زوراور
حميد سنڌي
هيءُ اُنهن ڏينهن جون ڳالهيون آهن، جڏهن گهر جو ڪم ڪار عورتون
پاڻ ڪنديون هيون، ماني پاڻ پچائينديون هيون.
پاروٿي ماني کائڻ عيب نه هوندو هو. ٻار وڏن جا
ڪَٽيل يا الٽر ٿيل ڪپڙا پائيندا هئا. خاص طرح سُڪي
پُڪي پگهار وارا سرڪاري ڪامورا گهڻو ڪري اِنهيءَ
ڳڻتيءَ ۾ هوندا هئا ته هيڏو عيال ڪيئن پالجي.
جيڪڏهن ڪنهن کي اباڻو نوڪرو ڪو ملي ويو ته عيش ٿي
ويندا هئا. منهنجو آيو آمان انهي ۾ خوش هئا ته کين
مامو ملي ويو هو. مامو نوڪر ڪونه هو، نه لِڇ ۾
مائٽ، پر درزڪو ڪم ڄاڻندو هو.
اُنهيءَ دور ۾ سڄي عال جا ڪپڙا لٽا سبڻ ۽ سبرائڻ وڏو مسئلو
هوندو هو. اتي مامي جو وجود ابي امان لاءِ وڏو
ڏَڍُ هو. مامو محمد، اصل مقيم شڪارپور؛ حال مقيم
هر آهو گهر جتي ڪو ڪامورو پنهنجي وڏي اهل عيال سان
رهندو هجي ۽ رُڳو کاڌي پيتي ۾ پورو هجي.
مامو محمد بنيادي طرح سان پراڻو، انگريزن جي دور جو ڪاريگر هو،
پر سندس سبِڻي اهڙي هوندي هئي، جو ڪنهن جي پَتلون
ٺاهيندو هو ته چڍي ٺهي ويندي هئي، جي چَڍي ٺاهيندو
هو ته ڪڇو ٺهي ويندو هو. جيترو وقت گورا هئا،
اوترو وقت ته مامي محمد جو درزڪو ڪينچي ڇاپ دوڪان
مشهور هو. ڇاڪاڻ ته گورن لاءِ چڍيون به ڪار هيون.
مامي جي ڏهه سيري خوفناڪ ڪينچي مشهور هوندي هئي، جنهن سان نه
رُڳو ڪپڙا ڪَٽڻ وقت ماڻهن جي ٻيڙي ٻُڏندي هئي، پر
جيستائين ڪپڙو مشين تائين پهچي يا ڪاريگر وٽ وڃي،
اڳ ئي مامو اڌ ڪپڙو کڻي وٺندو هو.
مامي جي اِنهن حالن هوندي به سندس دوڪان تي ميڙاڪو هوندو هو.
ڳالهين جو ڳهير، ڀوڳائي، پيو سنگت ساٿ کي
وندرائيندو هو. ڪم ڪار مليس ته واهه واهه، نه ته
آئي وئي سان ڪچهري ڪو سگريٽ ڇڪائيندس ته ٽڙي
پوندو، ”پَر ڏاڍو ڪو زوراور آن.“
اِهو مامي جو خاص جملو هوندو هو. ڪم ويلي ڳائڻ جو شوق پراڻو
هيس، ”رَهي وَڃ رات ڀنڀور ۾.....“ ٿلهن ڊوڻن چپن
سان ڳائيندو هو ته ويٺل اُٿي ويندا هئا.
جڏهن گهر ۾ ٽڀو اونڌو هوندو هيس ته پئسي ڏوڪڙ تي ٻَڙڌڪ مچندو
هو. جوڻس اچي تپائيندي هيس ۽ مامو دوڪان ڪنهن
موالي ڪاريگر جي حوالي ڪيو، ڏيندو هو کڙيءَ تي
زور. پوءِ ڪنهن نه ڪنهن ڪاموري وٽ وڃي نڪرندو هو.
ڪڏهن سکر، ڪڏهن روهڙي، ڪڏهن دادو، ڪڏهن لاڙڪاڻو.
هو جنهن به ڪاموري وٽ ٽڪندو هو، اُن جي گهر جي
ڀاتين کي بنهه پنهنجو ڪري وٺندو هو ۽ گهر ڌياڻي
سندس ڀيڻ هوندي هئي ۽ ٻار ڀاڻيجا. جلد هو ”مامو“
بڻجي راڄ ڪندو هو. نه رڳو هُو صاحب جا ڪپڙا لٽا
ڪٽي ٻارن لاءِ ٺاهيندو هو، پر سڄي گهر تي به رعب
هلائيندو هو. کيس ڏوڪڙ پئسي جي ڳڻتي نه هوندي هئي.
جڏهن اُتان راڄ ڪري، ڪم هلائي، سڄي گهر کي
مُنجهائي بيزار ڪري نڪرندو هو ته جي ڪجهه پئسا
مالڪن ڏنا ته واهه واهه، نه ته ٻيو شهر ۽ ٻيو گهر.
پر جلد مامي جو اهو گهڻو رُلڻ گهٽبو ويو. شايد عمر
سارو، پر ان جو ڪارڻ مان سمجهان ٿو ته مامي جو
اسان جي گهر سان لڳاءُ هو. اَمڙ جي ته هو خاص عزت
ڪندو هو. هوجڏهن به گهر ڇڏيندو هو يا بابي جو نياو
پهچندو هئس ته سڌو اسان وٽ ٽڪندو هو.
هاڻ هُن ٻيا گهر ڇڏي ڏنا. سندس لاءِ بنگلي ۾ هڪ الڳ ڪمرو هوندو
هو، جتي ڪپڙن جا ڍير ۽ مامو هوندو هو. پر اصل ۾
سڄي گهر جو هو حاڪم ٿي ويٺو هوندو هو. صبح جو ٻوڙ
ٻاڙي آڻڻ، نوڪر چاڪر کي دڙڪي ۾ رکڻ، صفائي وغيره
ڪرائڻ به سند ڪم هو. اَمان اَجي ٿي ويٺي هوندي
هئي. نوڪر مامي جون دانهون بابي وٽ ڪندا هئا ته
بابو کلي ڏيندو هو ۽ دڙڪو ڏيندو هئن! ”ڇورا، ڪٿي
مامو مون کي نه مار ڪڍي. ڪم ڪيو ۽ سِڌا ٿي هلو.“
مامو پنهنجو درزڪو ڪم گهٽڪندو هو. ڏهه سيري ڪينچي جنهن ڏينهن
هلندي هئي، اسان ڊڄندا هئاسين. اِجهو ٿو پتلون کي
نِڪر ڪري ۽ نِڪر کي ڪڇو. اِن ڪري وڃي پاسو ڏيندا
هئاسينس. بس پوءِ مامي جون ڪير ڳالهيون ٻڌي! اَمڙ
نيٺ اچي چوندي هيس: ”ادا ڪجهه ڪم کي به اُڪلاءِ.“
يڪدم گوڙ ڪندو هو، ”ادي يَرَ ڪا ڏاڍي زوراور آن. مان مان تنگ ٿي
آن ڇا.“ ”نه ادا ائين نه چئه“ آمڙ کلي هلي ويندي
هئي ۽ اسان جي عيد ٿي ويندي هئي. ويٺا کيس
چورايندا ۽ چرچا ڪندا هئاسين. مامو هو ته جهونو
جهاز، پر کاڌي پيتي جوشوقين هو. پر اصل وڏو شوق
کيس فلم جو هوندو هو. مامو ايندو هو ته منهنجا ته
مزا هوندا هئا، ڇاڪاڻ ته مون کي فلم ڏسڻ جو جنون
هوندو هو.
هونئن ئي مون لاءِ منجهند هجي يا رات، موقعو مليو ناهي ۽ گولي
ٿي ويندو هوس. بابي جي وڏي آفيسر هئڻ ڪري فلمون به
ڀلا مفت، بنهه جهل پل نه هوندي هئي. سکر شهر جون
سئنيمائون به گهڻيون هيون، تنهنڪري ڪڏهن مسئلو اهو
هوندو هو ته ڪهڙي فلم ڏسجي؟ مامي جي اچڻ ڪري ڪڏهن
ته قانوني طرح سان بابي کي ٻڌائي، ڪڏهن امڙ کي زور
بار آڻي وڃيو فلم ڏسي ايندا هئاسين. ڪڏهن منجهند
جو وَس نه هلندو هوته جڏهن سڀ سُمهي پوندا هئا ته
بنگلي جي پويان جبل ۽ پٽ لتاڙيندا، پير پٿون ڪندا،
ڪاڙهي جو وڃي ڪنهن سئنيما ڀيڙو ٿيندا هئاسين. مامو
سئنيما تي پهچڻ تائين ساڻو ٿي پوندو هو. جهونڙي کي
مان به ڊوڙائيندو ايندو هيس. ”ماما جلدي ڪر، کيل
شروع ٿي ويندو.“
”يَر! ڏاڍو ڪو زوراور آن. پر تون فڪر نه ڪر، کيل
تي مان پُڄائيندو مانءِ.“ ائين لڳندو هو، ڄڻ هو سچ
پچ مون کي ڪلهي تي کنيو کيل تي پڄائڻ پيو هلي.
سنهڙو سيپڪڙو مامو، لڏندو لمندو نيٺ اچي سئنيما تي
پهچندو ۽ پهچڻ ساڻ دانهن ڪندو.
”يَر ٻاٽلي ته پيار.“
ڏوڙ پيسي جي هوندي هئي ڪڙڪائي. ٻه آنا ملي خرچي سو مامي لاءِ
ٻاٽلي ڪٿان اچي. مان سڌو مئنيجر جي ڪمري ۾ وڃي
کائنس پهريائين ته ٻه پاسون وٺندو هئس. بابي جو
لحاظ ڪري مئنيجر اٿي ملندو هو، پر جڏهن چوندو
هومانس، ”مئنيجر صاحب ٻاٽلي ته پيار“، ته سندس
منهن ڦري ويندو هو. ڇِپ ڪِري پوندي هيس، پر بابي
جي ڊپ کان يڪدم ٻاٽليون گهرائي اندر هال ۾ پهچرائي
ڏيندو هو. مامو ٻاٽي پِي ايڏي وڏي اوگرائي ڏيندو
هو، جو اوسي پاسي وارا اهڙيءَ طرح اسان کي ڏسندا
هئا، جو سندن اکيون اوندهه هوندي به اسان کي
ڦوٽاريل نظر اينديون هيون.
جي وري مامي کي ڪو گانو وڻيو ته پاڻ به ڏاڍيان سُر سُر ۾ ملائي
ڳائيندو. ڀلا مامو ڳائي ته پوءِ بنهه ڀينگ ٿي وئي!
يڪدم هال ۾ رڙيون ٿي وينديون هيون، ”اوڀائي
اوڀائي.“ پر ڀائي به بَس ڪري! ڀائي تڏهن بس ڪندو
هو جڏهن پٺيان ڪو ويٺل اچي ٻه ٽي لوڏا ڏيندو هئس.
مامو ڳائڻ بند ڪري ٿلهن چپن سان ڊڻ ڊڻ جهڙو آواز
ڪڍي مون کي چوندو هو، ”ڏاڍا بد ذوق آهن. اهڙا بد
ذوق آهن ته هتي ڇو ٿا اچن.“
انٽرول ۾ پوسٽر ۽ فوٽو ڏسي ٺري پوندو هو.
”يَرَ ڏس ته سهين، فيشن ڪاٿي پهتو آهي... ڊزائين ته ڏسينس.“
”ماما قميص جي ڊازئين يا مُنهن جي...“
”يَرَ بنهه ڪو زوراور آن. مزو ئي وڃائي ڇڏيئه.“
اسان جي اِها ياري پئي هلندي هئي. مامو جڏهن ايندو هو ته مان
ڪتاب رکي ڇڏيندو هئس. ڪڏهن ته اسڪول گُسائي به
وٺندو هئس. مامي کي جيئن چوندو هئس، هو به رونشي ۾
خوش. امڙ کان خرچي کاٻاري لاءِ ڏوڪڙ ڪڍڻ لاءِ
مامو ڪافي هو. بس ڏوڪڙ مليس ٽِڙي پوندو.
”اَدي يَرَ ڏاڍي زوراور آهين.“
پوءِ کڻي پيسا قابو ڪندو.
”ماما حصو ڇڏاءِ.“
”يَرَ ڏاڍو ڪو زوراور آن. اچي وٺ.“
بس پوءِ مامو ۽ مان شهر گهمي ڦري کائي پي سڌو کيل تي.
هڪ ڏينهن جيئن کيل ڏسي شام جو موٽياسين، ته گهر ۾ ٻڙڌڪ متو پيو
هو. ٿورن ڏينهن ۾ مئٽرڪ جا امتحان شروع ٿيڻ وارا
هئا. مون ته ڄڻ امتحان کي کنگهيو ئي ڪونه ٿي، اسان
جي رفتار اها ئي. الله سولي ڪري اسان جي مائٽ جي،
جيڪو آن ڏينهن ڳوٺان آيو هو شهر ۾ امتحان ڏيڻ. اُن
سڄو ٽائيم ٽيبل بابي کي ٻڌائي ڇڏيو. بابي ليکي ته
اڃا امتحان ۾ ڏينهن اٿس. ويتر جو اچڻ ساڻ هن
همراهه کي پڙهندو ڏٺائين، بنهه بِرُ ٿيو بيٺو هجي.
اسان کي جو ڏٺائين ته ڳاڙهو ٿي ويو. پهرين اُلر
مون تي ڪيائين. مون ڀڄي پاسو ڪيو. پوءِ ته مامي کي
اچي کنيائين، ”ماما هن عمر ۾ توکي به فلم جو شوق،
پاڻ ڀلي وَڃ، پر هن کي ڇو کاريو اٿئي. توته هن کي
بنهه کاري ڇڏيو آهي. ماما، تو اسان سان دشمني ڪئي
آهي. تون هيءَ مهرباني ٿو ڪرين!“
مامو ڪُڇي جهڙي ڀِت. اَمڙ کي نيٺ خيال آيو، وڌي ابي وٽ آئي.
”وڏي سڏي جو ته خيال ڪر.“
”هيءُ وڏو آ، ٻار جي آئيندي جو ڪو اٿس خيال؟“ بابو چوندو هليو.
اَمڙ مامي کي وٺي اچي ڪوٺيءَ ۾ ويهاريو. مامو بنهه
پگهرجي ويو هو. امڙ شربت ٺاهي آڻي ڏنس، ڦڪي کل کلي
چيائينس: ”ادي يَرَ ڏاڍي زوروار آن.“
اُن رات گهر ۾ ڏاڍي خاموشي هئي، مون دل ئي دل ۾ اُن مائٽ کي
ڏاڍيون گاريون ڏنيون. مامي وٽ ٻه دفعا ويس پر هو
پاسو ورايو بنگلي آڏو ٻاهر کليل ميدان تي کٽ تي
ليٽيو پيو هو. ماني کڻي ويومانس.
”يَرَ ڏاڍو زوراور آن. ماني اڄ کڻي نه ٿا کائون.“ ماني
موٽايائين ته امڙ سڏايس.
اندر آيو ته اَمڙ پوتي کڻي پيرن تي رکيس. بنهه جهڄي پيو.
”ادي يَرَ ڪا ڏاڍي زوراور آن. ائين ته نه مار.“ رئو کڻي مٿي تي
رکيائينس. پوءِ کٽ تي چڙهي ويٺو، ماني ڀور
کاڌائين. نه اَمڙ پئي ڳالهايو نه هُن، رکيو رکيو
اَمڙ ڳوڙها پئي اُگهيا. مامو چُپ هو.
صبح جو مامي جي اُهائي گجگوڙ پئي پئي. نوڪرن کي اُٿاريائين. امڙ
کان پيسا ورتائين. پنڊي کڻي بازار ويو. ڳنڌڻ وٺي
ڏنائين. پوءِ اچي ڪم کي لڳو. سندس مجشين هلندي
وڃي، هيءَ ڳائيندو به وڃي: ”او رهي وڃ رات ڀنڀور
۾.... او رهي وڃ....“
هن دفعي ڪپڙا ڏاڍ ڀلا ڪَٽيائين. اسان سڀني کي پارايائين. کلي
اَمان کي چيائين، ”ادي يَر ڏس هي سڀ زوراور آهن
نه.“
اَمڙ ڏاڍي خوش هئي. هُن سمجهيو، مامي مَنَ ۾ ڳالهه نه رکي آهي.
رات جو دير تائين امڙ ۽ ٻين ٻارن سان ڪچهري ڪندو
رهيو ۽ مون وٽ هَر هَر اچيو ڏاڍيان چئي، ”يَرَ
پڙهه.... بس، هاڻي رُڳو پڙهه. جڏهن وڏو ماڻهو ٿين
ته پنهنجي مامي کي ضرور گهرائجانءِ. تنهنجن ٻچڙن
جا ڪپڙا به ڪٽي ڏيندس. پڙهه يَرَ پڙهه....“
صبح جو مامو ٻڌائڻ کانسواءِ هليو ويو. بابي کي ڏاڍو اَرمان ٿيو.
کيس افسوس ڏاڍو هو. دل هيس ته مامي کان معافي وٺي.
جيسين دل ٻَڌي، مامو وڃي شڪارپور نڪتو. بابو به ٽي
ڏينهن گشت ۾ هليو ويو. موٽيو ته فڪرمند هو. يڪدم
اچي امان کي چيائين:
”تيار ٿي، مامو ڏاڍو بيمار آ، شڪارپور هلنداسين.“
اَمڙ، بابو ۽ اسين سڀ ڀائر ڀينر اچي شڪارپور نڪتاسين. مامي جي
گهر اوريائين مامي جو دڪان هو. اُهو بند پيو هو.
ڪو ڪاريگر به ڪو نه هو. گهر ۾ اندر گهڙياسين ته
مامو ڄڻ سنئون ٿي پيو.
”اڙي يَرَ زوراور آيا آهن ڇا؟“
اسان سان ڀاڪر پائيندي ڪنهن جي پتلون پيو ڇڪي، ڪنهن جي چَڍي؛
ڪنهن جو فراڪ، ڪنهن جو چولو، ۽ هر هڪ کي چئي پيو:
”ڪيئن ٿا ڀانيو فِٽنگ. ڪاريگر جا هٿ آهن يَرَ.“
بابي کي ڏٺائين، اُٿڻ جي ڪيائين، ”اچو صاحب!“
بابي کي هو ”صاحب“ چوندو هو.
بابي اچي پيرن تي هٿ رکيس.
بابي کي اکين ۾ ڳوڙها هئا.
مامو به روئي پيو.
”صاحب يَرَ! ڏاڍو ڪو زوراور آن. اِئين ڪبو آ ڇا.“
امڙ جي مٿي تي هٿ رکيائين، امڙ وڌي ڳراٽڙي پاتس.
”ادا هاڻ اسان کي بخش ڪر!“
”ادي يَرَ، ڪهڙيون ڳالهيون ٿي ڪرين، ڏاڍي ڪا زوراور آن.“
هو اُن ويلي اُٿي ويٺو هو.
کلي خوش ٿيو. سڀني سان وَرُ ڪيو پيو ڳالهائي.
ٻار ٻڍا هيڏي هوڏي ٿيا ته مان بنهه مامي سان گڏجي وڃي ويٺم.
هو هڏائين پڃري جيان پيو هو.
”ماما-!“ سڏيو مانس.
يڪدم وراڻيائين.
”جي چوانءِ“
”ماما کيل تي هلون.“
کِلي پيو.
”ماما راڳ ڳايو-“
گهڙيءَ لاءِ هو چُپ ٿي ويو. پوءِ سندس ٿلهڙا چپڙا ڀُڻ ڀُڻ ڪرڻ
لڳا. آواز چٽو ٿيندو ويو. اڄ مامو سُر ۾ ڳائي پيو،
”رَهي وَڃ رات ڀنڀور ۾-الا- رَهي وَڃ رات-“
مامي جي ڳلن تان ڳوڙها ڳڙيا پئي. بابو جيئن پاسيرو ويٺو هو،
تيئن منهن سڌو نه ڪيائين. شايد رُنو پئي.
مامي جو آواز جهڪو ٿيندو پئي ويو. مان اکين ۾ ڳوڙها کڻي ٻاهر
هليو آيس.
اسان کي سکر موٽياسين مس ته خبر پئي ته مامو گذاريو ويو.
مان مامي جي حڪم تي ڏاڍو پڙهيو. پڙهي وڏو ماڻهو به ٿيس، پر اِها
حسرت رهي ته منهنجا ٻار منهنجا ڪٽيل ڪپڙا پائين.
مون ڪيترا دفعا ڪوشش ڪئي آهي ته منهنجو اولاد منهنجا ڪٽيل يا
آلٽر ٿيل ڪپڙا پائي، پر نيٺ هڪ ڏينهن مون واري پُٽ
مون کي چئي ڏنو:
”بابا! ڪهڙيون ڳالهيون ٿا ڪريو. هن زماني ۾ ڪٽيل آلٽرڊ ڪپڙا!
ڏاڍا ڪي زوراور آهيو!“
مون کي اُن ويلي مامو ڏاڍو ياد آيو. مان زماني جي زوراوري تي
چُپ آهيان. |