سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1989ع

مضمون

صفحو :8

”جامع سنڌي لغات“ تي هڪ نظر- (2)

ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو

”مهراڻ“ رسالي جي آڪٽوبر، نومبر، ڊسمبر 1988ع ۾، ”جامع سنڌي لغات“ جي ”جلد پنجين“ تي سرسري نظر وڌل آهي. هينئر سڳئي جلد جي ”باب، ک، گ، ڳ ۽ گهه“ تي ڪجهه خيال ظاهر ڪجن ٿا.

اها حقيقت آهي ته شري گاجرا جي لغوي جاکوڙ لغت کي جان بخشي آهي، پر جيئنته سنڌي لفظ، پنهنجي اصلوڪي جاءِ کان ايترو ته پري وڃي پيا آهن، جو سڌو پيرو کڻڻ يا ڳُرُ ڳولڻ نهايت مشڪل ٿي پيو آهي. هن ڪم ۾ ساهِي مُنجهائڻي آهي؛ ذري ذري تي ڪمال احتياط کان ڪم وٺڻو آهي؛ اِنهي ٻِلهي کان پاسو ڪرڻو آهي. مطلب ته هر لفظ کي سمجهڻ لاءِ، سندس اندرين تَههَ ۾ وڃڻو آهي ته جيئن لفظ، پنهنجي حقيقت پاڻ بيان ڪري، جائي لغت جي تقاضا آهي.

”جامع سنڌي لغات“ ۾، جو سنڌي لفظن جو ذخيرو آهي، تنهن مان سنڌي زبان جي قدامت ۽ وسعت جو اندازو ٿي سگهي ٿو. اڃان به جيڪڏهن سنڌ جو اوسو پاسو ڏسبو ته ڪيترائي نوان لفظ، گفتگو ڪندي يا بيتن هٿ ڪندي ملي ويندا، جي لغت ۾ جُڙ جُڙ ٺهندا. انهيءَ ڪري گذارش آهي ته هن برڪت ڀرئي ڪم کي جاري رکيو وڃي ته جيئن لغت مڪمل ٿي وڃي.

باب

1. ص 2195_ کاٻَ. (پرا. ڪَپ= گَپَ_کاٻ. سن. ڪَلر. پ =پڃڻ)، وَڍ، زخم_ سوراخ_کُٻُ.

لفظ-کاٻ- جي تحقيق ڪيل آهي، پَرَ پَرو ڪونه پوي ٿو.

        ڪَپ (=زخم، وڍ)، پراڪرت ۾ آهي، پر ”کپ“ جي معنى ۾ ڪونهي. اهڙيءَ طرح ”کاٻ“ جو سنسڪرت لفظ ”ڪلر“ ڏيکاريل آهي، جو لغوي ڪسوٽيءَ تي کَرو نظر نٿو اچي. ”ڪلڙ“ هندي لفظ آهي، ۽ نه سنسڪرت! ”ڪلر“ جو ڌاتو يا بنياد ”پ=ڀڃڻ“ به ڌاتو ڪوشن ۾ نظر نٿو اچي.

اسان جي خيال ۾ هيئن ٿو اچي.

کاٻُ. (سن. ڪُوپَڪَ)، کُوٻو، کُٻُ، چُڍو؛ لَتَڙَ.

”جامع سنڌي لغات“ ۾، ”کاٻ“ مان ”کاٻ ڪرڻ“ اصطلاح هن طرح آندل آهي:

کاٻ ڪرڻ= تنگ ڪرڻ، ستائڻ، دٻائڻ، خراب ڳالهائڻ.

لفظ ”کاٻ“ کي نظر ۾ رکندي، اصطلاح جي معنى هيئن ٿيڻ کپي:

کاٻ ڪرڻ= کُٻُ کُٻَ ڪرڻ، خراب ڪرڻ، لتاڙڻ.

شاهد:

جيڪو پنهنجي ريجَ کي ٿو ڪينَ اَٽڪل ۾ رکي،

اَن جي ڌرتي کي ڊُڪي ڊوڙي ڪَريندا ڍورَ کاٻ.

(گل)

2- ص 2195_ کاٻَرُ. (سن. ڪَسَرُ يا کوپرو=ناريل)، کجيءَ جي سنهي کل؛ کجين، ناريل وغيره جي وڻن ۾ ڄاريءَ وانگر پردو (جنهن مان نوڙيون، واڻ وغيره وغيره ٺاهيندا آهن.)

”کاٻر“ لاءِ، ٻه سنسڪرت لفظ، ڪَسَرُ يا کوپرو، ڏنل آهن. ٻئي لغوي ڪسوٽيءَ تان ڪِري پون ٿا.

اسان جي خيال ۾ هيئن ٿو اچي:

کاٻر. (مليانم. ڪيَرَ)، کجيءَ يا ناريل جاتندورا.

”کوپرو“ سنڌي تلفظ جو لفظ آهي، جنهن جي لغوي حقيقت هن ريت آهي:

کوپرو، هه. کوپرا. سن. ڪَر پَر)، ناريل جو کوپو؛ ڏونگيءَ جو تيل.

مزيد تحقيق ڪندي، معلوم ٿيو ته ”کوپرو“، مراٺي ”کوبَري > مليانم. کوپڙَ آهي.(1)

3- ص 2195_ کاٻَههُ. مذڪر. چورن جو گاهه يا چارو.

تحقيق مانهيئن معلوم ٿئي ٿو:

کاٻَههُ >ڪاٻَههَ، ڪَٻَههَ آهي، جو مونث آهي.

4-ص 2196- کاتو (سن. کارُڪَ = کائيندڙ)، ڪنهن خاص آدميءَ جو حساب ڪتاب، روزنامچو.

کاتو جو سنسڪرت لفظ ”کارُڪ“ ڏنل آهي، جو غلط آهي. ٿيڻ کپي:

کاتو (سن. کادَڪَ = کائيندڙ. کاد = کائڻ)، روزنامچو.

اهڙيءَ طرح کاڄڻ، کاڄ پيڄ، کاڄرو، کاڄ کورمون وغيره لفظن جو بنياد ”کاڌ“ ڏيکاريل آهي، جو پڻ غلط آهي. ٿيڻ کپي: کاڌ = کائڻ.

5-ص 2197- کاپائو (سن. ڪُٿس= گهٽجڻ، زوال ڪرڻ)، اجايو خرچ ڪندڙ، کپائيندڙ.

”(-کاپڻ (سن ڪشُ= گهٽجڻ،زوال ڪرڻ)، نڪرڻ، (راند مان)، کپڻ، نبود ٿيڻ.

”کاپائو کاپڻ“ ٻنهي لفظن جي مصدر ”کپڻ“ آهي، جنهن مان کاپو، کپت،کپائڻ، کپائو، کاپائو وغيره لفظ نڪتل آهن. ”جامع سنڌي لغات“ ۾، کاپائو ۽ کاپڻ جا سنسڪرت بنياد- ڪُٿس-غلط آهن. لغوي حقيقت هن ريت آهي.(1)

کاپائو کاپڻ (سن. ڪُشِ = گهٽجڻ، زوال ڪرڻ)

6-ص 2197- کاڄي. (سن. کَجُوئا= کاڄي< کَڄُ = ولوڙڻ)، خارش، ڪَرِنهن.

”کَڄُ“ ڌاتو ي بنياد ڏيکاريل آهي، جو غلط آهي؛ ڇاڪاڻ ته ”ڄ“ سنڌي حرف آهي ۽ نه سنسڪرت! لفظ کي هن طرح آڻڻ کپي:

کاڄي، (ن. کَرجو. کرج= آزارڻ،بي چين ڪرڻ)، خارش.

نوٽ: ”کاٻي“ معنى ”ڪَرنِهن“ (ڪ کي زبر_ رکي زير) ڏيکاريل آهي. درست تلفظ ”ڪرِنَهن“ (ڪ کي زير_ رکي زبر) آهي.

7-ص 2203- کاندُ مذڪر مونث (سن. ڪشَمُ = سهڻ)، کانڌ، ڌيرج، جملي 18 معنائون.

8-ص 2204- کانڌِ. مونث (سن. ڪشَم = سهڻ)، کاند، صبر. جملي 12 معنائون.

جڏهن ”کاندُ“ معنى ”کانڌِ“ ۽ ”کانڌِ“ معنى ”کاندُ“ ڏيکاريل آهي ته پوءِ ٻئي لفظ ساڳيءَ معنى وارا سمجهڻ کپن. پرمحقق ”کاندُ“ جون 18 معنائون ۽ ”کانڌِ“ جون 12 معنائون ڏنيون آهن. ائين ڇو؟ ڀلا، ٻنهي لفظن- کاند ۽ کانڌ مان درست لفظ ڪهڙو؟ ٻيو ته ”کاند“ کي مذڪر توڙي مونث ٻنهي حالتن ۾ ڏيکاريو ويو آهي. اهو ته عجيب فيصلو آهي. لغوي مسئلا، معتبر لغت ذريعي، ائين حل نه ٿيندا آهن. جڏهن”کاندُ“ (د کي پيش) آهي ته مذڪر ٿيڻ کپي، ليڪن حقيقت ان جي برعڪس آهي. اهو ”کاندِ“ (د کي زير) آهي، جو مونث آهي.

نوٽ:”ڪشَم“ ڌاتو ڏيکاريل آهي، جو ”ڪشَم“ ٿيڻ کپي.

9_ ص 2204_ کانهَرَ = کير واري مينهن.

ڪئپٽن اسٽئڪ، پادري شرٽ ۽ پرمانند جي لغتن ۾ ”کاهَرَ“ لفظ آندل آهي. فرض ڪريو ته ”کانهَرَ“ درست آهي، پر تڏهن به ”کاهَرَ“ لفظ ”جامع سنڌي لغات“ ۾ اچڻ کپندو هو. ان مان چڱيءَ طرح ثابت ٿيو ته اڳين لغتن جا جملي الفاظ، هن لغات ۾ آندل نه آهن. ائين ٿيڻ کپي؟ چوڻين ۽ پهاڪن ۾ به ”کاهَرَ“ ڪم آندل آهي:

کاهَرَ کي خوب کاراءِ ته کير وڌائي. (چوڻي)

سنڌيءَ ۾ ڪيترائي اهڙا الفاظ آهن، جن ۾ ”ن“ وڌيڪ آهي.

اصل لفظ

هلندڙ لفظ

معنى

تاهرِيِ

تانهِريِ

کنڊ يا ڳُڙسا تيار ڪيل چانور

بَيسَر

بَينسَرِ

بُولي جو هڪ قسم

بَيسِرو

بَينسِرو

باز پکيءَ جو قسم

10-ص 2208 کُتَ. جمع کتون، کتيون. مونث.سُنڍو،کُتِي.

اعتراض هي آهي ته ٻن جمع_ کتون، کتيون_ڏيڻ جي ضرورت؟ جمع ته هڪ ٿيڻ کپي. اهو مونجهارو انهيءَ ڪري ٿيو آهي، جو ”کت“ تي لغوي لحاظ کان اعرابون ڏنل نه آهن. لغت جي تقاضا هن طرح آهي:

کُتِ (ت کي زير) جمع کُتيون. ”کُتون“ جمع غلط آهي. اهڙا ٻيا مثال:

رُتِ جمع رُتيون

مَتِ جمع مَتيُون

11-ص 2209- کِٿِ. مذڪر. (سن. کِن: کِدِ = تنگ ڪرڻ)، لڄي، شرمندو، لڄارو ۽ ککو وکو.

جڏهن ته ”کٿ“ لفظ ۾ ”ٿ“ کي زير آهي ته مونث ٿيڻ کپي. در حقيقت لفظ کِٿُ (ٿ کي پيش) آهي، جو مذڪر آهي.

ٻيو ته ”کٿ“ جا 2 سنسڪرت لفظ کِن: کِدِ ڏيکاريل آهن. ٻنهي لفظن جي وچ ۾ بيهڪ جي نشاني ( : ) ڏنل آهي، جا اسان جي خيال موجب ”يا“ جو مطلب ڏئي ٿي. محقق جو مطلب هي آهي ته ”کِٿِ“ لاءِ، ”کنِ“ يا کِدِ ٻئي سنسڪرت لفظ درست آهن. حالانڪ ائين نه آهي. حقيقت هن ريت آهي:

”کِنّ) سنسڪرت لفظ آهي، جنهن جو ڌاتو يا بنياد ”کِد) ڏيکاريل آهي.

12-کَٿو کَڙيو کڻي پٺيانپوڻ = سچيءَ دل سان ڪم کي لڳڻ.

اصطلاح ۾”کڙيو“ لفظ ڪم آندل آهي، جنهن جي معنى ”جامع سنڌي لغات“ جي صفحي 2232 تي هيءَ لکيل آهي: خرزين، ٻورو،ڳوڻ.

اسان جي خيال موجب اهو ”کَڙيو“ لفظ نه آهي، پر ”کُريو“ لفظ آهي. ”کڙيو“ لاءِ ڏسو مهراڻ 1988عجو چوٿون نمبر.

کُريو = رَنبو،گاهه ڪرڻ جو هڪ اوزار.

”رنبو“ گاهه ڪرڻ خصوصاً ”ڇَٻَرَ“ لاءِ ڪم ايندو آهي؛ ڇاڪاڻ ته ”ڇٻر“ کي پاڙ کان اهوئي اوزار آسانيءَ سان ڪٽي سگهي ٿو. انهيءَ ڪري سنڌيءَ ۾ عام اصطلاح آهي: پاڙي تي رنبو رکڻ=جَڙان اکوڙڻ، پاڙان پٽڻ، از حد نقصان پهچائڻ.

هر گاهه ڪندڙ يعني ”ڇٻر“ ڪندڙ کي ٻه شيون ضروري هونديون آهن: 1. کٿو (گاهه کڻڻ لاءِ) 2. رنبو (گاهه يا ڇٻر ڪرڻ لاءِ) جڏهن گاهه ڪندڙ کي، اهي ٻئي شيون کٿو ۽ رنبو ساڻ ڏسجن، تڏهن ائين سمجهجي ته گاهي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ٿيو آهي، تنهنڪري اصطلاح هيئن ٿيڻ کپي:

کَٿو ۽ کُربو کڻي پٺيان پوڻ = سچيءَ دل سان ڪم کي لڳڻ.

13_ ص 2211_ کُٽائڻ (سن. کَن= کوٽڻ. سن کاتڪ= قرضدار<، ڏيوالو ڪندڙ.

14_ ص 6213_ کُٽڻ (سن ڪشَت= ڪمي، نقصان< ڪشِي= گهٽجڻ. سن. ڪاتڪَہُ = قرضدار< کن= کوٽڻ).گهٽجڻ = ڏيوالو ڏيڻ.

”کٽائڻ ۽ کٽڻ“ هڪ ئي بنياد جا لفظ آهن ته پوءِ تحقيق ۾ تفاوت ڇو؟ ريسرچ معنى: لفظن کي سمجهڻ ۾ سولائي مٿي ڏيکاريل ريسرچ ۾ آڏا ٽيڏا، ابتا سُبتا لفظ آندل آهن، جي وڌيڪ تحقيق جي طلب ڪن ٿا.

”کٽائڻ“ جي وڌيڪ تحقيق ڪندي، ڌاتو ”کَن= کوٽڻ“ پهريائين ڏيکاريل آهي، پر ”کٽڻ“ جي تحقيق ڪندي، ”کڻ= کوٽن“ ڌاتو، پڇاڙيءَ ۾ ڏنل آهي. ائين ڇو؟ لغت ۾ ته هڪ ئي طرز اختيار ڪرڻ کپي.

کَن (=کوٽڻ) ڌاتو آهي ”کوٽڻ“ (To dig =) جو، ۽نه، کُٽائڻ يا کُٽڻ، لفظن جو فاضل اديب، ”کَنڌَئي“ (جنهن کَنڌو کنيو هجي يعني جنهن ڏانهنقرض رهيل هجي) جي تحقيق ڪئي آهي، جا هن ريت آهي:

کَنڌئي (سن کادَڪَ = کائيندڙ کاد = کائڻ)، جنهن کنڌي يا اوڌر تي وٺي کاڌو هجي، قرضدار.

”کُٽڻ“ جي لغوي حقيقت هن ريت آهي:(1)

کُٽڻ (گ. کُٽَوُن، هيم. کُنٽ، کُٽَ، کُڊِءِ. سن کُنڊ= بند ڪرڻ، بيهارڻ) کُٽي پوڻ، کُهجڻ، ڏيوالو ڪڍڻ.

15_ ص 2217_ کچل (سن ڪَريِڙ= راند ڪرڻ)، کينچل، ونڌوِنڌ، جملي ڏهه معنائون.

16-ص 2266- کيچر= کيچل جملي 13 معنائون.

17-ص 2266- کيچل= کيچر. جملي 29 معنائون.

18-ص 2274-کينچل=حرڪت، لچائي، جملي 4 معنائون.

آءُ سمجهان ٿو ته چارئي لفظ_ کچل، کيچر، کيچل، کينچل- هڪ ئي لفظ جون مختلف صورتون آهن ۽ هڪ ئي معنى رکن ٿا. خبر ناهي ته ڇو، هر هڪ لفظ ۾، معنائن جو تعداد گهٽ وڌ ٿيندو رهيو آهي. ائين ٿيڻ ته نه کپي. جيڪڏهن ڪو پڇي ته چئني لفظن مان درست لفظ ڪهڙو آهي، جو درسي ڪتابن ۾ ڪم آڻجي؟ خبر ناهي ته لغت ڪهڙو جواب ڏيندي!

نوٽ: مٿين لفظن لاءِ، سنسڪرت لفظ ”ڪَرِبڙ= راند ڪرڻ“ ڏنل آهي، جو ”ڪريڊ ٿيڻ کپي.

19-ص 2217- کُديا (سن ڪشُڌ = کائڻ جي اڇا رکڻ)، بک، کڌيا.

20- “    “ کُڌِيا (سن ڪشُڌاءِ. = کائڻ جي خواهش رکڻ)، بک.

جڏهن ٻئي لفظ-کُديا،کُڌيا- ساڳيا ته سنسڪرت لفظن ۾ فرق ڇو؟ ڀلا، ٻنهي لفظن مان درست ڪهڙو؟ لفظ جي لغوي حقيقت هن ريت آهي:

کُڌِيا (هه. کُڌا. سن ڪُشُڌا. ڪشُڌ  = بک لڳڻ)، بک.

21- ص 2224- کَر کَسو = 1. کرکرو، گهوڙي جي صاف ڪرڻ جو اوزار. 2.ف. خَرخِس = پکين کي ڦاسائڻ لاءِ ڍَٻَ هيٺ ٻڌل پکي، ڍَٻُ.

شاهد:

کرکسو نه خالي، آڌيو نه ته پائلي.

لفظن جي حقيقت هن ريت آهي:

اسان ”کر کسو“ بدران ”کر کرو“ (= گهوڙي کي صاف ڪرڻ جو اوزار) چوندا آهيون. ٿي سگهي ٿو ته سنڌ جي ڪنهن خطي جو بامحاور لفظ هجي، جو ڏيکارڻ کپندو هو. ڇاڪاڻ ته اڳين سنڌي لغتن ۾، ”کر کرو، کر کڻو، کرڙو“ آندل آهي، جو فارسي لفظ ”خرَ خرَه“ جي بگڙيل صورت آهي.

2.”جامع سنڌي لغات“ ۾، کر کسو کي لفظ ”خرَخَس“ (= ڍَٻُ) ڏيکاريل آهي، جنهن لاءِ، شهد به ڏنل آهي. اسان جي خيال ۾ هيئن ٿو اچي ته ”خَرخِس“ (= ڍَٻُ) نه، پر فارسي لفظ ”خضرخَسہَ“ آهي.

لفظ ”کرکسو“ کي پڪي پايي تي بيهارڻ لاءِ شاهد به ڏنل آهي، جو لفظ جي شاهدي نٿو ڏئي؛ ڇاڪاڻ ته ”کرکسو“ جي لغوي حقيقت هن ريت آهي:

کرکسو. (ف. خَرخَشہ“، جهيڙو، وڳوڙ، ڌمچر، چوڻي (شهد) جي معنى: جهيڙو ڪڏهنه به نقصان کان خالي نه ويندو آهي. جيڪڏهن آڌئي (= اُڌي، اڌ رپيو، اڄ آنا) جو نقصان نه پهتو ته پائلي (چار آنا) جيترو ضرور پهچندو. مطلب ته ”کرکسي“ ۾، جيڪي سو نقصان. ”جامع سنڌي لغات“ ۾ ڏنل لفظ ”خَرخِسَ“ جو ”خَرخشہ“ سان ڪو واسطو ڪونهي.

22. کَرِنڊُ. (سن. ڪشُر = کرڙڻ. سن کادَ = کہ. پرا. کرڙ = ڪتڙي). ڇوڏو ڦَٽَ جو.

سنسڪرت جا 2 لفظ_ڪُر ۽ کادَ_ ڏنل آهن، خبر ناهي ته ٻن لفظن ڏيڻ جي ڪهڙي لغوي مراد رکيل آهي. تنهن کان سواءِ ”کرڙ“ پراڪرت لفظ ئي ڪونهي.

لفظ جي لغوي حقيقت:

کَرَنُڊ. (سن. ڪشُرَ+آنڊَ)، ڦٽ جو ڇِلُڙ، ڪَڙِي.

نوٽ: ”کَرنِڊُ“ نه، پر ”کَرَنڊُ“ ٿيڻ کپي.

23_ ص 2239_ کَلو. (سن. ڪَهه، کَلَ = جُتي)، موچڙو، پادر.

سنسڪرت لفظ_ڪَههُ، کَلَ_ تحقيق جي تقاضا ڪن ٿا. اسان جي خيال ۾ فاضل اديب لفظن کي اُبتو بيهاريو آهي. اهو خيال ”سنڌي وئتپتي ڪوش“ ۽”پلئٽس جي لغت“ تان ورتل آهي، جتي هيئن آهي(1):

کلو. (سن. کَل+ ڪَهه)، موچڙو، پادر

24_ ص. 224_ کليتو= چمڙي جو ٺهيل ٿيلهو.

ڪئپٽن اسٽيڪ، پادري شرٽ ۽ پرمانند جي ڊڪشنرين ۾ ”کليٿو“ لکيل آهي. در حقيقت درست لفظ به ”کليٿو“ آهي. جيڪڏهن ”کليتو“ کي ”جامع سنڌي لغات“ ۾ جاءِ ملي سگهي ٿي ته ”کليٿو“ کي به نظرانداز نه ڪرڻ کپندو هو.

”کليٿو“ جي لغوي حقيقت (2)

کليٿو. (ع. خَريِطَہ)، چمڙي جو ٺهيل ٿيلهو.

25_ کوڙيءَ گهمرو = سڀ چٽ، هڙئي ناس، بنياد ئي بڇڙو.

اهي معنائون اصطلاح جي ترجماني نه ٿيون ڪن. فرض ڪيو ته ڪنهن خاندان جو وڏو يا پريو مڙس، ڪنهن غريب جو ڪم نٿو ڪري. اهو ساڳيو ڪم، سندس ڀاءُ به نٿو ڪري، اهڙِءَ طرح سندس پٽ به نٿو ڪري. مطلب ته خاندان جو ڪو به فرد ڪم نٿو ڪري، تنهنڪري ائين چئبو ڇا، ته خاندان جو بنياد ئي بڇڙو! اصطلاح جي حقيقت هن طرح آهي:

اصليت: ڪڙمين جو اصطلاح

سارين جي ڳالهه کان پوءِ، ڪڙمي ان جي کوڙِي ٺاهي رکندا آهن ته جيئن هوا لڳڻ سان وائري سگهجي. جيڪڏهن هوا نه لڳي ته کوڙِي پيئي هوندي. گهڻي وقت تائين رکڻ ڪري، اَن جو تَرو لڳي ويندو آهي، جنهن جو اثر قريب قريب سڄي کوڙيءَ تي پوندو آهي.

اهڙي اَن کي ڪڙمين جي اصطلاح ۾ ”گهمري“ آيل اَن چئبو آهي. جيڪڏهن اَن کي تَرِي هڻبي، ته سڄو چانور نه لَهندو، پر ڀُريل لهندو، جو کائڻ ۾ ڪَسارو هوندو. تنهنڪري اصطلاح جي معنى ٿيندي:

کوڙِيءَ کي گهمرو = سڀ هڪجهڙا.

26- ص 2260_ کوئِدُ = گاهه جوقسم، گهاٽو گاهه، ڪچڙو گاهه، ڪَچا جَوَ_کاڌو.

27_ ”- - کوئيدُ. مذڪر. (سن. کوئيڪا. کوئيجڪا)، ڏريل ۽ پاڻيءَ ۾ پسايل ڏارو (مَٽر، گوار وغيره)، مال لاءِ چارو (کاڌو)، پيڙيل ڪمانڊ جا چُوٿا.

28- ص 2263- کُهيدَ = سُٺي ڪڻڪ جي پوک نِسرڻ کان اڳ مٿيان لڻيل پن، جي مال کي گاهه ڪري کارائجن.

اسان جي خيال ۾ هيئن ٿو اچي ته مٿيان ٽيئي لفظ_کوئد، کوئيد، کهيد-ساڳيا آهن، ۽ هڪ لفظ جي بگڙيل صورت آهن. لغوي حقيقت هن ريت آهي:

”کوئيد“ فارسي ”خَوِيد“ آهي، جو بروزن ”دَوَيد“ آهي.

کوِئيد. (ف. خوِيد)، ڪڻڪ، جَوَن يا سارين جو کُنڀُ، جو جانورن کي چاري طور ڏجي.

”کوئيد“ جي حقيقت:

جڏهن ڪڻڪ، جَوَ يا سرين جي پوک، ڀلي زمين ۾ زور وٺندي آهي، تڏهن (نيسَر کان اڳ) قد وڏو ڪري، هيٺ ڪري پوندي آهي. پوک جي انهيءَ وڏي قد ۽ گهاٽي هئڻ کي، ڪُڙمين جي اصطلاح ۾ ”ڀَلُ ڪرڻ“ چوندا آهن. ڪڙمي جڏهن ڏسندا آهن ته پوک ”ڀَلُ“ ڪيو آهي ۽هينئر ڪِرڻ تي آهي، تڏهن پوک جا پاندُرَ (پلاندَ يا چوٽيون) لُڻندا آهن، جنهن کي ”کُنڀُ ڪرڻ“ چوندا آهن. انهيءَ ”کنڀ“ کي ”کهيد“ چئبو آهي، جو فرسي لفظ ”خَوِيد“ آهي.

29- ص 2264_ کِئي. (سن. کشَيَه)، هار،بربادي.

30- ص ”کَي. (سن. ڪشَ= گهٽجڻ، زوال ڪرڻ)، شڪست.

ٻَئي لفظ_ کئي، کي_ساڳيا، معنى به ساڳي ته پوءِ سنسڪرت لفظن ۾ ڦير ڇو؟

نوٽ: ”کِئي“ جو درست تلفظ ”کَئي“ آهي.

لغوي حقيقت هيئن آهي:

کئي. (سن. ڪشَيَه. ڪشِ_ زوال ڪرڻ)، هار شڪست.

شايد:

سچ جي جَئي پاپ جي کَئي.

 

30_ ص 2234_ کيتُ. (سن. ڪشيتر. پرا. کيتن = ٻني)، پوک، کيتي.

31- ص ”کيتي (سن. کَشيتَرَ= ٻني)، پوک کيت.

32- ص 2265_ کيٽ. (سن. کيتن، ڪشيتر. پرا. کيتن=ٻني)، کيت، پوک.

ڪيڏي نه منجهيل ريسرچ آهي! ”کيتن“ کي پراڪرت به ڏيکاريل آهي ته سنسڪرت به ڏيکاريل آهي، حالانڪ ائين نه آهي. اهڙيءَ طرح تحقيقت ڪندي، پهرين ۽ ٻئي لفظ (کيت ۽ کيتي) کي سنسڪرت ”کشتر“ ڏيکاريل آهي ته ٽئين لفظ (کيٽ“ کي ”ڪشيتر“ ڏيکاريل آهي. ائين ڇو؟ ”کيت“ کيتي ۽ کيٽ“ جي لغوي حقيقت ساڳي آهي. هڪ جي کول ڪجي ٿي:

کيتُ. (پرا. کيٽ. سن ڪشيترَ)، کيٽ، ٻني، پوک.

33- ص 2265_ کِپَ جمع کيپون. مذڪر، مونث. (سن. کيپ، ڪشِپَ، ڪشيپ. ڪشِب= اڇلڻ، موڪلڻ. پرا. کيپ=گهمرو)، گهمرو، وارو، ڦيرو، ڀيرو.

اعتراض:

پهريون ته ”کيپ“ کي ”مذڪر ۽ مونث“ٻنهي حالتن ۾ ڏيکاريو ويو آهي. ”کائد“ لفظ جي تحقيق ڪندي به ائين ڏيکاريل آهي، جومٿي اچي چڪوآهي. جيڪڏهن لغت معنى لفظن جو آخري فيصلو ته تحقيق ۾ شڪل جي گنجائش ڇو؟ جيڪڏهن ”کيپ“ کي ”مذڪر ۽ مونث“ ٻنهي حالتن ۾ ڏيکارڻو آهي ته ان لاءِ دليل ضروري هو ته جيئن شڪ جي گنجائش باقي نه رهي. ”کيپَ“ مونث آهي.

ٻيو ته ”کيپ“ لاءِ چار سنسڪرت لفظ- کيپ، ڪشيپَ، ڪشيپ، ڪشِٻ- ڏنل آهن. خبر ناهي چئن لفظن ڏيڻ جو لغوي مطلب ڪهڙو آهي.

اسان جي خيال ۾ هيئن ٿو اچي.

کيپ. مونث. (پرا. کٻيوَ. سن ڪشٻيپَ، ڪشِپ= موڪلڻ)، ڀيرو، گهمرو، بار، سامان.

34_ کيپُ-کيپُ. (سن. ڪَشيپَ= نشئي)، نشو، خمار. اهو اُتارو (سنڌي وئتپتي ڪوش“ تان ڪيل آهي، جتي هيئن آهي: (1)

کيپُ. (سن. ڪشِيبَ = نشئي)، نشو خمار.

35_ ص 2268_ کير پائڻ = کير کائڻ جي موڪل وٺڻ. هندن جي هڪ رسم.

اصطلاح جي معنى سمجهه ۾ نٿي اچي، ان لاءِ فاضل محقق کي گهربو هو ته هندن جي ان رسم ڏانهن کليل اشارو ڪري ها ته اصطلاح کي سمجهڻ ۾ سولائي ٿئي ها.

در حقيقت اهو اصطلاح، ڪئپٽن اسٽيڪ جي ”سنڌي انگريزي“ ڊڪشنريءَ تان ورتل آهي. پادري شرٽ جي ”سنڌي_انگريزي“ ڊڪشنريءَ ۾ به اتان ئي ورتل آهي. جنسي عبارت پيش ڪجي ٿي، جنهن ۾ اصطلاح جي سمجهاڻي ڏنل آهي. (2-3).

کِهرُ پائِڻُ To receive milk from a Fakir’s “Thanu” or “Daru” and give it to a Hindu mother and her child after a birth, till which ceremony milk is not allowed them to drink.

36- ص 2272- کيسي ۾ هئڻ = نه ليکجڻ، پرواهه نه ڪرڻ.

اصطلاح جي باري ۾، ليکراج ڪشنچند عزيز جو خيال هن ريت آهي.

کيسي ۾ هئڻ = چوڻ هيٺ هلڻ، چئي آکئي ۾ هئڻ، جيڪي چوڻ سو ڪرڻ.

(سنڌي اصطلاح ڀاڱو ٻيون. صفحو 196)

 

باب گ

37- ص 2276-گاجَ. (پرا. گِجها. سن. گجي. سن. کَرجَ= گجڻ)، کجگوڙ.

اسان جي خيال موجب اها تحقيق، لغت ۾ جاءِ وٺڻ جي قابل نه آهي؛ ڇاڪاڻ ته

1- ”گاج“ لاءِ پراڪرت لفظ ”گِجها“ ڏنل آهي، جو غلط آهي. ٿيڻ کپي: گَجا. ٻيو ته ”گاج“ لاءِ ٻه سنسڪرت لفظ- گجي ۽ گَرج_ ڏنل آهن، جي لغوي ڪسوٽيءَ تان ڪرِي پون ٿا. اهو ”کجي“ نه، پر سنسڪرت ”کَرجِ“ يا ”کَرجِي“ آهي. ”گَرجَ“ (=گجڻ) به سنسڪرت لفظ ڏيکاريل آهي، جو درحقيقت سنسڪرت لفظ ”کَرج“- جو ڌاتو يا بنياد آهي. اعرابون غلط آندل آهن. لغت ۾ لفظ ”گاج“، هن طرح آڻڻ کپي.

گاج (پرا. گَجا. سن. گَرجَ. گَرج= گجڻ)، گجگوڙ.

نوٽ: 1- ”گاج“ بدران ”گاج“. (ج کي زير) ٿيڻ کپي.

        2-”گاج“ = ڪڻڪ جو هڪ قسم.

38_ گنجِرُ. جمع گَجَرَ، گجرون. مونث (پرا. گجرن< سن. گَجِيرن، گاجر)، زمين ۾ ٿيندڙ ڀاڄي.

”گَجَرُ“ جا ٻه جمع- گَجَرَ ۽ گجرون_ ڏيکاريل آهن. خبر ناهي ريسرچ جي ڪهڙي اصول مطابق ائين آهي، جو ٻه جمع ڏيکاريل آهن. جمع ته هڪ ٿيڻ کپي. ٻيو ته سنسڪرت لفظ ”گاجر“ به آندل آهي. ”گاجر“ ته هندي لفظ آهي ۽ نه سنسڪرت لغت ۾ هن طرح اچڻ کپي. گَجَر. مونث. جمع. گجرون (پرا. گَجرَ. سن. گَرجَرَ)، زمين ۾ ٿيندڙ ڀاڄي.

نوٽ: 1. گَجَرُ (ر کي پيش) غلط تلفظ آهي، پر گَجَرَ (ر کي زير) درست تلفظ آهي.

2. گَجَرَ جو جمع ”گَجِرُون“ آهي.

شاهد:

سُڃي جي سوکڙي، گجرون يا مُوريون. (چوڻي)

39- ص 2280- گاروڙي. (سن. گارُور ڪهه، گاروڙڪهه< گاروڊَڪُ)، مانڊي.

پلئٽس جي ڊڪشنري جيصفحي 892 تي 3 لفظ_گارڙُو، گارُڙي ۽ گاڙوڙي ڏٺل آهن، جن لاءِ مختلف سنسڪرت لفظ ڏيکاريل آهن. پروفيسر گاجرا ڇا ڪيو آهي، جو ٽنهي سنسڪرت لفظن جو وچ ورتو آهي. ريسرچ جي راهه ۾ فيصلي لاءِ، لغت کي ئي ”امين“ واري سگهجي ٿو. لفظ جي حقيقت هن ريت آهي:

گاروڙِي. (سن. گارُوڊِڪَ)، مانڊي، مانڊو، جوڳي.

سنسڪرت ۾: ”گارُڊَ“ = منتر، جو نانگ جي زهر لاهڻ لاءِ پڙهجي.

گارُوڊِڪَ= منتر پڙهندڙ.

40_ ص 2283_ گانو. (سن. گي=گانو)، راڳ.

41_ ص ”  - گاوڻ. (سن. گي=راڳ)، ڳائڻ.

42_ ص 2285- گائِڪُ. (سن. گي=ڳائڻو)، گَوَيو.

43_ ص 2229- گَوَيو. (سن. گويه=ڳائڻو).

اها لغوي ريسرچ ته نه آهي، جنهن تي فخر ڪجي. ”گي“ کي سنسڪرت ڏيکاريل آهي، پر هرڀيري مختلف معنى سان! ائين ڇو؟ جڏهن لفظ ساڳيو- گي- آهي ته معنى به ساڳي ٿيڻ کپي. حقيقت هن ريت آهي.

گانو. (سن. گانَ. گَي_ ڳائڻ)، ڳائڻ.

گائِڪُ. (سن. گايَڪُ. گَي= ڳائڻ)، ڳائڻو، گَوَيو

گَوَيو. (سن. گايَڪَ. گَي = ڳائڻ)، ڳائڻو.

”گي“ ته سنسڪرت لفظن- گانَ ۽ گايَڪَ_ جو ڌاتو يا بنياد آهي ۽ ساڳيءَ معنى_ ڳائڻ- ڏيکاريل آهي، پر اسان جي پروفيسر صاحب جي تحقيق جو تَرُ ائين ٻَڌل نه آهي.

44- گدڙ (سن. گڌر<گرڌ)، جهنگلي جانور.

لغوي لحاظ کان هيئن درست آهي:

گدڙ. (سن. گرڌُرَ. گرڌ=گرڌ=لالچ ڪرڻ)، جهنگلي جانور جو هڪ قسم.

45- ص 2311_ گَرَمُ. (سن. گهيرم=ڪوسو)، ڪوسو.

”گرم“ کي سڌو سنئون سنسڪرت لفظ لفظ_گهيرم_ ڏيکاريل آهي، جو پلئٽس جي ڊڪشنري جي صفحي 205 تان ورتل آهي، جتي هيئن لکيل آهي:

گرم. (ف. گَرم. سن. گَهرمَ)، ڪوسو.

نوٽ: ”گَرمُ“ بدران ”گَرمُ“ ٿيڻ کپي.

46- ص 2322_ گُسائين. (پرا. گوسواس)، سَنتُ، مهاتما، ولي.

47- ص 2322_ گُسائين=سنت، مهاتما، گئوسائين.

48-ص 2355_ گوسائين. (پرا. گوسائيو. سن. گوکائيڪ =فقير)، ٻائو، مجاور، ڳنوار.

 

اسان جي خيال موجب ٽيئي لفظ_گانئين، گسائين ۽ گوسائين- ساڳيا لفظ آهن ۽ پڻ ساڳي معنى رکندڙ. فاضل محقق، لفظن جي معنائن، توڙي سنسڪرت ۽ پراڪرت لفظن ۾ به نمايان فرق ڏيکاريو آهي. کيس گهربو هو ته هڪ حقيقت ڏئي ها ته لغوي تقاضا پوري ٿئي ها. حقيقت هن ريت آهي، جا هڪ لفظ- گوسائين- مان ظاهر آهي:

گوسائين. (پرا. گوسامِئهُ. سن. گوسوامِي. گو= گانءِ + سوامِي= مالڪ)، سنياسي، ساڌو، سنت.

49-ص 2325- گگ. (سن. گگنُ= آسمان)، ڪڪر، بادل، ابر.

شاهد:

مُندَ ٿي مَنڊل وڄئا، گگن گجي ڪئي گوڙ.

                                         (شاهه)

مصرع مان ظاهر ٿئي ٿو ته ”گگن“ لفظ (جو سنسڪرت آهي)، جو شاهد ڏنل آهي، حالانڪ مکيه لفظ ”گَگُ“ آهي ۽ ان ئي لفظ جو شاهد ڏيڻ کپي ها ۽ نه سنسڪرت لفظ ”گگن“ جو.

نوٽ: سنسڪرت لفظ ”گَگنُ“ هن طرح درست آهي: گگَن.

50- ص 2325- گِگَ ٿيڻ = پٺيان لڳي پوڻ، جڃا ٿي پوڻ.

”جڃا“ لفظ، ڪنهن به سنڌي لغت ۾ نظر نٿو اچي. اسان جي خيال موجب، اهو لفظ ”جِجا“ (= جِج) آهي:

گِگَ ٿيڻ = مَڇَڏُو ٿي لڳڻ، ڳِڪَ ٿي پوڻ، ڇنبڙي پوڻ، جِجا ٿي لڳڻ.

51- ص 2325- گگدام= گونگو، بي زبان،اٻوجهه، ويچارو.

52- ص 2325_ گگدام= بي زبان، حيوان، جانور، مرون، ساهوارو. پَسون، وهٽ ۽ جيو.

درحقيقت، ٻئي لفظ ساڳيا آهن. ۽ ساڳي معنى رکن ٿا؛ پر تڏهن به پهرين لفظ-گگدام جون 4 معنائون ته ٻئي لفظ_گگدام جون ٻيڻ (8) تي! ائين ڇو! ٻيو ته لفظ جي کولَ به ڪيل نه آهي، جنهن مان ڏنل معنائون ظاهر ٿين. لفظ جي لغوي حقيقت:

گُگدام. (ف. گُگدام. گُنگ= گونگو+دام=جانور)، حيوان.

53- ص 2331- گِلا. (ف. گِل=شڪايت)، نِندا، غيبت.

فارسي لفظ-گِل-معنى ”مِٽي“ آهي ۽ نه ”شڪايت“ ٿيڻ کپي.

گِلا. (ف. گِلَه)، شڪايت. نندا.

54- ص 2337- گُماٽجڻ. (سن. گُم= وڃڻ، کوهجڻ. نابود ٿيڻ.

55- ص 2363- گُوماٽجڻ= ڦيري اچڻ، گهوماٽجڻ، منجهڻ.

56- ص 2434_ گهماٽجڻ. (سن. گهورڻيان =)، مٿو ڦرڻ، ڀنواٽجڻ، پريشان ٿيڻ.

57- ص 2447- گهوماٽجڻ =سسجڻ، سوڙهو ٿيڻ، سُڪي وڃڻ، تنگدل ٿيڻ.

چئني لفظن کي مختلف معنائن سان ڏيکاريو ويو آهي، حالانڪ حقيقت ساڳي آهي. هڪ لفظ جي تحقيق پيش ڪجي ٿي:

گهماٽجڻ. (سن. گُهورڻَمانَ. گُهورُڻ=ڦِرڻ)، ڪوماٽجڻ، اداس ٿيڻ، جهڪو ٿيڻ (مُنهن جو).

نوٽ: شري گاجرا پنهنجي تحقيق ۾ سنسڪرت لفظ-گُم=وڃڻ، ڏيکاريو آهي. دراصل اهو ڌاتو آهي ۽ درست تلفظ-گُم (=وڃڻ)آهي. آءُ سمجهان ٿو ته اصل مواد ۾ ”گَم“ هوندو، جو اُتاري ڪندڙ کان ”گُم“ لکجي ويو آهي.

58- ص 2337- گمسان=گوڙ، ڳڙٻڙ، وڳوڙ. جملي 11 معنائون.

59- ص 2435_ گهمسان. (سن. گهور شمشان <گهر+ سَمسان)، ڳوڙ، هجوم. جملي 39 معنائون.

60- ص 2435_ گهمساڻ= گمسان، مانڌاڻ، شور. جملي 17 معنائون.

مٿيان ٽيئي لفظ ساڳيا آهن ۽ ساڳي معى رکن ٿا. خبر ناهي ته ڪهڙي خيال کان ”گمسان“ جون 11، ”گهمسان“ جون39 ۽ ”گهمساڻ“ جون 17 معنائون ڏنل آهن! ”گهمساڻ“ لاءِ، سنسڪرت لفظ- گهورشمشان_ڏنل آهي، پر ٻين لفظن- گمسان ۽ گهمساڻ- لاءِ، سنسڪرت لفظ ڏنل نه آهن. ڇو؟

لغوي حقيقت هيئن آهي:

گهمسان. (سن. گهورڻ شمشَانَ. گهورَ= خوفناڪ گهُرُ = ڊڄڻ. شمشَانَ= مساڻ، مسڻ) وڳڙ، شور، هُل، مانڌاڻ، خرابي.

61- ص 2356_ گورکناٿ=جوڳين جو وڏو گرو. هندن جو مهاتما.

”گور کناٿ“ کي لغوي خيال کان آڻڻ کپندو هو، جو هيئن آهي:

”گور کناٿ. (سن. گورَ ڪشناٿَ، گو=حواس، اِندِري+ رَڪشا=سنڀال+ناٿَ=ڌڻي مالڪ. جنهن حواسن کي پوريءَ ريت ضابطي ۾ رکيو هجي)، جوڳين جو هڪ قسم.

62- ص 2386_ ڳڀرو. (پرا. گِبروهي. سن. گَڀَرُو+پَهه)، ڇوڪرو، اڻ بالغ، (پلئٽس) پلئٽس کي سَنَدَ طور پيش ڪيل آهي، پر اتي صفحي 895 تي هيئن لکيل آهي:

ڳڀرو (پرا. گَبڀ+رُوِي. سن. گَرڀَ+رُوپَهه)، ڇوڪرو.

63- ص 2389- ڳٺڙي. (پرا. ڳٺڙيا سن. گَنٿ+ر)ٻڌل هڙ، موڙي.

64- ص ” - گٺو (پرا. گٺِي. سن. گرنٿ =ڳنڍڻ <گَنٿَ= ٻڌل)، بنڊل، موڙي.

پلئٽس جي حوالي سان تحقيق ڪيل آهي، جتي صفحي 897 تي هن طرح آهي؛

ڳٺڙي (پرا. گَنٺَڊِئا. سن. گرنَٿَ+اِڪا)، ٻَڌل هڙ.

ڳٺو(پرا. گَنٺئو. سن گرنٿ+ڪَ)، وڏو بنڊل.

جڏهن معاري ۽ مستند لغت، ”جي. ٽي پلئٽس“ جي به سامهون هجي، ۽ پوءِ به تحقيق ۾ تفاوت نظر اچي ته ڪنهن کن ڏورايو ڏجي.

65- ص 2397- ڳُڙکي- (سن. گواکَش)، ڳٿو، جاڙو، کڙڪي.

ڳڙکي. (سن. گواڪش. گو= گانءِ، ڳئون+ آڪشِ= اک)، گُرکو، کڙڪي، ٽُنگڙو.

66- ص 2406- ڳوٺ=گانين جي بيهڻ جو هنڌ، نگر، ديس؛ ٺاڻ، ڀاڻ.

”ٺاڻ“ معنى گانين جي بيهڻ جو هنڌ“ ڏيکاريل آهي، جو سنسڪرت جي خيال کان بلڪل ٺيڪ آهي. اسان جي محاوره موجب ”ٺاڻ“ معنى گهوڙن جي ڪُڙهه.

”جامع سنڌي لغات“ جي جلد 2 جي صفحي 717 تي ”ٺاڻ“ جي وضاحت هن طرح ڪيل آهي:

ٺاڻ= گهوڙن ٻڌڻ جو هنڌ، طبيلو، ڪُڙهه.

آخوند گل محمد هالائي به ائين ئي چوي ٿو:

جِت و هِن اُٺ، جاءِ تنهن کي چون جهوڪَ،

جِت ٻَجهَن گهوڙا، انهيءَ کي چون ٺاڻ.

                      (گل)

باب گهه

67- ص 2417- گهاٽو. (سن. گهٽ< گاڙ+ڪَهه)، ضرر، نقصان- ويجهو، ويجهڙو،گهرو، (عيز دوست-جبل، واسطو، لاڳاپو.)

مٿئين لفظ ”گهاٽو“ جي کولَ ڪندي، سنسڪرت لفظ ”گاڍ“ (=گهاٽو) به ڏنل آهي، جنهن جي معنى هن طرح آندل آهي:

گهاٽو. (سن. گاڍ=گهاٽو)، ڳُوڙهو رنگ- نِهرو-ٿُلهو-ڳُتيل-ڄاڻو،سياڻو.

بار بار ائين چوڻ ته اعرابن کي يڪسر وساريو ويو آهي، مناسب نٿو لڳي؛ پر سنسڪرت لفظ، اعرابن بغري، پنهنجي حقيقت ٻڌائڻ کان قاصر آهن. آءُ سمجهان ٿو، بلڪ يقين به آهي ته پروفيسر گاجرا، لفظن تي اعرابون ڏنيون آهن، پر الائي ڇو، ”جامع سنڌي لغات“ جو هر صفحو اعرابن کان محروم آهي.

”گهاٽو“، ساڳئي اَچار وارا ٻه لفظ آهن، جي مختلف معنائن۾ ڪم اچن ٿا:

گهاٽو= نقصان

اهو لفظ ۽ ڪيترا ٻيا لفظ ”گهٽَڻ“ مصدر مان نڪتل آهن، گهٽائڻ، گهٽجڻ، گهٽ، گهاٽو وغيره. تنهنڪري چئي سگهبو ته ”گهاٽو“ جي معنى فقط ”ضرر، نقصان، کوٽ“ وغيره. (عزيز، دوست)، ميل، ميلاپ، تعلقات، واسطو، لاڳاپو وغيره ڏيکاريل آهن! ”جامع سنڌي لغات“ جون جملي ڏنل معنائون، تڏهن درست سمجهڻ کپن، جڏهن لفظ ”گهاٽو“ جو سنسڪرت لفظ ”گهٽ“ ڏيکاريل نه هجي ها. جڏهن سنسڪرت لفظ ”گهٽ“ لغت ۾ اچي ويو ته معنائون_ ضرر، نقصان، کوٽ وغيره تائين محدود ٿي ويون.

2. گهاٽو=ڳوڙهو، ٿُلهو، نِهرو، ڳُتيل، گهرو، ويجهو وغيره. ”جامع سنڌي لغات“ ۾، هڪ لفظ جون معنائون، ٻئي لفظ ۾ ڏنل آهن، جو مطلق غلط آهي.

”گهاٽو“ لفظ جي تحقيق:

1- گهاٽو. (سن. گهَٽ)، نقصان، ٽوٽو، ضرر، کوٽ. ضد ”واڌو“ (=فائدو)

”گهاٽو واڌو“ عام محاوره آهي. جيئن چوندا آهن ته ادا، گهاٽي واڌي (=نقصان نفعي ۾ ٻڌل رهندين.

2- گهاٽو. (سن. گاڍَ+ڪَه=گاهه=ولوڙو وجهڻ)، ڳُوڙهو، ٿُلهو، ڳتيل، گَهِرو، ويجهو وغيره.”گهاٽو“ ضد ”ڇِڊو“.

جيئن گهاٽو دوست، گهاٽو ڪپڙو، گهاٽو کير، گهاٽو جهنگ وغيره.

68- ص 2434- گهِل گهِل ڪرڻ = زور سان دانهون ڪرڻ، رڙيون ڪرڻ.

اسان جي خيال موجب اصطلاح ۾ ”گهِل گهِل“ (گهه کي زير) نه، پر گهَل گهَل (گهه کي زبر) اچڻ کپي.

”گهَل“ لفظ جي حقيقت هن ريت آهي:

گهَلِ. (پشتو. غَل_=چور)، لُٽيرو، ڦورو، ڌاڙيل.

69- ص 2446- گهوگهاءُ. (سن. هَن=نقصان پهچائڻ)، سخت آواز، گجگوڙ.

اسان جي خيال موجب هيئن ٿيڻ کپي:

گهوگهاءُ. (ف. غوغاءُ)، وڏو آواز، گوڙ، گل.


(1) ڪلڪرڻي. مراٺي ويتپتي ڪوش. صفحو 235، سال 1964ع.

(1) جهمٽ مل، سنڌي وئتپتي ڪوش، ص 14، سال 1884ع

 

(1) بيلسري، گجراتي_ انگلش ڊڪشنري ص 324.

(1) جهمٽ مل_ سنڌي وئتپتي ڪوش_ ص89، سال 1886ع. جي. ٽي. پلئٽس. هندوستاني-انگلش ڊڪشنري، ص 878، سال 1960ع.

(2) بيلسري-گجراتي-انگلش ڊڪشنري. ص 3.9.

(1) جهمٽ مل، سنڌي وئتپتي ڪوش، ص 88، سال 1886ع.

(2) ڪئپٽن اسٽيڪ، ڊڪشنري سنڌي ائنڊ انگلش، ص 79، سال 1855ع.

(3) شرٽ، سنڌي-انگلش ڊڪشنري، ص 675، سال 1879ع.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com