خان محمد پنهور سان رهاڻ
(ادبي رپورٽ)
مهراڻ آرٽس ڪائونسل حيدرآباد طرفان مخلص علمي خدمتگذار، سنڌ جي
نامياري اديب، ۽ سنڌ ڳوٺ سڌار تنظيم جي باني جناب
خان محمد پنهور سان 21 مئي 1989ع تي سنڌ عجائب گهر
حيدرآباد ۾ هڪ رهاڻي رچائي ويئي. هن رهاڻ ۾ اديبن،
شاعرن ۽ دانشورن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. هن رهاڻ ۾
مک مهمان سيڪريٽري ثقافت ۽ سياحت سنڌ محترمہ مهتاب
اڪبر راشدي هئي.
پروگرام جو آغاز قرآن پاڪ جي تلاوت سان ڪيو ويو. تلاوت سيڪريٽري
مهراڻ آرٽس ڪائونسل عبدالرزاق چانڊئي ڪئي. ان سان
گڏوگڏ پان ڪمپيئرنگ جا فرائش به انجام ڏنائون ۽
پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي سنڌ يونيورسٽيءَ کي
اپيل ڪئي ته هن قومي مقصد لاءِ اڳتي اچن ۽ گهٽ ۾
گهٽ پنهنجي هڪ ڏينهن جي پگهار پنهنجي ساٿي استاد
جناب خان محمد پنهور کي ڏيئي هڪ زنده قوم جو وڻندڙ
ثبوت پيش ڪن. هن پنهنجي تقرير ۾ مهراڻ آرٽس
ڪائونسل پاران سندن اداري ۾ ڪم ڪندڙ سڀني ملازمن
جي هڪ ڏينهن جي پگهار مسٽر خان محمد پنهور کي ڏيڻ
جو پڻ اعلان ڪيو. هن پنهنجي تقرير جي آخر ۾
سيڪريٽري ثقافت ۽ سياحت محترمہ مهتاب اڪبر راشدي
صاحب جن جو ٿورو مڃيندي چيو ته سندس مدد ۽ تعاون
سان مهراڻ آرٽس ڪائونسل هي هڪ قدم اڳتي وڌائي سگهي
آهي. ان بعد جناب خدا بخش جويي پنهنجي خيالن جو
اظهار ڪندي چيو ته خان محمد پنهور جهڙا ماڻهو
ورهين کان پوءِ پيدا ٿيندا آهن. هن پنهنجي تقرير
۾ خان محمد پنهور جي شخصيت تي روشني وجهندي چيو ته
هي هڪ مخصل اديب، ليکڪ ۽ دانشور آهي ۽ سنڌ جو
سرمايو آهي. ههڙن اديبن کي هن حال ۾ اچڻ کان بچايو
وڃي ۽ سندن فوري علاج ڪرائي جان بچائي وڃي. هن آخر
۾ چيو ته اسان سڀني جون دعائون جناب خان محمد
پنهور سان شامل آهن ۽ الله کيس وڏي حياتي نصيب
ڪري. ان بعد رسالي نئين زندگي جي ايڊيٽر جناب عابد
لغاري پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته مون کي
دلي خوشي ٿي آهي جو ثقافت کاتي پاران هي سٺو قدم
کنيو پيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته ٻين ادارن کي گهرجي
ته هن ڀلائيءَ واري ڪم ۾ هٿ ونڊائين ۽ غريب ۽
نادار اديبن جي خدمت ڪن. هن چيو ته مان سيڪريٽري
مهراڻ آرٽس ڪائونسل ۽ سندس ٻئي عملي کي مبارڪباد
پيش ڪريان ٿو، جنهن هن اديب جي بيماريءَ واري حال
کي ڏسندي مالي مدد ڪرڻ ضروري سمجهي آهي. ان کان
پوءِ سنڌ ميوزيم جي ڊئريڪٽر جناب ظفر ڪاظمي چيو ته
جيتوڻيڪ ثقافت ۽ سياحت کاتي جناب خان محمد پنهور
جي مالي مدد ڪرڻ ضروري سمجهيو، پر جيڪڏهن ٻيا
ادارا به نادار ليکڪن جي مدد ڪن ته بهتر ٿيندو. هن
چيو ته مان سمجهان ٿو ته خان محمد پنهور سنڌ لاءِ
نه پر پوري پاڪستان لاءِ هڪ وڏو قيمتي اثاثو آهي ۽
ههڙا ماڻهو بار بار ڪونه پيدا ٿيندا آهن ۽ اسان
سڀني کي گهرجي ته پنهنجي ثقافت جي رسيءَ کي مضبوط
ڪريون ۽ جيڪڏهن ههڙن اديبن ۽ دانشورن کي هن حال تي
ڇڏي ڏبو ته مان سمجهان ٿو ته اهو اسان جي ادب جي
تاريخ تي هڪ بددنما داغ ثابت ٿيندو. ان کان پوءِ
ممتاز اديب جناب حميد سنڌي کي تقرير ڪرڻ لاءِ چيو
ويو. حميد صاحب پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته
جيستائين اديبن، ليکڪن، شاعرن ۽ فنڪارن جي مالي
مدد ڪرڻ لاءِ ڪو ادارو يا ٽرسٽ قائم نه ڪيو ويندو،
تيستائين هي مسئلا ختم ٿي نه سگهندا. هن وڌيڪ چيو
ته هن مسئلي جو موثر ۽ واحد حل اهو ئي آهي ته ڪو
اهڙو ادارو قائم ڪيو وڃي، جنهن ۾ فنڊ جمع ڪري انهن
جمع ٿيل فنڊن مان فوري خدمت ڪئي وڃي ته اديب ۽
شاعر هن مالي مشڪلات مان نجات حاصل ڪري سگهندا ۽
پوءِ اهڙو ڪوبه اديب، ليکڪ ۽ دانشور هن حال ۾
بيمار نه رهندو ۽ سٺي زندگي گذاري سگهندو.
سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽري جناب حبيب الله صديقي پنهنجي تقرير
۾ مسٽر خان محمد پنهور کي سندس اڻٿڪ ۽ بي لوث علمي
ادبي ثقافتي صحافتي خدمتن تي خراج تسحسين پيش ڪيو
۽ چيو ته اهڙي مثالي ۽ ڪارگر انسان جي حياتي بچائڻ
لاءِ هر حيلو وسيلو ڪرڻ گرهجي. مهراڻ آرٽ ڪائونسل
جس کٽيو آهي، جو هن نيڪ ڪم جي ابتدا ڪئي آهي.
سياحت ۽ ثقافت جو کاتو ميڊم مهتاب اڪبر راشدي جهڙي
دل ۽ دماغ جي صلآهيتن جي صاحبه جي سربراهيءَ هيٺ
اميد آهي ته هن سلسلي ۾ اڃا به گهڻو ڪجهه ڪندو ۽
پاڻ ملهائيندو.
ان کان پوءِ سيڪريٽري ثقافت ۽ سياحت سنڌ، محترمہ مهتاب اڪبر
راشدي پنهنجي تقرير ۾ چيو ته مون کي هن ڊپارٽمينٽ
۾ اڃا آئي ٿورو وقت ٿيو آهي ۽ هن ٿوري وقت ۾ اسان
کان جيڪو ڪجهه ٿي سگهيو سو اسان ڪيو آهي ۽ انشاءَ
الله آئنده به ڪندا رهنداسين. محترمہ وڌيڪ چيو ته
هن سلسلي ۾ اسان ڪوشش ڪري هڪ اهڙو حل ڪڍڻ جي ڪوشش
ڪنداسين جنهن ساڻ نادار اديبن ۽ شاعرن، فنڪارن ۽
سگهڙن جي جيترو به ٿي سگهي، خدمت ڪري سگهجي. هن
وڌيڪ چيو ته اسان جي وڌ ۾ وڌ اها ڪوشش هوندي ته
اسان اهڙو وقت اچڻ ئي نه ڏيون، جو ڪنهن کي مالي
مشڪلاتن جو شڪار ٿيڻو پوي، ان ڪري اسان ڪو اهڙو
ادارو يا ٽرسٽ کولڻ جي ڪوشش ڪنداسين، جنهن سان
مستقل خدمت ٿي سگهي. هن وڌيڪ چيو ته هن وقت شيخ
اياز، خان محمد پنهور ۽ استاد محمد جمن جي پرڏيهه
۾ علاج ڪرائڻ لاءِ بندوبست ڪيو پيو وڃي ۽ انشاءَ
الله جلد هنن جو علاج ڪرايو ويندو. هن پنهنجي
تقرير ۾ مهراڻ آرٽس ڪائونسل حيدرآباد پاران جناب
خان محمد پنهور جا لکيل ڪالم ”ويچار“ کي ڪتابي
صورت ۾ محڪمه ثقافت ۽ سياحت پاران ڇپرائڻ جو پڻ
اعلان ڪيو.
ان کان علاوه مئڊم صاحبه ثقافت کاتي ۾ ڪم ڪندڙ سڀني ملازمن جي
هڪ ڏينهن جي پگهار جناب خان محمد پنهورکي ڏيڻ جو
به اعلان ڪيو. ان کان پوءِ جناب خان محمد پنهور کي
تقرير ڪرڻ لاءِ چيو ويو، جنهن پنهنجي تقرير ۾ چيو
ته منهنجي دلي خواهش آهي ته الله تعالى مون کي
زندگي بخشي ته جيئن مان پنهنجي سنڌ ۽ پنهنجي قوم
جي وڌيڪ خدمت ڪري سگهان. هن وڌيڪ چيو ته مون کي
ڳوٺاڻي زندگيءَ سان نهايت گهڻي محبت آهي ۽ مان
ڳوٺاڻي زندگيءَ کي بهترين بنائڻ لاءِ مخلصانه
ڪوششون ڪيون ۽ اڃا به ڪرڻ گهران ٿو. هن وڌيڪ چيو
ته مان ثقافت کاتي جو نهايت ئي ٿورائتو آهيان، جو
مهراڻ آرٽس ڪائونسل طرفان مون لاءِ پنجاهه هزار
روپين ۽ پنهنجي محڪمي طرفان سڀني ملازمن جي هڪ
ڏينهن جي پگهار ڏيڻ جي عنايت ڪري منهنجي مالي مدد
ڪئي آهي. آخر ۾ هن سيڪريٽري ثقافت محترمہ مهتاب
اڪبر راشدي صاحبه ۽ سيڪريٽري مهران آرٽس ڪائونسل
عبدالرزاق چانڊئي جا ٿورا مڃيندي چيو ته مان هنن
جو ٿورائتو آهيان جو هنن مون کي ان قابل سمجهي
منهنجي مدد ڪئي آهي. ان کانپوءِ سيڪريٽري ثقافت ۽
سياحت محترمہ مهتاب اڪبر راشدي، مهراڻ آرٽس
ڪائونسل پاران جناب خان محمد پنهور کي پنجاهه هزار
رپين جو چيڪ پيش ڪيو. پروگرام جي آخر ۾ ڊئريڪٽر
انفارميشن حيدرآباد، جناب اين- ڊي- جتوئي پنهنجي
ڊئريڪٽوريٽ ۾ ڪم ڪندڙ سڀني ملازمن جي هڪ ڏينهن جي
پگهار جناب خان محمد پنهور کي ڏيڻ جو اعلان ڪيو.
ان بعد هن رهاڻ ۾ آيل سڀني مهمانن جي خاطر تواضع
ڪئي ويئي ۽ ائين هي پروگرام تقريباً نائين وڳي
پنهنجي پڄاڻيءَ کي پهتو.
- عبدالرزاق چانڊيو
رفتار ادب
(تبصرو)
او ڪو ٻيو فهم
سلام آهي سنڌ جي سونهاريءَ ڌرتيءَ تي، جنهن جي ڪُکِ مان علامہ
آءِ. آءِ. قاضي جهڙي جڳ مشهور ڏاهي، ممتاز فيلسوف،
سائنسي توڙي سماجي علوم جي معروف عالم، عظيم استاد
۽ تعليمي ماهر ۽ اعلى درجي جي هڪ آفاقي ۽ آدرشي
انسان جنم ورتو. سندس ورهين جي فڪر و رياض جي
نتيجي ۾ جيڪي گرانقدر گوهر رونما ٿيا، سي اسان جي
ڪوتاهين سبب اڃا تائين ٽڙيا پکڙيا پيا آهن. سندس
سترهن چونڊ املهه ماڻڪ ۽ موتي، مضمون ۽ تقريرون،
پهريون ڀيرو سنڌي ٻوليءَ جي هڪ معياري ڪتاب ”او ڪو
ٻيو فهم“ جي قالب ۾ سهيڙي پيش ڪيا ويا آهن. سڪ، سچ
۽ سونهن جي انهيءَ پورهئي تي، سنڌ فلاسافيڪل
سوسائٽيءَ جا عهديدار، سڀني سنڌي ماڻهن جي دلي
تشڪر ۽ مبارڪباد جا مستحق آهن.
علامه قاضي صاحب جن پنهنجي تقرير ”قبرستان ۽ ڪتبخانا“ ۾ فرمايو
آهي ته ”جڏهن هڪ قوم ڪو معياري ڪتاب پيدا نٿي ڪري
سگهي، ته پوءِ اها قوم حقيقت ۾ هڪ گونگن ۽ ٻوڙن جي
قوم آهي، اها هڪ جانورن جي قوم آهي.“ منهنجي نظر ۾
”او ڪو ٻيو فهم“ جهڙو معياري ڪتاب، علامه صاحب جن
جي انهيءَ آدرشن جي پوئواري ۾ هڪ ڀرپور موٽ آهي،
جا ثابت ڪري ٿي ته اسين انسانن توڙي زنده قومن جي
صف ۾ شامل آهيون.
ڪتاب ”او ڪو ٻيو فهم“، ماضي قريب جي بدليل حالتن ۾ سنڌي ماڻهن
جي نون اُمنگن ۽ سنڌي سماج جي اوسر جي هڪ نئين سطح
جي نشاندهي ڪري ٿو. ههڙي ڪتاب جي ضرورت ۽ افاديت
لاءِ مرحوم پير علي محمد راشديءَ پنهنجي ڪتاب
”اُهي ڏينهن، اُهي شينهن“ جي ٻئي جلد ۾ لکيو هو
ته، ”حقيقت ۾ هاڻي ضرورت هن ڳالهه جي آهي ته قاضي
صاحب جي جملي تحريرن ۽ تقريرن کي چونڊي چپوٽي گڏ
ڪيو وڃي، سندس خط ۽ ٻين تحريرن جا مسودا جمع ڪيا
وڃن... هڪ زمانو ايندو، جڏهن انهن شين جي وڏي گهُر
ٿيندي، ۽ ايندڙ نسل اسان کي هرگز معاف نه ڪندا،
جيڪڏهن اسان هي اثاثو انهن تائين پهچائي نه
سگهياسون.“
نهايت خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته سنڌ زرعي يونيورسٽيءَ جي زرعي
سماجي علوم واري فئڪلٽيءَ جي جوان سال استاد جناب
امير علي قادريءَ، هن ڪم جي پهرئين مرحلي جي خوش
اسلوبيءَ سان پوئواريءَ ڪئي آهي. (کيس گهرجي ته
انگريزي ٻوليءَ ۾ موجود علامہ آءِ. آءِ. قاضيءَ جي
سڀني تحريرن توڙي تقريرن کي يڪجا ڪرڻ جو ذمو به
پاڻ تي کڻي). ان ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته جن به
ادارن يا فردن جي ڪاوشن سان فڪر و فهم ۽ علم و
ادراڪ جو اهو اٿاهه سمنڊ سهيڙجي يڪجا ٿيندو، تن جو
تاريخ ۾ هڪ اڻ مٽ مقام رهندو.
ڪتاب ۾ شامل مواد جو مطالع ڪندي سڀ کان اهم پهلو جيڪو عيان ٿئي
ٿو، سو هي آهي ته ڪن عالمن جيڪو علامه قاضي صاحب
کي هڪ بنياد پرست ۽ تصور پرست فيلسوف قرار ڏنو
آهي، تنهن کي حتمي فتوى سمجهڻ بدران، اُن تي وڏي
تحقيق جي گنجائش موجود آهي. مثال طور پنهنجي تقرير
”تعليم جو مفهوم“ ۾ فرمائن ٿا ته، ”تعليم زندگيءَ
جي لڳاتار ڪاوشن جو نالو آهي، تعليم وقت جيان هڪ
اڻ ٽٽندڙ سلسلو آهي... مسلمان جيترو وڌيڪ عالم
هئا، اوترو ئي بي غرض ۽ انساني عظمت جا علمبردار
هئا. هو پورهئي جي عظمت جا قائل هئا ۽ ڪڏهن به هٿن
سان محنت ڪرڻ کي عار نه سمجهندا هئا....“
اڳتي هلي، سموري معاشري لاءِ تعليم جو جواز پيدا ڪندي فرمايائون
ته، ”اسان جيڪي شيون استعمال هيٺ آڻيون ٿا، سي
هزارن ماڻهن جي محنت جو ثمر آهن، اُهي محنت ڪن ٿا
ته اسان سندن ٻچن جي تعليم ڪري سگهون... اهو فرض
آهي، جي اسان اهو صحيح نموني نه لاٿو ته اسان ڪنهن
به عزت جا حقدار ناهيون...“
انهن چونڊ حوالن مان ظاهر آهي ته گهٽ ۾ گهٽ تعليم بابت سندن
فلسفو عمليت پسندي
(Pragmatism)
جي وڌيڪ ويجهو آهي، جنهن جي اُپٽار جڳ مشهور
آمريڪي مفڪر جان ڊيوي
(John Dewey)
پنهنجن ڪتابن ”تجربو ۽ تعليم“ ۽ ”جمهوريت ۽ تعليم“
۾ ڪئي هئي.
زندگي جي عمومي فلسفي بابت ڳالهائيندي پنهنجي تقرير ”فيلسوفن کي
خطاب“ ۾ علامه صاحب فرمائيٿو ته، ”قديم فلسفو گهڻو
ڪري وجداني، فرضي، ظَني ۽ وهمي آهي. قديم منطق جي
حالت به ساڳي آهي...“ ٻئي هنڌ واضح ڪن ٿا ته،
”موجوده سماج جيڪو نفاق آهي، انهيءَ جا ٻه مکيه
سبب آهن: پهريون ۽ اهم ترين سبب هي آهي جو اسين
اهو فلسفو پيدا ڪري نه سگهيا آهيون، جو موجوده
سائنسي تحقيقات تي مبني ۽ اُن جي مطابق هجي، ۽ ٻيو
ته اسان جيڪو علم حاصل ڪيو آهي، تنهن سان پنهنجي
ذهني ۽ عملي زندگيءَ کي همرڪاب نه رکيو اٿئون، جو
اهو علم خود انهن اقدار کي، جيڪي اسان فقط بطور
عقيدت قبول ڪيا آهن، بخوبي ثابت ڪري سگهي...“
مٿيان حوالا ثابت ڪن ٿا ته علامہ آءِ. آءِ. قاضي سائنسي تحقيقات
تي منبي فلسفو پيدا ڪرڻ تي زور ٿو ڏئي، جڏهن ته
تصور پرستيءَ هيٺ من جي معراج ماڻڻ لاءِ
مابعدالطبعيات جي راهه اختيار ڪرڻي آهي. علامه
صاحب ته مابعدالطبعيات کي سمجهڻ لاءِ به علمِ
طبعيات جو سهارو وڍڻ ضروري ٿو سمجهي. يقيناً فلسفي
جي سمورن طالب علمن لاءِ اهي سوال هڪ معنى خيرز
دلچسپيءَ جا حامل آهن. ڪتاب ”او ڪو ٻيو فهم“ ۾
فلسفي جي مختلف مڪاتيب فڪر درميان علامه صاحب جن
جو مقام متعين ڪرڻ لاءِ واضح اشارا موجود آهن.
اسان سڀني کي اهو معلوم آهي ته فقط اٺن سالن اندر علامہ آءِ.
آءِ. قاضي جي سربراهيءَ هيٺ سنڌ يونيورسٽي هڪ
ننڍڙي امتحان وٺندڙ بروڊ مان ترقي ڪري هڪ اعلى
تعليمي ۽ تحقيقي ادارو بڻجي وئي. اُهي ڪهڙا سونهري
اصول ۽ آدرش هئا، جن قليل عرصي ۾ هڪ نئين قائم
يونيورسٽيءَ کي نامساعد حالتن جي باوجود دنيا جي
اعلى تعليمي ادارن ۾ تعظيم جو مقام ڏياريو؟ ڪتاب ۾
شامل تقرير ”عيدالفطر تي خطاب“ ۾ علامه صاحب جن
اُنهن جو بيان هن طرح ڪيو آهي، ”اچو ته هڪ دفعو
گڏجي دنيا اڳيان دعوى ڪريون ته هن اداري اندر ڪوبه
اهڙو غير جوابدار شخص ناهي، جو بنان مقصد جي ڪم
ڪندو هجي، ڪوبه اهڙو خودغرض ناهي جو هن اداري جي
بلند مقاصد بدران پنهنجي ذاتي مقصد جي پورائي ڪرڻ
۾ مشغول هجي، ڪوبه اهڙو سُست ۽ ڪاهل ناهي جو
پنهنجي صلآهيت ۽ لياقت کان گهٽ ڪم ڪندو هجي، ۽
ڪوبه اهڙو بدنيت ناهي جو حلال جي ڪمائي ڪرڻ جي
بدران حرام جي ڪمائيءَ جو خواهان هجي...“ يقيناً
اهي آدرش تعليمي ادارن ۾ ڪم ڪندڙ اُستادن توڙي
منتظمين لاءِ مشعلِ راهه آهن ۽ سندن ڪارڪردگيءَ جي
ڪسوٽي آهن.
پنهنجي هڪ اهم مضمون ”قوميت ۽ متحده قوميت جا اصول ۽ اسباب“ ۾
علامه صاحب جن لکيو آهي ته صرف جاگرافيائي وحدت کي
متحده قومي وجود لاءِ دليل بنائي نٿو سگهجي. ٻيو
ته نيشنل ۽ جمهوري حڪومتن ۾ زوريءَ جو ڳانڍاپو ڪا
معنى نٿو رکي ۽ ٽيون ته فطري قانون پٽاندڙ انساني
اتحاد جي ترقي مقرر حد کان مٿي تيز نه ٿي سگهندي.
جيڪڏهن انهيءَ درمياني عرصي کي، جو قومن ۾ ميلاپ ۽
سمجهه لاءِ ضروري آهي، مصنوعي طريقن سان گهٽ ڪبو
ته پوءِ بجاءِ فائدي جي نقصانڪار ردِعمل پيدا ڪبو.
انهن ٽنهي رهنما اصولن کي ملڪي حالتن سان معروضي
طرح لاڳو ڪرڻ جي ضرورت جيتري اڄ آهي، اوتري اڳ
ڪڏهن به نه هئي.
علامه قاضي جن جي مضمون ”سنڌي ٻولي-اُن جي بقا ۽ بچاءُ“ جي مکيه
حصي کي سهيريندڙ طرفان سرورق جي پئين پاسي جي زينت
بنايو ويو آهي، جنهن ۾ علامه صاحب تلقين ڪئي آهي
ته ”سنڌي ٻوليءَ جي بقا ۽ بچاءَ واسطي ٻين اڳيان
هٿ ڊگهيڙڻ حماقت آهي.
ڀائرو! سنڌي ٻولي فقط ايستائين زندهه رهي سگهي ٿي، جيستائين
اوهين زندهه آهيو ۽ هڪ صحتمند زندگي گذاري رهيا
آهيو...“
ڪتاب ”اُو ڪو ٻيو فهم“ ۾ شامل علامه قاضي صاحب جي تحريرن ۽
تقريرن جو مجموعي پيغام منهنجيءَ نظر ۾ هي آهي ته
ڄاڻ حاصل ڪرڻ جو سائنسي طريقي اختيار ڪيو وڃي،
معروضي حالتن جي سمجهه حاصل ڪجي ۽ قومي توڙي
اجتماعي مفادن لاءِ جدوجهد ڪجي، ڪنهن به حالت ۾
پنهنجي اخلاق ۽ ضمير جي تقدس کي پامال نه ڪيو وڃي،
۽ غفلت جي خواب مان بيدار ٿي، باهمي اتحاد، اعتماد
۽ مسلسل تلاشِ علم ذريعي انسانيت جون اعلى ترين
منزلون ماڻجن.
ڪتاب ۾ سنڌ فلاسافيڪل سوسائٽيءَ جي صدر محترم حيدر علي لغاري ۽
سيڪريٽري امير علي قادري جا تعارفي مضمون به هر
لحاظ کان علم و دانش جا شاهڪار آهن. هي ڪتاب ڪُل
190 صفحن تي مشتمل آهي ۽ سرورق، ڪاغذ توڙي ڇپائي
نهايت عمدي اٿس. ان حساب سان 30 روپيه قيمت به
مناسب رکيل آهي. اُميد ته ڪتاب جي جوڳي قدر شناسي
ٿيندي ۽ اعلى تعليمي ادارن ۽ خانگي توڙي سرڪاري
ڪتب خانن ۾ هي ڪتاب هڪ ضروري حوالي طور استعمال
ڪيو ويندو.
- پروفيسر رجب علي ميمڻ
تصحيح
مهراڻ جي گذريل پرچي 2/1989ع ۾ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌي جي
مضمون بعنوان ”مخدوم بصرالدين سوهاڻي رح“، ۾ ص 118
تي مخدوم محمد حسن کي مخدوم بصرالدين جو ڏاڏو
ڄاڻايو ويو آهي، اهو صحيح ڪونه آهي. دراصل مخدوم
حمد حسن، مخدوم بصرالدين رح جو تڙ ڏاڏو ٿئي. سلسلو
هن ريت آهي: مخدوم بصرالدين رح بن مخدوم حاجي احمد
بن مخدوم محمد مجذوب بن مخدوم محمد عارف بن مخدوم
محمد حسن رح.
مهربان شاعرن کي هڪ خاص گذارش
مهراڻ جا بيشتر ڪرمفرما شاعر پنهنجو ڪلام ڪاغذ جي مختلف سائيزن
تي، رف نموني سان لکي ٿا موڪلين ۽ اڪثر پنهنجي
پوسٽل ائڊريس به نٿي ڄاڻائجي. هڪڙي ڪاغذ تي ٻه- ٽي
ڪلام لکي موڪلڻ به معمول ۾ شامل آهي. مهربانن کي
گذارش آهي ته ان قسم جي پهتل مواد سبب پڙهڻ، چونڊ،
ترتيب ۾ شامل ڪرڻ ۽ پريس ڪاپي ٺاهڻ جي مرحلن ۾
ڪافي دشواري پيش اچي ٿي ۽ بعض اوقات سٺو ڪلام به
مٿين نقطن جي ڪري درج ٿيڻ کان رهجي ٿو وڃي.
مهربان شاعرن کي استدعا آهي ته پنهنجو ڪلام فل سڪيپ شيٽ تي لکي
موڪيلن؛ ساڳي شيٽ تي هڪ کان وڌيڪ شعر لکڻ يا پُٺ
تي لکڻ کان مڪمل پرهيز ڪجي؛ ۽ پنهنجي پوسٽل ائڊريس
ڄاڻائڻ نه وسارجي.
- اداره ”مهراڻ“
i-
مهراڻ ۾ شايع ٿيندڙ مواد، جيئن ته بنيادي طرح
تحقيقي ۽ فڪري موضوعن تي مشتمل آهي، ان ڪري اُن جي
نفس مضمون جي ذميواري ان جي لکندڙن تي آهي. سندن
راين ۽ نتيجن کي سنڌي ادبي بورڊ جي راءِ نه سمجهڻ
کپي.
i-مهراڻ
۾ آيل مواد عام طرح سان، سنڌي ادب ۽ زبان جي وڌ
کان وڌ خدمت جي نيڪ مقصد سان ڪٿي ٻئي هنڌ شايع ڪري
سگهجي ٿو. مهراڻ جو حوالو ڏيڻ بهرحال مناسب آهي.
i-مواد
موڪلڻ جي ائڊريس
مهراڻ
سنڌي ادبي بورڊ
ڄام شورو- پوسٽ ڪوڊ 76070
وايا حيدرآباد سنڌ.
ضميمو
شاهه عبداللطيف جي حياتيءَ جو احوال
i
از
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
[نوٽ: هي مواد، ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي تيار ڪيل ”شاهه جي رسالي“
جي جامع مستند متن واري ايڊيشن جي مقدمي مان کنيل
آهي، جيڪو پهرئين باب جو ابتدائي حصو آهي. ٻيو حصو
ص ص 27-67 مهراڻ جي ڪنهن ورندڙ شماري ۾ شايع ڪيو
ويندو. ان سلسلي جا چند مضمون مهراڻ جي گذريل ڪجهه
پرچن ۾ پڻ اچي چڪا آهن ۽ لائق مصنف جي اجازت سان
هتي اهو مواد شايع ڪيو پيو وڃي. واضح رهي ته شاهه
جي رسالي جو هي مثال ۽ منفرد ايڊيشن، جيڪو تحقيق
جي لحاظ کان هڪ وڌي ڪشالي جو نتيجو آهي، ادبي بورڊ
پريس ۾ ڇپائيءَ هيٺ آهي. ]
|