انور هالائي
درد دل جو داستان ڪنهن سان ڪيان ڪنهن کي چوان
مهربان ڪنهن کي چوان نا مهربان ڪنهن کي چوان
حجر اسود کي چمي سجدا ڪيم ڪعبي اڳيان
مون اتي سڀ ڪجهه ڏٺو، مان لامڪان ڪنهن کي چوان
مون ڪري سجدن تي سجدا عبديت حاصل ڪئي
مظهر عشق بتان ڪنهن کي چوان ڪنهن کي چوان
شهر ٻوڙو، گامگس گونگا ٿيا ماڻهو اداس
هم سخن ڪنهن کي چوان ۽ هم زبان ڪنهن کي چوان
فاصلا گهٽبا وڃن ۽ راهه روشن پئي ٿئي
نقش پا تنهنجا ڏسي، ڪهڪشان ڪنهن کي چوان
پاڻ ۾ علم و ادب تي پڻ رکون ٿا اختلاف
اهل فن، شاعر، سخن ور، نڪته دان ڪنهن کي چوان
وسعتِ دل ۾ ٿو پنهنجو پرايو اڄ لڪي
مان حقيقت حال پنهنجو الامان ڪنهن کي چوان
هن جي نظرن ۾ صليب و دار جو پيغام آهه
هي به آهي حوصلن جو امتحان، ڪنهن کي چوان
هر ڪو پنهنجو منهن لڪايو زندگي گهاري پيو
ڪير انور تنهنجو ٿيندو رازدان ڪنهن کي چوان.
محبوب سروري
غزل
مڃان ٿو ڏوهي، گنگهار ۽ گندو آهيان
مگر اي ماهرو محبوب! تو سندو آهيان
قسم تو ترڪ محبت جو آ کنيو ليڪن،
مان توکي روئي ستتي لوڪ سڏ ڪندو آهيان.
حساب ناهه، ڪو توسان، و گرنه آءُ پڻ،
رسڻ کان پو وڏي مشڪل سان پرچندو آهيان.
خدا جي واسطي محبوب ڪر مدايون معاف،
پرين مان پنهنجي خطائن تي شرمندو آهيان.
خطا کان پاڪ جي آهي، ته بس خدا آهي،
مگر اي بنده نواز، آءُ هڪ بندو آهيان.
جڏهن به عشق جا اڌما اندر ۾ اڀرن ٿا،
ته تنهنجي ياد ۾ رانجهن مان روئندو آهيان.
ڪٿي به، ڪو به ٿو ڪهڙي به تنهنجي ڳالهه ڪري،
سندءِ ثنا مان اي ڍولڻ نه ڍاندو آهيان.
نهاري ناز مان مونڏي تون مرڪندو آهين،
تڏهن خوشي کان نه ڪپڙن ۾ ماپندو آهيان.
پرين مان تنهنجي محبت جو آهيان آهڙو چراغ،
نه تيز تند هوا سان اجهامندو آهيان.
چريو کريو ٿا ڪي سمجهن”وتائي“ جيئن مون کي،
مگر مان خوب سڀن کي سڃاڻندو اهيان.
ڪلام منهنجي ۾ تنهنجو آ عڪسِ حسن و جمال،
مان تو کي سامهون رکي شاعري ڪندو آهيان.
اوهان جي ناتي سان محبوب، ”سروري“ ٿا سڏين،
اوهان جي سلسلي سان ئي سڃاپندو آهيان.
استاد بخاري
غزل
نه سمجهي سگهيو آهيان زندگيءَ کي
نه سمجهي به پوڄيان ٿو مان زندگيءَ کي
وڄون ئي وڄون آ، پَتو ٿَم جواني
ڇڏي ڏينم جاني، ڇنهان زندگيءَ کي
ڀري شاڪ بجليءَ جا توڙي هڻي ٿي
تڏهن ڀي ٿو چُهٽي پوان زندگيءَ کي
کُتو تير تارُون، ڀريو واتُ رت سان
انهي ريت ٿو چوسيان زندگيءَ کي
بچيو جوش جيڪو، وڌيو هوش هو جو
ٻئي ڏيج ۾ ٿو ڏيان زندگيءَ کي
ڏسي زهر سقراط، استاد ڀڻڪيو
ڀري ڏيو ته جُڳ جُڳ پيان زندگيءَ کي.
محمد علي جوهر
عيد مان تڏهين ڪندس دلدار هِتِ ايندو جڏهن،
مُحب ماکي کان مِٺو منٺار هِتِ ايندو جڏهن.
سوڍي آئي سِينڌ سُرمون لائبا ميندي مُساڳ،
سُونهن مان سُهڻو ڪري سينگار هِت ايندو جڏهن.
مان مَٽيندُس ويس ڪارو ليڙون لاهيندس لباس،
پهري پَٽُ پنهنجو پيارو يار هِت ايندو جڏهن.
پيئبا شربت به گڏجي کائبا زردا پُلاءَ،
حَلوه لَب شِيرين شَڪر گُفتار هِت ايندو جڏهن.
گُل به گڏجي پائبا وَرکا گُلن جي ڀي ڪبي،
گُلبدن، گُل روُ ۽ گُل رُخسار هِت ايندو جڏهن.
پِنبڻِين جا تِير تاڻي ۽ ڀَڇي ڀِروان ڪمانَ،
ٿي سراپا جَنگ لئه تيار هِت ايندو جڏهن.
نِيمُ بسمل ٿي مان نچندس قُرب جو ”جوهر“ ڪُٺل،
صدقي ٿيندس سؤ دفعا هِڪوار هِت ايندو جڏهن.
احمد خان مدهوش
غزل
ڇا يار جي ديدار جي دُنيا نظر آئي،
اسرار ئي اسرار جي دنيا نظر آئي.
ڇا هُن جي تبسم جي ڪريان ڳالهه اي يارو،
ڄڻ خلد جي گلزار جي دنيا نظر آئِي.
ڪيئن گلشن فردوس جي منظر تي مري سا،
جنهن چشم کي رُخسار جي دنيا نظر آئِي.
محسوس حواسن کي وري ٿي نه ٻي خوشبو،
جيئن زلف جي هٻڪار جي دنيا نظر آئِي.
اوڏانهن سڀن ڊوڙ ڪئي جيڏهون هُن جي،
پازيب جي جهنڪار جي دنيا نظر آئِي.
سچ پچ ته انهيءَ عشق کي آ عشق نه سڏبو،
جنهن عشق ۾ وهنوار جي دنيا نظر آئِي.
مخدوم جميل الزمان
●
اڄ سڄڻ لاتي گهڻي دير خدا خير ڪري،
وصل هي ڪهڙو وڌو وير خدا خير ڪري
عشق جي ڄار ۾ ڦاسڻ کان پو ڦٿڪڻ ڪهڙو
هاڻ الله ڪري خير خدا خير ڪري
جن جي هستي کان ڏڪي دار جو سينو اي دوست
تن جي ڀيرن ۾ ڏٺم ڇير خدا خير ڪري
مخملين ڪپڙا اهن جسم تي پاتل، ليڪن
قلب ۾ آهي رڳي مير خدا خير ڪري
ڀاڳيا جيل ۾ ۽ چور گهمن بازارون
هت ڪري ڪير ڀري ڪير خدا خير ڪري
رات ۽ ڏينهن جي گذرڻ جو پتو ئي ڪونهي
ٽاپ ۾ آهي لڳل گير خدا خير ڪري
شيخ کي آڇ ڪري جام جي سوچيان ٿو جميل
آهي لنڊي تي پيو پير خدا خير ڪري.
(هالا، 31_12_1987ع)
ذوالفقار سيال
غزل
مرڪيو ته مهڪ وکري، حيران شهر ٿيو آ،
هن جي وئي کانپوءِ هي ويران شهر ٿيو آ.
هُن شام جي اُداسي ماري وري وڃي ٿي،
تنهنجي ادا تي سارو قربان شهر ٿيو آ.
تو سان جو آ تعلق ان جو آثر به آهي،
هونئن ته گهڻو اسان تي مهربان شهر ٿيو آهي.
تون اوچتو نظر جي محفل ۾ آئين جاني!
اک هي کڄي وئي جي بي ايمان شهر ٿيو آ.
او ذلف، تنهنجي جانيءَ جهڙو نهڪوئي آهي،
سارو هي چونڪ، پاڙو، اعلان شهر ٿيو آ.
آثم ناٿن شاهي
غزل
هي مندرَ دلين جا، ٽِڪاڻا، مڙَهيون،
سَڀئي راڪشن جي وڃي ور چڙهيون!
ڏِٺيون ڀي اکين ڪو نه اهڙيون اڳيٖ،
سِٽون جهڙيون سورن جون اڄ مون پڙهيون.
وڪوڙي ويا ائين اچي ٻاهريان،
مِٺي ڀورَ تي ڄڻ ته ڪوِليون چڙهيون.
بدن پنهنجو، ڏاڍو ڏکي ٿو سڄو،
اَلا! پنهنجو رَت ٿي پيو رَتَ_ ڳڙهيون!
ڪَنن منجهه ڪيڏو ته ڪِڙ واءُ آ،
ڪَڙاهيءَ ۾ ڪنهنجون هي ڪِيهون ڪَڙهيون.
لکڻ ٿي گهريو تو ته آثم! غزلُ!
اکين مان ڳڙيئه ڪيئن لُڙڪن لڙهيون؟
اياز گل
غزل
ڪيئن سُک سُمهجي، پاڻ تي تاڻي؟
ياد ڦاٽل رلهيءَ جيان آ هاڻي
ڪوڙ، جنهن کي سُڃاڻون تون ۽ مان
شال تنهن کي وڃي شهر ڄاڻي
نفرتون ڪن ٿيون آپگهات تڏهن
پيارُ ٿو پيارَ کي جڏهن ماڻي
هر خوشي ٿي لڳي پرائو گهر
درد ڪاٿي ڇڏي ويو آڻي!
اهڙي اوندهه جو ديسُ_ رستو گُم
سجُ ٿي پئهُ ڪوي! اُنهيءَ ٽاڻي
سالُ ٿيا هڪڙو گُلبدن سپنو
نيڻ، راهُن جي ڌُوڙ ٿو ڇاڻي.
حبيب الله صديقي
روح جون رمزون
مَنَ ندر موجون هجن، تون هجين ۽ مان هجان،
روح جون رمزون هجن،تون هجين ۽ مان هجان.
سج تون ٿين چند مان، روشني توکان وٺان،
سنڌي جي ڌرتي منهنجا، پاڻ ڳولي مان لهان،
نُورَ جون هجن، تون هجين ۽ مان هجان.
تون هجين موهن دڙو“، تو ۾ پوريل مان هجان،
تون هجين ”لوهم دڙو“، تنهنجو پاليل مان هجان،
مَرُ اِهي ميخون هجن، تون هجين ۽ مان هجان.
تون ”رَنيءَ جي ڪوٽ“ کان، ”آمريءَ“ کان لهان،
سر اُتر ”سيوهڻ“ ٽِپان، ”ڪوٽڏيجيءَ“ کان لهان،
چؤ طرف پوکون هجن، تون هجين ۽ مان هجان.
مان اُتاهون ”کيرٿر“، عرش سان وايون ڪيان،
مان”سنڌو“ هان تيز تر، بند ۾ ڀيرون هڻان،
ماٿريون سايون هجن، تون هجين ۽ مان هجان.
مان هجان ”سنڌو ندي“، موج ۾ اُٿلي پوان،
خشڪ ڀون کي تَر ڪَندي، ڪڻڪ جيان اُڀري پوان،
ملڪ جون بوندون هجن، تون هجين ۽ مان هجان.
واٽ ”ناري“ جي مَٽي، ڪو نئون ماڻو ڪيان،
”روهڻيءَ“ کان ڌوُ وڃي، ”ساڌ جو ٻيلو“ کڻان،
ڪَڍِ سندم ماڻهو هجن، تون هجين ۽ مان هجان.
ڄڻ ته واچُوڙو هجان، وٺ نه ڪنهن کي مان ڏيان،
ديس واسين کي کڻان، فرش کانسر آسمان،
رحمتون رب جون هجن،تون هجين ۽ مان هجان.
”بند منڇر“ کان هلي، ”گر ڪڻو“، ٽهڻيي“ ڏسان،
”نئنگ“، ”جهانگارا“ گهمي،
”لڪ علوي“ کان لنگهان،
امن جون راهون هجن، تون هجين ۽ مان هجان.
”ٿَر“، ”مٺِي“ ۽ ”ڇاڇرو“، ”ڏيپلو“ ڏوري ڏسان،
”ور“، ”ٺٽو“ ۽ ”ساڪرو“، ڪرُ ”ڪراچيءَ“ ۾ کڻان،
وَر وَڪڙ واٽون هجن، تون هجين ۽ مان هجان.
ڪئمپ ”مڪليءَ“ تي هجي، سير ”ڪينجهر“ جو ڪيان،
سنڌ جي تاريخ کي، صاف سربستو لکان،
سرت ۽ سوچتون هجن، تون هجين ۽ مان هجان.
تون ”پنهون“ ٿين پارسا، مان ستي ”سسئي“ هجان،
ڪنهن فريبي چال سان، جي جدا مان ٿي وڃان.
”ڪيچ“ ڏي ڪاهون هجن، تون هجين ۽ مان هجان.
”مارئي“ وانگر اگر، ڪوٽ ۾ قيدي هجان،
باندياڻي ٿي مگر، سيل ست سوڌي هجان،
سنڌ جون رسمون هجن، تون هجين ۽ مان هجان.
تون ٿري سوڍو هجين، مان گجر مومل هجان،
تون وري جيسين اچين، ساڻ ٿي سومل سُمهان،
ته متون تڙپون هجن، تون هجين ۽ مان هجان.
ڪاش ”مومل“ کي سڏي، سيڻ پرچائي ڏيان،
ڪاڪ جي هن سونهن کي سنڌ سينگاري ڏيان،
روهه جون ڪونجون هجن، تون هجين ۽ مان هجان.
”سنڌ“ جهڙي ملڪ ۾، تون ڀي رهين مان ڀي رهان،
هن وطن جي نانءَ تي، پاڻ کي ”سنڌي“ چوان،
اجرڪن اوڍون هجن، تون هجين ۽ مان هجان.
حيدرآبادي
هوا، مان اگر توکي ڇُهان،
شهر سارو جا بجا، اشڪباريءَ سان ڌُئان،
تيز برساتون هجن، تون هجين ۽ مان هجان.
ڳوٺ منهنجو ”پاٽ“ آ، هل وٺي تو کي هلان،
خوب مهماني ڪيان، من سندءِ موهي وجهان،
عيد جون خوشيون هجن، تون هجين ۽ مان هجان.
مرزا عباس علي بيگ
غزل
هر هڪ قدم تي جادهء منزل اچي ويو،
اڳتي وڌڻ ۾ ليڪن مشڪل اچي ويو.
مشڪل ۾ ناخذا نئون مشڪل اچي ويو،
طوفان آيو اُت جتي ساحل اچي ويو.
هُن جي ڪرم سان دل جي جسارت وڌي وئي،
بي حوصله ۾ حوصلئه دل اچي ويو
دنيا جي دام و مڪر ۾ اهڙو اچي ويس،
بس اعتبار وعده باطل اچي ويو
صحرا جي خاڪ جوش جنون کان اُڏائي قيس،
پردي تي پردو برسرِ محمل اچي ويو
دل منهنجي هن طرف ۽ ٿيو حُسن هُن طرف،
آئينو آئيني جي مقابل اچي ويو.
مون کان ڦِري ٿي هُن جي طرفدار منهنجي دل،
پهلو ۾ منهنجي حيف هي بد دل اچي ويو.
ڪشتيءَ دل ڇو گردش طوفان کان اڄ ڊڄي،
دل کي يقين آس جو ساحل اچي ويو،
موجن جي آس جيڪو سفيني جو آسرو،
سو بحرِ درد و غم سندو ساحل اچي ويو.
منهنجو هلڻ محال ٿيو راهِ عشق ۾،
پَئي سُڌ ته ملڪِ حسن ۾ قاتل اچي ويو.
مان اُن مقامِ عشق تي پهچي ويس جتي،
سامهون نشانِ جادهُ منزل اچي ويو.
صدما غمِ فراق جا شام و سحر سهي،
”باس“ قلبِ ضبط جي قابل اچي ويو.
تاج بيوس
ماءُ
چي گويرا، لورڪا
دادوءَ جي دودن جي ماءُ
چانڊڪا کان چين تائين
مامتا جو کيت
آشتيءَ ۽ امن جو اٿاهه ساگر
قوم جو اعلان
سچ جو آواز
نصرت جو پيام
بي مثل ۽ بي نظير
وولگا جي لهر ۽ سنڌوءَ جي مؤج
خون سان لکيل جمهوريت جو مقدس باب
منهنجي ماءُ
تنهنجي ماءُ
پنهنجي زخمن کي لڪائي
زخمي هٿڙن ساڻ ٻچڙن جا زخم چيٺي پئي
اياز، ناصر، شاهنواز
اسد ۽ نذير کي ڳولهي پئي
تڙپي ۽ تڙپائي پئي
روئي ۽ ريجهائي پئي
ٻچڙن کي کيڏائي پئي
زندان کي لوڏي پئي
ٽٽل پٿرن کي سميٽي
قوم جي ديوار کي، نئين سر وري جوڙي پئي
نئين سير وري جوڙي پئي
نئين سِر وري جوڙي پئي
احمد خان آصف
نظم
وڪوڙي ٿا وڃن آلام ۽ آزار پيريءَ ۾
رهي اڪثر بشر بي چاق ۽ بيمار پيريءَ ۾
لڏي ڪنڌ ۽ ڪمر ويچارڙي ٿئي ٿي ڪمان وانگر
ڀڄن ڏند ۽ اڇو مُنهن پنهنجو ڪن ٿا وار پيريءَ ۾
ٿئي ٿي ڪم نظر ۽ ڪَنَ ٻڌن ٿا ڪينڪي پورو
نٿا هٿ هاج ڪن، ٿي ٿا پون بيڪار پيريءَ ۾
وڃي زوري هٿن مان ٿي ڇڏائي صبر جي دامن
گهڻو غصو ۽ ڪاوڙ اچي ٿي خار پيريءَ ۾
نٿو ڏئي ساٿ ڪو ساٿي سڃاڻي ڪين ٿو سنگتي،
ڪري ياڪي ۽ غمناڪي وڃن ٿا يار پيريءَ ۾
جواني ۾ سَٽون سر جون هُنيون جن سان اهي سڀئي،
مٿن بيزار پيريءَ ۾ رهن ٿا ڌار پيريءَ ۾
هئا سودا سَون جا جن سان ۽ وهنوار وِيهُن جا
اڌارا سي ڏين ٿا ڪين ڏوڪڙ چار پيريءَ ۾.
سوز هالائي
غزل
واريءَ ورکا هر گهر گهر تي،
ڳوٺ ڳوٺ ۽ شهر شهر تي.
مورن جوءِ مٽائي آهي،
ريت اڏامي ڪارونجهر تي.
هيل الاجي ڪهڙي ڪارڻ،
هنج نه موٽيا ساڳي سر تي.
شاهه ڏنو هو روئي جنهن پل،
ڪلري نانءُ پيو ڪينجهر تي.
واڳونءَ وير ورايا پوءِ ڀي،
ويٺا آهيون دريا ڀر تي.
ڪنهن جون سارون پٿر ليڪون،
ڪنهن جا وعدا ليڪن جر تي.
وفا ناٿن شاهي
غزل
بُت جي آڏو جهُڪائي ڇڏيو تو،
مون کي ڪافر بنائي ڇڏيو تو.
ياد گيريون ۽ خواب، خواب ٿيا،
جيئن دل سان ڀُلائي ڇڏيو تو.
حُسن چاهي ٿو حُسن جي تعريف،
واه جو گُر ٻڌائي ڇڏيو تو.
تنهنجي دل ۾ نه تنهنجي اکين ۾،
مون کي ڪاٿي لڪائي ڇڏيو تو.
وصل جا وڻ وڄي ويا آهن،
مون کان پاسو ورائي ڇڏيو تو.
همسفر ٿي مٽي وئين رستا،
قافلن کي لڄائي ڇڏيو ٿو.
اچ وڃ ۽ روئڻ کِلڻ سڀبند،
ڄڻ خيال ئي مَٽائي ڇڏيو تو.
تيز نظرن سان منهنجو جسقم ڇُهي،
دل جو ڦٽ ڦٽ ڏکائي ڇڏيو تو.
پاڻ ونواه ۾ وڃي ويٺين،
مون کي رِڻ ۾ رُلائي ڇڏيو تو.
ادل سومرو
بيت
شامون سانوڻ رُت جون، سنڌوءَ ڪنارا،
چانڊوڪيون چارا، چوڏس مهڪ گُلاب جي.
ڪينجهر تي پر ڀات، ڪنول، بتيلا ننڊ ۾،
رهاڻين ۾ رات، تو سان گذري جاڳندي،
تنهنجي مُرڪ تلاءَ جو، ڳوليندي چارو،
اڄا اُڄارو، هرڻ منهنجي چاهه جو.
ڪيڏو تنهنجي ويجهڙو، پوءِ به ساڳي اُڄ،
روح نسورو رُڄ، تو کان دُوري جي ٿئي.
منهنجو ساهه سمونڊ، لهرون لهرون تون،
ڪڏهن نه ڀانيو مون، ڌار تو کان پاڻ کي.
ڀنل پکين وانگهان، پاڻ ٻئي برسات،
وڻڻن هيٺان رات، گُذري پيار، پناهه ۾.
ڦُٽن، ڦولن وانگيان، چُميون چپن تي،
جڏهن جوڀن کي، رنگ لڳي ٿو پيار جو.
مانجهاندڙين جي ڇانوَ ۾، سُتل هُئينءَ تون،
ڀرسان تنهنجي مُون، خواب اُڻيا پئي ڪيترا.
دُک ڀلا هن ديس جا، ٻاهريون خوشيون ٻَن،
پري، تان پنهنجن، مُرڪ نه سونهين مُک تي.
پشپا و لڀ
جذبن جي سرد خاني ۾
لفظن جا مُردا سفيد چادرون اوڍي
ستا پيا آهن
هي ڪير آهن جو روز مرن ٿا
۽ پويان طوفان کڙو ڪري وڃن ٿا
۽ ايتري به مهلت نٿا ڏين
جو چئي سگهي
Save our Souls
پليز، هاڻي نه وڃو
ديوارن جهڙا سفيد چهرا
ديوارن جهڙا سخت چهرا
۽ ٿڌا هٿ ڪهلن تي هٿ رکجن
سڀ ٺيڪ ٿي ويندو
جيڪا رب جي رضا!
۽ ٿوري ئي دير ۾
سڀڪجهه ڀُلجي
ٻئي ڪنهن لاءِ اهو ئي ڪجهه
شروع ڪري ڇڏڻ
جيڪو پهرئين لاءِ ڪيو هو
مختلف قسمن جون نلڪيون وجهڻ
مختلف قسمن جون سُيون...
وسيم سومرو
غزل
گيت لکبا نڪورا نئين ڍنگ ۾،
لاک جهڙي رتي بک باک جي رنگ ۾.
هاڻ چمڪي پئي، پوپٽن وانگيان،
زندگي ڪيترو آ رهي زنگ ۾.
جي ڪٿي پيار جو تو وتو نانءُ آ،
پوءِ نه ديوار ٿي پيار جي دنگ ۾.
اچ ته تنهنجي چپن ۽ هٿن کي چمان،
جن سُرن جو وڌو ساهه آ چنگ ۾.
رات بيواس سرهاڻ ٿيندي سڄي،
جي رتن جوت پوکي وجهون جهنگ ۾.
رات تخليق ڪا، ٿي دکي مون لکي،
درد اُڌ مائيو، ڏات جي ڏنگ ۾.
چنڊ ناهي ته، چڻگائي تيلن جيان،
رنگ تارن ڀريا، رات جي انگ ۾.
هو مئو، ٿي مٽي ويو، اڄا آ امر!
سگهه ڪيڏي نه آ ديس جي سنگ ۾.
مظهر لغاري
غزل
ستارن سندي رات سنسان آهي
ذَهن ڄڻ ته مياڻيءَ جو ميدان آهي.
اوهانجي پُڄاڻا، پرين! ڳوٺ پنهنجو،
وٺبي جي هوا ۾ به ويران آهي
نڪو چنڊ ۾ ساءُ ساڳيو رهيو آ،
ڏکڻ، هِير آندو ڪو ارمان آهي.
هيءُ گوليون کنيو آهي بيٺو گهٽن تي،
چؤ ٿا، اڙي! پو به ”انسان آهي“
سدا سوچ پنهنجي هجي ڄڻ ته هرڻي،
سدا دل جي ڌرتي بيابان آهي.
بخشڻ مهراڻوي
●
ميخان مان مهڪ اچي ٿي،
جوش جواني، جذبن جي.
پيالا، تالا، کولِن ٿا،
ڳالهه هلي ٿي جوڀن جي،
آ ته چهُمين جا ڏيئا ٻاريون،
جيون جوت آ پل کن جي.
ڌرتي تي دونهاٽو آهي،
ٿي نه سڃاڻپ لاشن جي،
جوڀن ۾ پيو جيون سُڏڪي،
ڳالهه ڪرين ٿو بنگلن جي.
شفيع چانڊيو
●
تو سان ملبو رهبوسائين،
ڪيئن وساري سگهبو سائين.
منهنجو ايءُ معمول ئي رهندو،
تو وٽ اچبو وڃبو سائين.
ڪينجهر کان ڪارونجهر تائين،
توکي ڳولي لهبو سائين.
دل دفتر تان تنهنجو نالو،
ميٽي ڪوئي سگهندو سائين.
تنهنجي تصويرن کي سانڍي،
من_شوڪيس ۾ رکبو سائين.
تنهنجي خط جي تحريرن کي،
کولي کولي پڙهبو سائين.
روح جو رشتو نينهن جو ناتو،
تو سان مور نه ڇنڀو سائين.
حسن درس
●
واءُ ۾ خوشبو گهُلي ويئي هلي
واس وٺندڙ بن رُلي ويئي هلي.
تونالائي ڪنهن ڪناري پئي رُليئين،
هوءَ اچي جهولو جهُلي ويئي هلي،
سڪ جو هي سمنڊ ماٺو ٿي ويو،
ڇڪ جي ڇولي ڇُلي ويئي هلي.
تون پڇيو يا ماٺ ۾ ئي اوچتو،
ڳنڍ ڳالهين جي کُلي ويئي هلي.
مهڪ وانگي ٽهڪ وانگي وکرندي،
هوءَ ته ڪمري ۾ هُلي ويئي هلي.
نانڪ
نظم
خاموش جنهن جي هر ادا،
هر بار چئي نئين ڳالهه ڪا:
اڄ رات سا ايندي هِتي.
آغوش ۾ جنهن جي ڦُٽي،
جڳ مڳ ستارن روشني:
اڄ رات سا ايندي هِتي.
پايل به جا گهايل ڪري،
۽ ماڳ ۾ پاڳل ڪري:
اڄ رات سا ايندي هِتي.
او بانوارا، جي تون مڃين،
مونساڻ پو تون ڀي نچين:
اڄ رات سا ايندي هِتي.
خوشبو سَميٽي نار، جا،
ڪينجهر ڪناري پار، جا،
اڄ رات سا ايندي هِتي.
مونل ئه کڻي پيغا ڪو،
چاهت سندو الزام ڪو:
اڄ رات سا ايندي هِتي.
جيئن چنڊ ٿو ماڻهو ڏسي،
منهنجي نظر هُن کي لڀي:
اڄ رات سا ايندي هِتي.
ڇاهي پَتايا بِيچ تي،
منهنجي اکين ۾ ٿي ڏسي؟
اڄ رات سا ايندي هِتي.
ڇاهي پَتايا بِيچ تي،
منهنجي اکين ۾ ٿي ڏسي؟
اڄ رات سا ايندي هِتي.
اڄ رات سا ايندي هِتي.
”مختار“ گهمرو
غزل
گهاٽا پَرُ کان هيل جا ناتا،
ڪالهه هئا، پر سرس اڄوڪا.
سنڌوءَ جل جان پوتر پنهنجا،
اڄ جا، ڪلهه جا، پيار پروڪا.
ڳَر کجيءَ جان محب سوادي،
ٻول مِٺا ڄڻ ڪُڙهه جا ڏوڪا.
قرب کُهيءَ جي پيار پڳهه تي،
آءُ ته ڀريون، سِڪ جا ٻوڪا.
توريءَ تَرها پاند اکين جا،
تنهنجي آئٻي ٿيا آڊوڪا،
اُس ۾ جنهن وڻ هيٺان ويٺين،
ان جون پاڙون کوٽِ نه ٿوڪا.
وستيءَ وستيءَ نينهن نچٻي شل،
ٻُڌجن هِت هُت حق جا هوڪا.
ڪيئن ڀلا ”مختار“ وساري.
سونهن سندا سنسار ڪلهوڪا.
”اياز“ جاني
وائي
سانوڻ رُت ۾ رم جهم رم جهم،
ڀرجي بريسيا نيڻ_ الا وو ڀرجي برسيا نيڻ.
تنهنجي دڳ تي تنهنجي ڪارڻ،
ڪيڏو ترسيا نيڻ، الا وو ڀرجي برسيا نيڻ.
وَسَ منهنجي ۾ نيڻنه منهنجا،
توکي ارپيا نيڻ_ الا وو ڀرجي برسيا نيڻ.
چهرو چهرو سر ڪيڏارو،
ٿي پيا مَرثيا نيڻ_ الا وو ڀجي برسيا نيڻ.
نظام ”ذائر“
نظم
سج ٿو آسمان تي چمڪي،
ڪيڏو ڌرتيءَ تي سوجهرو آهي،
نه سڃاڻون ٿا پوءِ به هڪٻئي کي،
وقت جو هي به حادثو آهي.
هي اسان کي الائي ڇا ٿيو آ،
نه رهي اک ۾ روشني باقي،
زندگيءَ ۾ نه زندگي باقي،
ڇا ويو دل جو سوجهرو کسجي؟
جي ائين آ ته پوءِ اي ساٿي،
اچ ته روشن اکين سان بدلايون،
نيڻ پنهنجا ته جوت آ جن ۾.
جيڪي جيئريون ۽ جاڳنديون آهن،
ديپ جن ۾ ٻرن پيا سڪ جا،
اهڙين روشن دلين جيخاطر ئي،
پنهنجي سينن کي اچ ته چيرايون.
پوءِ شايد سڃاڻ پيدا ٿئي،
نه ته ٿو ڀانئجي ائين مون کي؛
سج هوندي به ڪيڏو ڌرتيءَ تي،
هر طرف ڇانيو بس انڌيرو آ،
ڏوُر شايد اڃا سويرو آ.
اختر درگاهي
وائي
منهنجي چِيچَ وَتيون، سسئي هلجانءِ سُڃ ۾.
پنهل واري پُور جون، ڪجهه ته ڪر پَتيون،
سسئي هلجانءِ سُڃَ ۾.
پَسان مان ڀي پَٻ تي، ڪاريءَ رات ڪَتيون،
سسئي هلجانءِ سُڃَ ۾.
منهنجهان نيڻن رَت جون،
روئان
شل رَتيون،
سسئي هلجانءِ سُڃَ ۾.
متان مون کي لوڪ جا، ماڻهو ڏيڻ مَتِيُون،
سسئي
هلجانءِ سُڃَ ۾.
اسير ملاح
نظم
هاڻ ته يادون لهرائن ٿيون،
درد وندن کان گهٻرائن ٿيون.
درد به منهنجو ساٿ نٿو ڏي
ڪير به تنهنجو ڪو نه پتو ڏي
ڇا ڇا سهڻا خواب لڏائين
خوابن ۾ ڇا محل اڏياسين
مهڪ محبت جي هئي تن ۾
ڪيڏو پيار ٻن دلين ۾!
تانگهيندي من_تن کان جدا ٿي
توسان هليو گهنگهور گهٽا جي
ساهن وانگر توسان سلجي
قدم قدم تي توسان گڏجي
پاڇو بڻجي پيار هليو هو
محبت جو مجهدار هليو هو
ڇيرين جي ڇمڪار بڻيو هو
سپنن جو سينگار بڻيو هو
هاڻ ته سپنا بنواسي ٿي
راتين ۾ ويا پاڇا گم ٿي
هاڻ ته يادون لهرائن ٿيون
درد وندن کان گهٻرائن ٿيون
درد به منهنجو ساٿ نٿو ڏي
ڪير به تنهنجو ڪو نه پتو ڏي!
عابد مظهر
تنهنجون منهنجون ڳالهيون
ڪيڏن ڏينهن کان پئي دل ۾ بهانا ٺاهيم
توسان ڪجهه پل ڳالهائڻ جو ڪو رستو نڪري
اهڙيون واٽون جيڪي توسان ملڻ لاءِ ڳوليم
سي هزارين ۽ لکين ميل لڳيون ڏور مون کي
پر روحن جا ڪجهه ناتا ڪي اهڙا آهن
جيڪي هڪ لحظي ۾ ئي ماڳ تي پهچائن ٿا
منهنجي من مان تو کي پائڻ لاءِجي ڪرڻا نڪتا
تن ڪري ميڻ ڇڏيو تو کي ۽ هڪ ڏينهن مون کان
تو ڀٽائي جي ڪنهن بيت جي تشريح پڇي
مون کي ڳالهائڻ جو تو موقعو ڏنو پاڻهي جاني!
تو سان جيڪي به ڪرڻ ٿي چاهيم دل جون ڳالهيون
سي مون هن بيت جي تشريح ۾ تو ساڻ ڪيون
ائين ويجهو اچي هڪ ٻئي کي پرکبو آهي
تنهنجون ڳالهيون منهنجون آهن هڪ ئي معنى
سي اصل ۾ هڪ ڪَلُ جو آواز آهي
اُهي ناتا منهنجا هاڻي جي توسان آهن
سي انهي ذات کي پائڻ جا سڀ رستا آهن.
سعيد عاقلي
ترائيل
مان سُکن جي ماڳ ڏي وڌندو رهيس،
پر ڏکن پيڇو نه ڪڏهين ڀي ڇڏيو
درد جي ٽانڊن مٿان هلندو رهيس
مان سُکن جي ماڳ ڏي وَڌندو رهيس
مان سدائين جنهن جي لئه سِڪندو رهيس
سو نه سٿي پنڌ ۾ مون سان گڏيو
مان سکن جي ماڳ ڏي وڌندو رهيس
پر ڏکن پيڇو نه ڪڏهين ڀي ڇڏيو.
جوهر سنڌي
وائي
سار تنهنجي ساڻ آ
جيءُ منهنجو ٿو جلي
پوهه جي هن رات ۾، ڪيتري ڪو ساڻ آ!
جيءُ منهنجو ٿو جلي
تو سوا بيڪار آ، جا سونهن آ، سرهاڻ آ،
جيءُ منهنجو ٿو جلي
تنهنجي مرڪن ۾ هئي، سا ڪٿي چانڊاڻ آ،
جيءُ منهنجو ٿو جلي
تون ڪٿي آهين پرين؟ مينهن ڪٿي مانڊاڻ آ،
جيءُ منهنجو ٿو جلي
موتيا مهڪن پيا، ڪيتري سرهاڻ آ،
جيءُ منهنجو ٿو جلي
رکيل مورائي
اُوندهه آويرا
پِرهه جا پيرا
چت اسان جي چائيا.
سُجهندي سَاجهر ويل جو، مَهڪايا ميرا.
پرهه جا پيرا
چت اسان جي چائيا.
آءُ وهاڻيءَ ويل ووءِ، وڃي ٿي ويرا.
پرهه جا پيرا
چت اسان جي چائيا.
چَس اُتر جي اُوت جي، چَکَن چَسيرا.
پرهه جا پيرا
چت اسان جي چائيا.
ها ها، پَنج وڳا پرين، ڀَڃي ڇو ڀيرا.
پرهه جا پيرا
چت اسان جي چائيا.
اطهر منگي
زندگي
شعر جو لکجي ٿو سو ڇپجي وڃي!
زندگيءَ جو قرض ڄڻ لَهجي وڃي!
زندگي ڪا شاعريءَ جي سٽ نه آ،
ٿورڙو ويچار جي لِکجي وڃي!
زندگي ڄڻ ڪو ٽَڪَرُ آ، ٽاڪڻو،
هِمتن سان نيٺ ٿو ٽڪجي وڃي!
زندگي آ، زهر جو پيالو ڀَريَلُ،
هر گهڙي، هر حال ٿو پيجي وڃي!
زندگي، ڪنهن ڪُنواري جي عصمت جيان،
سچ جي، سنڀالجي، لُٽجي وڃي!
زندگي جو قافلو، وڌندو رهي،
ڪو کڻي چاهي، نٿو رُڪجي وڃي!
زندگي، هڪ سمنڊ آهي جهاڳڻو،
حوصلي سان ڇا نه ٿو بڻجي وڃي!
زندگي، ڄڻ ڪا پرولي آ، پرين!
پر ماڻهو، سڀ ڪجهه آخر سمجهي وڃي!
زندگي جي راه ۾ اَطَهَرَ مِٺا!
جو ڪري نه سوچ، سو ڦُرجي وڃي!
اسلم احساس مري
غزل
توريءَ جڳ ۾ جيئندو آهيان،
زهر غمن جو پيئندو آهيان.
وار سنواري ڪڏهين ايندين!
اوسيئڙن ۾ رهندو آهيان.
آس اندر ۾ تڙپي ٿي پئي،
ساريون راتيون لڇندو آهيان.
تو آئي مهڪارون ٿينديون،
دل ئي دل ۾ کلندو آهيان.
ساريو آ ڪنهن هڏڪي ٿي آ،
سڏڪن ۾ ئي ڳرندو آهيان.
اونداهيءَ ۾ ٽانڊاڻي جيان،
ٽمڪي ٽمڪي ٻرندو آهيان.
مُرڪ ونڊيان پيو جڳ ۾ سائين،
ڏک نه ڪنهن کي ڏيندو آهيان.
تو بن بهار ائين لڳي ٿي،
ڄڻ ته سرءُ ۾ گهمندو آهيان.
عذارا جبين
آزاد نظم
هن نيري وشال،
آڪاش هيٺ،
سج منهنجي مٿان آهي
تپندڙ ڌرتي تي،
مسلسل
پيرين اُگهاڙي،
هلندي رهان ٿي،
پگهر ۾ شل،
پيرن ۾ لِڦون کڻي،
سج جي،
ٻرندڙ شَعلن کان
بچڻ لئه،
ڊوڙان ٿي،
وسيع ۽ کليل ميدانن ۾،
ان آسري تي،
ته نيٺ ڇانورو به ٿيندو
منهنجي مٿان،
پر جڏهن،
ڇانورو وڌي ٿو،
رات ڪاري رات ۾
ٻاٽ انڌڪار ۾،
ڪارا ڀُائتا،
پاڇولا،
پنهنجا وار پکيڙي
منهنجي چوڌاري،
وڪوڙجي وڃن ٿا،
تڏهن،
اِهي اونداهه جا پاڇولا،
ڏند ڪرٽي،
پنهنجي ڀوائتا کي
وڌيڪ ڀوائتو بنائين ٿا،
تڏهن مان،
پنهنجي وجود کي،
ٿڙڪندو ڏڪندو،
محسوس ڪيان ٿي،
خوف وچان،
اکيون ٻوٽي،
گهران ٿي دعا
اي خُدا،
ٻيهر نڪري اچي،
ساڳيو ٻرندڙ سج،
۽ منهنجي مٿان ٻرندو رهي.
الطاف حسين آگرو
سندر سپنا
اکيون بند ڪيان ٿو
سهڻا سندر سپنا پسان ٿو.
اکيون کوليان ٿو،
سهڻا سندر سپنا،
غائب ٿي وڃن ٿا،
ليڪندل کي تسلي ڏيان ٿو،
شايد!
ڪڏهن نه ڪڏهن
انهن سهڻن سندر سپنن کي
ساڀيا به ملندي.
متل جوڳي
عذاب
نه ڄاڻ،
اذيتن جي صليب تي،
پيڙانن جي وحشت ۾،
سُڏڪن جي سُڏِ سُڏِ ۾،
اوسيئڙي جي ڪنڌيءَ تي،
احساسن جي ماتمي جلوس ۾،
اميدن جي چَنڊَ ٻُڏڻ تي،
ويڳاڻپ جي صحرا ۾،
يادن جي پٿريلي پيچري تي،
”تنهنجي هٿن تي مينديءَ جا چِٽَ،
لال گلابي وڳو،
۽ شاديءَ جي پهرين راتِ“
ڪيڏو نه عذاب ڏيندڙ،
۽ ڀوائتي روپَ ۾ هوندا،
۽ نه ڄاڻ!!
27 تاريخ چَنڊَ جي،
ڪاري اوندهه جي پاڇي ۾،
تنهنجي شاديءَ جي پهرين رات،
ڪيئن گُذري هوندي.
نور احمد چاڪراڻي
غزل
اسان ئي زماني جي تقدير آهيون،
اسان ئي محبت جي تصوير آهيون.
محبت جا ڏيئا جلائي رکون رکون ٿا،
اسان ئي صداقت جي تنوير آهيون.
مسافر توهان جنهن به منزل جا آهيو،
اسان ڀي انهي جا ئي رهگير آهيون.
ڪڏهن به ڀُلجي ائين يار سمجهيو،
ته واريءَ تي پاتل ڪا لڪير آهيون.
خادم حسين همدم سروري
دلربا جونسڀ ادائون ڪارگر ٿينديون ويون
مست نظرون مہ لقا جون با اثر ٿينديون ويون
جي ملاقاتون ڪيوسين تن ڏنو دل کي سُڪون،
خوب کان سي يار جاني خوبتر ٿينديون ويون.
منهنجي اکين ڄاڻي واڻي بي بسي ظاهر ڪئي،
ناز مان هن جون نگاهون معبتر ٿينديون ويون.
دل سندم جون حسرتون قربانٿيون شام و سحر،
سي سڀئي دلبر اڳيان ڄڻ بي اثر ٿينديون ويون.
مون زمني جا سٺا صدما صنم جي واسطي،
پر جفائن تي جفائون ڇو مگر ٿينديونويون.
ڇا خبر هئي دل جي دنيا کي ڪندو برباد هئين،
شوخ نظررون بي وفا جون بي خبر ٿينديونويون.
اڄ اچانڪ يار جون مون سان نگاهون چار ٿيون،
زندگيءَ جون تلخيون شهد و شڪر ٿينديون ويون.
ٿيا ڀلارا ڀاڳ همدم جو ملئين اڄ چاهه سان،
غم سنديون راتيون سندم ڄڻ مختصر ٿينديون ويون.
شيرل نيڪ سروري
ڪافي
محبوب يار جاني،
ڪري اچ تون مهرباني
منهنجا پرين پيارا،
ساٿي سڄڻ سهارا،
محبوب يار مون کان،
ڪر ڪين تون ڪنارا،
دم تي نه ڀروسو آ،
دنيا سڄڻ آ فاني.
ڪري اچ ڪرم نوازي،
سهڻا سڄڻ ٿي راضي.
لاغرض ڪين ٿي تون،
مڃ منهنجي آزي نيازي،
تنهنجو نه جوڙ آهي،
تنهنجو نه مٽ ڪو ثاني.
منهنڙو نه تون مٽائج،
ناتو سڄڻ نڀائج،
نالي خدا جي رڻ ۾،
مون کي نه تون رلائج،
هر حال ۾ قبولي،
تنهنجي مون حڪمراني.
دلڙي ڇڏي تو ٽوڙي،
منهنڙو وئين تون موڙي،
روئي پيو ”نيڪ“ تولئه،
جنهن کي وئين وڇوڙي،
تولئه آ مست منهنجي،
دلڙي چري ديواني. |