سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1989ع

مضمون

صفحو :10

 

ڪاشي- سنڌي ثقافت جو هڪ نمائنده دلڪش فن

قاضي خضر حيات

ڪنهن به مٽيءَ جي برتن، ٿانوَ يا ٽائيل کي اصل رنگت بدلائي هٿ سان گلڪاري ڪري مٿان چمڪ لڳائي پچائڻ کان پوءِ هڪ مستقبل چمڪدار ۽ پائدار دل لڀائيندڙ شئي تيار ٿي وڃڻ کان پوءِ ان تيار ٿيل ٿانوَ کي ”ڪاشيءَ“ جو نالو ڏنو ويو آهي.

ڪاشيءَ جي تيار ٿيل ڪابه شئي تمام گهڻن فني مرحلن مان گذري ٿي، جنهن جو تفصيل هن ريت آهي:

مٽي: مٽي سٺي صاف چيڪي هجڻ کپي. گهڻو ڪري زمين مان کوٽي هيٺان تهه مان يا درياءَ جي پيٽ مان بنا واريءَ جي هجڻ کپي. ڪلر جو نالو بنهه نه هجي، نه وري ان ۾ ڪا ٻاهرين شئي پٿر يا ڪوڏ وغيره، ڇو ته اهي تيار ٿي وڃڻ کان پوءِ به نقصانڪار ثابت ٿين ٿا. اهڙي مٽي هرهنڌ سنڌ ۾ مليو وڃي، خاص ڪري هالن جي شهر ۾ مٺي درياءَ جي پراڻي پيٽ واري مٽيءَ کي وريءَ جي مٽي سڏين، جيڪا سڪل حالت ۾ ڳوڙها ڳوڙها نظر اچي ٿي. اصل حالت ۾ خاڪي يا هلڪي ڪاراڻ مائل ٿئي، جيڪي پاڻي ملائڻ سان وڌيڪ رنگ ۾ کُلوي پوي ۽ باهه ۾ پچائڻ کان پوءِ ڳوڙهاڻ تي مائل ٿئي. اها ڳوهڻ بعد ڀُري پوڻ يا جلدي ٽُٽي پوڻ واري نه هجي، ان ۾ تار ٺاهڻ جي خاصيت هجڻ ضروري آهي.

آلي پاڻيٺ وقت ٻن مٽيءَ جي ڳوٿل ٽڪرن کي پاڻ ۾ ملائڻ لاءِ کونئر وانگر ڪم ڏئي ۽ ٻئي تازا ٺاهيل آلا ٽڪرا جلد ملي هڪ ٿي وڃن.

ٻين ملڪن ۾ هن خاصيت حاصل ڪرڻ لاءِ مٽيءَ ۾ ٻيو به ڪجهه ملائي سٺو ٺاهيو ويندو آهي.

خاص طرح سان گجرات واري اڇي مٽي بذات خود مٽي نه هوندي آهي، پر ان ۾ حويليان جو چن وانگر پٿر، پلستر آف پئرس ۽ شيشو پيهي گڏي ڳوهي مٽي وانگر تيار ڪندا آهن، جيڪا پچڻ بعد اڇي ٿيندي آهي.

مٽي ڳوهڻ:  مٽيءَ جي تياري تمام اهم مرحلو آهي. اڳ ۾ سُڪي مٽي ڪٽي سنهي ڪري سنهي ڇاڻيءَ سان ڪڍجي، جيئن ان ۾ سنهڙا ذرات ۽ ڌاريا اسم نڪري وڃن. خاص ڪري ڪوڏيءَ جو ذرڙو پچي ويل ٿانوَ کي به ڀڃي ٻاهر نڪري ايندو. ڇاڻيل مٽيءَ کي تيار ڪيل ڪچي کڏي يا سرن سان ٺهيل هوديءَ ۾ ڀڄائي رکجي. سٺي نتيجي وٺڻ لاءِ ٽي هوديون جدا جدا ليول تي رکيل هجن، جيئن هڪڙو پاڻي ملائي اهو ڪڍجي؛ وري ٻيو پاڻي وجهي ڪڍجي. ساڳيءَ طرح ٽيون پاڻي، اهڙيءَ طرح ڪلر يا لوڻ وارا جزا پاڻيءَ سان ملي نڪري ويندا. ٻن ڏينهن کان پوءِ ڀڳل مٽي ڪڍي ان کاي ڳوهجي، ڳوهڻ لاءِ سخت محنت ڪجي، هٿن ۽ لتن جي مار ڏجي. پهريائين هڪ ٻوري مٽيءَ کي گهٽ ۾ گهٽ ڪلاڪ پورو لتن سان لتاڙجي، پوءِ هٿن سان سير سير جا چاڻا ٺاهي رکجن ۽ هرهڪ چاڻي کي هٿ جي تريءَ ساڻ رو ذور ڪري مهٽجي ۽ گڏ ڪري هڪ هنڌ رکبو وڃجي ۽ هوا کان بچائڻ لاءِ پلاسٽڪ، ٻوري يا رلهي سان ويڙهي محفوظ ڪري رکجي ۽ ٿانوَ ٺاهڻ جي ڪم آڻجي.

مٽيءَ مان ٿانوَ ٺاهڻ: ڳوٿل تيار ڪيل مٽيءَ کي پير سان هلندڙ چڪ تي چاڻو رکي هٿن پيرن ۽ پاڻيءَ جي زور تي گهربل برتن تيار ڪجي. دلي ٺاهڻ لاءِ رڳو گهڻي مٽيءَ جي مٿاڇري تي منهن ٺاهي رکجي ۽ بعد ۾ ٻئي ڏينهن تي ٺپڻيءَ جي مدد سان ٺپي سندس هيٺيون حصو تيار ڪجي. پليٽن يا ٻين تراکڙن برتن لاءِ اڳواٽ ٺهيل سانچن جي مدد سان ٺاهجي. ٽائيلن لاءِ پتري مٽي فرش تي هڪ ڏينهن اڳ ڦهلائي ٻئي ڏينهن تي وڏا وڏا ٽڪر ڪري هڪ هنڌ مٿي ڪري ڇڏجي. ٽين ڏينهن تي هرهڪ ٽڪر مان گهربل سائيز ۽ نموني مطابق ٺهيل ڪاٺ يا لوهه جي پليٽ رکي پاسا ڪٽي ٺاهيندو وڃجي. تازيون ڪٽيل ٽائيلون ڪجهه وقت کان پوءِ هڪٻئي جي مٿان سڌي پٽ تي رکجن، جيئن سڪڻ تي ڦري يا چٻيون نه ٿين، سڪائڻ لاءِ ڇانوَ استعمال ڪجي، تيز اس جي ڪري ان ۾ ڪيترائي نقص نڪرندا.

سٺن ۽ نفيس برتن ٺاهڻ لاءِ اڳ ۾ پلستر آف پئرس جا سانچا گهڙائجن، پوءِ انهن سڪي ويل مولڊن جي حصن کي ملائي رسي ٻڌي پاڻيٺ جهڙي مٽي ان ۾ وجهي ڀري ڇڏجي. ٿوري وقت کان پوءِ اها پاڻيٺ واپس هاري ڇڏجي. ڇا ٿيندو ته پلستر آف پئرس جي مولڊ جي ڪري آلي مٽيءَ جو تهه ڄمي ويل رهجي ويندو. اهڙيءَ طرح هڪ سٺو سنهڙو هلڪو ۽ پورو برتن تيار ٿيندو. اهڙي نموني هڪجهڙا برتن تيار ٿيندا رهندا.

مولڊ ڪيئن تيار ڪجن

ڪنهن به گهربل شئي کي هڪ کان وڌيڪ ننگ تيار ڪرڻ لاءِ پلستر آف پئرس جا مولڊ ٺاهڻا پوندا آهن، جنهن جي مدد سان ساڳئي قسم جا ڪيترائي نمونا ٺاهي سگهبا آهن. ان مولڊ يا سانچي ٺاهڻ لاءِ پهريائين گهربل شئي آلي مٽيءَ مان تيار ڪبي آهي، جهڙيءَ طرح هڪ ٽائيل ٺاهي ان ۾ گلن ٻوٽن جي ڪٽائي ڪري هڪ نموني ٺاهبو، پوءِ ان جي چوڌاري مٽيءَ يا لڪڙيءَ جون ڀتيون ڏيئي، پلستر آف پئرس کي پاڻي ملائي پترو ڪري ان ۾ وجهي ڇڏجي. ڪجهه وقت کان پوءِ اهو سڪي ٺوٺ ٿي ويندو ۽ ٺاهيل شئي جو الٽو اندر ويٺل نشان ٺهي ويندو، پوءِ وري ان اندر ويٺل حصي ۾ ٻي تازي آلي مٽي وجهبي ته گهربل اڀريل ٽائيل تيار ٿي ملندي ۽ اهڙيون ٿوري ٿوري وقفي بعد ڪيتريون ئي شيون تيار ڪري سگهجن ٿيون.

خاص ڪري گلدستي يا ڪنهن رانديڪي جي مولڊ تيار ڪرڻ لاءِ گهربل شئي کي اڳ ۾ پچائي گليز يا چمڪ ڏئي پڪو ڪجي، پوءِ ان شئي جو مولڊ مشيني طريقي سان ٻن يا ڪيترن به حسن ۾ ٽڪر ٽڪر جو جدا مولڊ تيار ڪجي. خشڪ ٿيڻ کانءِ پوءِ انهن مولڊن جي ٽڪرن کي ملائبو ته گهربل شي جو خال ان ۾ رهجي ويندو. ساڳيءَ طرح پاڻيٺ واري مٽيءَ سان ان خال کي ڀري ڪجهه وقت کان پوءِ خالي ڪري ڏسبو ته مٽيءَ جي تهه جي چنبڙي وڃڻ ڪري گهربل شئي تيار ٿي ملندي. مولڊ تيار ڪرڻ کان اڳ گهربل شئي کي تيل يا گريس هڻجي، جيئن مولڊ جي تياريءَ کان پوءِ اصل شي آسنيءَ سان مولڊ جي حصي کان جدا ڪري سگهجي.

استر ڏيڻ Base Coat: جيئن ته اسان جي مٽيءَ جي خاصيت پچڻ کان پوءِ ڳاڙهاڻ مائل آهي، ان ڪري سٺي گلڪاريءَ لاءِ پهريائين ان کي رنگ تبديل ڪرڻ لاءِ استر چاڙهبو آهي. جيڪڏهن بنان استر جي ٺلهو مٽيءَ جي تيار ٿيل برتن کي سڌو رنگ يا (Glaze) چاڙهبو ته پچڻ کان پوءِ ڳاڙهاڻ مائل ناسي رنگ جو چمڪدار برتن تيار ٿيندو، جيڪو تمام پائيدار ۽ مضبوط هوندو ۽ ڪڏهن به ان جي چمڪ لهي نه سگهندي. گهڻو ڪري هيٺ فرش واريونسرون هن نموني جون ٺاهبيون آهن. اهڙيءَ طرح جيڪڏهن اسان سنئون سڌو بنا استري جي ڪنهن رنگ سان گل ٻوٽا ٺهيا ته به اهو پنهنجو هلڪو نشان ڇڏيندو.

اڇو استر: گهڻي ڀاڱي لکائي جي ڪم لاءِ ڪنهن به رنگين تصوير ٺاهڻ لاءِ هن جي ضرورت پوي ٿي هيءَ پڪي ۽ اچي ڪاري پٿر مان ٺهي. خاص ڪري روهڙي وارو ڪارو پٿر جنهن کي پاڻ ۾ گهبو ته چڻنگون ڇڏيندو، ان پٿر کي وڏي کوريءَ ۾ وجهي تمام گهڻي باهه تي پچائبو ته ڪجهه نرم اڇو پٿر تيار ٿي ويندو، جنهن کي ڪٽي پيهي ڪپڙڇاڻ ڪري، کنئور يا لئيءَ سميت پاڻي ۾ ملائبو ۽ برتن کي هٿ ۾ جهلي ٻئي هٿ سان هڪجهڙو تهه چاڙهبو ته اڇي رنگ جو استر تيار ٿي ويندو. جنهن کي ڳاريءَ وارو استر چئبو. ڪوشش ڪري هڪ جهڙو ۽ هلڪو هڻڻ کپي، جيئن جذب ٿئي نه ته پاپڙي ڪري لهي پوندو.

ڦڪو استر: سيوهڻ شريف مان پهاڙ جي ڦڪي مٽي يا (ڦڪي کڙي) Yellow Oxide وٺي پاڻيءَ ۾ ملائي مٽيءَ جي سڪل برتن تي چاڙهبو ته پچڻ کان پوءِ ڦڪو ڳاڙهاڻ مائل نتيجو نڪرندو. هن مٿان ٻين سڀني رنگن جي لکائي ٿي سگهي ٿي.

ڪريم استر: اڇي کڙيءَ يا پهاڙ جي اڇي مٽي جيڪڏهن برتن مٿان وجهبي ته پچڻ بعد ان جو نتيجو چمڪدار ڪريم ايندو ۽ هر رنگ جي لکائي ٿي ويندي.

ناسي استر: ناسي مٽي يا Red Oxide جي پائوڊر کي پاڻيءَ ۾ ملائي جيڪڏهن استر ڏبو ته پچڻ بعد گهاٽو ڪارو ناسي استر ملندو. هن مٿان به اڇي، ڦڪي ۽ سائي کڙيءَ جي لکائي ٿي سگهي ٿي.

گلن ٻوٽن جي لکائي ڪرڻ جو طريقو

هر هڪ سِر يا ٿانوَ تي هٿ جي لکائي جي باوجود پري کان لکائي يا گلڪاريءَ جو نمونو هڪجهڙو هوندو آهي. سٺي ڪاريگر جو هٿ اهڙو ته سٺو هوندو آهي جو مشينن جو مقابلو ڪر سگهي ٿو. ان لاءِ پهريائين ٿلهي پني تي گلڪاري ڪڍي ان کي ٿلهي سُئيءَ سان سوراخ ڪڍبا آهن، يعني سُوزي ڇڏبو آهي، پوءِ هرهڪ ٽائيل تي اُهو سوراخ نڪتل گل رکي ڪپڙي ۾ ٻڌل ڪوئلي جو پائوڊر زور سان هڻبو آهي ته ان گل جو نشان ٽائيل تي ظاهر ٿيندو آهي. اهڙيءَ طرح سولائيءَ سان لکائي ڪري سگهبي آهي.

مختلف رنگن ۽ لکائيءَ جو تفصيل

ڪاشيءَ جي ڪم ۾ ايران کان وٺي بلو رنگ ۽ فيروزي رنگ کي ڪمال حاصل آهي. گهڻو ڪري ڪاشي عام طرح چوندائي ان بلو ڪم کي آهي. ان جو واحد سبب بلو رنگ جو ڪردار (Cobalt Oxide) جنهن کي لاجونت چون. اهو اهڙو ته پڪو رنگ آهي، جو ڪو به رنگ هن مٿان چڙهي نٿو سگهي، پر هي سڀني رنگن کي مٽائي پاڻ چڙهي بلوٿي بيهي. هي پائوڊر ۾ ملندو آهي، جيڪو ڏسڻ ۾ ڪارو هوندو آهي. لکائي کان اڳ ان کي پٿر جي روهيءَ ۾ پاڻي ملائي سرمي وانگر پيهبو آهي. جيترو وڌيڪ پيهبو اوترو لکڻ ۾ سٺو ۽ پچڻ کان پوءِ نتيجي ۾ اعلى ٿئي. ان رنگ ۾ اڇي کڙي ملائي ان جي مقدار کي وڌائبو آهي. هيءَ لکائي گهڻي ڀاڱي اچي استر يعني ڳاريءَ واري استر ت ڪبي آهي. پرٻي به هر استر تي ڪم اچي ويندو آهي.

فيروزي رنگ (Copper Oxide) : هن کي ٽامون به چون. هي هلڪي نيري يا ساواڻ مائل فيروزي رنگ جو اثر ڏيکاري. پائوڊر جي شڪل ۾ ڪاري رنگ جو ٿئي. ساڳيءَ طرح پاڻيءَ سان پيهي استعمال ڪجي. هي گهڻي ڀاڱي بلو اکرن جي لکائي ٿي وڃڻ کان پوءِ گهڻي حصي جي رنگ ڀرڻ جي ڪم اچي، ڇو ته هي جتي به لاجونت مٿان لڳي ته ڪو به اثر نه ڏيکاري. اهڙيءَ طرح آسانيءَ سان ڇڏيل اڇي جاءِ والاري بيهي. هي ٻين استرن تي به ڪم ڪري، پر اصل ۾ ڳاريءَ واري استر تي سٺي ۾ سٺو رزلٽ ڏئي.

ٻيا رنگ: اڇي، ڦۡي، ناسي رنگ جون کڙيون دراصل مٽيءَ جا رنگ آهن، ان ڪري هڪ ٻئي مٿان آسانيءَ سان لکجن ۽ پچڻ بعد نتيجو ڏيکارن. پر لکڻ ۾ تمام گهاٽا لکڻا پوندا آهن نه ته باهه جي اثر تي جلد اڏاميون وڃن. هي کڙيون ڳاريءَ واري استر تي به ڪم آڻي سگهجن ٿيون، پر سندن رنگ ٿورو مَٽِجيو بيهي ۽ مزو نه ڪري. اهي ٽئي رنگ پاڻ ۾ ملائي گهاٽا ۽ ڇڊا ڪري سگهجن ٿا، البته انهن مان هيٺيان رنگ تيار ٿي سگهن ٿا، جيڪي لاجونت ۽ ٽامي جي ملائڻ سان ٺهن ٿا.

 

اڇي کڙي+ ٽامون = سائو رنگ

اڇي + لاجونت = ڪبوتري رنگ

ناسي کڙي + لاجونت = ڪارو رنگ

اهي عام رنگ آهن جيڪي عام طرح سان هالا شهر ۾ استعمال ٿين ٿا ۽ گلڪاريءَ جي سڀني نمونن ۾ سٺو نتيجو ڏين ٿا. لاجونت ۽ ٽامون عام طرح سان ڇڊو يا گهاٽو ڏئي سگهجي ٿو. لاجونت کي بلڪل پاڻيٺ جهڙو ڪري استعمال ڪبو ته هلڪو نيرو ٿيندو، جنهن کي عام طرح خاڪي رنگ چون. لاجونت ۾ کڙِءَ جي مقدار ملائڻ سان بلو رنگ کي نيراڻ مائل ڪري سگهجي ٿو. مطلب ته جيترو ان ۾ کڙي وجهبي اوترو بلو ٿيندو نه ته گهاٽو بلو هوندو. اڇي کڙي گهڻي ۽ تمام ٿورو لاجونت ته ڪبوتري رنگ ڏيندو.

کڙيءَ وارا رنگ جيئن ته مٽيءَ جا مختلف رنگ آهن، ان ڪري اهي جيڪڏهن هلڪا يا ڇڊا هڻبا ته انهن جي مٽجي وڃڻ جو ڀئو هوندو آهي، ان ڪري اهي هميشہ تمام گهاٽا هڻبا آهن. ان ڪري اهي پچڻ کان پوءِ هڪ مٿاڇرو تهه ٺاهي بيهندا آهن. هنن مٿان ڇيڊ ڏئي نه سگهبي آهي، ان ڪري ڇيڊ جو تاثر ڏيڻ لاءِ سنهين يا ٿلهين لائينن جو سهارو وٺڻو پوندو آهي.

اهي مٽيءَ وارا رنگ وري Glaze جي مَٽَجَڻَ ڪر به رنگ بدلائيندا آهن، ڇاڪاڻ ته هرهڪ رنگ لاءِ وري گليز به مختلف ٺهندو آهي. بلو گليز ٺاهي اڇي کڙيءَ کي ڦيرائي ڪريم ڪريو ڇڏي، ۽ زردو گليز اڇي کڙيءَ کي تيز ڦڪو يا ردو ڪريو ڇڏي.

اڄ ڪلهه مارڪيٽ ۾ خاص ڪري گجرات ۽ گجرانواله ۾ تجارتي بنيد تي ڪيترن ئي قسمن جا رنگ مختلف (Oxides) آڪسائيڊ مان تيار ٿيل موجود آهن، جنهن جو اسان ڳاريءَ واري استر تي سو في صدي گهربل رنگ مليو وڃي.

رنگن جي معاملي ۾ اها معلومات ضروري آهي ته ڪيترائي رنگ لکڻ وقت ٻيا نظر ايندا آهن، پر گليز چڙهڻ ڪري پچڻ کانپوءِ ٻيو زرلٽ ڏيندا آهن. ان ڪري رنگن جي ڄاڻ اهو مسئلو آهي. مثال طور لاجونت ۽ ٽامي ۾ ڪو به فرق ڪو نه آهي، ٻئي ڪارا رنگ آهن پر پچڻ کانپوءِ بلو ۽ فيروزي ٿي پون.

هن وقت هر رنگ مليو وڃي، جيڪي هلڪي ۽ گهاٽي ڇيڊ ۾ به مدد ڪن ٿا، جنهن ڪري تصوير ٺاهڻ ۾ آساني ٿيو وڃي. پر سولي ڳالهه اها آهي ته لکڻ ۽ ڪم ڪرڻ ۾ سڀ پاڻيءَ وارا رنگ آهن ۽ پاڻي ۾ جلد حل ٿيو وڃن.

باهه جي گهٽ وڌ ٽيمپريچر ڪري به رنگن تي اثر پوي ٿو. مقدار جو به وڏو اثر آهي، خاص طرح ڪچي مٽيءَ تي لکڻ وقت پاڻيءَ واري رنگ کي جيترا دفعا لڳائبو اهو رنگ استر ۽ مٽي چهندا ويندا آهن، ان ڪري ساڳئي هنڌ تي ساڳو رنگ بار بار هڻي ته سگهجي ٿو پر رنگ ڪرڻ وار جي حالت ۾ ڪا خبر نه رهندي، ڇو ته اهو ڏسڻ ۾ بار بار ساڳيو هوندو، پر پچڻ وقت گهاٽو ۽ ڇڊو هوندو. مطلب ته جيترا دفعا وڌيڪ هڻبو اوترو وڌيڪ گهاٽو.

رنگن تيار ڪرڻ لاءِ وزن به ضروري آهي ڇو ته ساڳئي وزن وارو رنگ ساڳيو نتيجوڏيندو.

ان ڪري رنگ هڻڻ وقت تمام ڪمال هوشياري سان ۽ ڄاڻ سان ڪم ڪبو جيئن گهربل نتيجا وٺي سگهجن. رنگ ملائڻ کانپوءِ ڪوشش ڪري ساڳئي ڪم جي لکائي ساڳي رنگ مان ڪجي ته بهتر، نه ته ساڳو رنگ ٻئي ڏينهن تي ٻيهر تيار ڪرڻ سان ساڳو نتيجو ڏيندو.

گليز يا چمڪ (Glaze): استر ڏئي لکائي ڪري ٿي ويل برتن تي آخر ۾ گليز يا چمڪ چاڙهبي آهي، يعني شيشي جو تهه جيڪا اصل ۾ ڪاريگري يا ڪاشي آهي. گليز تيار ڪرڻ لاءِ سندور (Red lead) ڪنگڻ کار ۽ سنهڙي اچي مائل ڦڪي واري جيڪا سيوهڻ مان مليو وڃي ۽ ڪٽيل شيشو ملائي ڪچي ٺڪر ۾ وجهي بٺيءَ ۾ پچائبو آهي. پچڻ کان پوءِ اهو هڪ شيشي وانگر ٽڪي ٺهي پوندو آهي، جنهن کي وري ٻِهر ڪٽي ڪپڙ ڇاڻ ڪري برتن جي مٿان تہ چاڙهبو اهي.

مختلف گليز مختلف وزن ۽ رنگن لاءِ تيار ٿيندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن سندور کي گهٽ استعمال ڪرڻ لاءِ عام سوڍا کار به استعمال ڪبي آهي. وڌيڪ سٺي ۽ اڇي گليز تيار ڪرڻ لاءِ ائنٽيمني (Antimony) به ملائبو آهي.

گجرات ۽ گجرانوالا ۽ تيار ٿيل گليز ملي وڃن ٿا، جنهن ۾ تمام طرح چالو گليز، ٻيو اسپيشل گليز، ٽيون تمام گهڻي باهه تي پچڻ وارو اوپيڪ گليز (Opaque) مليو وڃن. اهو گليز پائوڊر جي شڪل ۾ ملي يا وري سنهڙن سنهڙن سٽيشن جي ذرن واري شڪل ۾ ملي. مختلف رنگ يا Oxides وجهڻ سان مختلف گليز تيار ٿي وڃن.

تيار ٿي ويل گليز کي تمام باريڪ پيهڻو آهي، پر سٺي رزلٽ وٺڻ لاءِ وري وڏن ڪارخانن ۾ ان کي وري (Ball mill) يا پٿرن واري پيهڻ جي مشين ذريعي پاڻي ملائي پيهبو آهي، پر هتي هالا جي اندر ان کي ڪپڙن مان ڇاڻي ان پائوڊر ۾ ڪجهه ميدي مان تيار ٿيل ليٽي ملائي اٽي وانگر ڳوهي پوءِ پاڻي ملائي بلڪل پاڻيٺ تيار ڪبي آهي، جيڪا پاڻيٺ لکائي ڪيل برتن مٿان هڪ سنهڙي تہ وانگر چاڙهي ڇڏبي آهي.

بڄيءَ ۾ پچائڻ: هينئر آخري مرحلي ۾ گليز چڙهيل برتن يا ٽائيل کي بٺيءَ ۾ وجهي باهه ڏيڻ سان اهو گليز رجي برتن ۾ جذب ٿي برتن کي پڪو ڪري لکائيءَ واري گل کي اصل رنگين حالت ۾ ظاهر ڪندو.

هالا اندر سڀ بٺيون تمام پراڻي رواج مطابق ڪچين سرن جو گول قبي نما ٺهيل آهن. باهه ڏيڻ لاءِ هيٺيان تجر ڇٽ يا قبرنما جڳهه ٺهيل هوندي آهي، جنهن جي مٿان هڪگوليا چورسو ڪمرو هوندو آهي، جنهن کي چئني طرفن مضبوط ڀتون هونديون آهن ۽ مٿان ڇت به ڪچين سرن جي ونگ تي وريل ٿئين. تري ۾ سوراخ 2 فوٽ قطر جو ٿئي، جتان باهه مٿي چڙهي ۽ ڇت وٽ به 2 فوٽ قطر جو سوراخ ٿئي، جيڪو پچائڻ وقت بند ڪبو آهي. اهو ٿانون رکڻ يا ڪڍڻ جص ڪم اچي. مٿين ڇت واري حصي ۾ دونهي نڪرڻ لاءِ ننڍا چار يا پنج سوراخ ٿين جيڪي شروعاتي باهه ۾ کليل رکبا آهن ۽ آخر ۾ ان کي بند ڪبو آهي.

کوري ڀرڻ به هڪ ڪاريگر جو ڪم آهي. هڪ ئي وقت سڀ ننڍا وڏا برتن سٿي رکيا آهن. ڪو به برتن هڪ ٻئي سان يا تري سان لڳڻ يا ڇهڻ نه کپي نه ته گليز ڪري هڪ ٻي ساڻ ڳنڍيجي خراب ٿي ويندو. ان ڪري هرهڪ برتن کي هڪ ٻي کان الڳ ڪرڻ لاءِ اڳواٽ مٽيءَ جون گهوڙيون ٺهيل هونديون آهن، جنهن تي هڪ ٻي مٿان رکي برتن سٿيا آهن، جيئن اهي ڌار ڌار هجن. سرن جي سٿي اڀي هڪ ٻي سان ملائي ائين رکبي آهي، جيئن گهڻي ۾ گهڻو مال اچي ۽ زيال به نه ٿئي. وري باهه جي مقدار لاءِ هربرتن ويجهو يا پري رکبو آهي.

باهه شروعات ۾ آهسته آهسته شروع ڪبي هي، جيڪا ٽن ڪلاڪن کان پوءِ وڌائبي وڃبي آهي ۽ ساڳيءَ طرح تيز باهه جي دؤر کان پوءِ وري آهسته آهسته باهه گهٽائبي وڃبي آهي. مڪمل پچڻ کان پوءِ سڄي بٺي يا کوري هر طرف کان بند ڪري ڇڏبي آهي.

اهڙيءَ طرح گهٽ ۾ گهٽ 8 کان 12 ڪلاڪن ۾ بٺي پچي راس ٿيندي آهي، ۽ ايتروئي وقت ان جي باهه بند ڪري ڍڪي ڇڏبو آهي. ان کان پوءِ مٿيون سوراخ آهستي آهستي کولي وري ايتروئي وقت بٺيءَ کي ٺرڻ ڏبو آهي، کوريءَ اندر برتن پچي راس ٿيڻ کان پوءِ ٺري پڪو ٿي وڃي. گرم بٺيءَمان جلديءَ ۾ برتن ڪڍڻ ڏکيو آهي، وري جلد ڪڍڻ کاڻ پوءِ ٻآهرين هوا لڳڻ تي برتن ۾ سنها سنها وار وانگر نشان يا سيرون اچي وينديون آهن.

دراصل اڄڪلهه جي دؤر ۾ سئي گئس ۽ بجليءَ جي بٺين تمام سٺيون سهوليتون مهيا ڪري ڏنيون آهن، پر بدقسمتيءَ سان هالا شهر اندر اڄ ڏينهن تائين سئي گئس نه هجڻ ڪري سڀ بٺيون ڏاڏي آدم واري زماني وانگر لڪڙيءَ جي باهه تي پچن، ان ڪري ان باهه جي ڪنٽرول يا ٽيمڇريچر کي گهربل حد تائين رکڻ ممڪن نه آهي، ان ڪري ڪاشيگرن جو اندازو ۽ آزمودو انهن کورين کي پچائڻ ۾ ڪم اچي. ڪاٺين جي مقدار ۽ باهه جي رنگت ۽ پچڻ وقت رکيل مال جي پچي ريٽي ٿيڻ واري صورتحال ئي سٺي شئي تيار ڪرڻ جي ضامن آهي.

هونءَ ته هن ڪم کي وڌيڪ سٺي ڪرڻ لاءِ سٺي بٺي وقت جي اهم ضرورت آهي.

ڪاشيءَ جي ڪم جو معيار

ڪجهه وقت کان ڪاشيءَ متعلق اهو چيو وڃي ٿو ته اڄڪلهه سٺي ڪوالٽيءَ جو ڪم نٿو ٿئي، حقيقت ان جي برعڪس آهي. دراصل ڪاشيءَ جي ڪم کي حڪومت طرفان مڪمل سرپرستيءَ جي ضرورت آهي، ڇو ته ڪاشيگرن جي تيار ٿيل مال جي ٻاهرين ملڪن ۾ واکاڻ ۽ گهرج هوندي به ڪو به بندوبست نه آهي. ٻيو ته ٺهيو، پر پنهنجي ملڪ اندر به ڪا به منڊي ڪا نه آهي، ان ڪري ڪاشيگر پيٽ گذر ڪرڻ لاءِ پنهنجي ئي شهر ۾ وچ وارن دڪاندارن کي سستي اگهه تي مال ڏيڻ لاءِ مجبور آهن. سڀ رنگ، گليز ٻهرين ملڪن کان تمام ڳاٽي ڀڳي اگهه تي ملن. سمورو ڪم هٿ سان ڪرڻ ڪري تيار ٿيندڙ مال رڳو پيٽ گذر لاءِ بغير توجه جي تيار ٿيندو رهي ٿو. هتان جي ڪاشيگر وٽ پيهڻ لاءِ جند، چڪ هلائڻ لاءِ هٿ ۽ ڄنگهون، برتن تيار ڪرڻ لءِ هٿ، لکائيءَ لاءِ به هرهڪ شئيهربار هٿ سان لکڻ پچائڻ لاءِ موٽر، باهه لاءِ سئي گئس هجن، ته هوند ڪم ڪرڻ وارن جي قسمت بدلجي سگهي.

ڪاشيءَ جي ڪوالٽي خراب ٿيڻ جو ٻيو سبب وچ وارو سٺي ۽ خراب شئي جوقدر نٿو ڪري. هو سٺي لکيل برتن جا به اهي اگهه ٿو ڏئي جيڪي عام شئي جا، ان ڪري ڪاريگر هميشہ هر برتن وڌ ۾ وڌ تيار ڪرڻ جي ڪوشش ۾ ڪوالٽي جو ڪو به خيال نٿو ڪري.

ڪاشيءَ لاءِ سرپرستي

ڪاشيءَ جي ڪم لاءِ حڪومت ۽ قدردان حضرات جي ڀرپور تعاون جي ضرورت آهي. ان جي مال کپائڻ لاءِ اڳ ۾ منڊيءَ جي ضرورت آهي، جيئن سهولت سان هتان جو مال تيار ٿي ملڪ جي جدا جدا جڳهن تي سٺي اگهه تي پهچي. ڪم ايندڙ رنگ ۽ ڪيميڪل مناسب اگهه تي ملڻ کپن ۽ بنيادي ضرورت سئي گئس ۽ مشينن جي مهيا ڪرڻ جي عملي مدد کپي.

اسان وٽ سٺي ڪاريگر جي ڪمي ڪا نه آهي. سٺا سٺا ڪاريگر تمام اعلى هنري صلاحيتن جا مالڪ، پنهنجي پيشي کي هنر ۽ ڪاريگريءَ طور نه پر پيٽ جي آگ اجهائڻ لاءِ هن ڪم سان رڌل آهن.

ڪاشيگري هڪ اعلى ۽ ڏکئي ۾ ڏکيو هنر آهي، جيڪو سوا پرئڪٽيڪل ڪرڻ جي ڪڏهن به اچي نٿو سگهي. هن مٽي باهه ۽ پاڻيءَ واري راند سکڻ ۽ روٽي ڪمائڻ لاءِ سالن جا سال پچي راس ٿيڻو پوي ٿو. پر اها مڃيل حقيقت آهي ته مٽيءَ کي سون ڪرڻ وارو وري به ڪاشيگر آهي.

ڪاشيءَ ۾ نئين جدت

اسان جي قديم روايتن ۽ اعلى ڪاشيءَ جا نمونا گلن ٻوٽن جا شاهڪار صديون پراڻا آهن، جنهن ۾ وڌ ۾ وڌ ڪنهن جانورن يا پکيءَ جي تصوير ڪٿي ڪٿي پراڻن ڪتابن ۾ ملي ٿي، پر اسان جي سنڌ جي استاد ڪاريگرن مذهبي لحاظ کان مصوري کي ڪڏهن به توجهه ۾ نه آندو.

دنيا جي ٻين ملڪن ۾ به هي ڪم مشينن ذريعي وڏي ترقي ۽ عروج تي سرئمڪ جي نالي سان مشهور آهي، پر هٿ جو ڪم وري به هٿ جو آهي. مشينن ذريعي ڪراڪري جي شڪل ۾ اعلى کان اعلى نفيس شاهڪار تيار ملن ٿا، پر هٿ جي هنر کي وري ٻي عزت ۽ منزل آهي. ڪجهه سالن کان هالا شهر اندر بنده راقم الحروف پنهنجي استاد مرحوم برادري ارباب جي سهڪار سان وڏو جدت وارو ڪم ڪيو آهي، جنهن انهن مڙني دقيانوسي حالات جي دائري ۾ رهي وڏي جاکوڙ ڪري ڪاشيءَ تي عملي طرح وڏو ڪم ڪندو رهي ٿو. نت نوان رنگ اصل تصويرن جي گهرج مطابق تيار ڪري هر اها شي تيار ڪئي آهي، جيڪا ٻئي هنڌ ڪٿي به ٺهي نٿي سگهي. ڪاشيءَ واري قديمي ڪم کي جديد مصورانه رنگ ۾ ڍالي فن مصوري کي مڪمل پخته ۽ پائيدار روپ ڏنو آهي. سندس ڪيل ڪم جا تفصيل سندس تيار ڪيل سڪندر آرٽ گئلري نوابشاهه جي احوال ۾ تفصيل سان ڏنل آهن، هت رڳو اهو ذڪر ڪرڻو آهي. ته هڪ انجنيئر جي مصورانه ڪوشش، مرحوم استاد برادريءَ جي هر طرح فني ڄاڻ جي فراخدليءَ سان منتقلي، شروعات ۾ مرحوم فاروق علي عباسيءَ جو ساٿ وک وک تي رهنمائي ڪري اڳتي وڌندو رهيو. ڇهن سالن جي مڪمل جدوجهد سان هينئر لعل محمد برادري ارباب سندس ٻين ڀائرن غلام محمد ڪاڪا، ڀليڏنو ڪنڀار، منور ابڙي، منظر قاضي، ۽ سڪندر جي ساٿ ۾ ڪم ڪندو رهي ٿو.

ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان جي هن قديم فن کي قائم رکڻ لاءِ سرپرستي کپي. هرطرف کان دلجوئي ٿيڻ کپي، تيار ٿيل فن پارن جي نمائش ٿيڻ کپي، انهن کي ملڪ توڙي پرڏيهه ۾ مارڪيٽ ملڻ کپي. اسان جا انجنيئر ۽ آرڪيٽيڪٽ ڪاشيءَ واري ڪم کي هڪ دفعو وري استعمال ڪري ان عروج تي آڻن، جنهن جي لاءِ هي فن حقدار آهي. اسان جي گهرن ۽ سرڪاري عمارتن جي سينگار لاءِڪ اشِءَ جو استعمال ٿيڻ کپي. ڊيڪوريشن لاءِ هر هنڌ هي فن اجاگر ڪيو وڃي.

هالا شهر ۾ هن وقت ڪاشيءَ تي ڪم ڪندڙ ڪارخانن ۽ ڪاريگرن جو احوال.

برادي ارباب جو ڪارخانو

هن وقت مرحوم برادي ارباب جو پٽ لعل محمد عرف ڪالو برادي پنهنجن ننڍن ڀائرن سميت ڪارخانو هلائي ٿو، جنهن ۾ سندس ماهر نوجوان ڪاريگر غلام محمد ڪاڪا آهي، جيڪو ڪاشيءَ جي گلڪاريءَ جي لِکَ جو ماهر آهي ۽ ٻين سڀني فني باريڪين کان واقف آهي، ان ڪري سڄو سهڻي طريقي سان ڪارخانو هلندو اچي. سندس ساٿي محمداسلم ۽ تاج محمد به ڪم ڪندا رهن ٿا. هن وقت اهي ٻئي نوجوان راقم الحروف جا به ٻانهن ٻيلي آهن، جيڪي مصوري واري ڪيل ڪم کي پايه تڪميل تي پهچائين ٿا. مصوري واري ڪم ۾ بنده کي منور ابڙي جو پڻ ساٿ رهي ٿو. ساڳئي وقت سندس نياڻي جيڪا مهراڻ يونيورسٽيءَ ۾ آرڪيٽيڪڍر جي طالبه آهي، اها پڻ مٽي جي ماڊلن ٺاهڻ ۽ ڪاغذي ڪم ڪرڻ ۾ مددگار آهي.

مرحوم استاد برادي ارباب هن دؤر جو هالا شهر اندر سڀ کان وڌيڪ ڄاڻو ۽ بادشاهه ڪاريگر هو، جيڪو وقت کان اڳي اسان کان جدا ٿي ويو. سندس وفات 20 سيپٽيمبر 1987 تي ٿي. استاد برادي بنيادي طرح ڪاشيگر نه هو، پر پنهنجي استاد شفيع محمد ميمڻ وٽ مٽي ڳوهڻ لاءِ ۽ سندس پيار ۽ شفقت سبب سالن جي محنت کانپوءِ سڀ ڪجهه حاصل ڪيو، جنهن جي ڪري هن صاحب به دل کولي هرهڪ کي مدد ڪئي. استاد شفيع محمد مرحوم جا ٻه پٽ نذير احمد ۽ بچايو خان به اهو ڪم ڄاڻن. نذير احمد تمام سٺو ڄاڻو آهي، پر ڪم ڪونه ڪري. هي اصل ۾ سندس ڏاڏي مرحوم حاجي عبدالله ميمڻ جي ڪارخاني سان مشهور هو جيڪو پنهنجي دور جو اعلى ڪاريگر هو.

گلڻ خان جو ڪارخانو

گلڻ خان هن وقت وڏي ۾ وڏو ۽ سٺي ۾ سٺو هالا ٽائيلس جو ڪم ڪري ٿو، جيڪپ پنهنجي والد مرحوم مَمن خان سومري جي پوئواري ڪندي 30 سالن کان ڪم ڪندو رهي ٿو.

سندس سٺن ڪمن مان انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڪلفٽن ڪراچي ۽ اسلام آباد ۾ هالا جي لڳل ڪاشي آهي. هن وقت ڪيترن ئي ساٿين سان ڪم ڪندو رهي ٿو، جن ۾ محمد فاضل سٺو ڄاڻو ڪاشيگر آهي، ٻيا نوجوان قمرالدين، يار محمد، پيراڻو ۽ الله بخش.

حاجي محمد صادق جو ڪارخانو

هي پاڻ پنهنجي ڀئار ۽ اولاد سان پنهنجي چاچي مرحوم حافظ نور محمد جي ڪارخاني کي هلائيندو اچي ۽ وڏي پيماني تي ٽائيلس جو ڪم ڪندو رهي ٿو.

گل محمد خان جو خارخانو

گل محمد خان اصل ۾ بنيادي ڪاشيگر آهي. سندس ڏاڏو مرحوم اوستو غلام ۽ والد مرحوم محرم خان وقت جا اعلى ڪاشيگر هئا. گل محمد خان نفيس ڪم ڪرڻ ۽ رانديڪن ٺاهڻ جو ماهر آهي. پاڻ ڪيترو وقت سيوهڻ ۾ ڪم ڪيو آهي ۽ هندن جي زماني ۾ ماڊلنگ جو ڪم سکيو. هن وقت سندس ساٿي بروهي سٺو ڪاريگر آهي.

ماستر علي نواز جو ڪارخانو

اوستي ٻڍي جي اولاد مان ماستر صاحب سٺو ڪاشيگر آهي، جيڪو جلدي نوڪريءَ کان رٽائر ڪري ڪم ڪندو رهي ٿو. سندس ٿورو پر سٺو ٽائيلس جو ڪم هلندو رهي ٿو.

محمد صديق مهاجر جو ڪارخانو

محمد صديق اسان جو نئون سنڌي، مرحوم استاد حافظ احمد جو شاگرد آهي ۽ سندس ٺاهيل پاڻيءَ جا سيٽ  چاءِ جا سيٽ ملڪان ملڪ مشهور آهن ۽ تمام سٺو ڪم ڪندو رهي ٿو.

محمد ابراهيم ميمڻ جو ڪارخانو

محمد ابراهيم هڪ نوجوان ڪاشيءَ جي ڄاڻ رکندڙ باصلاحيت ڪاشيگر آهي. پاڻ سکيا جو ڪم ماستر علي نواز وٽ شروع ڪري استاد براديءَ کان مڪمل طرح ڄاڻ حاصل ڪئي. ٻن سالن کان پنهنجي دوست مولانا رحمت الله سان گڏ ڪم ڪندو رهي ٿو. هي ٽائيلس سان گڏ ٿانوَن تي پڻ ڪم ڪندو آهي. هنن جو هڪ ساٿي سيوهڻ جو مولائي مولانا نت نوان ماڊل ٺاهڻ جو وڏو ڪاريگر آهي.

مطلب ته هالا شهر سڄي پاڪستان ۾ هڪ اهم مرڪز آهي، جتي ڪاشيءَ جو ڪم وڏي پيماني تي ٿيندو رهي ٿو. سڄي پاڪستان ۾ ملتان ۾ به اهو ڪم صرف هڪ فيملي ڪري ٿي. گجرات ۽ گجرانولا يا هري پور ۾ ڪاشيءَ جو ڪم ٿئي ٿو پر هو ڪمائيءَ جي خيال کان سٺو ۽ نفيس ڪم ڪن ٿا پر هڪ رنگ ۾ ڪن. ڪو به ڪاريگر اصل ڪاشيگري يعني گلن ٻوٽن جو ڪم نٿو ڪري. هت سڄي سنڌ ۾ ٻيو نصرپور ۾ ڪم ٿئي ٿو، جتي به هڪ خاندان ۽ هڪ ڪارخانو آهي، جنهن کي به وقت بوقت سرڪاري سرپرستي آهي جنهن جي ڪري هو ڪم ڪندو ۽ وڏا وڏا گورنمينٽ جا ٺيڪا کڻي ڪاشيءَ جو ڪم ڪندو اچي. سيوهڻ شريف ۾ به سٺا ڪاريگر آهن، جيڪي رڳو رانديڪي ٺاهڻ ۽ هڪ خاص رنگ ڪاري ناسيءَ تي ڪم ڪن.

اهو شرف رڳو هالا کي حاصل آهي، جتي پورا خاندان الڳ الڳ محنت مزدوري سان لڳل آهن، جيڪي ٽائيلن، برتن سازي ۽ نئين جدت مصوري تي اهو ڪم ڪندا رهن ٿا ۽ جتي هر قسم جي ڪاشيءَ جو فن قائم رهندو اچي. ڪاشيءَ جي ڪم ڪرڻ لاءِ برتن ٺاهڻ واري جو ڪردار به تعريف کان خالي نه آهي، ڇاڪاڻ ته سٺو ۽ متوازن برتن ان جي بناوت ۽ بيهڪ اڳتي هلي گلن ڦلن ۽ چمڪ سان دل کي پسند اچن ٿا.

اصل ۾ برتن ٺاهڻ واري ڪاريگر ۽ ڪنڀر جو به هن فن ۾ اوتروئي حصو آهي، جيترو ڪاريگر جو. هن وقت هالا شهر ۾ اوستو محمد ابراهيم ڪنڀار نالي وارو ڪاريگر آهي، جيڪو سٺو سگهڙ به آهي. سندس ڪم ۾ هٿ ونڊائڻ لاءِ سندس شريڪ حيات ۽ سندس شاعرانه طبيعت جو وڏو دخل آهي. هرهڪ قسم جو سٺو ٿانءُ، دلو، مٽڪو، پاٽ، گلدان، ٽبکرو، لوٽو، ڍڪرو، ٿنڀو،ڪرو، پليٽ، ڪونڊي، ڪونڊو، چلم، ڏسڻ وٽان هوندا آهن.

ٻيو ڪاريگر ڀليڏنو خان به پنهنجو مٽ پاڻ آهي. سندس مدد لاءِ سندس پٽ ۽ ٻيا گهر جا ڀاتي به رات ڏينهن محنت ڪندا رهن ٿا. ٻين سڀني ٿانون ٺاهڻ سان گڏوگڏ آدم قدم گلدان ٺاهڻ سندس ڪمال آهي. هڪ ئي حصي ۾ 6 فوٽن تائين وڏا وڏا گلدستا تيار ڪيا اٿس.

ان سان گڏ هن شهر ۾ ڪيتريون عورتون پڻ ٿانوَ ٺاهي ڏيڻ ۾ مدد ڪن ٿيون، خاص ڪري وڏي سائيز واريون ٿالهيون ۽ پاٽيون ڏاڍيون مشهور آهن.

مرحوم استاد برادي چَڪَ جو به ماهر هو. سندس هٿ تي لٿل ٿانوَ بلڪل هموزن هوندا هئا. ايتري قدر جو ڪم ڪڏهن ڪڏهن هڪ دفعي لاڳيتا پنجاه گلدستا تيار ڪرڻ بعد جڏهن وزن ڪري ڏٺو ويو ته اهو به ساڳيو هو. ڄڻ هٿ تي نه پر مشين تي تيار ٿيل هجن!

سڪندر آرٽ گئلري نوابشاهه

(بنده) قاضي خضر حيات پنهنجي انجنيئرنگ جي سالن واري تجربي ۽ پنهنجي مصورانه خيالن جو ڀرپور اظهار ڪندي پنهنجي ذاتي آرٽ گئلريءَ جو بنياد رکيو آهي. آرٽ گئلري فنون لطيفه کي هميشه لاءِ زنده جاويد رکڻ لاءِ هڪ عملي قدم آهي. اهو اسان جي سنڌي فنڪار جو همٿ ڀريو عمل آهي. سندس سهڪار ۽ همت افزائيءَ نه صرف فنڪار پر فن جي خدمت آهي. اها اهل نواب شاهه جي خوش قسمتي آهي جو اهڙي آرٽ گئلري انهن جي حصي ۾ آئي، جيڪا نه صرف نواب شاهه جي شهرواسين جي فخر جو باعث آهي پر سنڌ واسين لاءِ پڻ عزت جو نشان ۽ ملڪ لاءِ باعث ناز آهي.

آرٽ گئلري سنڌ جي مشهور علمي ادبي شخصيت ايڇ-ايم- خوجا صاحب جي زير سابه سندس قائم ڪيل نواب شاهه هائوسنگ سوسائٽي /A13 پلاٽ تي تيار ڪئي ويئي آهي.

آرٽ گئلري بذات خود اڏاوت جي لحاظ کان آرٽ جو هڪ نادر نمونو آهي، جنهن جي تعمير ۾ بنده پنهنجي انجنيئري واري تجربي کي خوب استعمال ڪيو آهي، جنهن ۾ فتاح هاليپوٽي جي مصورانه خيالن کي عملي جامو پهرايو ويو آهي.

سڪندر آرٽ گئلري جي خاص دروازي جي ڊزائين، کڙڪين ۾ رکيل لوهه واري گرل ۾ آيل مهمانن جو آڌرڀاءُ ڪرڻ واري تصوير، فرش ۽ موزئيڪ تي چترڪاري، ڇتين تي ڪاشيءَ جو ڪم، گهر واري دروازي تي بلو رنگ جون ٽائلون، مسلم آڙڪيٽيڪچر واريون گول آرچون هڪ ننڍڙي ماڊل گئلريءَ جو کليل ثبوت آهن.

اڏاوت ۾ استعمال ڪيل ڪاشي استاد برادي ارباب جي فن جو ڪمال آهي. آرٽ گئلري آڙٽ جي فن پارن کان وڌيڪ دل لڀائيندڙ هڪ نمونو آهي. انهن سڀني ڳالهين سان گڏ ان جي تعمير ۾ هرهڪ ڪمالگر کان وٺي هرهڪ مزدور دلچسپي ۽ محنت سان ڪم ڪري هرهڪ سِرَ کي پيار سان لڳايو آهي، جنهن جي مهندار ڪاريگر نذير احمد چنه کي وساري نٿو سگهجي. ان گئلري جي تعمير دوران بنياد ڀرڻ کان وٺي آخري مراحل تائين ڪم جي نگراني ڪندڙ وفادار ساٿي مرحوم نثار احمد ميراڻي کي وساري نٿو سگهجي، جيڪو هلندڙ ڪم دوران اسان کان جدا ٿي ويو.

آرٽ گئلري بنده جي فنِ ڪاشيگريءَ واري جديد مصوري جي مجموعي لاءِ هڪ خاص مقام رکي ٿي، جنهن جي ابتدا اڄ کان 6 سال اڳ مرحوم فارق علي عباسيءَ جي ساٿ ۾ استاد برادريءَ جي زير نظر شروع ڪئي هئي، جنهن جي تڪميل لاءِ هي عملي قدم آهي.

آرٽ گئلري ٽن حصن ۾ ورهايل آهي. ان جي پهرين حصي ۾ فنِ مصوري تي ڪيل 1970ع وارو ڪم رکيل آهي، جنهن ۾ آئل پينٽ ۾ شاهه لطيف رحه جي بيتن تي سنڌي ۽ انگريزي مفهوم تي تجريدي آڙٽ تي ڪم ٿيل آهي.

ٻئي حصي ۾ فن مصوري کي ڪاشيگريءَ جي فن ۾ ظاهر ڪرڻ لاءِ مٽيءَ جي ٺهيل ٽائيلن، پليٽن ۽ مختلف شڪلين ۾ پورٽريٽ، خطاطي ۽ ٻيا منظر چٽيا ويا آهن. هن ۾ شروعاتي تجرياتي ڪم کان وٺي اڄ جي حاصل ڪي سٺي ڪم جا شاهڪار رکيل آهن.

ٽئين حصي ۾ هالا ۾ مروج ظروف سازي جا نمونا، اتي ٺهندڙ هرقسم جو ڪم، گلدستا، ننڍڙا رانديڪا، انهن ۾ وڌيڪ جدت ۽ نواڻ آڻڻ وارا ترجياتي ڪم رکيل آهن.

ان کان علاوه روزمره ٿيندڙ ڪم تياري بعد اتي رکيو وڃي ٿو. ان گئلريءَ سان گڏوگڏ هڪ آفيس ڪم ڪرڻ لاءِ، ننڍڙو آرامده ڪمره، ٻاهر ننڍڙو باغيچو، هر ايندڙ لاءِ هرسهوليت جو سامان مهيا ڪري ٿو.

اندر گئلري ۾ داخل ٿيڻ تي سامهون واري ديوار تي ٽائيلن سان ميورل تيار ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ 210 ٽائيلن سان هڪ سنڌي ڳوٺاڻي بورچيخاني ۾ ڪم ڪندڙ عورت کي ڏيکاري سنڌ جي ثقافت ڏيکاري ويئي آهي، جيڪا هڪ انفرادي سٺي ڪوشش آهي.

بنده پنهنجي فن تي رات ڏينهن ڪم ڪندو رهي ٿو. پنهنجي ذميدارين کان فارغ ٿيڻ بعد سمورو وقت ان ڪاشيءَ واري فن کي وڌيڪ بهتر بنائڻ لاءِ عملي قدم کڻندو رهي ٿو. هن وقت بنده جو سڄو توجه ٽائيلن کي پريس ذريعي سهڻو بنائڻ مٽيءَ کي وڌيڪ بهتر ڪري سٺي شئيءِ تيار ڪرڻ جي جستجو ۾ گذري ٿو.

مجموعي طرح سڪندر آرٽ گئلري نواب شاهه لاءِ ثقافتي ميدان ۾ هڪ سٺو واڌارو آهي، جيڪا وقت سان اڳتي وڌي ملڪ و قوم جو نالو روشن ڪندي. هڪ انفرادي ڪوشش اجتماعي بهبوديءَ جو سبب بنجندي. گئلري جي مهاڙي جي ڪانن جي ڊزائين واري ٽائيل ۽ اندر ديوار تي تيلين جي ڊزائين ۽ سنڌ جو نقشو ڏسڻ وٽان آهي. ڪاشيءَ تي ٺهيل پنڊيون پنهنجو مٽ پاڻ آهن. ڪاشِءَ مان تيار ڪيل ماڻهن جا ماڊل، سچل سرمست جي مزار جو ننڍڙو ماڊل، ناچ ڪندڙ کڏي ۽ باز وارو اسٽري ڏسڻ وٽان آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com