سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ٻيلاين جا ٻول

صفحو :28

باب چوڏهون

 

شاعر نم ۽ سندس قبيلي جا ٻيا شاعر

 

نم فقير مڱڻهار، شهر اُٿل جي ٻُرن وڏيرن جي پيڙهائتن مڱڻهار جي قبيلي مان هو. سندس وڏو سِرماڻ هو جو سنڌ مان آيو ۽ وڏيري ڏهورئي ٻُري وٽ اچي رهيو. سرماڻ شاعر ۽ سگهڙ هو، وڏو نالو ڪڍيائين ۽ اُٿل ۾ شادي ڪري هميشـﮧ لاءِ اتي رهي پيو. کيس ’نوڪار‘ نالي پٽ ٿيو، جنهن جو پٽ صفر مشهور شاعر ٿيو ۽ سندس اولاد ”صفراڻي لنگها“ سڏجڻ لڳو. مٿي ’باب ڇهين‘ هيٺ سخي سٻڙ ڄام جي تعريف ۾ چيل بيت هن وڏي صفر شاعر جا چيل آهن. 

شاعر صفر جي اولاد جي شجري موجب، جو اسان کي آڳاٽين ياد داشتن مان مليو، شاعر نم جو شجرو هن ريت بيهي ٿو: ”شاعر نم پٽ ڪنڍو پٽ جيوڻ پٽ صفر (ثاني) پٽ سواريو پٽ صفر شاعر پٽ... پٽ نوڪار پٽ سرماڻ(1) “. شاعر نم جي قبيلي جو هيٺيون شجرو علي محمد فقير مڱڻهار لکايو:

ميان ڪريمداد چيو ته: نم جو پيءُ ڪنڍو مري ويو ۽ پوءِ نم کي سندس ماءُ پهريائين مينهن فقير ٻُري نومڙيي وٽ دعا لاءِ وٺي ويئي ۽ تنهان پوءِ ابراهيم گهنڊاري وٽ نيائينس. تنهان پوءِ وري شيخ ابراهيم شاعر وٽ وٺي ويس، تنهن لب وات ۾ وجهي چيس ته:

”نهرو نم چون، گهيڙو گهنڊارو ٿيو.“

انهن درويشن ۽ شاعرن جون دعائون لڳيون جو نم کي ڌڻي وڏي حياتي بخشي ۽ شاعريءَ جي ڏات به ڏني. ا.هه.

صالح محمد چيو ته: شاعر نم تمام وڏي عمر ماڻي. عام خيال موجب سندس عمر هڪ سؤ نوي ورهيه هئي ۽ لس جي ڄامن جي ابتدا توڙي عروج کي ڏٺائين. ا.هه. ٿي سگهي ٿو ته شاعر نم جي ايڏي وڏي عمر ٿي هجي؛ مگر جيئن ته شيخ ابراهيم جي درويشيءَ وقت نم اڃا ٻارڙو هو انهيءَ صورت ۾ سندس ولادت 18 صدي جي پوئين نصف ۾ ئي ٿي هوندي. شاعر نم، ڄام مير خان ثاني ۽ ڄام عالي خان ثالث جو درٻاري شاعر هو. انهن ٻنهي ڄامن جي حۡمراني جو عرصو 1830 کان 1896ع تائين آهي. 1839ع ۾ سردار ولي محمد مئنگل انگريزن هٿان شهيد ٿيو جنهن کي شاعر شيخ بکر ڳايو. ڄام مير خان ثاني جي دور (830-1888ع) جي شروعات کان وٺي شاعر نم جي شاعري جو سلسلو ملي ٿو ڇاڪاڻ ته هن ڄام مير خان ۽ خان خداداد خان جي هڪ مقابلي کي ڳايو آهي جنهن ۾ ڄام مير خان کي ”خورده سال و بخت زاده نيڪ نيت نامدار“ جي الفاظ سان ياد ڪيو اٿس. ”خورده سال“ جي لفظن مان ڄام مير خان جي ”ننڍي عمر وارو“ هئڻ جو ثبوت ملي ٿو. ڄام مير خان جا خان خداداد خان سان ٽي مقابلا ٿيا جن مان پهريون سردار نورالدين مئينگل جي رفاقت سان جولاءِ 1865ع ۾ ٿيو، ٻيو 1868ع جي آخر ۾ ۽ ٽيون مئي 1869ع ۾ (1)

ٻي هڪ مدح ۾ شاعر نم، ڄام مير خان ۽ سندس فرزند ولي عهد ڄام عالي خان گڏي ڳايو آهي ته:

الله عالياڻي ڪيا ست پيڙهيا سردار

سي طالعوند تخت تي آهن گادي تي گرنار

مير خان ملوڪ، اڙٻنگ عالي، پوشيدا پتوار

دانهه دُر درياهه سي وير عقل وينجهار

ڪا گهٽ ڪنهن ۾ ڪانه ڪا ٻيئي ٻجهڻهار- الخ.

ڄام مير خان ۽ ڄام عالي خان تقريباً 1870ع کان وٺي پنهنجي رسوخ ۽ اقتدار رکڻ لاءِ گڏجي جدوجهد شروع ڪئي؛ انهيءَ وقت ڌاري ڄام عالي خان حيدرآباد سنڌ ۾ انگريزن وٽ نظربند هو. ڄام مير خان 1819ع ۾ قلات جي خان خداداد خان جو ٽيون مقابلو ڪيو مگر شڪست ملڻ بعد انگريزن نظربند ڪيس ۽ 1871ع ۾ پوني روانو ڪيائونس. ان وقت سندس پٽ ڄام عالي خان حيدرآباد سنڌ مان هوشياري سان ڀڄي اچي ٻيلي جي حڪومت سنڀالي. مٿين مدح ۾ شاعر نم ڄام عالي خان کي ”اڙٻنگ عالي“ جي نالي سان ڳايو.

سردار نورالدين جي شهادت کي شاعر نم بيتن ۾ ڳايو، جنهن تي ڄام عالي خان خوش ٿي ڏانهس خط لکيو جو اسان مٿي نقل ڪري آيا آهيون. (2) هي خط نومبر 1893ع جو آهي جنهن وقت سمجهجي ٿو ته شاعر نم نهايت پيرسن هو جو اُٿل مان هلي ٻيلي ۾ وڃي روبرو پنهنجا بيت ڄام صاحب جي اڳيان پيش نٿي ڪري سگهيو. صالح محمد چيو ته: شاعر نم عالي خان جي وقت ۾ گذاري ويو. ڄام عالي خان 14 جنوري 1896ع ۾ وفات ڪئي جنهن مان سمجهجي ٿو ته شاعر نم نومبر 1893ع کان جنوري 1896ع واري عرصي اندر وفات ڪئي. اسان صالح محمد وٽ شاعر نم جو هڪ دستاويز ڏٺو جنهن تي سنه 1283هه لڳل هو. ٻيو هڪ دستاويز مؤرخه ”13- شهر ريبع الاول 1298هه“ (فبروري 1881ع) نظر مان گذريو جنهن ۾ شاعر نم پنهنجي ملڪيت ڪنهن مائي کي ڦيرائي ڏني هئي.

صالح محمد چيو ته: ”شاعر نم کي مون ڏٺو هو ۽ کانئس ڪي بيت به سکيا هئا؛ منهنجو پيءُ ”(راول) توڙي ماءُ ٻئي سندس خذمت ۾ هوندا هئا. شاعر نم رنگ جو سانورو هو ۽ منهن تي ساوا ساوا سهڻا تر هئس. سندس قد پورو پنو ۽ سونهاري ڀريل ۽ سفيد هئي. رهڻي ڪهڻي ۽ دنيا جي اوسيڙي کان آجو ۽ درويش هو.“

”ڄام عالي خان ڪچهريءَ لاءِ شاعر نم ڏانهن ماڻهو موڪليو هو مگر هو بيمار هو ۽ ڄام صاحب ڏانهن هي بيت چوائي موڪليائين ته:

پانڌي ڏيج پرينءَ کي منهنجي سلامن ستر

محب تنهنجي مجليس جي مونکي اڪنڊ آهه اپر.

اچان هوند اکين سين، دوست تمهاري در

پر هڪ چاوت چغلي چور جي آهي ثابت مون سڳر

هيڪر جي هلي اچين تون محب ميان مون گهر

ته ايءَ سڀ ڳالهه آسان ٿئي تنهنجي نيڪ نظر

هيءَ م هيڻي ڪر، نيڪ نمائي نم چئي.

پانڌي ڏيج پرينءَ کي منهنجي سلامن سهس

تنهنجا وڻيا تن کي ريجهه رهاڻيون رس

آءٌ اوهان جي آهيان گولي مٿي گس

ويٺي ڪريان وس، اوهان ڏانهن اچڻ جا.

اهي بيت جڏهن ڄام صاحب کي پهتا تڏهن چيائين ته: نم گذاري ويو. شاعر نم جي وفات تي ڄام صاحب هڪ سؤ روپيه دفن ڪفن واسطي ۽ ويهه پات کجورن جا وراهڻ لاءِ موڪليا هئا. 1.هه“

نم جي لياقت ۽ شاعري

نم بنيادي مڱڻهارن جي قبيلي مان هو ۽ کيس منگتن مڱڻهارن وارو سڄو گن ياد هو. نسب ناما، جنگيون، سگهڙپائي جا نڪتا، لطائف، ۽ ظرائف، قصا ڪهاڻيون، پروليون، هنر، ڏهس ناما، گفتي جي ڳڻپ، معنى جي ملوڪت، پڇئي جو جواب وغيره. مطلب ته هر فن مولى هو. انهيءَ صدري خزاني ۽ سياڻپ کان سواءِ تواضع، نهٺائي، نماڻائي، حسن اخلاق ۽ خوش مزاجي جي ڳڻن سبب هر جاءِ نهايت مقبول ۽ منظور هو.

عوام ۾ به نم جي عزت هئي ته حاڪمن وٽ به سندس قدر هو؛ ڄام مير خان ثاني ۽ ڄام عالي خان جو درٻاري شاعر ۽ هم صحبت هو، بلڪ سندن حڪمرانيءَ جو مؤرخ هو جنهن اهم واقعات پنهنجي بي بها بيتن ۾ پئي بيان ڪيا. ڄام مير خان ۽ ڄام عالي خان پنهنجي هن درٻاري شاعر جي وڏي قدرداني ڪئي. خط ۾ ڄام عالي خان کيس ”عزت آثار نم شاعر حفظـﮧ“ سان خطاب ڪيو آهي ۽ کيس پنهنجي انعام ۽ بخشش سان نوازڻ جو بار بار ذڪر ڪيو آهي. هن خط مان شاعر جو مؤرخانه ڪارنامو، ڄام جي قدرداني ۽ سندس شعر سان دلچسپي خواه تنقيدي لياقت جو ثبوت ملي ٿو. درٻاري شاعر هئڻ سبب نم تي نالو ئي ”شاعر“ پئجي ويو. ٻيلي جي سگهڙن مون سان بيان ڪندي کيس صرف ”شاعر“ پئي سڏيو.

ميان ڪريمداد چيو ته: نم رڳو هڪڙي عمي پڙهيل هو پر ڪشف کليل هئس. غلام الله ڄاماڻي ملير واري توڙي شيخن سگهڙن ساڻس مقابلا ڪيا پر هن بحر کي جهاڳي نه سگهيا. ا.هه.

ميان ڪريمداد ۽ شيخ گنج بخش خبر ڪئي ته: ملير وارن جوکين ڄامن وٽ عاقيل نالي ڪو سگهڙ هو. وڏي عمر جو هو ۽ سندس هڪ اڇي مڇ وري ڪاري ٿي جنهن تي چيائين ته: ”اڇي مڇ عاقيل جي، قادر ڪئي ڪاري“. ڄامن عاقيل کي ڄام مير خان جي ڪچهري لاءِ موڪليو. پوءِ عاقيل معما جو هيٺيون بيت شاعر نم کي ڏنو ته:

ناري نرت نگــﮧ ڪري جان ديکهي ڪيم ديدار(1)

تان سونگو سنگين سڦرو جوڙيو پاڻ جبار

سو بنائي بر حال ڪيو قدرت سان ڪلتار

ارڙ، بلبل ان ۾ گويا ڪن گفتار

گرگ، ٻڪرو گڏ اتي دوئي سان ڌڻوار

سي پنجئي آهن پاڻ ۾ هڪ جڳهه هيڪار

پر مصلحت ان جي من ۾ آهي ڌرئون ڌارو ڌار

اي سالڪ سمجهدار، ڏي مائيت ان مذڪور جي(2).

يعني ته پنج متضاد شيون: ارڙ بلا، بلبل، گرگ، ٻڪر ۽ ڌرار هڪ سونگي (ننڍو ڪاٺ جو دٻلو) ۾ هڪ جاءِ تي جمع آهن حالانڪ هر هڪ جي مصلحت جدا جدا آهي.

بيت ٻڌڻ بعد شاعر نم ان جو هيٺين طور في البديهه جواب ڏنو ۽ پڻ ٻن وڌيڪ شين (عشق ۽ سپاهه) جا اهڃاڻ ڏنائين جي ان سونگي (انسان جي جسم) ۾ آهن. هن سلسلي جو پهريون بيت جو شاعر نم چيو سو هيءَ هو ته:

”نم چئي نروار ڪريان، تون عاقيل اوري اچ“

پوءِ ٻيو هيٺيون بيت تفصيل سان چيائين ته:

اهو بت بندي جو بنيو سونگي جي صفتا

ارڙ نفس ان ۾، بلبل زبانا

گرگ شيطان شومتي، ٻڪرو ايمانا

عقل ڌراڙ ان جو آهي درس ڌراءِ

چوءِ چڱيون ڳالهيون ڪري منع مٺانياءِ(1)

ڇهون عشق آڻانگو آڪرو زورائتو زبرا

سوجـيٖ ڪيهر شينهن ڪُڻاک ڏئي ته ٻيا مڙيئي محتاجا (2)

اچي وڃي ان ۾ واءِ مڙيوئي واءِ

سو جي بيهي بند ٿئي ته سونگي ساه نه ڪاءِ

آهي عاقيل ڳالهه اها، ڪي اڃان نهاريانس نم چئي.

واه سگهڙ نم واه! لک جو جواب ڏيئي ڇڏيائين. ميان صالح محمد چيو ته: اتي انهيءَ ڄاماڻين جي سگهڙ عاقيل چيو ته: ’هيءُ شخص پڙهيل آهي ۽ ڏهس نامي مان واقف آهي‘، ۽ نم کان پڇيائين ته تون ڏهس نامون ڄاڻين ڇا؟ تڏهن شاعر نم جواب ڏنو:

تڳي تامي، تامني، تمهر، تام تمس

رات رجني، ليل هئي پنب، چنيهر، نس.

وري چيائين:

من سموندر اوپر گجي، جهاز نيچي چلي

بن اندري اولاڪ رَلي

ري ڄڀئون آواز وَليٖ

تيل بنئون ديپڪ جلي.

شاعر نٿالو رند ميرپورساڪري جو، تنهن لس جي شاعر صديق ڏانهن ڪو مسئلو بيت ۾ چوائي موڪليو. صديق آيو نم وٽ، جنهن ان مسئلي جو جواب ڏنو ته:

ڪو ٻڌائي ٻروچ کي نيئي منهنجو سلام هيء سارو

ته تو جو مَسَلو موڪليو، ڪري ڪاٻارو

تنهن جو سڻ نيڪ نٿالا، نم چئي، ويهي ويچارو

ته محمد ٿي معراج چڙهيو، سيد سونهارو- الخ (1)

راڄن شاه ۽ نم شاعر: ڄام مير خان جي دعوت تي سيد راڄن شاه ماٽائي(2) ٻيلي جي شهر ۾ ويو. اتي شاعر نم اڳي موجود هو ۽ ٻئي ملاقي ٿيا. راڄن شاه سسئي جي سُر مان بيت ڏنو ته:

چاڪن چيريس چم، گهائي گهاء بلوچ جي

ڪَرڙيٖ سور قريب جي، دم نه دمايس دم

ره ۾، راڄن شاه چئي، ڪيائين پٺيء خان ختم

اي قرب کڻايس قدم، نه ته ڪير پيادي پنڌ ڪري.

اتي نم  شاعر چيو ته: هوءَ ويچاري اڳ سُورن جي ماريل، تنهن کي شاهه وري ڪهڙا ٿو چير وجهين. ائين چئي بيت چيائين ته:

چاڪن ڪهڙي چانۡڪ، جي هئا سپيريان جي سور جا

متان ان مذڪور جي، ڪري منڌ مزاڪ

سا ڏئي آڏا ور وندر ۾، ڪيائين وڻ وڻ سين وس واڪ

قابو قرب قريب جو، اچي پيو اتفاق

پهچي پرهه پهوڙ سين، لاٿائين ڦٽ فراق

نينهن چڱي سين،نم چوي، ڪيائين هوت پٺيان ائين هاڪ

جڏهين وٺيس محبت ماڪ، تڏهن نيئي ڪرمن ميڙي ڪانڌ کي.

شاعر نم ۽ ڪريمنو قاضي

ڄام مير خان جي عهد ۾ ڪن لنگهن (مڱڻهارن) جا گهوڙا وڃي ڍڪ ۾ پيا. ڪريمنو سونارو ان وقت ڄام مير خان جو قاضي هو. هو ايترو گهڻو پڙهيل ڪين هو، ۽ رخ تي پئي قضا هلايائين. هن موقعي تي پڻ فيصلو ڏيئي لنگهن غريبن جا گهوڙا نيلام ڪرائي ڇڏيائين. لنگهن اچي شاعر نم کي دانهن ڏني ته ڪريمني قاضي اسان جا گهوڙا نيلام ڪرائي ڇڏيا، جنهن تي شاعر نم ڄام مير خان کي هي گفتو چيو ته:

گُني گهرو گفتو گوهر سڻ غازي

ته نڪا سمجهه آهي هن سوناري کي نڪي آهي ڪريمنو قاضي

ايهو آهي مخالف محمد پاران ٿو ڪري دورنگو درزي

اهڙيون جنهن جون عادتون تنهن تي رب نه ٿئي راضي

هيء ٿو بنائي بازي، سا باطل آهي بيان ۾.

اسان مٿيون حڪايتون انهيءَ لاءِ بيان ڪيون آهن جو اهي شاعر نم جي سگهڙپائي، فهم، فڪر ۽ حاضر جوابي جو ثبوت آهن. موسي ڪنڀار کي شاعر نم جو ڏنل جواب (1) في البديهه شاعريءَ جو اعلى مثال آهي. شاعر نم جنگنامن جوڙڻ ۾ پڻ پنهنجو مٽ پاڻ آهي. ٻيلي جي جنگين بابت سندس چيل بيت، جي مٿي باب ستين هيٺ نقل ڪري آيا آهيون، ’سنڌي جنگنامي‘ جي شعرن ۾ هميشـﮧ لاءِ يادگار رهندا. شاه عبداللطيف رحه جي تتبع ۾ پڻ شاعر نم نهايت پيارا بيت ٻڌا آهن.(2) سنڌ جو شاعر ميان حمل خان لغاري (وفات 1296هه) شاعر نم جو معاصر هو جنهن جي بيتن ڀران سرائڪي زبان ۾ پڻ شاعر نم سهڻا بيت چيا جن مان هڪ بيت مختصر طور مٿي نقل ڪري آيا آهيون(3).

انهيءَ بيت جي مڪمل روايت جا اسان کي تازو ملي سا هن طرح آهي:

دوست اساڏا دلبر دل دا، جنهن ڏنهن سڪ سچائي- عجب اهائي

قد قريبان سروَ صنوبر، سُوڌا واه سِڌائي-عجب اهائي

هار سينگار اُتاهين سرخي، جوڙ چڱي جوڙائي- عجب اهائي

تُرنگ تليهر واسينگ وانگر ورڪيو وير وڏائي- عجب اهائي

ڪُرنگها نين ڪجل وچ ڪاني، سرمان چشم صفائي- عجب اهائي

ابرو بِد ڪڪور قريبان، مِڙگان تير عطائي- عجب اهائي

گوش گلابي، گل بنيا، اُت جهنور جوت نه آئي- عجب اهائي

پان چٻاون، لالي لبان تون، سهڻا نقش سوائي- عجب اهائي

سانهن ڳچيء کوُن سرس چوان، ات ڪونجان ڪار نه ڪائي- عجب اهائي

اؤنگا ات ادب ۾ اُبٺا، ديک صورت سونهن سوائي- عجب اهائي

ناف نجيب نهايت نوري، شافع شِڪۡم شفائي- عجب اهائي

افضل يَدُ عجيب عجائب، وه انگشتيون اَفزائي- عجب اهائي

ڪؤنش قدم تي زينت زريان، بيحد خوب بنائي- عجب اهائي

باغ بهار بدن تي بنيا چمن چمڪ چهرائي- عجب اهائي

ڀؤنر ڀليا ڀُلڪارن، سڻدٖي ڪوئل لانت لڄائي- عجب اهائي

عاجز گل انار ٿيو، جنهن غائب ڪئي گهرائي- عجب اهائي

چا ترڪ چين ڦٽو ڪيو، ان ۾ آهي نه ڪاڪت ڪائي - عجب اهائي

ڪُنجل- رِپ قوت ۾ ڪم ٿيو، جنهن حشمت سڀ هٽائي - عجب اهائي

مينڊڪ جيٖ رِپ موءِ آوس ۾، آگم رِپ نه آئي- عجب اهائي

هنج هلڻ حيران ٿيا، آ چيــٖـتي چيلهه چپائي- عجب اهائي

نجم، ستارا، بَرگ بِهي ويو، سَسُوئـٖـي سونهن سُسائي- عجب اهائي

سرسي سونهن ته ساجن ۾ رب رزاق پاڻ رکائي- عجب اهائي

جهڙس ڪونهي جڳ سڄي ۾، خاوند قسم خدائي - عجب اهائي

شمس قمر شرمايا ٻيئي، پسي لائق جي لالائي- عجب اهائي

محب ملي معشوق مدامي، جنهن ۾ محبت ميٺ مٺائي- عجب اهائي

عشق سندي تنهن افضل اعلى جَڙ جانب جيءَ جَڙائي- عجب اهائي

آءُ قرباني تنهن قادر تان آهيان، جنهن جو ڀان ڀلائي- عجب اهائي

ميمئون نون نوازيو نافع، مڱي مهر مدحي-عجب اهائي

ـــــ

’ڏهس نامي‘ ۾ شاعر نم جي دسترس جو بيان مٿي ٿي چڪو آهي، ۽ پرولين ۽ معمائن ۾ سندس سگهڙپائي جو ذڪر پڻ اچي چڪو آهي. ’سينگار‘ شاعري ۾ پڻ شاعر نم بيت چيا جن مان هڪ هيءُ آهي(1).

گَنُوري کي غزال کان آهي چاهه چڱو چشمن

آب اني جو اڳرو، جلوو ڇا جَنۡورَن

هيرا، موتي، ماڻڪيون، موڪ مشاهدا ڪن

سا سوڍي سرس سهاڳ ۾ ٿي سونهي وچ سرتين

ٿيس بخت ڀتار جو، تيلانهن ويٺي وڇاڻن

اچيو مڙيو ان کي، پڳين سر پون

نال تنهنجي، نم چئي، اوءِ تان نهَ اچن

ٻيون جي سرسيون هونِ سوَن، ته به هي نيئي ڪمائي قبولئي.

شاعر نم ’هنر‘ جا بيت پڻ چيا. سندس هڪ بيت ’هنر‘ جو ’عزيزن مائٽن‘ جي نالن سان ۽ غالباً ’مارئي‘ جي سر ۾ اسان کي مليو جو هيٺ ڏجي ٿو.

اِيَ مامن موري ڪانه، نه ته ڪيئن ڀِرمان ڀاڻيجن ري(2)

ڪاڪن ڪنديس ڪينڪي، هتي جن جي هان(3)

نانا وڻي، نم چئي، خاص خوشي هي خان(1)

ٻاٻا چون ٻَر مون سڀـــٖـي، پر توري تڳان تانه (2)

ساهري سڪ سقيم کي ريء غير گمان(3)

ماساتن سهان هيڪڙي، لهي غم گذار گيان (4)

ڀائبان ڀال ڀلي جا جي تون محب ملين مهمان (5)

چاچا گهڻو چت ۾، سوال ڪريان سبحان (6)

ته اهي سڀ ادا ڪري جي هتي جا هاوان (7)

ته ڏاڏا ٿين ڏان، وسهج وسرين ڪينڪي(8).

هيٺ اسان شاعر نم جا ’عشق ۽ محبت‘ جي مضمون ۾ باقي چيل بيت جي اسان کي مليا آهن سي نقل ڪريون ٿا.

فصل-1

عرض سڻي عاشق جو دلبر دل سين لاءِ

اؤکي ڳالهه اچي پوي نيڪن جي به نگاه

ته سي فهميدا فرحت سين ڪن بات چڱي بر جاء؛

ڇا سو قدر ڪميڻيءَ جو، تون پرين پاڻ پساءِ

ته لوه رچي سڀ لعل ٿئي پاس سين گڏ گهاء

تون آهين سڀ کان سرس سواءِ، نينهن چڱي سان نم چئي.

عرض سڻي عاشق جو تون دلبر دل سين هڻ

نينهن جو نظر، نم چئي، تون خوب اسان ڏي کڻ

تون آهين محبت ڀريو مڻ، آءُ پاءُ نه برابر پرين جي.

فصل- 2

ڇنڇر ساريم سپرين، آچر شل ايندام

سومر سيج بدن تي ويجها ٿي وهندام

اچي اڱاري ڏينهڙي مرڪي موهيندام

اربع افضل اوجلا، پاند پلئه پوندام

خوبئون ڏينهن خميس جي اچي کلي خوش ڪندام

عقل- وند اشراف گهڻو آهن سهڻا دوس سندام

تن وري ٻڌا وعدا، ڪي قربئون قول ڪيام

جئن اک آساتي ڦري، ايئن سچي سوڻ ٿيام

مَنَهن ٿوڻي ڪانء لنوي، ٻولي ايءَ ٻڌيام

وِسُوڙياس وجود ۾ ته محب سڄڻ ملنديام

حڪم ساڻ حڪيم جي، اپر عيد ٿينديام

سا سڻيندي سرهي ٿي ته اڄ پرين ايندام(1)

کڻي نينهن جو نظر، نم چئي، نافع نگهيندام

ڏينهن جمعي ڏيندام، در در کيرون دوست جون.

ڇنڇر ساريم سپرين، آچر ايندم شال

پڇيم سومر سپرين لاءِ، ٻيا فيض فضل جا فال

ڏينهن اڱاري ارٽ جي ٿي موٽيو کلي مال

سگهو ايندم سپرين مونکي ڪانگي چيو ڪالهه

سُيَمِ نينهن جي خبر، نم چئي، اربع تي احوال

ٿيو خوش من ڏينهن خميس جي، ڪيا ڀلي ڀلايون ڀال

جمعي ڏيندم جال، اچي مبارکيون محبوب جون.

ڇنڇر ساريم سپرين، محب مٺا مئي مت

آچر شال اچي ڪندا، مون سان ڪا مروت

سي سدا سنمک سپرين، جيء سندن صحبت

مٺي سڀڪنهن ميٺ ڪنان تن محبن جي محبت

پياريندم پرت جا سومر سي سربت

وڻي واه وجود کي تن جي طبيعت

اڱاري عجيبن جي، ڪنديس خوب کلي خذمت

مهندان محبوبن جي بيهنديس حاضر ٻڌي هٿ

نرمل ناميا، نم چئي، ڪدا نيڪ چڱي نصيحت

ڏيندا دوس دلاسو دل کي اربع تي البت

ٿي خوش دل ڏينهن خميس جي مليا خوب ملڻ جا خط

مون ڏانهن پرين موڪليا ساڻ ڀلي برڪت

سي واچيندي وسهيس گهڻو، ٿي جسي کي جميعت

ڏنم سرتيون کيرون ست، منهنجا جمعي جانب آئيا.

فصل-3*

تَن تُني مَن صاف، رک هردم هوت هيين ۾

رک جانب جاد جيء ۾ جو آهي آرياڻي اشراف

سو لال لنگهائيندو لَڪيون، ڪندو مير مدايون معاف

جهڙو نشو نينهن جو، نم چئي، تهڙو ٻيو ڪونه جهيلندوءِ ڪاف (1)

اهڙو ساجن سمجهه صراف، جو ري پَت رمز رجوع ٿئي.

سڪڻ سُور مَ سَل، رکج عشق اندر ۾

صحبت سپرين جي عام ڪنان پيو ال

جهڙو نينهن جو نشو، نم چئي، تهڙو ڪونه آهي ٻيو ٻل

جيئن ڪافور جهٽي ڪک کي، اهڙي ساڻ عمل

مڃيج امر عجيب جو، اُٿي هوت پٺيارا هل

جهڙو دانـﮧ سين دم پل، تهڙي عمر ناه اڄاڻ سان.

صالح محمد چيو ته شاعر نم جا سڪ ۽ محبت جا گهڻا بيت هئا، ۽ هيٺيون بيت پڻ شاعر نم جو آهي ته:

مان تان توسين هوت، ڪڏهن ڪينو ڪونه ڪيو

هن منهينجي حال جو، دارون تو وٽ دوس

وينديس ڪيچ ٻروچ، مَتُڻ مونکي ڇڏئين.

نم قبيلي جا باقي شاعر

شهر اٿل جي هن قديم مڱڻهار منگتن جي قبيلي مان صرف (وڏو) ۽ نم ٻئي مشهور شاعر ٿي گذريا آهن. پوين مان به پنج- ڇهه شاعر ٿيا. اسان جي راوي صالح محمد سگهڙ به ڪي پنهنجا بيت جوڙيا، مگر انهن پوين سڀني ۾ وري به مينهن ملوڪ شاعر ٿيو. هيٺ اسان نم جي قبيلي جي انهن باقي شاعرن جا هٿ آيل بيت ڏيون ٿا:

 (1) عثمان: ميان ڪريمداد چيو ته: نم جي ڀاڻيجي عثمان، شاعر نم جي بيتن ڀران بيت ٻڌو ته:

عرض سڻ عاشق جو، تون دلبر دل سين سار

روح اسانجي ريل اوهان ڏانهن، اَپر چڱي آ آر

هن عاصيءَ تي، عثمان چوي، تون نالو کڻي نهار

ته ڏک، ڏولاوا ڏور ٿيا، پرين پياسين پار

ٻيا سڀ وهم وسار، رک تون عشق عجيب سين.

(2) مينهن: مينهن اٿل ڇڏي اچي وندر کي وسايو ۽ اٽڪل روءِ سنه 1910ع ڌاري جوانيءَ ۾ گذاري ويو. چون ٿا ته مينهن موندرن تي ڪو بيت ٺاهيو. موندرا ڪڙياڻي شيخن جا معتقد هئا جن مان ان وقت شيخ سائينداد وڏو سالڪ سگهڙ هو. شايد مينهن اهو شيخن وارو لحاظ نه رکيو ۽ موندرن کي پنهنجي بيت ۾ نندي ويو. انهيءَ تي شيخ سائينداد پاراتي طور هيٺيون بيت موندرن ۾ لنگهي آدم جي نالي تي ٺاهي مينهن ڏانهن چوائي موڪليو ته:

ڪڙيي جي ڪنڊيءَ جي، سرت نه ڪياءِ ساڃاءِ

اڳي نهرو نم هو، سرت ڀريو ساڃاءِ

تنهن کي به دولهه دعا ڪئي، شيخ براهم بر جاءِ

اسين به اولاد ان جو، سمجهي ڪر ساڃاءِ

اڳيان عاقل آهن، آدم چئي، سي ڏوراپا ڏينداءِ

ڪندين ريلا رت جا، ڪاتي لام لڳياءِ (1)

ان بعد چون ٿا ته مينهن بيمار ٿي پيو، منهان رت هليس ۽ گذاري ويو.

مينهن پنهنجي ڪن بيتن ۾ نهايت انوکي واٽ ورتي آهي ۽ عربي ۽ فارسي الفاظ جي استعمال سان گڏوگڏ ڪي عجيب ۽ انوکا خيال اظهار ڪيا آهن. افسوس جو عام راوي انهن بيتن جي لغات خواه معنى کي سمجهي نه سگهيا، انهيءَ ڪري انهن بيتن جي اصلوڪي ۽ صحيح پڙهڻي باقي نه رهي آهي؛ هيٺيان بيت، انهن انوکن بيتن جو هڪ نمونو آهن جي اسان کي هڪ جهوني سگهڙ بچي فقير چني ٻڌايا ۽ چيائين ته معنى جي مون کي به خبر ناهي؛ جئن مون ٻڌا تيئن ٻڌايان ٿو:


(1) مرحوم صالح محمد اسان کي شاعر نم جي پيڙهي هن طرح بيان ڪئي هئي ته: ”شاعر نم پٽ ڪنڍو پٽ مصري پٽ راول پٽ صرف پٽ سواريو پٽ صفر وڏو جو شاعر هو.“ صفراڻي فقيرن مان ئي علي محمد پٽ وريند جي اسان کي ٻڌايو ته: ڪنڍو، مصري ۽ صفر ٽيئي ڀائر هئا.

(1) Baluchistan. District Gazeteer Series, Vol.III Las Beal:- Allahabad 1907, vide pp.25-33

(2) (1) ڏسو مٿي ص 84.

(1) ناري= نهاري.

(2) هن بيت جي روايت پهريائين اسان کي ساڪري جي سگهڙ حاميد خان وٽان ملي ۽ پوءِ ان کي شيخ سائينداد جي روايت سان ڀيٽيو ويو.

(1) چوءِ= چوي. مٺانياءِ= مڍاينکان، بديءَ کان. س: مٺايا.

(2) ڪڻاک ڏيڻ= ٽاڏهه ڏيڻ، گجڪار ڪرڻ.

(1) هي بيت سڄو مرحوم صالح محمد مڱڻهار وٽ هو، پر اسان وٽ فقط ايترو ياد داشت طور رهجي ويو.

(2) ويٺل ماٽو، تعلقو ميرپورساڪرو.

(1) ڏسو مٿي صفحو 17.

(2) ڏسو مٿي صفحو 132.

(3) ڏسو مٿي صفحو 133.

(1) هڪ روايت موجب، شاعر نم حضرت نبي صلعم جي سوانح بابت بيت چيا جن مان هيءَ بيت بيبي خديجة الڪبرى بابت آهي.

(2) مامن= مان من= منهنجي من ۾. ڀاڻيجن= ڀاڻ وارا ساٿي، سڄڻ. منهنجي من ۾ ئي اها ڳالهه نٿي اچي (موري= اسري) ته پنهنجن سڄڻ سواءِ ڪيئن سرچان.

(3) ڪاڪن= ڪا ڪن (ڪا ڳالهه ڪن نه لائينديس).

(1) نا نا= نه نه.

(2) ٻا ٻا =ٻهه ٻهه (ويهه ويهه)

(3) سا= هري

(4) ماساتن =مان ساعت نه.

(5) ڀائيان (ڀاءُ جو لفظ آندل) = ڀانيان.

 

(6) چاچا= چاهه چاهه.

(7) ادا ڪري (ادا جو لفظ آندل)= پورا ڪري.

(8) ڏاڏا= ڏهه ڏهه.

(1) هت ’سا‘ جو ضمير ”خبر“ ڏانهن وري ٿو.

* هي بيت اسان مرحوم ميان محمد امين ڀوُتاڻي جي زباني قلمبند ڪيا.

(1) ڪاف= ڪيف نشو.

(1) هن بيت جي مڪمل روايت ملي نه سگهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org