آقائي دوجهان حضرت محمد مصطفى صلي الله عليہ وسلم
جن جو معراج
ممتاز ڀُٽو
اسسٽنٽ پروفيسر، سنڌ يونيورسٽي
قرآن شريف ۾ فرمايل آهي: ”سُبۡحَان الَّذِيۡ اَسرى بِعَبدِهٖ
لَيلاً مِنَ الۡمَسۡجِدِ الۡحَرامِ الي مسجد
الاَقصَى الَّذِي بَارَڪۡنَا حَولَہُ لِنُريۡہُ
مِنۡ آياتِنا اِنَّہُ هُوَ السَّمِيۡعُ
الۡبصِيۡرُ“ (01 17).
”پاڪائي آهي الله تعالى کي جنهن پنهنجي ٻانهي کي رات جو سير
ڪرايو مسجد الحرام کان مسجد القصى تائين. اسان بيت
المقدس جي چوڌاري برڪت ڪئي آهي. اسان هن کي باغن
باغيچن سان پنهنجا عجائبات ڏيکاريا، بيشڪ الله
تعالى ڏسندڙ ۽ ٻڌندڙ آهي.“
مٿينءَ آيت مان ظاهر ٿئي ٿو ته آقائي دوجهان حضرت محمد مصطفى
صلي الله عليہ وسلم جن جي مڪي کان بيت المقدس
تائين اها پهرين مسافري هئي، ۽ معراج جو غرض اهو
ئي هو ته کين الله تعالى جي قدرت جي ڪارخانن جو
ظاهر ظهور مشاهدو ڪرايو وڃي.
الله تبارڪ و تعالى انسان ذات جي سڌاري ۽ سنئين واٽ وٺي هلڻ جي
هدايت لاءِ جيڪي به نبي ۽ رسول هن دنيا ۾ موڪليا،
انهن مان هرهڪ پنهنجي منصب جي لحاظ کان ڪنهن خاص
وصف سان متصف هو. انهن نبين ۽ پيغمبرن سدائين
انسان ۽ انسانيت جي بهتري ۽ بهبوديءَ لاءِ ڪوششون
ڪيون آهن. انسان جي باهمي تعلقات کي خوشگوار بڻائي
معبود حقيقي جي عبادت ۽ اطاعت لاءِ آماده بڻايو.
هرهڪ دور ۾ سڀني پيغمبرن پنهنجو منصبي فرض نهايت
اعلى طريقي سان ادا ڪيو. قرآن حڪيم ۾ وضاحت ٿيل
آهي، ”الُّرُسل فَضّلنَا بَعضَهُمُ عَلى بعۡضُ“
جنهن جو مفهوم آهي ته رسولن جي وڍ ۾ ڪو به فرق نه
آهي، پر فضيلت جي لحاظ کان هڪڙن کي ٻين تي فضيلت
حاصل آهي.
حضور پاڪ حضرت محمد مصطفى صلي الله عليہ وسلم جن سڀني انبياء ۾
اعلى حيثيت ۽ مربتو رکن ٿا. پاڻ سڳورا نه صرف ڪنهن
مخصوص طبقي يا قوم جي هدايت ۽ اصلاح لاءِ تشريف
فرما ٿيا، پر الله تعالى کين ساري عالم انسانيت جي
هدايت ۽ اصلاح لاءِ رسالت جو تاج پهرائي موڪليو.
الله تعالى ان حقيقت جو اظهار هن ريت فرمايو:
”وَمَا اَرسلنَاڪَ اِلاَّ رَحمتہَ لِّلعَالَمِينَ“
(اي رسول) اان توکي جهانن جي لاءِ رحمت بڻائي
موڪليو آهي.
الله تعالى سڀني نبين ۽ رسولن جي زندگي ۾ ڪي اهم واقعا ۽ معجزا
ڏيکاريا، جيڪي انسانن جي ڌيان ڇڪائڻ ۾ وڏي اهميت
ٿا رکن ۽ جن جي وسيلي ماڻهن کي پختو يقين ٿيو ته
هي الله تعالى جا پيغمبر آهن.
حضرت نوح عليہ السلام کي الله تعالى جي طرفان طوفان جو معجزو
مليو. حضرت ابراهيم عليہ السلام جي مٿان باه جي
آڙاهه کي ٿڌو ڪيو ويو. حضرت موسى ڪليم الله کي
الله تعالى سان طورسينا جبل تي ڳالهائڻ جو شرف عطا
ٿيو ۽ کيس لٺ جو معجزو مليو، جيڪا هڪ خطرناڪ نانگ
ٿي پئي. اهڙيءَ طرح اسان جي پياري نبي حضرت محمد
مصطفى صلي الله عليہ وسلم خاتمُ الانبياء جن کي
سڀني پيغمبرن ۽ نبين ۾ اوچو مقام عطا ٿيو. الله جل
شانہ کين معراج جو شرف عطا ڪري، پنهنجي قدرتي
ڪارخانن جو سير ڪرائي کين ستن آسمانن، سدرة
المنتهى، عرش معلى، بهشت ۽ دوزخ اکين سان ڏيکاريو.
معراج جي معنى آهي مٿي چڙهڻ، اُڀ ڌي وڃڻ، پاڻ سڳورن پنهنجي
آسماني سفر جي باري ۾ اهي ئي لفظ ڪتب آندا آهن،
انهيءَ ڪري حضور پاڪ جن جي انهيءَ آسماني سفر کي
معراج سڏيو ويو آهي. مضمون جي شروعات ۾ قرآن مجيد
جي ڏنل آيت جو آخري حصو ”لِنُريَہُ مِنۡ آياتِنا“
معراج ڏانهن اشارو ڪري ٿو، جنهن ۾ حضور جن جسماني
۽ روحاني حالت ۾ الله تبارڪ و تعالى جي حڪم سان
وڃي قدرتي ڪارخانن جو اکين سان مشاهدو ڪيو.
سوره ”اسرى“، جنهن جي معنى آهي ”رات جو سفر ڪرڻ“، انهيءَ ڳالهه
جو ثبوت آهي ته حضور پاڪ صلي الله عليہ وسلم جن جو
معراج جسماني ۽ روحاني ٻنهي حالتن ۾ ٿيو.
اها هڪ حقيقت آهي ته پاڻ سڳورن کي دين جي تبليغ ڪرڻ ۾ جيڪي
تڪليفون درپيش آيون ۽ ڪافرن جي طرفان جيڪي ايذاءَ
پهتا، اهي اڳ ڪنهن به خدا جي پيغمبر کي نه پهتا
هوندا. الله تعالى جي طرفان حضور پاڪ جن تي جيڪو
دين جي تبليغ جو بار رکيو ويو، تنهن جي اشاعت
دوران طائف جي موقعي تي پاڻ سڳورن کي ايترو ته
رنجايو ويو جو الله تعالى جي حضور ۾ پنهنجي عاجزي،
ڪمزوري ۽ بي وسيءَ جي فرياد ڪئي. الله تعالى کين
وڏين تڪليفن جي بدلي ۾ وڏو مرتبو ڏئي، اڻ ڏٺل
حقيقتن کي، کين اکين سان ڏيکاري هدايت ۽ تسلي ڏني
۽ غيب جي حقيقتن جو مشاهدو ڪرايو.
پاڻ سڳورن جي لاءِ معراج ان ڪري به ضروري هو ڇاڪاڻ ته حضور جن
الله تبارڪ و تعالى جي طرفان دنيا ۾ آخري نبي ٿي
آيا. پاڻ سڳورن دين جي تبليغ، پختگي ۽ پائيداريءَ
لاءِ جيڪي ڪوششون ڪيون، ان لاءِ پختي ايمان ۽ يقين
جي ضرورت هئي ۽ جن اڻ ڏٺل حقيقتن جي دعوت پئي
ڏنائون. الله تعالى کين معراج تي گهرائي، قدرت جي
هر ڪارخاني کي اکين سان ڏيکاريو، جيئن سڄي عالم جي
اڳيان سموري ثبوت ۽ دليل سان اهو چئي سگهن، ته
جيڪي ڪجهه مان چئي رهيو آهيان، اهو وهم ۽ شڪ جي
بنياد تي نه پر عٿلم ۽ مشاهدي وٽان آهي. معراج جو
واقعو حضور پاڪ عليہ الصلواة و السلام جن جي حياتي
مبارڪ ۾ هڪ وڏو واقعو ٿي گذريو آهي. هن واقعي جي
جنهن تصديق ڪئي، ان کي ”صديق“ جو لقب حاصل ٿيو ۽
جنهن ان واقعي جو مذاق اُڏايو ۽ ڪوڙو سمجهيو، ان
کي ابوجهل ڪوٺيو ويو.
معراج متعلق قرآن شريف ۽ حديثن ۾ گهڻو ڪجهه فرمايل آهي، جن مان
حضور پاڪ جن جي جسماني معراج جي تصديق ٿئي ٿي.
جيئن شروع ۾ قرآن شريف جي ڏنل آيت ۾ واضح طور
ٻڌايو ويو آهي ته ”الله تعالى پنهنجي ٻانهي کي رات
جو سير ڪرايو“. هتي ڪٿي به روح جو ذڪر ٿيل نه آهي
۽ نه ئي حضور پاڪ جن معراج جي واقعي کي روحاني يا
خواب جي صورت ۾ واقع قرار ڏنو، تنهنڪري اهو يقيناً
جسماني معراج هو.
معراج متعلق جيڪا به تحقيق ٿي آهي، انهيءَ موجب محققن ۽ محدثن
جو بيان آهي ته حضور جن جو معراج، نبوت جي ٻارهين
سال، رجب مهيني جي ستاويهين تاريخ، سومر جي رات
ٿيو. معراج واري رات، سرور ڪونين حضرت محمد مصطفى
صلي الله عليہ وسلم جن پنهنجي سؤٽ، حضرت بيبي آم
هاني جي گهر ستا پيا هئا. بيبي اُم هاني حضڙت ابو
طالب جي نياڻي ۽ حضرت علي ڪرم الله وجهہ جي همشيره
هئي. هن بيبيءَ حضور پاڪ جن جي پرورش ڪئي هئي ۽
کين تمام گهڻو چاهيندي هئي. واقعي واري رات حضور
جن مسجد الحرام ۾ الله تعالى جي عبادت ڪري ۽ بيت
الله شريف جو طواف ڪري، حضرت بيبي اُم هاني جي گهر
وڃي آرامي ٿيا. اهو گهر شعيب بن ابي طالب ۾ هو،
جتي پاڻ سڳورن پنهنجن عزيزن سان قريشن جي قطع
تعلقات جو ٽي سال نهايت سختي ۽ ڪسمپرسيءَ ۾ گذاريا
هئا.
الله جل شانہ پنهنجي پياري نبيءَ کي معراج تي گهرائڻ لاءِ
پنهنجا فرمان ملائڪن کي ڏنا. حضرت جبرئيل کي حڪم
ڪيو ته اڄ محمد مصطفى صلي الله عليہ وسلم جي معراج
جو انتظام ڪر. بارگاه الاهي مان فرمان ٿيو ته اڄ
تسبيح ۽ تقديس اطاعت جو سڀ ڪم ڇڏي ميڪائيل کي حڪم
ڪر ته مخلوق جي روزي رزق کان ڪجهه صبر ڪري.
اسرافيل کي صور رکڻ لاءِ چئي عزرائيل کي حڪم ڪر ته
ڪجهه گهڙيون روحن کي قبضي ڪرڻ کان پاسو ڪري. بهشت
جي مالڪ رضوان کي چئه ته سموري بهشت جي غلمانن ۽
حورن کي محمد پاڪ جي استقبال ڪرڻ لاءِ صف به صف
بيهاري ڇڏي. عرش معلى جي حاملان کي چئو ته عرش
معلى کي اطلس مقدس سان ڍڪي، ڪرسيءَ تي قدوسي تاج
رکي. دوزخ جي مالڪ کي حڪم ڪر ته دوزخ جا دروازا
بند ڪري ڇڏي. سڀني نبين جي روحن کي حضرت آدم کان
وٺي حضرت عيسى تائين اطلاع ڏي ته الله تعالى محمد
پاڪ کي معراج تي گهرايو آهي، تنهن ڪري توهان سڀ
سندس استقبال لاءِ تيار ٿيو. بهشت مان تيز رفتار
براق سينگاري ستر هزار بهشتي ساڻ ڪري، سدرة
المنتهى کان مڪي معظم وڃ ۽ محمد پاڪ کي منهنجي
دربار اعلى ۾ وٺي اچ.
پاڻ سڳورا فرمائين ٿار ته مان بيبي اُم هاني جي گهر ستو پيو هئس
ته جبرئيل جي اچڻ تي جاڳي پيس. جبرئيل چيو ” ان
الله يقرئڪ السلام و هو يدعوڪ و آنا جمالڪ الي
الله تعالى ان يڪرمڪ يڪرامات لم يڪرم بها احدُ من
قبلڪ ولا يڪرم بها احد بعدڪ ولا سمعہ ولا خطر علي
قلب بشير قطعاً.“ ”الله تعالى تو کي سلام ٿو ڏئي.
هو تو کي گهرائي ٿو، آءُ توکي وٽس وٺي ويندس. هو
توکي پنهنجين اهڙين مهربانين سان نوازيندو، جو نه
هن کان اڳ ڪنهن سان ڪيون اٿس، نه وري توکان پوءِ
ڪنهن سان ڪندو. اهڙو نه ڪنهن ڪو ٻڌو هوندو ۽ نه
وري ڪنهن انسان جي دل ۾ چُڀيو هوندو.“
جبرئيل سان گڏ ٻيا ملائڪ ۽ سواري لاءِ هڪ جانور، جنهن کي ملائڪن
براق ڪري پئي سڏيو، جيڪو گهوڙي کان ڪجهه ننڍو هو ۽
سندس رانن تي پَرَ هئا، گڏ هو. بهشت جي مالڪ رضوان
عليہ السلام حضور پاڪ کي هڪ چوڪنڊي طشت پيش ڪئي
جنهن جي هر ڪنڊ تي موتين جو جڙاءُ هو ۽ جنهن جي
روشني چؤطرف پکڙيل هئي. ان طشت ۾ ٻه ياقوت جا
ڪؤلرا آب ڪوثر سان ڀريل رکيل هئا. پاڻ سڳرون ان
پاڻيءَ سان غسل ڪيو. ان بعد کين رضوان عليہ السلام
بهشت جي نوراني پوشاڪ پهرائي. حضرت جبرئيل، الله
تعالى جي حڪم موجب حضور پاڪ جن کي پهريائين مسجد
الحرام ۾ وٺي آيا، بيت الله جو طواف ڪري ۽ طواف جا
نفل پڙهي، حضور جن حطيم شريف ۾ ويٺا. اتي جبرئيل
امين پاڻ سڳورن جن جي ڇاتيءَ کي چاڪ ڏيئي سندن دل
مبارڪ آب زمزم سان ڌوئي سندن سيني ۾ واپس رکي ۽
خدائي نور، علم ۽ حڪمت کي سندن سيني ۾ ڀريو ۽ پوءِ
سيني کي بند ڪري ڇڏيو.
حضور پاڪ جن هونئن ئي معصوم ۽ پاڪ هئا، پر هتي رب پاڪ جو مقصد،
سندن دل کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ هو، جيئن قدرت جي
ڪارخانن کي سمجهڻ، ڏسڻ ۽ الله تعالى جي رعب و تاب
۽ الاهي نور جي تجلي ۽ جمال جو تاب سهي سگهن. ان
کان پوءِ پاڻ سونهارا مسجد کان ٻآهر آيا، جتي
اسرافيل، ميڪائيل، عزرائيل، هزارن ملائڪن سان گڏ
استقبال لاءِ بيٺا هئا. حضور جن کي براق تي
ويهاريو ويو، جنهن پنهنجا پَر .کوليا. سندس پَڙَ
مشرق ۽ مغرب ۾ پکڙجي ويا. حديثن ۾ فرمايل اُهي ته
براق جي جتي نظر ٿي پيئي، آني قدم پئي رکيائين.
اهڙيءَ طرح حضور سائين جن جو معراج جو سفر شروع
ٿيو. ساڻن گڏ چئن وڏن ملائڪن ۽ ٻين هزارن جي تعداد
۾ ملائڪن پرواز ڪئي. پهرين بيت المقدس ۾ پهتا.
مسجد اقصى ۾ حضرت آدم عليہ السلام کان حضرت عيسى
عليہ السلام تائين سڀئي انبياءَ ڪرام موجود هئا.
پاڻ سڳورن سڀني نبين جا امام ٿي ٻه رڪعت نماز
پڙهايائون. حضور سائين جن فرمائين ٿا ته نماز مان
فارغ ٿي، جڏهن براق تي سوار ٿيس ته براق آسمان
ڏانهن اُڏام شروع ڪئي ۽ اسين اچي پهرئين آسمان تي
پهتاسين. جبرئيل عليہ السلام آسمان جو دروازو
کڙڪايو، اندران آواز آيو ڪير ٿو سڏي. جبرئيل چيو:
مان آهيان. وري آواز آيو ٻيو ڪير آهي، جبرئيل چيو
محمد مصطفى احمد مجتبى صلي الله عليہ وسلم. اندران
جواب آيو هن کي مٿي اچڻ جو حڪم مليل آهي. پهرين
آسمان جي دربان ملڪ اسمائيل دروازو کولي هزارن
ملائڪن سان حضور پاڪ جن جي تعظيم بجا آندي. حضور
جن فرمائين ٿا ته آسمان ڏانهن ڏٺم ته ائين معلوم
ٿيو ڄڻ سائي رنگ جي موتين جو جڙيل آهي. هزارين
ملائڪ صفون ٺاهي پنهنجين تسبيحن ۾ مصروف هئا ۽ اتي
سفيد موتين جي تخت تي حضرت آدم عليہ السلام ويٺو
هو، جنهن کي نوراني لباس پهريل هو. منهنجي مرحبا
ڪندي پيشانيءَ تي چميون ڏئي چيائين، ”مرحبا يا ابن
الصالح و النبي الصالح الحمد الله الذي اڪرمڪ و
جعلڪ من نسلي“ (ڀلي آئين صالح پٽ، صالح نبي، شڪر
آهي الله تعالى جو جنهن توکي ايڏي تعظيم ڏني ۽
توکي منهنجي اولاد مان ڪيو). حضور جن فرمائين ٿا
ته حضرت آدم جي کاٻي ۽ ساڄي پاسي دروازا هئا. جنهن
مهل نگاهه ساڄي پاسي پئي وئي ته خوش پئي ٿيا، جنهن
وقت کاٻي طرف پئي ڏٺائون ته سندس منهن تي ڏک جا
آثار پئي نظر آيا. منهنجي پڇا ڪرڻ تي ٻڌايائون ته
ساڄي پاسي وارو دروازو بهشت ڏانهن وڃي ٿو، انهن ۾
منهنجو اولاد آهي جنهنڪري خوش ٿو ٿيان ۽ کاٻي پاسي
دوزخ آهي اتي به منهنجو اولاد آهي جنلاءِ ڏک ٿو
محسوس ڪيان.
پاڻ سڳورا فرمائين ٿا ته ان کان پوءِ ٻئي آسمان تي پهتاسين.
دربانِ آسمان سان ساڳي قسم جي گفتگو کان پوءِ اندر
پهتاسين، جتي حضرت عيسى عليہ السلام ۽ حضرت يحى
عليہ السلام سان ملاقات ٿي. ٽئين آسمان تي حضرت
يوسف عليہ السلام، حضرت داؤد عليہ السلام ۽ حضرت
سليمان عليہ السلام سان ملاقات ٿي. چوٿين آسمان تي
حضرت موسى عليہ السلام مرحبا لاءِ بيٺو هو. پنجين
آسمان تي استقبال لاءِ، حضرت ابراهيم، حضرت اسحاق،
حضرت اسماعيل، حضرت لوط ۽ حضرت يعقوب عليہ السلام
جن هئا. ڇهين آسمان تي حضور جن فرمائين ٿا ته
هزارن ملائڪن تعظيم ۽ تڪريم بجا آندي ۽ آسمان جا
عجائبات ڏٺم. ستين آسمان تي هزارن جي تعداد ۾
ملائڪ تسبيح ۾ مشغول هئا. سندن تسبيح هئي ”سبحانڪ
ما اعظم شانڪ“ (توکي پاڪائي آهي تنهنجو ڪهڙو نه
وڏو شان آهي). پاڻ سڳورا فرمائين ٿا ته ان کان
پوءِ جبرئيل مون کي ”سدرة المنتهى“ تائين آندو،
جيڪو جبرئيل جو مقام آهي. اتي هڪ نور جي ڪرسي رکيل
هئي، جا خاص حضور جن جي نالي هئي. حضور پاڪ جن کي
جبرئيل امين ان ڪرسيءَ تي ويهڻ لاءِ چيو. انهيءَ
ڪرسيءَ جي سامهون ٻيون به ڪيئي ڪرسيون پيل هيون.
هڪ ڪرسيءَ تي تورات، ٻيءَ تي انجيل، ٽئين تي زبور
۽ چوٿين تي قرآن شريف رکيل هو. ملائڪن قرآن شريف
جي تلاوت پئي ڪئي. جبرئيل امين ” بيت المعمور“ ۾،
جيڪو ملائڪن جو ڪعبو هو، نماز پڙهڻ لاءِ چيو، سڀني
ملائڪن پٺيان تابعداري ڪئي.
سدرة المنتهى، جنهن جي لاءِ قرآن شريف ۾ فرمايل آهي، ”اِذ يغشَى
السِدرَةَ مَا يغشَى) (خدا تعالى جي رحمت کي سدرة
المنتهى کي جيترو ڍڪڻو هو، اوترو ڍڪيو آهي) سدرة
المنتهى لاءِ ڪيئي روايتون بيان ٿيل آهن. پاڻ
سڳورا فرمائين ٿا ته سدرة المنتهى جي شاخن جي ڇانو
سان سون جون آهن ۽ ميوو مٽ جيڏو آهي. هڪ روايت آهي
ته سدرة المنتهى جون پاڙون ڇهين آسمان ۾ آهن ۽
شاخون ستين آسمان تي. هتي رب پاڪ جي رحمت جي انتها
آهي، سڄي دنيا جو علم هتي اچي پورو ٿئي ٿو.
پاڻ سڳورا فرمائين ٿا ته سدرة المنتهى مان پنج نديون پئي
نڪتيون. جبرئيل کان پڇا ڪرڻ تي معلوم ٿيو ته ٻه
ندين بهشت ڏانهن ٿيون وڃن، جن مان هڪ نيل ۽ ٻي
فرات آهي. پنجين ندي جنهن جا ڪنارا ياقت ۽ موتين
جا هئا ۽ جنهن جي ڀرسان عمدار ڪوزا ۽ گلاس رکيل
هئا، تنهن لاءِ جبرئيل ٻڌايو ته اها ”ڪوثر“ آهي.
حضرت انس رضي الله عنہ روايت ڪري ٿو ته خدا جي
رسول حضرت محمد مصطفى صلي الله عليہ وسلم جن کان
پچيو ويو ته ڪوثر ڇا آهي؟ فرمايائون، هڪ نهر آهي
جيڪا الله پاڪ مون کي جنت ۾ عطا ڪئي آهي، جنهن جو
پاڻي کير کان به اڇو ۽ ماکيءَ کان به وڌيڪ مٺو
آهي. حضور پاڪ جن کي رب پاڪ پنهنجي رحمت سان
مالامال ڪندي قرآن شريف ۾ فرمايو آهي ”اِنَّا
اَعطَيۡنَاڪَ الڪَوثَر“ (اسان توکي ڪوثر عطا ڪيو
آهي).
سدرة المنتهى تي هڪ نوراني ڏولي لٿي. حضور جن فرمائين ٿا ته اتي
جبرئيل مون کي چيو ته اڳٿي وڃڻ جي ڪنهن کي به
اجازت نه آهي ۽ نه ڪنهن کي خبر آهي ته اڳيا ڇا
آهي. تون اڳتي وڃ، الله تعالى وٽ تنهنجي عزت مون
کان وڌيڪ آهي ۽ اڳيان وڃڻ جي اجازت صرف توکي آهي.
پاڻ سڳورا فرمائين ٿا ته ان کانپوءِ مان عرش معلى تي پهتس، جنهن
جي عظمت ۽ جلال بيان کان ٻاهر آهي. حڪم ٿيو ”اُدنِ
اِلىَّ“ (منهنجي ويجهو اچ) قدم اڳتي پئي رکيم.
اهڙي طرح جيئن جيئن حڪم ٿيندو پئي ويو، قدم اڳتي
وڌائيندو پئي ويس، تان جو ٻنهي ۾ فرق وڃي ٻن ڪمانن
جو بيٺو، جنهن لاءِ قرآن پاڪ ۾ ذڪر ٿيل آهي.
”فَنڪانَ قَاقبَ قَوسيَنِ آو آدنى فَاَوحى اِلى
عَبد مَا اَو حى“ (سوره والنجم) (پوءِ هو قدر ٻن
جو فن ڪمان جو يا اڃان به ويجهو. پوءِ پنهنجي
ٻانهي تي جيڪي وحي ڪرڻو هئائين ڪيائين) صحح مسلم ۾
حديث آهي، ”رَ آيتُ رَبي بِعَينِي وَ قَلبِي ”مون
پنهنجي رپ کي پنهنجين اکين ۽ دل سان ڏٺو. حضرت حسن
بصري عليہ الرحمة قسم کائي ٻڌائيندو هو ته محمد
مصطفى صلي الله عليہ وسلم معراج واري رات، رب پاڪ
کي پنهنجين اکين سان ڏٺو. حضرت عبدالله ابن عباس
رضي الله کان مروي آهي ته الله تعالى حضرت ابراهيم
عليہ السلام کي پنهنجي ڪلام سان ۽ سيد عالم حضرت
محمد مصطفى کي پنهنجي ديدار جو شرف عطا ڪيو. ڪعب
رضه فرمايو آهي ته الله تعالى حضرت موسى عليہ
السلام ٻه دفعا ڪلام ڪرڻ فرمايو ۽ حضرت محمد مصطفى
صلي الله عليہ وسلم جن الله پاڪ کي ٻه دفعا ڏٺو
(ترمذي).
حضور پاڪ جن الله پاڪ جل سانہ جي درٻار اعلى ۾ پهچي هيٺيان لفظ
اد ڪيا، جيڪي اجھ تائين مسلمان هر نمز ۾ ادا ڪن
ته: ”اَلتَّحِيَّاتُ لِلهِ وَ الصَّلَوَاةُ وَ
الَّطيَّبَات“ (سموريون عبادتون مالي خواه بدني،
سموريون تعريفون ۽ ثنائون خاص الله تعالى جي لاءِ
آهن) الله تعالى پنهنجي محبوب جي جواب ۾ فرمايو:
”اَالسَّلَامُ عَلَيڪَ اَيُّهَا النَّبِيُّ وَ
رَحمَتُ اللهِ وَبَرَڪاتُہ“ (الله تعالى جون
رحمتون ۽ برڪتون ۽ سلام توتي نازل آهن اي نبي.)
الله تعالى جي ملائڪن، ملڪوت ۽ جبروت چيو: ”اَشهَدُ اَن لاَّ
اِللهَ اِلاَّ اللهُ وَ اَشهَدُ اَنَّ مُحَمَّداً
عَبدُه وَ رَسُولُہ.“
حضور جن فرمائين ٿا ته ” اتي رب پاڪ کي جيڪي ڪجهه سمجهائڻو هو
سو سمجهايائين ۽ جيڪي ڪجهه منهنجي دل ۾ وجهڻو هوس
سو وڌائين. پنهنجي (قدرت جي) تري منهنجي ٻنهي ڪلهن
جي وچ ۾ رکيائين، جنهن جي ٿڌاڻ مون سيني تي محسوس
ڪئي. پوءِ جيڪي به آسمانن ۽ زمينن ۾ آهي ۽ هو اهو
سڀ ڄاتم“. ان کانپوءِ حضور پاڪ جن ملائڪن جي
سامهون فرمايو: گناهن کي مٽائيندڙ هي آهن: سخت
سرديءَ ۾ ڪامل وضو ڪرڻ، نماز جي لاءِ پرين پنڌ
وڃڻ، هڪ نماز پڙهي ٻيءَ نماز جو انتظار ڪرڻ. الله
پاڪ جي عذاب کان ڇڏائيندڙ هي آهن: لڪ ۾ توڙي ظاهر
۾ الله تعالى جو خوف، شاهوڪاري توڙِ غريبيءَ ۾
درميانگي، ڪاوڙ توڙِ خوشيءَ ۾ انصاف ڪرڻ. الله
تعالى وٽ بندي جو درجو بلند ڪندڙ هي آهن: الله
تعالى جي نالي ۾ طعام ڏيڻ، واقف اڻ واقف کي سلام
ڪرڻ، رات جو جڏهن ماڻهو ننڊ پيا هجن ان وقت نماز
پڙهڻ. هلاڪ ڪندڙ شيون هي آهن! بخل جنهن جي
تابعداري ڪئي وڃي، مرد جو پنهنجي نفس تي فخر ڪرڻ،
بخل ۽ تڪبر ٻئي هلاڪ ڪندڙ شيون آهن. الله تعالى
پنهنجي پياري نبي جونڳالهيون ٻڌي فرمايو: ”صدقت
عبدي“ سچ چيو تو منهنجا ٻانها.
الله پاڪ پنهنجي حبيب کي معراج تي گهرائي، مسلمانن لاءِ نماز جا
وقت متعين ڪيا. تنهن کانسواءِ دعوت ۽ تبليغ جي هڪ
مرحلي کان ٻئي مرحلي ۾ داخل ٿيڻ لاءِ هداتون
فرمايون. سوره اسرى (بني اسرائيل) جنهن ۾ معراج جو
واقعو تفصيل سان بيان ٿيل آهي، ان ۾ اسلامي رياست
جا چوڏهن اصول پڻ ڏنا ويا آهن.
پاڻ سڳورا فرمائين ٿا ته ان بعد رب پاڪ مون کي بهشت ۽ دوزخ کي
ڏسڻ لاءِ فرمايو. جبرئيل مون کي بهشت جي دروازي تي
وٺي آيو، جتي بهشت جي دربان رضوان مون کي بهشت جو
سير ڪرايو. اٺ بهشت آهن، مون اٺن ئي بهشتن جو سير
ڪيو، جتي ڪيئي محل، باغ، باغيچا، نهرون ۽ ٻيون
ڪيئي الله پاڪ جون نعمتون موجود هيون. بهشت جون
نهرون صاف پاڻيءَ جون هيون. ڪي نهرون کير جون
هيون، ڪي نهرون شراباً طهوراً جون هيون ۽ ڪي صاف
ماکيءَ جون هيون. حضور جن فرمائين ٿا ته اتي مون
پنهنجي اصحابن، ابوبڪر صديق، عمر فاروق، عثمان غني
۽ علي رضه جون محلاتون به ڏٺيون. انوقت جبرئيل هڪ
شعر پڙهيو، جنهن جو مطلب هو بي شڪ بهشت ۾ کير جي
نهر آهي، جا علي ڪرم الله وجہ ۽ امام حسن ۽ حسين
لاءِ آهي. انوقت رب پاڪ جو فرمان ٿيو، ”اي محمد،
اهو بهشت تنهنجن دوستن ۽ امتين لاءِ آهي ۽ تنهنجن
دشمنن لاءِ حرام آهي.“
حضور جن فرمائين ٿا ته ان کانپوءِ دوزخ ڏسڻ ويس. ڪل ست دوزخ
آهن،جيڪي مختلف گنهگارن لاءِ رکيل آهن. هر طبقي ۾
هڪ ٻئي کان وڌيڪ باه جا درياه هئا. انهن ۾ جيڪڏهن
ست ئي زمينون ۽ ست ئي آسمان اڇلائجن ته پتو ئي نه
پوي ته ڪيڏانهن ويا. باه جي دريائن جا ڌڌڪا اهڙا
ته هيبتناڪ هئا، جو جيڪڏهن اهي آواز دنيا ۾ پهچن
ته ڪو به ساهه وارو جيئرو رهي نه سگهي. اتي پاڻ
ڪريمن دعا گهري: ”اي الله! تنهنجي بخشش سان تنهنجي
عذاب کان معافي ٿو گهران، تنهنجي ڏمر کان معافي ٿو
گهران، مان تنهنجي تعريف نٿو ڪري سگهان، جيئن تون
پنهنجي پاڻ ٿو تعريف ڪرين.“
الاهي فرمان ٿيو ”اي محمد، هاڻي وڃي خلق کي ايمان جي دعوت ڏي.
کين بهشت جي مبارڪ ڏي ۽ دوزخ جي عذاب کان ڊڄار. ڏک
جي وقت مون کي ياد ڪر جو مان تنهنجي ساهه کان توکي
ويجهو آهيان. مظلوم جي پِٽَ کان ڊڄ، سختيءَ تي صبر
ڪر، وڏائي ۽ دشمنيءَ کان پرهيز ڪر، دنيا تي مغرور
نه ٿيءُ“
حضور جن فرمائين ٿا ته مون بارگاه الاهي ۾ عرض ڪيو، يا رحمت
اللعالمين، معراج جي رات ۾ اُهي ڳالهيون جيڪي مون
کي عطا ٿيون آهن، تنت ڪير يقين ڪندو.فرمان
ٿيو”يُصَدقَ اَبوبَڪر الِصديقِ“ (ابوبڪر صديق
تنهنجي تصديق ڪندو پوءِ ٻيا به تصديق ڪندا).
آقائي دوجهان جنهن جي ذات جامع الصفات ۽ بهترين انساني اوصاف جو
مجموعو آهي، جنهن کي الله تعالى پنهنجي فضل و ڪرم
۽ ڪمال فياضي سان نوازيو، صبح سان اهو واقعو
پنهنجي سوٽ بيبي اُم هاني کي ٻڌايو، جنهن کيس منع
ڪئي ته ان واقعي جو ذڪر ٻئي سان نه ڪري، پرحضور
سائين جن تي ته الله پاڪ طرفان ان واقعي جي عام
ماڻهن سان ذڪر ڪرڻ فرض ڪيو ويو.
جڏهن معراج جي ڳالهه مشهور ٿي، تڏهن ڪيترا ماڻهو انڪار ڪرڻ لڳا
۽ چوڻ لڳا ائين ڪيئن هوندو؟ حضور پاڪ جن جڏهن ان
واقعي جو ذڪر حضرت ابوبڪر سان ڪيو ته هن يڪدم چيو
”صدقتَ“ (سچ ٿو چوين). ابوجهل حضور جن جي ڳالهين
کي ڪوڙو سمجهندي کانئن بيت المقدس جا نشان پڇيا.
پاڻ سڳورا هڪ هڪ دروازي جو بيان ٻڌائڻ لڳا، ته
مجبوراً ابوجهل ۽ سندس ساٿين تصديق پئي ڪئي ۽
شرمسار ٿيڻ لڳا. ابوبڪر صديق بي اختيار چوڻ لڳو
”صدقت اَشهد انڪ الرسول الله“ (سچ ٿا فرمايو، ما
گواهي ٿو ڏيان ته بيشڪتوهين الله جا رسول آهيو.)
شب معراج، اهل ايمان وارن لاءِ هڪ ثبوت آهي ته پاڻ سڳورا جيڪو
ڪجهه فرمائين ٿا، سچ ٿا فرمائين. سندن هر ڪلام
قرآن پاڪ جو ڪلام آهي.
جڳ جو مطلوب مصطفى تون آن
تون ئي رهبر ۽ رهنما تون آن
تو سان انسانيت کي شان مليو
ساري عالم جو پيشوا تون آن (اياز قادري)
مددي ڪتابن جي فهرست
قرآن شريف.
مولوي محمد عظيم شيدا: ”سيرت مصطفى“ سنڌي ادبي بورڊ،حيدرآباد
سنڌ، 1396/1976ع.
مولانا ابوالحامد حڪيم فتح محمد سيوهاڻي: ”حيات النبي“ سنڌي
ادبي بورڊ، 1956ع.
مترجم، مولوي نذير الحق صاحب ميرٺي ۽ مولانا مفتي عبدالعزيز
خطيب جامع مزنگ لاهور، حديثن جي يارهن ڪتابن
مشڪوات شريف جو ترجمو. ”مظاهر حق“اشاعت منزل
لاهور.
مترجم: ابويحى امام خان نوشهري ”حيات محمد صلعم“ مرتبه استاد
محمد حسين هيڪل مصرف، اداره ثقافت اسلاميه لاهور
1955ع.
شڪيل ممتاز: ”قصص الانبياء“، زاهد بشير پرنٽرز لاهور.
سيد مناظر احسن گيلاني: ”النبي الخاتم صلي الله عليہ وسلم“
مڪتبہ رشيديه لاهور.
Hafiz Ghulam SarwarL Muhammad the Holy Prophet, Sh: Muhammad
Ashraf, Lahore 1964.
پروفيسر مريم سلطانه نوحاڻي، ”معراج مصطفى صلي الله عليہ“،
مقاله سيرت ڪانفرنس اپوا سنڌ حيدرآباد 1407 هه/1987ع. |