ڪوٽڙي جو رئيس مرزا بيگ مغل مقابلي ۾ دل قبيلي جي ماڻهن هٿان...
1124هه ۾(3)
مارجي ويو. سندس ٻار ٻچا بي واها ٿي پيا، ۽ سواءِ
شاهه حبيب جي ٻيو ڪو سندن سهارو ڪونه هو. مرزا بيگ
کي هڪ ڇوڪرو هو جيڪو... سگهو ئي فوت ٿيو ۽ باقي
فقط سيده بيگم (يا سعيده بيگم) هڪ نيڪ سيرت نياڻي
هئي. شاهه حبيب پنهنجي معتقد جي هن بيواه ڪٽنب جي
ضائفائن... ۽ سهارو ڏيڻ ضروري ڄاتو، ۽ سندن رضا
بعد پنهنجي فرزند کي مڃايو ۽ بيبيءَ سان سندس نڪاح
ڪرايو. جيڪڏهن شاهه لطيف، ان کان اڳ بيبي کي ڏٺو
هو ۽ سندس دل ۾ محبت جي دونهين دکيل هئي ته به ان
کي ڍڪ... ٻاهر ڪابه ٻاڦ ڪانه ڪڍي هئائين
(1).
پر غالباً شادي واري موقعي کي پنهنجي سالڪانه صبر
سان ان خيال کي اورانگهي آجو ٿي چڪو هو... والد جي
رضا ۽ هڪ بيواهه ۽ يتيم گهر کي سهاري ڏيڻ خار ئي
شادي... ان جي تصديق شاهه لطيف جي اِزۡدَواجي
زندگي جي اهڃاڻن مان ئي ٿئي ٿي. زندگي جي هن مرحلي
تي سندس سڄو توجهه حق ۽ حقيقت جي... طرف هو،
انهيءَ ڪري سندس هن شادي کي اسلامي زندگي جي هڪ...
رسم کان وڌيڪ ڪا اهميت ڪانه هئي: خاص طرح هن مرحلي
تي سندس ڪا عاشقي جي بُوءِ هئي، ته نه ڪو انساني
جو رنگ هو(2).
شادي بعد... جو پنهنجي گهر سان جيڪو برتاءُ رهيو
سو شاهانه ۽ شريفانه هو پر ... روايتن موجب بيبي
صاحبه کي اميدواري ۾ پلي جي سَڌ ٿي ۽ ونهيون
فقير.... تڪليف سان پلو وٺي آيو ۽ سهڪندو آيو.
شاهه صاحب سبب معلوم ڪيو... ٻار اڃان پيٽ ۾ ئي آهي
ته فقير کي ايڏو هلاک ڪيو اٿس، ڄمندو... ته الائجي
ڇا ڪندو! اهڙيءَ طرح ٻڍڙي خدمتگار فقيرياڻي تي بي
بي... ڪيو جيڪو شاهه صاحب کي ڏکيو لڳو. ان بعد ڪو
اهڙو سبب ٿيو ... خير ڪو ڄائو(1)
.
حقيقت ۾ شاهه جي زندگي جو شاديءَ کان اڳ ۾ ئي اهڙو دور شروع ٿي
چڪو هو جو سندس سوچ ويچار جا معيار مٽجي ويا هئا:
پنهنجي گهر- واريءَ جي ســَـڌن جي پورائي کان وڌيڪ
پنهنجن مخلص فقيرن جي تڪليف کي مهانگو ٿي
سمجهيائين. شاديءَ کان اڳ گهر کي ڇڏيو هئائين ۽
گهڻو وقت ڪوٽڙيءَ کان ٻاهر پئي گذاريائين. شاديءَ
بعد به گهر ڪري ڪونه ويٺو. سندس هل هلان جو سلسلو
ڀٽ وسائڻ کان پوءِ تائين هلندو رهيو. سانگي ڄاڻايو
آهي ته: ان وقت به شاهه صاحب گهڻو وقت ٻاهر گهمندي
پئي گذاريو ۽ جڏهن ڀٽ تي هوندو هو ته به گهڻو وقت
مسجد ۾ هوندو هو ۽ پنجئي وقت نماز جا جماعت سان
پيو ادا ڪندو هو. ان کان سواءِ ٻيو به گهڻو سارو
وقت گهر کان ٻاهر گذاريندو هو، ۽ اندر حويلي ۾
جيڪا مسجد سان لڳو لڳ اتران هئي، گهٽ ئي ويندو هو(2).
شاهه ڪريم جي طور طريقي کي سمجهڻ: مٿي چئي آيا آهيون ته زندگي
جي سفر ۽ ڪشالي واري ٻئي دور ۾ گهڻي ۾ گهڻا گهمرا
ميين شاهه ڪريم جي درگاهه تي ڪيائين، جتي ذڪر ۽
سماع ۾ شريڪ ٿي ان سلسلي کان واقفيت حاصل ڪيائين،
جيڪو پوءِ پاڻ ڀٽ تي قائم ڪيائين. شاهه ڪريم بابت
هلندڙ ڳالهين هٿ ڪرڻ لاءِ ڪريمي فقيرن سان صحبتون
ڪيائين جن مان جتن فقيرن سان پوءِ هميشہ لاءِ سندس
نينهن ۽ ناتو ٿي ويو. شاهه ڪريم جي سوانح ۽ تلقين
بابت ڪتاب (غالباً ’بيان العارفين‘) دستاد ڪري
مطالعي لاءِ پاڻ وٽ رکيائين جيڪو پوءِ هميشه لاءِ
پاڻ سان گڏ کڻندو هو(1)
. ميين شاهه ڪريم جي تواضح ۽ نهٺائي، تجريدي زندگي
کي ترجيح، فطري مشاهدن ۽ روزمره جي ڌنڌن ۽ مشغلن
جي مطالعي مان حقيقت تائين پهچڻ نون سلسلن شاهه
لطيف جي ذهن ۽ فڪر کي گهڻو متاثر ڪيو.
ميين شاهه ڪريم پنهنجي طرفان ڪيل هدايت ۽ تلقين ۾ اعليٰ انساني
ڪردار توڙي عارفانه فڪر کي گاهي بگاهي پنهنجن توڙي
ٻين درويشن سهڻن سنڌي بيتن طور سمجهايو هو. اهو
طور طريقي جو هڪ بهترين مثال جي شاهه لطيف جي
سامهون آيو. ان کان اڳ کيس پنهنجي والد شاهه حبيب
عام فهم بيتن ذريعي اهڙي تربيت ملي هئي. ان وقت
ميون شاهه عنايت... عام فهم سنڌي منظوم ڪلام اڳواڻ
هو، بلڪ عام مقبول سنڌي بيتن جي شاعري جو بادشاهه
هو. گنباٽ واري ڀيڻي جتي شاهه عبداللطيف جي
ننڍپڻ... اتان ميين شاهه عنات جي شاهپور ويهن ميلن
تي هئي. ڪوٽري کان به... نصرپور ايتري ئي پنڌ تي
هيون. ميين شاهه عنات وٽ وڃڻ ۽ سندس صحبت مان...
ٿيڻ لڳو. اهي ملاقاتون ۽ صحبتون اندازَ سنه 1122هه
کان وٺي، جڏهن... جي عمر ويهه سال هئي وڌيڪ
گهاٽيون ٿيون. ڪم از ڪم سڄا سارا ڏهه-.... پوءِ
ويندي سنه 1133هه ۾ ميين شاهه عنات جي وفات تائين
مسلسل طور جاري... پنهنجي جوان ذهن ۽ سالم طبيعت
توڙي ميين شاهه عنات کان گهڻو ڪجهه پرايو. ميين
شاهه عنات جي وفات بعد پڻ سندس ڪلام سان شاهه صاحب
جي گهڻي رغبت رهي... عڪس شاهه صاحب جي بيتن ۾
نمايان طور نظر اچي ٿو(1)
.
ذوقِ ڪمال ۾، مولانا رومي جي مثنوي ۾ سمايل سلوڪ ۽ معرفت جي
رازن کي...
شاهه لطيف جي ذوقِ ڪمال کيس حق ۽ حقيقت جي اعليٰ مقامن
جي... ڪيو. سلوڪ ۽ معرفت جي اعليٰ معنوي فڪر جا
اهڃاڻ، توڙي ديني توڙي رسمي ڄاڻ کان اڳتي اسلامي
تعليم ’روح‘ تائين پهچڻ جا راز، ... کي شاهه ڪريم
جي ”بيان العارفين“ ۽ مولانا جلال رومي جي مثنوي ۾
نظر آيا... پاڻ تربيت واري هن دور ۾، شاهه لطيف
خاص طرح مثنوي کي سمجهڻ طرف گهڻو... چئي نٿو سگهجي
ته شاهه کي مثنوي جي باک ڪٿان پئي ۽ ڪيئن پئي،
ميين شاهه ڪريم جي سوانح ۽ تلقين طرف توجهه ڪندي،
کيس ”مثنوي... اهميت ۽ عظمت جو پتو پيو، ڇاڪاڻ جو
ميين شاهه ڪريم کي مولانا رومي جي
مثنوي توڙي سندس ديوان مان بيت ياد هئا
(1).
البت شاهه صاحب کي مثنويءَ مان هن دور ۾ ڪنهن
روشناس ڪرايو، سو خاطريءَ سان چئي نٿو سگهجي. ٿي
سگهي ٿو ته ٺٽي جي عالمن جي صحبتن ۾ شاهه صاحب کي
مثنوي بابت وڌيڪ واقفيت ٿي ۽ مثنوي پاڻ وٽ
رکيائين. هن دور جي پوين سالن ۾ ڊاسوڙي جي عالم ۽
درويش محمد عارف جو فرزند محمد صلاح پڻ، جنهن کي
فارسيءَ تي دسترس هئي ۽ پڻ مثنوي جو ڄاڻو هو، سو
شاهه صاحب جو معتقد ٿيو، جئن ئي هو شاهه صاحب جو
ارادتمند ٿيو ۽ سندس خدمت ۾ اچڻ لڳو ته غالباً
شاهه صاحب کانئس مثنوي پڙهائڻ ۽ ٻڌڻ جو سلسلو شروع
ڪيو، جيڪو پوءِ زندگي جي پوئين دور تائين جاري
رهيو. مثنوي سان شاهه جي شغف جي ايتري ته مشهوري
ٿي، جو وقت جي حاڪم ميان نورمحمد ڪلهوڙي مثنوي جو
هڪ سهڻو قلمي نسخو شاهه صاحب ڏانهن تحفي طور
موڪليو. پر خوبي جي تلاش واري هن هلندڙ دور کي،
مثنوي کي خاص توجهه سان ٻڌڻ سمجهڻ سان شاهه صاحب
جي سجاڳ ذهن ۽ صاف دل تي جيڪو ڪجهه نقش ٿيو، تنهن
مان سندس رهنمائي خاص انهيءَ طرف ٿي جيڏانهن هو
پاڻ مائل هو: يعني ته انسان جي زميني زندگي جو راز
ئي انهيءَ ۾ آهي ته ڪمال جي جستجو ۾ رهي ۽ ڪمال
لاءِ ڪشالو جاري رکي.
قادر جي قدرت، ڪائنات جي وسعت، خالق ۽ مخلوق جي رشتي جي حقيقت ۽
هن زميني زندگيءَ جي لاهن چاڙهن ۾ انساني جي اخلاق
۽ ڪردار جي ڪيفيت کي پرجهڻ ۽ پروڙڻ خاطر شاهه صاحب
هڪ جاءِ تي ويهڻ ۽ گهر سنڀالڻ بدران ڏسڻ ۽ ڏورڻ،
ڪهڻ ۽ ڪشالا ڪرڻ کي ترجيح ڏني. هن دور ۾ هن سنڌ
توڙي سنڌ جي ڀر وارن جن ملڪن ۽ ماڳن کي ڏٺو،تن
سڀني بابت معلومات محفوظ نه رهيا آهن. البت ڪڇ ۾
شاهه ڪريم جي معتقد جــَـتن فقيرن وٽ گهڻو ويو،
جيڪي پوءِ سندس ئي مريد ٿي ويا. اڀرندي ڏانهن سندس
جيسلمير طرف وڃڻ بابت به ڪي پڪا دليل موجود آهن.
الهندي طرف سنڌ جي ڪوهستان ۽ لس ٻيلي وارو ملڪ
ڏٺائين ۽ شايد اڃان به اڳتي خزدار تائين ويو. اتر
طرف ملتان تائين ويو. سنڌ ۾ لاڙ، کارو، ٿر، وچ
کاڇو ۽ اُتر سڀ ڏٺائين. سفر جي هر طبقي ۽ هر ڌنڌي
پيشي وارن سان مليو، وٽن ويٺو ۽ سندن روزمره ڪرت ۽
ريت رسم کان واقف ٿيو، جنهن جو پختو پختو ثبوت
رسالي جي مختلف سرن ۽ داستانن هيٺ سندس بيتن ۽
واين ۾ موجود آهي.
لطائف لطيفي، فارسي متن، ص 127. باوجود انهن
اهڃاڻن جي، شاهه جي شاديءَ کي سانگي ’افسانهء
عشق‘ ۽ ’عشق بازي‘ طور منظوم ڪيو، نه فقط
ايترو پر شاهه جي گهر واري بابت مير علي شير
قانع جي ڏنل اشاري کي محض علمي روايتن جي آڌار
تي وڌائي وڻ ڪيو، حالانڪ هي روايتون سنڌ جي
ريت رسم توڙي شاهه جي اعليٰ اخلاق ۽ ڪردار جي
ابتڙ هيون. مثلا شاهه لطيف کي اندر گهر ۾ دعا
لاءِ وٺي ويا ته وڃي پرده دار بيمار ڇوڪريءَ
جي چيچ جهليائين، پوءِ سندس پيءُ کي پٽيائين ۽
پڻ سندس ننڍڙو ڀاءُ مئو ته ڄڻ شڪر ڪيائين. ڏسو
”لطائف لطيفي“ فارسي متن، ص 59-73).
مير عبدالحسين خان، جنهن هي ڪتاب ڏنو هو، تنهن
کي ’رسالو‘ ڪري ڄاڻايو آهي، جنهن ۾ ميين شاهه
ڪريم جو احوال درج هو. (لطائف لطيفي، ص 122).
مرزا قليچ بيگ ان کي ”شاهه ڪريم بلڙي وارو
رسالو“ ڪري لکيو آهي. غالباً انهن حوالن مان
مراد ’بيان العارفين‘ ئي آهي.
"ميين شاهه عنات جو ڪلامء (سنڌي ادبي بورڊ
1963ع) ۾ راقم هن.... تفصيل سان روشني وڌي
آهي. (مقدمه، صفحا 89-106). ان وقت ميين شاهه
عنات جو سال معلوم نه هو. پر پوءِ پڪي طرح
معلوم ٿيو ته ميين شاهه عنات.... وفات ڪئي.
”شاهه
ڪريم بلڙي جو ڪلام“ سنواريندڙ ڊاڪٽر عمر بن
محمد دائود پوٽو، 1937ع. ديباچو ص 222
|