ۽
ساڳئي وقت ڪتاب کي ڏسڻ جي انتهائي شوق جو ساڻس حال
اوريم. ايتري واندڪائي ڪانه هئي جو وٽس ويهي ڪتاب
ڏسان ها سو کيس استدعا ڪيم ته ٻن ٽن ڏينهن لاءِ
ڪتاب کڻي وڃڻ لاءِ ڏئي. ميان غلام حسين منهنجي ذوق
بلڪ عشق جو قدر ڪيو ۽ مهرباني فرمائي، سالن جي هن
سانڍيل سوکڙيءَ کي کڻي منهنجي حوالي ڪيو. شل سائين
هن سخا جو اجر ڏئيس.
ڪتاب کڻي آيس مگر ڏينهن وارو سڄو وقت سفر جي تياريءَ ۾ مشغول رهيس، البته
تاريخ 14 ۽ 15 آگسٽ 1946ع جي ٻن راتين ۾ ويهي هن
ڪتاب جي ورق گرداني ڪيم ۽ ٻيلي مان هٿ ڪيل بيتن کي
سگهڙ سائينداد جي روايت سان ڀيٽيم، ازانسواءِ ڪي
نوان نُڪتا به نوٽ ڪيم. انهن ٻن راتين جي اوجاڳي ۾
جيڪي پلئه پيو سو ۽ ٻي اڳين کيڙي ميڙي ساڻ ڪري 16
آگست تي آمريڪا جو سفر سنباهيم. بمبئي کان سئن
فرئنسڪو واري سفر ۾ آمريڪي ڪمپني جي جهاز ”جنرل
گارڊن“ جي لوڏن، هندي ۽ پئسفڪ سمنڊن جي اوڀارين
لهوارين لهرين ۽ رمضان شريف جي روزن ۾ به قلمي
ڪشالي ڪڍڻ جو شوق جاري رهيو ۽ دوران سفر ۾ ڪتاب جو
خاڪو سٽيم ۽ مقدمو ۽ ٽي باب جوڙي راس ڪيم. چوٿون ۽
پنجون باب نيويارڪ ۾ ڪولمبيا يونيورسٽي ۾ لکيم،
مگر پوءِ تعليمي ڪم ايترو ته گهيري ويو جو هن ڪم
ڏانهن توجهه نه ڪري سگهيس. وري 1949ع ۾ وطن ورڻ
بعد بيروزگاري جي نعمت نصيب ٿي جنهن کي غنيمت
سمجهي، نومبر 1949ع ۾ سڄي ڪتاب جو مسودو مڪمل ڪيم.
اميد ته هي چند سٽون هن تصنيف جي سوانح جو حق ادا
ڪنديون.
سنڌي ٻولي جي دهقاني ادب –جو نج سنڌي ادب آهي– جي تحقيق ۽ تلاش بنده جي
ڪوششن ۽ ڪاوشن جو عين مقصد رهيو آهي. هي موجوده
تحقيق نه رڳو لس ٻيلي جي ادب کي اُجاري ٿي مگر سنڌ
جي دهقاني ادب جي سنڀار سهيڙ لاءِ هڪ اهم پيش خيمو
آهي ۽ سنڌ جي اديبن کي نج سنڌي ادب جي روح کي
محسوس ڪرڻ ۾ وڏي واهر ڪندي. اسان هن ڪتاب ۾ فقط
بيت گڏ ڪين ڪيا آهن، مگر چپي چپي مفيد بحٽ ۽ تنقيد
کي به پيش نظر رکيو آهي. شروع ۾ مقدمي طور ”عام
سنڌي شاعري“ تي مختصر تبصرو ڪيو ويو آهي، انهيءَ
لاءِ ته جا جنس ڪتاب ۾ پيش ڪئي وئي آهي، پڙهندڙن
کي ان جي سوچ سمجهه، سرت نرت ۽ پرک پروڙ ۾ آساني
ٿئي. ان بعد لس ٻيلي جي تاريخ ۽ ٻولي، توڙي ٻيلي ۾
شاعريءَ جي نشونما ۽ ان جي خصوصي عنوان تي مفيد
باب بنايا ويو آهن. اسان مڙني مضمونن کي انهيءَ
ترتيب ۽ رنگ ۾ پيش ڪيو آهي، جهڙي طرح ”ٻيلي“ ۾
انهن جو چرچو آهي. انهيءَ لحاظ سان شيخ ابراهيم ۽
ڪبيرشاه متعلق جدا باب بنايو ويو آهي: ڇاڪاڻ ته هي
بيان ٻيلي ۾ شاعرانه پهه پچار جو ماڳين منڍ آهي.
جيتوڻيڪ اسان هن ڪتاب جو مواد هڪ قليل مدت ۾ ۽ صرف پنهنجي ادبي عشق جي جذبي
هيٺ جمع ڪيو آهي، تاهم هي وکر اسان ڌر وايارين کان
وهايو آهي.
اسان ڪوشش ڪري ٻيلي جو شعر خاص ٻيلي جي شاعريءَ جي سرچشمن مان هٿ ڪيو آهي،
اسان سگهڙن جا سينا به ڦوليا آهن ته سگهڙن جا لکيل
ڪارناما به پوري تلاش ڪري ڳوليا آهن، اسان هن
وڃايل وٿ کي خاص ڀاڳين جي ڀاڻ تي وڃي نهاريو آهي،
جنهنڪري هيءَ وٿ، ونڊ ۽ ورڇ اسان کي ڌر ڌڻين وٽان
ملي آهي.
اسان جي انهيءَ خاص ڪوشش جو فائدو هي آهي جو اسان کي ٻيلي جي شاعريءَ جون
مختلف رواتيون ملي ويون آهن. سگهڙ شيخ سائينداد جي
قلمبند ٿيل روايت سان گڏو گڏ سندس ذري گهٽ همعصر،
ساٿياري ۽ عزيز ٻڍڙي شيخ الله ڏني جي روايت سندس
زباني حاصل ٿي. اهي ٻئي روايتون ساڳئي شيخ گهراڻي
جون آهن، جن سان گڏ ميان ڪريمداد ٻُري برفت ۽ ميان
صالح محمد مڱڻهار جون ٻه مستقل روايتون پڻ سندس
پنهنجي زباني ملي ويون. سنڌ جي سگهڙن مان، حاميد
خان رند جي روايت ۽ قدري حاجي سرماڻ ۽ سندس فرزند
حاجي محمد سوڍي بگهياڙ جون روايتون سندن زباني
مليون. حاميد خان خود سگهڙ شيخ سائينداد سان رهاڻي
ٿيو هو ۽ حاجي سرماڻ پڻ شيخ سائينداد سان مارڪا
ڪيا هئا، انهيءَ ڪري اهي ٻئي روايتون شيخ سائينداد
جي روايت سان وابسته آهن. سنڌ جي ٽي روايت سگهڙ
حاجي محمدهاشم مڱڻهار جي آهي ۽ چوٿين ان سان
وابستہ سگهڙ حاجي طاهر گهراڻي جي آهي. سنڌ جي انهن
چئن روايتن، خاص ٻيلي جي روايتن کي ڀيٽڻ ۾ وڏي مدد
ڪئي ۽ ازانسواءِ انهن روايتن وسيلي ڪي نوان بيت
مليا جي ٻيلي جي ڪنهن به روايت ذريعي نه ملي
سگهيا.
اسان انهن مڙني روايتن کي ڀيٽي ٻيلي جي هن سڄي شاعرانه سرمايي کي نهايت
ايمانداري سان سهيڙي سموهي، سوڌي سنواري، سلجهائي
سينگاري پڙهندڙن جي آڏو پيش ڪيو آهي. مؤلفن جي
بيجا دست اندازي کان اسان پاڻ کي بالاتر رکيو آهي.
فقط اسان کي جتي يقيني طور محسوس ٿيو آهي ته هت
بيت ڏيندو راويءَ طرفان بيت کي وڍ وڌل ۽ ڪڪر ڏنل
آهي ۽ نه اصلي شعر چوندڙ شاعر جي خامي يا غلطي،
اتي اسان انهيءَ راويءَ جي وڌل ڏڌَ جي اصلاح ڪئي
آهي. تحقيق ”بيگو“ سگهڙ سچ چيو آهي ته:
”جيئن ٿا چِيندڙ چِين، تيئن جي ڏيندڙ ڏين،
ته بيتن کي، بيگو چوي، هوند ڪڪر ڪين پين.“
مگر اسان جي انهيءَ سوڌ سنوار ۽ اصلاح جو بيت يا سٽ جي معنيٰ مطلب، لفظي
ترتيب يا اصلاحي ترڪيب تي ذري جيترو به اثر ڪونهي.
اسان جي مختصر ڪڇ - وهٽ ۽ سوڌ سنوار گهڻو ڪري
راوين جي زائد لفظن جي ڇانگ يا سندن خام اُچارن جي
ترميم تائين محدود آهي. راوي اڪثر بيت ڏيڻ وقت
پنهنجي طرفان بي ضرر مگر زائد الفاظ مثلاً: پوءِ،
هاڻي، جڏهن، تڏهن، جنهن، تنهن، ڀلو، سا، جا، تان،
چئي، ته، جي، سي وغيره سٽن جي شروع يا وچ ۾ وجهندا
آهن، اهڙن ڪن بي معنيٰ ۽ زائد لفظن کي اسان ڪن خاص
جاين تي ڇانگي ڇڏيو آهي. جتي جتي روايت ناقص آهي ۽
ڪا سٽ يا سٽ جا ڪي الفاظ راوين کي ياد نه هئا، اتي
اسان انهيءَ خاميءَ کي عارضيءَ طور درست ڪرڻ لاءِ
پنهنجي طرفان اهڙن کٽل لفظن يا سٽ جو اضافو ڪيو
آهي ۽ اهڙي اضافي کي چورس [ ] ڏنگين ۾ رکيو آهي ته
ڀل پڙهندڙن کي روشن ٿئي ته اهو اضافو مؤلف جي
طرفان آهي. انهيءَ احتياط سان، هي ڪنوار ناظرينن
آڏو بلڪل پنهنجي اصلي ويس وڳي ۽ حقيقي سونهن سوڀيا
سان نڪري نروار ٿئي ٿي.
اسان هي قلمي ڪشالو صرف سنڌ جي نج دهقاني ادب سان محبت ۽ عشق سبب ڪڍيو آهي.
اسان کي يقين آهي ته اسان جي هيءَ مخلصانه محنت ۽
ڪوشش صاب پوندي، سنڌ جي علمي سرمايي ۾ اضافو ڪندي
۽ نج سنڌي ادب جي تلاش ۽ تحقيق ۾ هڪ نئون ورق
ورائيندي. اميد ته هن بعد اسان کان وڌيڪ ڪو تشنہ
ڪام طالب ۽ سنڌي ادب جو سچو عاشق صحرانِو رَدي
ڪري، سنڌجي دهقاني ادب جا مڙيئي مٺا چشما ۽ سبز
خيابان ڳولي لهندو، سنڌي ادب جي سمورن اڃايلن کي
سيراب ڪندو ۽ سنڌ جي ادبي بيانان کي سرسبز ۽ آباد
ڪندو پر جي سائين ڪنهن ۾ اهڙي سگهه وڃهي!
آخر ۾ مؤلف انهن سڀني دوستن جو شڪر گذار آهي جن جو سڌي خواه اڻ سڌيءَ طرح هن
ڪتاب جي تاليف خواه اشاعت ۾ هٿ آهي: خاص طرح محترم
دين محمد(عليگ) مئنيجر الوحيدپريس جي همت افزائي،
ڪمپازيٽرن جي مسلسل ڪوشش، ۽ سردار علي شاه ۽ سندس
ساٿين جي پروفن پڙهڻ ۾ اورچائي لاءِ بنده نهايت
احسانمند آهي.
ڪراچي
خادم العلم
3 ڊسمبر1949ع نبي بخش
يادگار
تِلۡکَ آثَارُنَا تَدَلُّ عَلَيۡنَا
فَانۡظُرُوا بَعۡدنا اِلي الثارِ
(اهي اسان جا ڪارناما آهن جي اسان جي سڌ ڏين ٿا،
اسان کان پوءِ انهن ڪارنامن ڏي ڏسجو.)
سُپار
لس ٻيلي جي سخين ۽ سورهين جي نالي جن ڏاڻ ڏنا ۽ ميدان ملهايا. لس ٻيلي جي
سڄاڻ شاعرن ۽ سگهڙن جي نالي جن اهي ڳڻ ڳايا ۽
ٻڌايا. لس ٻيلي جي عوام جي نالي جن ٻيلي جي ٻوليءَ
جا جهنڊا جُهلايا ۽ پنهنجا سخي، سورهيه، شاعر ۽
سگهڙ ساراهيا.
شڪري جو اظهار
سنڌي ادب جي مرڪزي منتظم صلاحڪار بورڊ، حڪومت سنڌ، طرفان سنه1950ع ۾ هن ڪتاب
لاءِ پنج سؤ روپيا انعام طور مليا.
هن قدرداني جو مصنف مخلصانه شڪريو اداڪري ٿو. |