سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ٻيلاين جا ٻول

صفحو :7

سُور

مٺِڙي، پٻوڻي ۽ کُڙڪيرو (علائقو سونمياڻي) وارين اراضين ۾ آباد آهن. اڱارين جا ڀائر آهن. سومار پوٽا، ٿَهور پوٽا ۽ عاقوب پوٽا سندس پاڙا آهن.

باکڙا

باکڙا اصل ۾ ’بيزنجو‘ جي نسل مان آهن. براهم بيزنجو جي اولاد مان باکڙو ٿيو جو پنهنجو ملڪ ڇڏي بالاخر اچي ٽِيل بِڪڪ جي پاڙي ۾ رهيو ۽ شادي به بِڪڪ راڄ مان ڪيائين. کيس چار پٽ ٿيا: علي، زنگي، مَهُوندُ ۽ سحاق جن مان چار پاڙا علي پوٽا، زنگي پوٽا، مهوند پوٽا ۽ سحاق پوٽا ٿيا. باکڙي کي هڪ ڌيء ٿي جا موٽيي جي گهر ۾ آئي جنهن مان ’موٽيو‘ قبيلو ٿيو جن ۾ ’ڪيڪوء پوٽا‘ شامل آهن. ڪجهه وقت باکڙا، چنا قوم جي راڄ سان ڀيڙا رهيا، پر صاحب نالي ٻُري کين ڪنهن خون جي عوض ۾ امداد ڏني ۽ ان وقت کان وٺي باکڙا ٻُرن جي راڄ سان شامل ٿيا.[1] سندن خاص ماڳ مڪان سونمياڻي علائقي ۾ تارا ڊگهه، مٺِڙي ۽ پٻوڻي آهن. علي پوٽا سندن وڏيرا آهن. شاعر وٽ باکڙو سحاق پوٽن مان هو.

شيخ

سندن وڏي ڏاڏي شيخ ڪَڙيــــٖـي جي نالي پويان ’ڪَڙياڻي‘ سڏجڻ لڳا. سندن وڏو بزرگ بغداد مان آيو. لاکڙو سندن خاص سڪونت گاهه آهي، پر پوءِ ڪي گهر جدا جدا جاين تي وڃي ويٺا. ڪي گهر سنڌ ۾ ساڪري طرف پڻ آباد آهن. هي لس جو فاقيرو گهر آهي ۽ شيخن مان ڪيترائي ديندار بزرگ ۽ درويش ٿي گذريا آهن. شيخ حمر وڏو درويش شاعر ٿي گذريو آهي جنهن جو اولاد ’حمراڻي‘ شيخ آهن.

جيلاني پير

هن وقت اُٿل ۾ آباد آهن. سندن وڏو شيخ حسڻ مڪليءَ تي رکيل آهي. ٺٽي مان پوءِ اُٿل ۾ آيا. منجهانئن نور شاهه جو پٽ قائم شاهه شاعر ٿيو.

مئينگل

براهوئي بلوچن جي هڪ وڏي رسوخ واري قوم، خاص وَڍَ واري پرڳڻي ۽ ڪنراچ علائقي واري سرحد تي آباد آهي. مالدار ۽ بهادر قوم آهي. لس ٻيلي جي حڪومت ۽ سياست ۾ هن قوم جو وڏو اثر رسوخ رهيو آهي. ڄام مير خان اول جي وقت کان وٺي مئينگل سردارن ۽ ڄامن حاڪمن جي وچ ۾ رشتيداري ٿي ۽ انهيءَ قريبي رشتي سببان لس ٻيلي جي طاقت ۾ اضافو ٿيو.

بزنجو

هڪ بهادر بلوچ قوم آهي جا لس جي اتر- الهندين سرحد تي جائُو لَڪ واري ڀاڱي ۾ آباد آهن. هي وڏي قوم آهي جا گهڻي ڀاڱي ٻيلي کان ٻاهر بلوچستان جي لاڳيتي پر ڳڻي ۾ پکڙيل آهي.

موٽڪ

بلوچ قوم آهي جا حب جي علائقي ۾ رهي ٿي.

شهَپات

بلوچ قوم آهي جا حب جي علائقي ۾ رهي ٿي.

گُجر

بلوچ قوم آهي جا حب جي علائقي ۾ رهي ٿي.

گبول

بلوچ قوم آهي جا حب جي علائقي ۾ رهي ٿي.

ڪُوڪا

بلوچ قوم آهي جا اُٿل ۾ رهي ٿي: سنڌ ۾ ’ٻاهوٽ‘ سڏجن.

بِڙدِي

بلوچ قوم آهي جا لياري واري علائقي جي گانگُو اراضي ۾ رهي ٿي. وٽن اٺن جا وڳ آهن.

بنديچا

بلوچ قوم آهي جا حب واري علائقي ۾ ڪيِلو، لُئاراڻي ۽ پٻ جبل جو ’لڪ ڪُراڙو‘ وارين اراضين ۾ آباد آهي. ’راڌا‘ سندن سردار گهر آهن، جن جا ٻه پاڙا آهن: هڪ مرزاڻي، ٻيا دُراڻي. هيٺيان بنديچا راڄ راڌن جا ڀائر آهن: سَجا، موسي پوٽا يا موسا، بُليِجا، کُڙيــــٖـرا، عُمر بانڊڻ پوٽا، ساريــــٖـي پوٽا، ٽُونڊٖي پوٽا ۽ نوتَ.

گندرو

هي بلوچ قوم آهي جا غالباً صديون اڳ لس جي قديم قوم ”گيدور“ سان گڏجي کين پاڻ ۾ جذب ڪيو ۽ مقامي طور پوءِ سندن نالي سان سڏجڻ لڳي. هن وقت هي قوم ٻيلي واري علائقي ۾ ڏانَ ۾، حب واري علائقي ۾ لال بکر پير واري اراضي ۾ ۽ اولهه طرف لاکڙي ۽ هاڙهي ۾ آباد آهي.

سيِنهان

ٻيلي علائقي جي پورالي واري اراضيءَ ۾ آباد آهن ۽ هيٺين وراڻن ۾ ورهايل آهن: موندراڻي، آرياڻي، هَسَڪو، ساسولي، زهري ۽ توراني جيڪو سندن سردار گهر آهي.

مِسڻَ

ٻيلي واري علائقي ۾ پُورالي ندي جي ڪنڌيَ ۾ رهن ٿا. بلوچي، بروهي ۽ سنڌي ٽيئي ٻوليون ڳالهائين.

مانگيِا

ٻيلي جي گدور واري علائقي ۾ خاص طرح ’ڏان‘ واري اراضي ۾ آباد آهن.

زوڙ

هاڙهي جبل جي اڀرنديين دامن ۾ خاص طرح ’بَنبُر پيِر‘ اراضي ۾ رهن ٿا.

سيٺار

هاڙهي جبل جي اڀرندين دامن ۾ آباد آهن.

مسَور

لاکڙي جي علائقي ۾ ’گِدِڙي‘ واري اراضي ۾ آباد آهن.

ڄاموٽ

هي قوم سنڌي نسل مان آهي ’ڄاموٽن‘ کي لس ٻيلي جي ڄامن پنهنجي قوم ڪري سمجهيو ۽ ڄاموٽ پڻ عالياڻي ڄامن سان سڱيڻا ۽ ساڻن ڀيڙا ٿيا.

لس ۾ ڊنڍو، گَجري، ڪَنراچ، شاهه لَڪ ۽ وندر ڄاموٽن جي رهائش جا اصلي ۽ آڳاٽا مرڪز آهن. ڄاموٽ برادري جا گهڻائي پاڙا آهن، جن مان ’چنَري- پوٽا‘ سردار گهر آهن. ’راڌٖي‘ نالي ڄاموٽ جو گهڻو اولاد ٿيو، جو هن وقت پنجن پاڙن م ورڇيل آهي: جيئنداڻي، سيکرو، سومار پوٽا، سلطان پوٽا ۽ پارپيي پوٽا. انهن کان سواءِ ڄاموٽن جا ٻيا پاڙا هي آهن: ڪُترا، گَرِيا، باديڻ- پوٽا، ڏيپارجا، حَسڻ پوٽا، بَراد پوٽا وغيرهم.

دودا

هي قوم سونمياڻي جي علائقي ۾ ٻُهارِ، ڊگهو ۽ وندربالا ۾ آباد آهن. دودا ٻُرن جا ڀائر آهن ۽ هڪ روايت موجب مٿي نسل ۾ پڻ ٻُرن سان ملن ٿا. سندن وڏيرا ’گهِليا‘ پاڙي مان آهن. ڏَنگڻيا، گوگَن، گَجَري- پوٽا ۽ گولي- پوٽا سندن ٻيا پاڙا آهن.

بَراديا

هي قوم لياري علائقي ۾ ريلون، ڪاٺ وارو ٽپو وغيره اراضين ۾ آباد آهن. براديا شيخن جا ڀائر آهن. هن قوم مان مڱيو شاعر ٿي گذريو آهي.

موچي

شهر اُٿل ۾ آباد آهن. اصل سنڌ جا سما آهن. سندن وڏو احمد پٽ فاضل پٽ ڪارو اٿل آيو. احمد کي علي نالي پٽ ٿيو جنهن جو الانو (الله ڏنو) جنهن جو سنگر جنهن کي ٻه پٽ ٿيا الانو ۽ موسيٰ. موسيٰ جو پٽ سنگر جنهن جو پٽ موسيٰ.

شاهوڪَ

هي قوم اصل ’سرَين- واري‘ (علائقو ٻيلو) جي رهاڪو هئي جتان پوءِ اچي اُٿل جي نيابت (تعلقي) ۾ وَٽو، ماڪوڙو ۽ پٻ جبل واري ڀاڱي ۾ آباد ٿي. سندن ٻيا پاڙا ايوب- پوٽا، لُڌا، موسي- پوٽا، دائود- پوٽا، جعفر- پوٽا ۽ ڏني- پوٽا وغيره آهن. مِٺو شاهوڪ، ڄام مير خان واري دور ۾ هڪ وڏو سرڪش مڙس هو جنهن قلات جي خان خداداد خان کان سونمياڻي جي نيابت جو پروانو ورتو، جنهن تي ڄاموٽن ۽ ٻُرن پاڻ ۾ ملي کيس ماريو.

بِڪَڪَ

هي قوم دريجي ۽ حب واري اراضي ۾ آباد آهي.

باريچا

هي قوم اصل سنڌ جي دادو ضلعي جي رهاڪو آهي ۽ اتان اچي لس جي دُريجي واري ڀاڱي ۾ آباد ٿي آهي. هڪ روايت موجب باريجن جو وڏو ڏاڏو قلندر شهباز جو معتقد هو؛ سندس تحمل سببان کيس ’باري‘ سڏيو ويو ۽ پوءِ سندس اولاد ”باريچا“ سڏجڻ لڳو. لس ۾ باريچا ’فقير گهر‘ ڪري ليکيا وڃن ٿا.

موندرا

هي قوم ڊَنڍو (ٻيلي کان ڏکڻ)، گَجري نئن ۽ سونمياڻي واري علائقي ۾ آباد آهي. روايت موجب موندرا اصل ۾ سومرا آهن. نِماڻي، خاڪُواڻي، پيراڻاڻي، عبدالياڻي، موسي پوٽا، براهم پوٽا، غيبي پوٽا ۽ ساکپوٽا [اسحاق پوٽا] سندن مکيه پاڙا آهن. شاعر يوسف موندرو ’غيبي پوٽن‘ مان هو. سنه ’1946ع ۾ جڏهن راقم ٻيلي جو سفر ڪيو ته مرحوم جان محمد موندرو ٽرڪ ڊرائيور هو جنهن جي مدد سان سفر سولو ٿيو. ڪنڀار واڙٖي ۾ ميان نبي بخش موندرو جي دڪان تي اسان مرحوم حاجن حوالدار کان شاعر يوسف موندري جا بيت ٻڌا ۽ لکيا. موندرن مان حاجي پنهون، براد ۽ سيٺ الله بچائي (جي هن وقت ڪراچي ۾ ٻَڪرا- پڙي ۾ رهن ٿا) اسان لاءِ هنگلاج جو سفر هموار ڪيو.

واهرا

واهرا اصل ۾ موندرا آهن، واهرا ۽ موندرا ڀائر آهن. واهرا هن وقت ’مـٖـڙين واري‘ (علائقو سونمياڻي) ۽ حب واري اراضيءَ ۾ آباد آهن.

سنڌ ۽ لس ٻيلي جي هي قديم قوم آهي، ميد، سونمياڻي واري علائقي ۾ ان کان اولهه طرف سامونڊي ڪناري تي آباد آهن. مڇيءَ جي شڪار جا ماهر ۽ ٻيڙين جا ناکئا آهن.

ڪاتيار يا ڪوري:

اڪثر اٿل ۾ آباد آهن. مقامي روايت موجب ڪاتيار ڪوري آهن.

خوجا:

لاهواڻي خوجا سنڌ مان پهريائين اچي ”شيخ- راڄ“ رهيا. بهرام نالي سندن وڏو پٽ پيسف جنهن کي ٻه پٽ ٿيا: ڇٽو ۽ بلائي. ڇُٽي کي ٻُرن وڏيرن ’شيخ – راڄ‘ مان وٺي آڻي اٿل ۾ رهايو ۽ ان کان پوءِ خوجا اٿل ۾ رهيا. ڇُٽي کي ٽي پٽ ٿيا: عيدو، رمون ۽ الانو. عيدو کي ٻه پٽ ٿيا: ورو جنهن جو پٽ آچار ۽ الهه رکيو جنهن جو پٽ سياڻو. رمون جو پٽ بچل. الاني جو پٽ عيسو جنهن جو پٽ بصريو. ڇُٽي جي ڀاءُ بلائي کي ٽي پٽ ٿيا: علي نواز، رحيمنو ۽ ڏنو. علي نواز کي ٻه پٽ ٿيا: کمون ۽ احمد جو لاولد گذاري ويو. کمون کي پٽ چار: جعفر، خدو، ابو ۽ بچايو. جعفر جو علينو ۽ ابو جو مصري. رحيمني جو پٽ بهرام جنهن جو الله ورايو. ڏنو جو پٽ غلام جنهن جو حسيني جنهن جا پٽ ٻه: ڌنو ۽ مولائي.

مياڻيءَ جا سادات:

بادشاهه پير جو اولاد آهن ۽ اصل بغداد جا آهن. ٻه سؤ سال کن اڳ سندن وڏو جمال الدين شاهه ولد برخوردار شاهه هڪ تختي تي ٽُلڪندو مياڻي بندر پهتو. ٻيڙي ڀڄي پئي هئي ۽ سندس ٻيا ساٿي سمنڊ ۾ غرق ٿي ويا هئا. جمال شاه ولد وريل شاه ولد بدرالدين شاه ولد جمال الدين شاه جو مقبرو مياڻي جي ويجهو آهي. جمال الدين شاه کي ٻه پٽ ٿيا: نور شاه ۽ وريل شاه. نورشاه کي ڇهه پٽ ٿيا: حسن شاه، خيرشاه، بدرالدين شاه، غلام حسين شاه، متن شاه ۽ محمد علي شاه. هنن بزرگن جي درگاه تي هر سال ماه ربيع الاخر جي يارهين تاريخ ”يارهين جو ميلو“ لڳندو آهي.

ڇُٽا:

هي قوم دُريجي واري علائقي ۾ آباد آهي. ڇٽن جا گهڻا پاڙا آهن، جيئن ته: ڀوتاڻي، ماڙچا، گنجا، اَڌَڙ، نُوراني، ڪوري، اوٿماڻي وغيرهم. سردار گهر ڀوتاڻي آهي جنهن جو وڏو نوشيروان پنجاهيو پهلوان هو ۽ ’سُرگز‘ جي جنگ ۾ قتل ٿيو. نوشيروان جو پٽ ڀوت هو جو موجود حيدرآباد ضلعي جي ’گنجي ٽڪر‘ واري علائقي ۾ رهندڙ هو. سندس پٽ نوشيروان جنهن جو پٽ ڀوت جنهن جو پٽ نوشيروان ٿيو جو ’ساروڻي‘ ۾ اچي سڪونت پذير ٿيو. هن نوشيروان کي ٻه پٽ ٿيا: هڪ مراد جو مڪران ۾ قتل ٿيو ۽ ٻيو’ڀوت ڪاسوٽي وارو.‘

مراد جو اولاد: مراد کي جهونجهار نالي پٽ ٿيو جنهن کي ٽي پٽ ٿيا: پيربخش، جعفرخان ۽ جيئند خان. پيربخش جو پٽ عَلو جنهن جو پٽ محمد صديق. جعفر جو پٽ وريل. جيئند خان جو بني بخش جنهن جو پٽ جيئندخان.

ڀوت جو اولاد: هن کي چار پٽ ٿيا: نوشيروان، صاحب خان، جنگي خان ۽ ميربهادين. نوشيروان کي ٻه پٽ: غلام حسين، احمد خان ٿيا. احمدخان جو پٽ نوشيروان لاولد گذاري ويو. غلام حسين کي ٽي پٽ ٿيا: ڀوت، مرادعلي ۽ موسيٰ خان، جنهن کي ٽي پٽ ٿيا: دوست محمد، الهڏنو ۽ حمزو. دوست محمد کي هڪ پٽ موسيٰ خان.

ڀوت جي پٽ صاحب خان کي هڪ پٽ وڏيرو اميد علي ٿيو جنهن کي ٽي پٽ (صاحب خان، جان محمد ۽ صالح محمد) ۽ ٻه نياڻيون ٿيون جن مان مائي لالان جو نڪاح نوردين خان مئينگل سان ٿيو. صاحب خان کي نرينو اولاد ڪونه ٿيو. جان محمد جنهن جو پٽ ايوب خان. صالح محمد جو پٽ اميد علي خان.

سردار اميد علي خان ڀوتاڻي حال حيات، لائق ۽ همت وارو مڙس آهي. آڳاٽو ڪراچي ۾ اسان جو ساڻس مارڪو ٿيو.

بشواڻي:

بَشواڻي شهر اٿل ۾ رهن ٿا. سندن روايت موجب هو قريشي آهن ۽ هيٺين شجري موجب امير عثمان جي اولاد مان آهن: دوست محمد (معتبر) بن لعل محمد بن الهڏنو بن شهمير بن عرضي بن موسيٰ بن مجاهد بن بشو بن هوتڪ بن پيروز بن شاهي بن حسن بن جکرو بن پڙتي بن مورو بن حجازي بن جعفر بن حسن بن رڪن الدين بن صدرالدين بن بدرالدين بن صدرالدين بن بدرالدين بن شيخ سيف الدين بن عبدالوهاب بن شيخ شرف الدين بن عيسيٰ بن شيخ شمس الدين بن عبدالعزيز بن شيخ سراج الدين بن عبدالجبار بن تاج الدين بن ابوبڪر بن عبدالرزاق بن عبدالحق بن ابراهم بن ابوالفضل بن عبدالرحمان بن عبدالله بن عباس بن مجدد الثاني بغدادي ڪنيت ابو سعيد بن شيخ ابو عبدالله وهب بن شيخ ابو اسحاق بن ابراهيم بن يحيٰ بن سعيد بن اميرالمؤمنين عثمان ذي النّورين.

ٻُرا

ٻُرا لس ٻيلي جي قومن مان هڪ وڏي قوم آهي، جا اُٿل، وندر ۽ مهنبار وارن علائقن ۾ آباد آهي. مانڊڙا، دودا، باکڙا، ڪاتيار(ڪوري) ۽ وڇاڻِي ٻُرن جا ڀائر آهن.

هڪ روايت موجب هي قوم برفتن سان ملي ٿي، هن طرح جو برفت قوم جو وڏو ۽ سردار ’آري بدو‘ جنهن کي عيسب نالي پٽ ٿيو. عيسب کي ٻه پٽ ٿيا: دودو ۽ ٻُرو. دودي جي اولاد مان دودا ٿيا ۽ ٻُري جي اولاد مان ’ٻُرا‘ سڏجڻ لڳو.

پر ڀانئجي ائين ٿو ته ڪي قبيلا سنڌ جي سمن جا ۽ ڪي قبيلا برفتن جا پاڻ ۾ ملي ’ٻرا‘ برادري بنيا. مثلاً ٻُرن جو سردار گهر دَريساڻي آهي، جنهن مان ’سرماڻ مريداڻي‘ هڪ روايت موجب اصل ’سمون درس‘ آهي. ٻئي طرف براهماڻي ٻُرن جو سلسلو برفتن سان ملي ٿو.

سرماڻ مريداڻي جو اولاد: ٺٽي ننگر جي پسگردائيءَ ۾ لاکو درس نالي هڪ درويش هو. کيس ٻه پٽ هئا: وريو فقير ۽ امين محمد فقير. وريو فقير لاولد فوت ٿيو ۽ امين محمد فقيري حالت ۾ لس ملڪ ۾ آيو.اتي ٻُرن جي سردار موٿي ولد موني جي نياڻي فقير جي دعا سان چڱي ڀلي ٿي. اهو سڱ پوءِ فقير کي ڏنائون جنهن مان کيس سِرماڻ نالي فرزند ٿيو جو سرماڻ مريداڻي جو وڏو ڏاڏو هو. فقير امين مڪران طرف هليو ويو ۽ اتي ٻي شادي ڪيائين جنهن مان کيس اولاد ٿيو جو ”چوڪاشا“ سڏجي ٿو.[2]

سرماڻ لس ۾ رهيو ۽ پنهنجي ناني موٿي ٻُري جو وارث ٿيو. اهڙيءَ طرح سرماڻ جو اولاد ’سرماڻي درس‘ ٻُرن ۾ سردار گهر ٿيو. سرماڻ کي ٻه پٽ ٿيا: هڪ ڀُڪُر، جو فقير ۽ درويش ٿيو ۽ ’ڀڪر پير‘نالي سان مشهور ٿيو. سندس مزار ۽ خانقاه وندر ۾ آهي. ’ڀڪر پير‘ جو فرزند عيسو لاولد فوت ٿيو. سرمال جو ٻيو پٽ مريد هو، جنهن جو پٽ سرماڻ، جنهن جو پٽ ڏيوڙو، جنهن جو پٽ مريد، جنهن جو پٽ سرماڻ ٿيو جو ’سرماڻ مريداڻي‘ جي نالي سان مشهور ٿيو. سرماڻ کي ست پٽ ٿيا: مريد، برام، دريس، نوت، موسو ۽ ميراڻ.

ٻي روايت[3] موجب عيسپ خان جو پٽ ڄام هوٿي جنهن جو پٽ دودو جنهن کي ٻه پٽ ٿيا: هڪ عاقل ٻيو حسڻ. عاقل جي نسل مان ’قوم دودا‘ آهي. حسڻ کي هڪ پٽ ٻُرو ٿيو جنهن کي ٽي پٽ ٿيا: ڀُوئو، پيروز ۽ واڳُو. واڳُو جي اولاد مان ’ڌونريا ٻُرا‘ ٿيا جي هن وقت بارڻ ۾ آباد آهن. پيروز جو اولاد ”پيروز پوٽا“ آهن ۽ ڀوئي جي اولاد مان ڀُوئا. ڀوئي جو پٽ موٿ جنهن جو پٽ مُبو جنهن جو پٽ سرماڻ جنهن جا پٽ مريد، ميران، بکرپير، سمبڪ ۽ ٽي ٻيا پيدا ٿيا. مريد کي ٻه پٽ ٿيا. سرماڻ ۽ حسڻ. حسڻ جو اولاد ’حسڻ پوٽا‘ ٻُرا آهن. سرماڻ جو پٽ مريد جنهن جو پٽ مست ڏيوڙو جنهن جو پٽ سرماڻ جنهن کي ست پٽ ٿيا. مريد، ڏيوڙو، نوت، براهم، ميران، موسو ۽ دريس، جن جو احوال هيٺ ڏجي ٿو:

(1) مريد، جنهن شهر اُٿل آباد ڪيو ۽ لاولد فوت ٿيو.

(2) براهم جو ’گهٽ واري جنگ‘ ۾ لاولد مارجي ويو.

(3) دريس جنهن جو اولاد ’دريساڻي ٻُرا‘ آهن. دريس کي پيراڻو پٽ ٿيو، تنهن جو پٽ دريس، تنهن جو پٽ پيراڻو، تنهن جو پٽ دريس، تنهن جو پت پيراڻو. پيراڻي کي مزار ٿيو، جنهن کي ٽي پٽ ٿيا: جمن، سومار ۽ حمزو.

(4) ڏيوَڙو ’گهٽ واري جنگ‘ ۾ ماريو. ڏيوڙي جو پٽ دُرو جنهن سرداري براهم کي ڏني. دُرٖي جو پٽ ڏيوڙو ٿيو جنهن کي چار پٽ ٿيا: ڇڳير، نٿالو، جنگي خان ۽ عالادين. جنگي خان ڳڙهه واري جنگ ۾ ماريو. ڇڳير جو پٽ ڪرم خان تنهن جو پٽ ڇڳير، تنهن جو پٽ بچايو. نٿالي کي حمزو ٿيو، حمزي جو پٽ دادو، تنهن جو پٽ ميان وسايو، تنهن جو پٽ نٿالو. جنگي خان کي ٻه پٽ ٿيا: دره ۽ دوسو. دره جو پٽ جنگي خان تنهن جو پٽ عبدالله. دوسو کي به ٻه پٽ غلام محمد ۽ علي ٿيا. غلام محمد جو پٽ سليمان، تنهن جو پٽ دوسو، تنهن جو پٽ صديق، تنهن جو پٽ اِبو. علي کي هڪ پٽ حسن ٿيو جنهن جا پٽ احمد ۽ خير محمد.

(5) نوت کي ٻه پٽ ميراڻ ۽ براهم ٿيا. مير براهم ڪيچ واري لڙائي ۾ ماريو. ميراڻ جو پٽ اڀوڙو، تنهن جو پٽ نوت، تنهن جو پٽ گل محمد، جنهن کي ٻه پٽ ٿيا: دريا خان ۽ نوت. مير دريا خان ٻُرن جو سردار هو جنهن کي ٽي پٽ ٿيا: گل محمد، علي مراد ۽ احمد. گل محمد جو پٽ چوٽا جنهن تي پڳ آهي. وڏيرو علي مراد جنهن وٽ سَنَدون موجود آهن ۽ وڏو باخبر نيڪ مرد آهي تنهن کي ٻه پٽ آهن: الله بخش ۽ قادر بخش. الله بخش اسان کي ٻيلي جي قومن ۽ شاعرن بابت مفيد معلومات لکي موڪلي. احمد کي ٻه پٽ آهن: علي محمد ۽ خير محمد. نوت کي به پٽ ٿيا: بچايو ۽ صالح. بچائي جو پٽ عمر ۽ صالح جو پٽ صديق.

(6) موسيٰ کي پنج پٽ ٿيا: ڏونگر، خوشحال، عمر لاکو ۽ ڊگار. ڊگار جو اولاد ’ڊگاراڻي‘ ٻُرا آهن جي ’خليفا‘ (ڀُڪر پير جا) سڏجن. ٻٻراڻي ۽ پيراراڻي پڻ موسي جي اولاد مان آهن.

(7) ميراڻ، هي ’ڊگهي قد اصحابو‘ مشهور هو، جنهن جو پٽ سرماڻ، جنهن جو پٽ حسين، جنهن جو پٽ ڄام بجار جنهن کي ٻه پٽ ٿيا: دوس محمد ۽ رضا محمد. دوس محمد جو پٽ مئينگل لاولد فوت ٿيو. رضا محمد جو اولاد ’رضا محمدياڻي‘ ٻُرا آهن، جيڪي ’آدم پير‘ واري اراضي ۾ رهن.

مٿئين تفصيل مان معلوم ٿيو ته پهرين روايت موجب موٿاڻي ۽ ڊگاراڻي خليفا دريساڻين ۾ شامل آهن. ٻي روايت موجب دريساڻي ۽ حسڻ پوٽا مٿي پاڻ ۾ ويجها آهن ۽ پڻ ڌونريا ٻُرا، ڀوئا، پيروز پوٽا ۽ دريساڻي مٿي پاڻ ۾ ملن ٿا.

براهماڻي ٻُرا

هڪ روايت موجب براهماڻي ٻُرا، اصل ۾ برفت قوم جي شاخ آهن ۽ آڳاٽي وقت ۾ سنڌ جي بارڻ علائقي مان لس ٻيلي ۾ اچي آباد ٿيا. سندن شجرو مٿي ’آري بدو‘ سان ملي ٿو، هن طرح ته: آري بدو جو پٽ عيسپ ٿيو، جنهن کي ٻه پٽ ٿيا: ٻُرو ۽ دودو. دودي کي پنج پٽ ٿيا، جن جو اولاد جدا جدا پاڙن سان سڏجي ٿو، جيئن ته: گَجرٖي پوٽا، گوگن، ڏَنگڙيرا، گولي پوٽا ۽ گهَليا.

عيسپ جي پٽ ٻُرا جو پٽ موسو، تنهن جو پٽ ٻُرو، جنهن کي ٽي پٽ ٿيا: واڳو، پيروز ۽ ڀوئو. واڳو جو اولاد بارڻ ۾ رهي ٿو.[4] ڀوئي جو پٽ مبو، تنهن کي پٽ مير نالي ٿيو. پيروز جو پٽ سکيو، تنهن جو پٽ پنهيو، تنهن جو پٽ نندو: نندو ۽ نيِاڙِي جن جون ماهيون ’کَر پَڏان‘ ۾ آهن، سي براهماڻي ٻُرن جا وڏا آهن. نندٖي جو پٽ براهم ٿيو، جيڪو سنه 1199هه ۾ شاهه بلاول جو خليفو هو ۽ اتي ئي مدفون آهي.

براهم کي چار پٽ ٿيا: صاحب، حاجي، راهب ۽ پٻو، جن جو اولاد هيٺينءَ ريت ٿيو:

صاحب پٽ براهم جو اولاد: هن کي ٻه پٽ ٿيا: براهم ۽ زبير. براهم کي چار پٽ ٿيا: (1) پيراڻو، (2) قيصر، (3) صاحب ۽ (4) مريد. (1) پيراڻي جو پٽ جهونجهار، جنهن کي قادرڏنو ۽ احمد پٽ ٿيا. قادرڏني جو پٽ پيارو، تنهن کي ٻه پٽ ٿيا: هڪ حاجي ۽ ٻيو نامعلوم. (2) قيصر کي ٽي پٽ ٿيا: الهر کيو، ميان وسايو ۽ صوبو. الهرکيي کي ٻه پٽ ٿيا: عثمان ۽ عمر، جنهن کي ٽي پٽ ٿيا. ميان وسائي کي ٻه پٽ حسين ۽ بجار ٿيا. حسين کي ٽي پٽ ٿيا: ڪارو، عارو ۽ نامعلوم. بجار کي پٽ دادو ۽ جُمڙو ٿيا، جن مان جُمڙي کي هڪ پٽ ٿيو. صوبي کي ست پٽ ٿيا: اسحاق (جنهن جو پٽ رشيد)، هارون (جنهن جو پٽ صادق)، ابراهم، عيسيٰ، آبو، جمن (جنهن جو پٽ محمد) ۽ قيصر (جنهن کي ٻه پٽ ٿيا: هڪ پينو ۽ ٻيو نامعلوم. (3) صاحب (پٽ براهم پٽ صاحب) کي ٽي پٽ ٿيا: حسن، براهم ۽ علي محمد. حسن کي چار پٽ ٿيا: زبير، مصري، عيسو ۽ نٿالو. زبير جو پٽ حسن جيڪو لاولد گذاري ويو. مصري جو پٽ صفر جنهن جو پٽ عيسو. حسن جي پٽ عيسي کي هڪ پٽ ميان وسايو ٿيو، جنهن کي چنيسر (؟) آچار ۽ محبو نالي ٽي پٽ ٿيا. حسن جي چوٿين پٽ نٿالي کي هڪ پٽ دادو ٿيو، جنهن کي چار پٽ ٿيا: ميان داد، نٿالو، محراب ۽ آرادين. ميان داد کي ٻه پٽ ساماڻو ۽ عثمان ٿيا، جن مان عثمان کي ٽي ٿيا. نٿالي (پٽ دادو) کي ٻه پٽ ٿيا: علو ۽ دادو، جن ٻنهي کي اولاد ٿيو. محراب (پٽ نٿالو) کي نرينو اولاد ڪونه ٿيو. آرادين کي ٻه پٽ ٿيا: الهداد ۽ جمن. الهداد کي ٽي پٽ ٿيا: حسن، بچو ۽ آمڻ (جنهن جو پٽ وڏو)، جن کي ٽي پٽ ٿيا. صاحب (بن براهم) جو ٻيو پٽ براهم جنهن جو پٽ صاحب، جنهن جو پٽ براهم، تنهن کي اسمال (اسماعيل) نالي پٽ ٿيو. صاحب (بن براهم) جي ٽئي پٽ علي محمد کي ڇڳير نالي پٽ ٿيو، جنهن جو پٽ محمد ابراهيم. (4) مريد (براهم جو چوٿون پٽ) جنهن کي ٽي پٽ ٿيا: مريد، اوڀن ۽ ڏنو. فقط مريد کي ڀريو نالي پٽ ٿيو.

حاجي پٽ ابراهم جو اولاد: حاجي جو پٽ حسن، تنهن جو پٽ ڪنگورو جنهن کي پنج پٽ ٿيا: حاجي راڌو، جيسپ، دودو، اسماعيل ۽ رمدان (لاولد). انهن ڀائرن مان جيسپ جا ٻه پٽ رکيو ۽ پيرڏنو لاولد گذريا، باقي اولاد فقط راڌٖي کي ٿيو، جنهن جو ذڪر هيٺ ڏجي ٿو:

حاجي راڌٖي کي ٽي ڌيئرون ۽ نوَ پٽ ٿيا: شير محمد (لاولد)، نائب محمد سليمان، حاجي احمد، حاجي فيروز، حاجي علو، حاجي محمد، عبدالله، تاج محمد (لاولد) ۽ حاجي الصبح (لاولد). نائب محمد سليمان پٽ حاجي راڌي کي هڪ پٽ ٿيو، جنهن کي نرينو اولاد ڪونه ٿيو. حاجي احمد (پٽ حاجي راڌي) کي ٽي پٽ ٿيا: وڏو نامعلوم، وليداد ۽ محمد صالح. وڏي کي ٽي پٽ ٿيا: علي مراد، ولي محمد ۽ محمد علي. وليداد کي ٽي ڌيئون ٿيون ۽ محمد صالح کي شير محمد ۽ مير محمد نالي ٻه پٽ ٿيا. حاجي فيروز (پٽ حاجي راڌي) کي ٻه پٽ ٿيا: حاجي موسيٰ ۽ حسن، حاجي موسيٰ کي هڪ پٽ محمد نالي ٿيو. حسن جو پٽ قاسم. جنهن جو پٽ حاجي علي. حاجي علو (پٽ حاجي راڌي) کي ابراهم، يعقوب ۽ اسحاق نالي ٽي پٽ ٿيا. ابراهم جو پٽ يوسف، تنهن جو پٽ ڪمال، تنهن جو پٽ ايوب. يعقوب جو پٽ هاشم ۽ اسحاق جو پٽ بچل. حاجي محمد (پٽ حاجي راڌي) کي پنيلڌو نالي هڪ پٽ ٿيو. عبدالله (پٽ حاجي راڌي) جو نور محمد، جنهن جو پٽ عبدالله.

راهب پٽ براهم جو اولاد: راهب جو پٽ رکيو، تنهن جو پٽ بکر، جنهن کي ٽي پٽ ٿيا: راهب، محبو ۽ نندو. راهب جو پٽ شڪاري، تنهن جو پٽ سليمان، تنهن جو پٽ ڪرڙ. محبو کي پٽ احمد ٿيو. نندي جو پٽ موسو.

پٻو پٽ براهم جو اولاد: پٻي جو پٽ اوڀايو، تنهن جو پٽ بيگ، تنهن جو پٽ پٻو، تنهن جو پٽ پينو، جنهن کي ٻه پٽ ٿيا: بيگ ۽ علو. بيگ کي ٻه پٽ ڪرمي ۽ جعفر ٿيا ۽ علو کي ڀريائو نالي هڪ پٽ ٿيو.

هڪ روايت موجب براهم جي اولاد مان راڌي ۽ ڪنگوريٖ جا پٽ محمد ۽ بکر ۽ ڀاڻيجا راول ۽ رمدان (ٻئي پٽ سکيي ولد راهب جا) چارئي ننگر واري جنگ ۾ ماريا. براهماڻي ٻُرن جون هيٺيون وراڻون آهن: بَنڀَڻ، عالياڻي، راڌاڻي، ڪَنڊاڻي، مُراڻي يا مُرٖي- پوٽا، ڌتُوراڻي (جي ’ڌڱ ڌتوراڻي‘ سڏجن)، پيروز ۽ ڌَنوَ ريــــٖـي- پوٽا. مير ٻُرو شاعر مُراڻين مان هو.

ڀُئا يا ڀُئي- پوٽا ٻُرا: هيٺيون وراڻون انهن ۾ شامل آهن: اِلاّڻي، ڀِرياڻي، آريءَ- پوٽا، وسِرياڻي، اوڀاياڻي، جمالاڻي ۽ حسناڻي. مٿين کان سواءِ ٻُرن جون ٻيون ٽَڪُون جهڙوڪ بُهراڻي، گهنڊٖير ڌمڻاڻي، کيِرٖين- پوٽا وغيره لس ۾ آباد آهن.

 

باب ٽيون

لس ٻيلي جي ٻولي

 

لس ٻيلي جي عام زبان سنڌي آهي، مگر جنهن تر جو نيپاڄ تنهن تر جو رنگ. ٻيلي جي ٻولي تي ٻيلي جي ملڪ ۽ ماحول جو رنگ چڙهيل آهي. جهڙيءَ طرح سنڌ ۾ لاڙ، سري، ٿر ۽ ڪوهستان جي زبانن جا پنهنجا پنهنجا محاورا آهن، تيئن ٻيلي جي به خاص پنهنجي ”ٻولي“ آهي جا لاڙ جي محاوري سان زياده مناسبت رکي ٿي.

لهجي جي خيال کان ٻيلاين جي ٻوليءَ ۾ هڪ قسم جي لوڏ ۽ جهيڪو آهي، هڪ لاهو ۽ چاڙهو آهي، هڪ قسم جي هيٺ مٿانهين آهي، جا صرف ٻڌڻ سان محسوس ڪري سگهجي ٿي. اها هن ٻيلي جي لهجي جي خاص خصوصيت آهي. ٻيلي جي ٻولي، هڪ مستقل محاورو (Dialect) آهي، جنهن موجب ٻيلي جي تلفظ ۽ اُچارن، نحوي سٽا ۽ اصطلاحن جي هڪ خاص نوعيت آهي. ان جا ڪي مثال هيٺ ڏنا وڃن ٿا:

(الف) رواجي حرڪات يا ماترائن (زير، زبر، پيش) کي ڪن موقعن تي ا، و، ي جي ڊگهن اُچارن ۾ بدلائيندا، مثلاً ”نه ته“ (جيڪر) کي وڌائي ”نا تي“ ڪري اُچاريندا:

”آءٌ شڪر مليس توکي سپرين، نا تي مان لوڪؤن وچ لڄائي هئي“ (شيخ ابراهيم)

”ڪاڪل وييم ڪانه وڃڻ جي، نا تي هوت آءٌ هوشياري هئي“

(ڪبير شاهه)

اهل سنڌ چوندا ”پنهنجن مٽن مائٽن ۾،“ مگر ٻيلائي اڪثر چوندا: ”پنهنجين مٽين مائٽين ۾“ مثلاً:

”تن سرتين ساهيڙهين جي، شال بري نه سڻيان بات“

(شيخ ابراهيم)

يعني سرتين ساهيڙين جي.

”تنهنجين محلين وهان ڪينڪي ڪري قراريون“   (شيخ ابراهيم)

يعني تنهنجي محلن ۾.

(ب) تنهنجي ۽ تنهنجـٖـي، کي قديم اُچار موجب ”توجِي“ ۽ ”توجي“ ڪري اچاريندا آهن. شيخ ابراهيم جي بيت ۾ آهي ته: ”سي ڪين کِيڻُ کِين، توجيءَ ست رڇيءَ مؤن سومرا“ مٿينءَ سٽ ۾”کِين“ جو محاورو به سنڌ ۾ اترين لاڙ (شاه صاحب وارو تر) واري محاوري موافق آهي. لس وارا به اڪثر ”کِين“، ڏِينِ“،ٿِينِ. لفظن جي ’ي‘ ساڪن ڪري اچاريندا.

(ج) لس وارا، هيٺين لاڙي محاوري جي اچار وانگر، ڪن لفظن ۾ ”نُون“ ساڪن وڌائيندا. مثلاً ”سَنتر“ يعني ستر 70، ”سَانجر“ يعني ساجهر، ”بانز“ يعني باز وغيره. شيخ ابراهيم چوي ٿو:

”هلو هلان ڏٿ کي سانحر صحيح وڃن“

”ســانجر اويــون آب مــان ڀريائــون ڀرپــور“

”بانز، ڪانز، ڪبوتر، قمري، ڪوئلون، جت ڪڏيو ڪن ڪوڪر“

(د) سنڌ جي ڳرن اچارن کي هلڪو ڪري اچاريندا، مثلاً ”جهه“ کي ”ج“ ڪري اچاريندا، جيئن ته ساجهر کي ”سانجر“، ”ٻاجهه“ کي ”ٻاج“ – شاعر نم چوي ٿو:”تِت نَين ڪَهِي ٿو نم جِي وڃِي ٻاجَ منجهان بيهِي“ اهڙيءَ طرح “ڊ“ کي بعضي هلڪو ڪري ”دال“ اچاريندا، شيخ ابراهيم جي هڪ معما جي بيت ۾ آهي ته:

”مون کي جاد مڙوئي جند“ يعني جنڊُ يا چڪي.

(هه) سندن محاوري جي لهجي مطابق ڪن لفظن مثلاً: ”وڃي،“ ”رمي“ کي اڪثر لوڏي سان وڌائي ”وڃَئِه“ ۽ ”رمَئِه“ (پهرين حرفن تي زبر، همزه هيٺان زير) ڪري اُچاريندا. اهڙيءَ طرح ”ڪِين“ کي اڪثر ”ڪَين“ (زبر سان) ڪري اُچاريندا.

(و) انهن خاص اچارن جي علاوه، ٻيلي جي ٻوليءَ ۾ ڪيترائي الفاظ ڪن انوکن بدليل حرفن سان اچارجن ٿا. مثلاً ”ويهي رهه“ ۾ واو کي ”ٻ“ سان بدلائي چوندا ”ٻيهي رهه“. ڪن جملن ۾ ”ويٺو“ جي بدلي ”ٻيٺو“ ڪم آڻيندا. علم اللغة جي اصول موجب و، ب ۽ ٻ هڪٻئي جو بدل ٿي سگهن ٿا. سنڌ جي اڀرندي ۽ اترين سرحد تي مارواڙي خواه بهاولپوري ويٺو کي ”ٻيٺو“ يا ”ٻيٺا“ ڪري اچاريندا. مگر لس ٻيلي ۾ هن اچار جو رواج بلڪل عجيب و غريب آهي. گهڻو ڪري ٻيلي جي ٻولي پنهنجي جغرافيائي بيهڪ موجب مختلف زبانن جي ميزبان ٿي رهي آهي. انهيءَ ڪري منجهس”جاذبيت“ جهجهي آهي. جنهنڪري ”خصوصيت بدل“ جو رنگ به هن ٻولي ۾ نهايت ئي گهرو ۽ گهاٽو آهي. اسين ٻيلي جي ٻولي ۾ ”خصوصيت بدل“ جا ڪي مثال هيٺ ڏيون ٿا:


[1] راوي خميسو بهراڻي باکڙو

[2] هڪ شادي فقير گونگن مان ڪئي جنهن مان سندس اولاد ’اِليٰ- پوٽا.‘ ٻي شادي حماتين مان ڪيائين جنهن مان اولاد ’سحاق پوٽا‘.

[3] روايت دريا خان ٻرو.

[4] واڳو، ڀائرن کان ڌنوريء منجهان ڪاوڙجي بارڻ طرف هليو ويو؛

”گٿو واڳو گس تان ٿيو ڌنوريء منجهان ڌار“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org