باب پهريون
شاهه عبداللطيف جي حياتي جو
احوال
شاهه عبداللطيف جي وڏي ڏاڏي شاهه عبدالڪريم جي سوانح فڪر ۽ فيض
بابت سندس وفات (1032هه) کان ٿورو ئي پوءِ سنه
1038 هجري ۾ سندس سڄاڻ مريد محمد رضا (بن
عبدالواسع عرف مير دريائي بن داروغه گهر) ’بيان
العارفين‘ نالي تفصيلي ڪتاب لکيو جيڪو اڄ تائين
موجود آهي. مگر شاهه عبداللطيف بابت سندس وقت ۾ يا
سندس وفات کان پوءِ ڪو اهڙو ڪتاب ڪونه لکيو ويو جو
ان مان سندس حياتي جو احوال پوري تصديق ۽ تفصيل
سان معلوم ٿي سگهي. اهڙي اوائلي تصنيف جي غير
موجودگي سببان، هن وقت تائين جن مصنفن شاهه جي
حياتي بابت جيڪي ڪجهه قلمبند ڪيو آهي، سو گهڻي
ڀاڱي تائين ٻڌل ڳالهين جي آڌر تي روايتي رنگ ۾
لکيو آهي جنهن جو تفصيل هيٺينءَ ريت آهي.
سڀ کان پهريائين، شاهه جي وفات کان پوءِ ستٽيهن کن سالن واري
عرصي اندر مير علي شير قانع ٺٽوي پنهنجن ٽن فارسي
ڪتابن(1)
۾ شاهه صاحب بابت مختصر بيان قلمبند ڪيا. اهي گهڻي
حد تائين ٻُڌل ڳالهين تي ٻَڌل آهن، جنهن ڪري سوانح
جي لحاظ سان اهي نه فقط ناڪافي آهن پر البت
منجهائيندڙ آهن. قانع جي ڪتابن بعد، ۽ شاهه جي
وفات کان سوا سؤ سال کن پوءِ، سندس حياتي بابي
جيڪي عام ڳالهيون هلندڙ هيون سي مير عبدالحسين خان
سانگي 1880ع ڌاري گڏ ڪرڻ شروع ڪيون ۽ سنه 1888ع ۾
هن انهيءَ ذخيري کي فارسي ۾ ’لطائف لطيفي‘ نالي
ڪتاب ۾ قلمبند ڪيو(1)
. مرزا قليچ بيگ پڻ 1887ع ۾ شاهه جي سوانح بابت
انگريزي ۾ ڪتاب لکيو(2)
. جيڪو پوءِ سنه 1897ع ۾ ’احوال شاهه عبداللطيف
ڀٽائي‘ جي نالي سان سنڌيءَ ۾ شايع ڪيائين(3)؛
پر انهن ٻنهي ڪتابن ۾ جيڪو مواد ڏنائين سو گهڻي
ڀاڱي تائين اهو ساڳيو ئي هو جيڪو کيس مير
عبدالحسين خان سانگي وٽان مليو هو. ليلا رام وتڻ
مل لالواڻي سنه 1889ع ۾ ’شاهه لطيف جي زندگي، مذهب
۽ شاعري‘(4)
جي عنوان سان انگريزي ۾ ڪتاب لکيو جنهن ۾ پڻ شاهه
جي سوانح بابت گهڻي حد تائين ساڳيو مير صاحب ۽
مرزا قليچ بيگ وارو مواد سامهون رکيائين، پر البت
ان سلسلي ۾ مير صاحب جي دوستن ميين احمد ڀٽائي کان
به ڪي ڳالهيون پڇيائين.
مٿين مصنفن کان سواءِ ٻين لکندڙن (رچرڊ برٽن، ڪمشنر فريئر جي
منشي، ارنسٽ ٽرمپ، ۽ ڏيارام گدومل) سندن ڪتابن ۾
شاهه لطيف بابت جيڪي ڪجهه لکيو آهي سو يا مير علي
شير قانع جي آندل حوالن يا ٻين مٿي ذڪر ڪيل ڪتابن
تان ورتل آهي(1)؛
ٻيو ته سندن بيانن ۾ شاهه جي سوانح بابت بنيادي
معلومات گهٽ ۽ سندن پنهنجي طرفان ڏنل رايا وڌيڪ
آهن. سنه 1923ع ۾ ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاني
نئين سر ’شاهه جو رسالو‘ مرتب ڪيو، جنهن جي پهرئين
جلد ۾ هن مير عبدالحسين خان سانگي، مرزا قليچ بيگ
۽ خاص طرح ليلا رام جي آندل بيانن جي آڌار تي
روايتي رنگ ۾ شاهه جي سوانح لکي. سنه 1950ع ۾ برک
عالم ۽ اديب مولوي دين محمد وفائي مرحوم پنهنجو
ڪتاب ”لطف اللطيف“ شايع ڪيو، جنهن ۾ هن شاهه جي
سوانح بابت ڪي نوان حوالا ڏنا ۽ پڻ ڪن روايتن تي
وڌيڪ تحقيق ۽ تفصيل سان روشني وڌي.
انهن قابل ذڪر ڪوششن جي باوجود شاهه عبداللطيف جي حياتي جو
احوال اڃا تائين ’حڪايتن‘ جي حجاب ۾ ڍڪيل آهي،
جنهن کي هٽائڻ سان ئي ’حقيقتن‘ تائين پهچي سگهجي
ٿو. هيٺ سندس سوانح کي محض عامي ڳالهين ۽ حڪايتن
بدران ڪن معتبر تحريري حوالن ۽ وڌيڪ ڀروسي جهڙين
زباني روايتن جي روشني ۾ بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي
آهي.
(1)
1. نسب نامو(2)،
ولادت، ننڍپڻ ۽ ابتدائي تعليم وارو دور
شاهه عبداللطيف، سنڌ جي ’مُتَهَلِوِيۡ ساداتن، يعني
’مُتَعَلوِي‘ يا مٽياري سيدن جي ’ڪريم-پوٽا‘
خاندان مان ٿيو جيڪو مٿي شجري ۾ هڪ وڏي پاڙي
’جَراڙ‘ يا ’جَراڙ- پوٽا‘ خاندان مان ٿيو جيڪو مٿي
شجري ۾ هڪ وڏي پاڙي ’جَراڙ‘ يا ’جَراڙ-پوٽا‘ پاڙي
جي هڪ شاخ آهي. انهيءَ پاڙي جو وڏو سيد جراڙ
(جلال) هو جيڪو سيد شرف الدين جو فرزند هو. انهيءَ
لحاظ سان ’جراڙ-پوٽا‘ ساڳئي وقت ’شرف-پوٽا‘ آهن.
شرف الدين جو ڏاڏو سيد حيدر، هرات شهر جي سيد مير
علي جو پٽ هو جيڪو مٿي امام موسى ڪاظم جي اولاد
مان هو. انهيءَ لحاظ سان مٽياروي سيد شهر هرات جي
سندن وڏي ڏاڏي مير علي (يعني سيد علي) جي اولاد
سببان ’هِراتي سيد‘ آهن، پر مير علي هِراتي کان
مٿين نسب نامي جي اعتبار سان ’ڪاظمي سيد‘ آهن.
مٽياروي سيدن جي شجري موجب، سيد حيدر پهريائين سنڌ
۾ آيو ۽ هالا- ڪنڊي (قديم شهر هالا) ۾ اچي رهيو
جتي هالا قبيلي جي رئيس شاهه محمد بن دريا خان کيس
پنهنجي نياڻي ڏني جنهن مان کيس ’علي‘ نالي پٽ ٿيو.
سيد حيدر موٽي هرات ويو ۽ اتي ئي وفات ڪيائين، پر
پٽس سيد (مير) علي سنڌ ۾ ئي رهيو ۽ ڪريم- پوٽا
توڙي ٻيا سڀ مٽياروي سادات هن ’سيد علي سنڌي‘ جو
اولاد آهن.
(الف) ساداتن جو مٽياري ۾ اچڻ: شجري جي روايتن موجب، سيد (مير
علي (سنڌي) 2-80-803 هه وارن سالن ۾ هالا- ڪنڊي ۾
ڄائو هوندو، پر غالباً سندس والد سيد حيدر ڳچ وقت
اڳ (اٺين صدي هجري جي آخر ۾ سمن جي حڪومت جي
شروعاتي دور ۾) سنڌ ۾ آيو ۽ مير ’علي‘ سنڌي به
غالباً 8- صدي هجري جي آخري ڌاري ڄائو. هو هالا-
ڪنڊي ۾ پنهنجن ناناڻن ۾ نپنو، جن کيس پرڻايو. هن
ٻيو نڪاح ترُڪن جي قبيلي مان ڪيو. کيس ٽي پٽ ٿيا:
احمد، شرف الدين ۽ مرتضى عرف ڀرئو، جن سڀني کي
اولاد ٿيو. سيد علي سنڌي جڏهن اولاد وارو ٿيو ته
هالا- ڪنڊي مان لڏي اچي پينگهاري پرڳڻي سان لاڳو
پرڳڻي جي ’متعلہ‘ يا ’متعالہ‘، يعني ’متهلو‘ (=’مٽهالو‘
يا ’مٽ- هالا‘) شهر ۾ ويٺو، جنهن جي نالي مان
ڀانئجي ٿو ته اهو هالا قبيلي جي سربراهن جي
زمينداري ۾ هو ۽ هنن پنهنجي ڏوهٽي کي جاگير ڪري
ڏنو. اهو شهر هن وقت موجود ناهي پر شهدادپور کان
8-9 ميل اوڀر طرف ’متهلو‘ ديهه ۽ تپو ان نالي جي
يادگار طور موجود آهن. سيد علي سنڌي ۽ سندس اڪثر
اولاد 9 صدي هجري وارو گهڻو عرصو ’متهلي‘ ۾ رهيا ۽
سيد علي به متهلي ۾ ئي وفات ڪئي. هنن سيدن پنهنجي
دينداري، ديانتداري ۽ ڪامياب زمينداري جي ڪري
ديندار سلطان ڄام نظام الدين جي دور حڪومت
(866-914هه) ۾ وڏو اثر رسوخ پيدا ڪيو. متهلي طرف
غالباً پاڻي جي اڻاٺ هئي، جنهن ڪري هي سڄو خاندان
9 صدي جي پوين ڏهاڪن ۾ موجوده شهر مٽياري واري ماڳ
تي لڏي آيو، جتي هو ’متهلوي‘ (=
مُتهلي جا) س0جڻ لڳا. هي هڪ علمي گهراڻو هو ۽ سندن
تحريرن مان جئن پوءِ تئن ’متهلوي‘ کي ’متعلوي‘ ڪري
لکيو ويو. مٽيارين وارو ماڳ اصل ۾ چانگن بلوچن جو
هو، پر هن سيد گهراڻي جي وڌندڙ اثر رسوخ سببان هي
شهر پوءِ سندن نالي پويان ’متعلوي‘ سڏجڻ لڳو. جيڪو
عوامي اچار ۾ ڦري ’مٽياري‘ ٿيو.
(ب) ڪريم- پوٽا پاڙو: مٽياري واري ماڳ تي لڏي اچڻ کان پوءِ،
چاليهن پنجاهن سالن اندر، سنه 944 هجري ۾ سيد علي
سنڌي جي پٽ شرف الدين جي اولاد (شرف- پوٽن) جي
’جَراڙ‘ يا ’جراڙ- پوٽا‘ پاڙي مان، لال محمد شاهه
عرف لَلــٖـي شاهه جي گهر عبدالڪريم شاهه ڄائو،
جيڪو پنهنجي درويشي ۽ دينداري، فڪر ۽ فهم، تصوف ۽
توڪل جي ڪري مشهور ٿيو. سندس والد جو گهر ’مٽياري‘
۾ موجوده جامع مسجد جي ڏکڻ- اولاهين ڪنڊ سان لڳو
لڳ هو، جتان مسجد جي ديوار ۾ هڪ نشان يادگار طور
موجود آهي. شاهه لَلو پاڻ عابد زاهد ۽ سهروردي
طريقي جو سالڪ هو. سندس گذر سفر اڪثر لاڙ طرف
ٿيندو هو ۽ وفات پڻ اتي ئي ڪيائين ۽ سهروردي سلسلي
جي بزرگ شهاب الدين قريشي جي مقام ۾ مدفون ٿيو(1)
جئن ته شاهه للو پاڻ هڪ وڏو درويش هو، انهيءَ ڪري
گهڻين جاين تي سندس پڻ معتقد ۽ مريد ٿيا، جن مان
ڪي غالباً ’بلڙي‘ واري جَوءِ ۾ هئا، جن جي محبت ۽
عقيدي جي ڪري عبدالڪريم شاهه پنهنجي تعليم ۽
شاديءَ بعد ’مٽياري‘ مان لڏي وڃي اتي ويٺو. انهيءَ
ڪري ان ڳوٺ کي ’سيد پور‘ توڙي ’لَلاڻِي لوءِ‘
(2)سڏيو
ويو، پر جيئن ته اهو ’بُلڙي واري جُوءِ‘ ۾ هو،
انهيءَ ڪري پوءِ اهو ماڳ خود انهيءَ جُوءِ جي نالي
سان ’بلڙي‘ سڏجڻ لڳو. ميون شاهه ڪريم گهر ٻار عيال
سوڌو، سندس زندگي جي وڏي عرصي تائين، اتي رهيو ۽
وفات به سنه 1032هه (1623ع) ۾ اتي ئي ڪيائين.
تصوف جي سلسلي ۾ ميين شاهه ڪريم جي سندس والد جي سهرودي طريقي
سان نسبت باقي رهي، پر هو پاڻ قادري طريقي سان
وڌيڪ وابسته ٿيو. ميين شاهه ڪريم کي اَٺ پُٽ ٿيا،
جن مان چئن کي اولاد ٿيو جيڪو وڌيو ويجهيو، ۽ ڏاڏي
جي نالي سان سندن پاڙو ’ڪريم- پوٽا‘ ٿيو ۽ سندس
ٽئين نمبر فرزند جلال شاهه
(3)
جي اولاد مان شاهه عبداللطيف جو والد شاهه حبيب
ٿيو.
(ج): شاهه حبيب ۽ سندس ڪٽنب: شاهه حبيب، ميين شاهه
ڪريم جو پڙ پوٽو هو. سندس ڏاڏو جلال شاهه يا جمال
شاهه غالباً پنهنجي والد ميين شاهه ڪريم جي وقت ۾
مٽياري ۽ هالن طرف گهڻو گذارڻ لڳو. هو هالن طرف هو
جو ڦورن ڪنهن مائي جو مال هنيو ۽ جڏهن شاهه پويان
واهر ٿي ويو تڏهن ڦورن کيس شهيد ڪيو، ۽ هو ’گولي
پير جي مقام‘ ۾ مدفون ٿيو. هي مقام شهدادپور تعلقي
جي ديهه ۽ تپي ’جَما‘ ۾، ڀٽ کان 7 ميل کن اتر طرف
آهي جتي جلال شاهه (جمال شاهه) جي تربت موجود آهي.
سندس شهيد ٿيڻ بعد سندس ٻار ٻچا جيڪڏهن مٽياري ۾
هئا ته به موٽي وڃي پنهنجي ڏاڏي سان ’سيدپور‘
(بلڙي ۾ رهيا. جلال شاهه يا جمال شاهه جو فرزند
عبدالقدوس شاهه به عابد ۽ درويش ٿيو. جنهن اتي
وفات ڪئي ۽ پنهنجي ڏاڏي مين شاهه ڪريم جي مزار جي
ويجهو ڏکڻ- اوڀر طرف دفن ٿيو. کيس ٻه پٽ ٿيا: حبيب
الله شاهه (شاهه حبيب) ۽ عبدالرشيد شاهه، جن ٻنهي
کي اولاد ٿيو. دينداري درويشي جي ورڇ حبيب شاهه کي
ملي. ميين شاهه ڪريم بعد، جملي ڪريم- پوٽن ۾ شاهه
حبيب ئي زهد ۽ عبادت، فقر ۽ فضيلت جو صاحب ٿيو، ۽
سندس اعلى اخلاق، فيض ۽ فقيري جو خاص طرح سندس
فرزند شاهه عبداللطيف جي تربيت تي وڏو اثر پيو.
ميين شاهه ڪريم بعد، ڪريم- پوٽن ۾ شاهه حبيب ئي
شاعر ٿيو جنهن بيت چيا جيڪي ’شاهه جي رسالي‘ ۾
شامل آهن. شاهه حبيب جي عارفانه شاعريءَ جو پڻ
شاهه لطيف تي اثر پيو.
شاهه حبيب پنهنجي والد جي وقت ۾، يا سندس وفات کان پوءِ، ڪجهه
وقت لاءِ اچي مٽياري شهر ۾ رهيو. اها جاءِ جتي هو
رهيو(1)
اتي ٿي سگهي ٿو ته سندس گهر هو، ۽ ’مٽياري‘ ۾ سندس
رهڻ انهيءَ ڪري ٿيو جو شايد اتي سندس شادي ٿي.
پوءِ عزيزن جي ساڻس اڻبڻت ٿي، جو درويش هاشم شاهه
جيڪو کيس گهڻو گهرندو هو تنهن جي چوڻ تي مٽياري کي
ڇڏيائين. ڪن روايتن موجب شاهه حبيب هڪ شادي عزيزن
مان ڪئي ۽ ٻي ٻاهران ڪئي جنهن مان شاهه عبداللطيف
ڄائو. پر هڪ ته اهو پڪيءَ طرح معلوم ناهي ته سندس
پهرين شادي ڪڏهن ٿي ۽ ٻيو اهو به معلوم ناهي ته
پنهنجن مان جيڪا شادي ڪيائين سا ڪهڙي پاڙي يا ڪهڙن
عزيزن مان ڪيائين. مٽياروي سيدن جي پاڙن جا شجرا
موجود آهن پر انهن ۾ شاهه حبيب جي ان شادي جو ڪو
حوالو موجود ڪونهي. روايتن موجب، ٻنهي گهرن مان
کيس اولاد ٿيو: پر هڪ ته شاهه حبيب جي اولاد بابت
جيڪي حوالا موجود آهن. سي سندس وفات کان سوا- سؤ
سال کن پوءِ جا آهن ۽ ٻيو ته شاهه عبداللطيف جي
وفات کان پوءِ ئي (خاص طرح گادي نشيني جي مسئلي
تان) شاهه حبيب جي نرينه يا ٻئي اولاد بابت بيان
پڌرا ٿيا، پيءَ ڪري شاهه حبيب جي جملي ڪٽنب بابت
ڪنهن پڪي نتيجي تي پهچڻ مشڪل آهي. البت اهو يقيني
آهي ته هڪ ئي گهر مان شاهه حبيب کي ٽي فرزند هئا
جن مان فقط هڪ شاهه عبداللطيف باقي بچيو. ٻئي گهر
مان هڪڙن حوالن موجب جمال شاهه نالي فرزند ٿيو ۽
ٻين موجب جمال شاهه ۽ مصري شاهه نالي ٻه فرزند...
ٽکڙ واري شجري موجب جمال شاهه جو پٽ ڪريمڏنو شاهه
ٿيو، جنهن جو ڪوبه پٽ جمال شاهه نالي ڪونه هو؛ ٻين
شجرن ۾ ان جو پٽ جمال شاهه نالي هو، جيڪو شاهه
عبداللطيف بعد گادي نشين ٿيو. پٽن کان سواءِ شاهه
حبيب کي ’بي بي بتول‘
(1)
نالي هڪ نياڻي هئي، جيڪا غالباً شاهه عبداللطيف جي
سڳي ڀيڻ هئي، ان سميت ڀاءُ کان سواءِ، شاهه حبيب
جي ٻن نياڻين جو ذڪر ٿيل آهي، پر مير سانگي ڄاڻايو
آهي ته اها پڪ ڪانهي ته اهي ڪهڙي گهر مان هيون، پر
ٻنهي جي شادي شاهه حبيب جي وقت ۾ ٿي. سانگي کي
غلام محمد شاهه گدا ٻڌايو ته انهن مان هڪ مٽياري
سيدن جي ’موسى‘ پاڙي ۾ ڏنل هئي ته ٻي سمهباڻي پاڙي
۾ ڏنل هئي(2).
شجرن جي تحقيقات مان اسان کي معلوم ٿيو ته شاهه
حبيب جي هڪ نياڻي، سيد موسى جي ڀاءُ سيد عيسى جي
اولاد ’عيسى- پوٽن‘ جي پاڙي مان محمد حافظ شاهه جي
پٽ کي پرڻايل هئي(3)،
مگر شجرن مان توڙي زباني روايتن مان اها تصديق نه
ٿي سگهي ته ڪو شاهه حبيب کي ڪا نياڻي سمهباڻين ۾
به ڏنل هئي(4).
(د) شاهه عبداللطيف جي ولادت (1102): عام روايتن مجب، شاهه حبيب
کي اولاد ڪونه ٿيندو هو ۽ ڪنهن درويش کان دعا
گهريائين، جنهن چيس ته: توکي پٽ ٿيندو، پر سندس
نالو عبداللطيف رکجانءِ
(1).
سنه 1300 هه ۾ اتاريل هڪ بياض ۾ اها آڳاٽي روايت
جيئن نقل ٿيل آهي، تنهن موجب اها دعا شاهه حبيب کي
شهر جي مست درويش هاشم شاهه ڪئي هئي، جيڪو پاڻ
جراڙ- پوٽو هو. حبيب جو عزيز هو. شجري مان پڻ اهڙي
تصديق ٿئي ٿي ته ٻئي همعصر هئا. حبيب دل ۾ ارادو
رکي هاشم شاهه وٽ ويو، جنهن کيس ڏسي چيو ته ”تو
مان لطيف جي بوءِ ٿي اچي.“
(2)
شاهه حبيب کي ڄڻ واڌائي ملي ته کيس عبداللطيف نالي
پُٽ ٿيندو، جنهن جي خوشبوءِ ملڪ واسيندي. پوءِ پُٽ
ڄائو، جنهن جو نالو عبداللطيف رکيائين، پر ٻارڙو
گذاري ويو. ساڳئي گهر مان ٻيو پٽ ڄائو تنهن جو
نالو به عبداللطيف رکيائين، پر اهو به گذاري ويو.
وري به ساڳئي گهر مان ٽيون پُٽ ڄائس، جنهن جو نالو
وري به عبداللطيف رکيائين، جيڪو بيو ۽.... شاهه
عبداللطيف ٿيو. اهي ٽيئي ٻارڙا جنهن بيبيءَ مان
ٿيا، سا عرس فقير.... جي نياڻي هئي، جيڪو ملتان جي
ولي غوث بهاؤالدين زڪريا جي خليفي قندر فقير جي
اولاد مان، ”ڌئونۡريات“ لقب وارن ڏيرن فقيرن جي
”ثابت“ يا ”ثابت نُک مان هو. هنن ڏيرن فقيرن جا ٻه
سلسلا هئا: هڪڙا ’سايات‘ يا سبزپوش ويس ڪندڙ ۽ ٻيا
’ڌؤنۡريات‘ يا سفيد پوش. هي وڏا پهتل درويش ’گنباٽ
ڌڻي‘ (گنباٽ واري ايراضي جا رکوال ولي) ڪري سڏبا
هئا. ثابت... وڏو درويش ٿي گذريو- جو چيائون ته:
سوالي سچيءَ سڪ مان جي ثابت کي سارين
تن نڪا تنگي تون جي، نڪي اُڌارين(1)
.
عرس فقير کي ٻه نياڻيون هيون: وڏي ڏنائين رب رکيي فقير ڏيري کي،
۽ ننڍي نياڻي ڏنائين شاهه حبيب کي. شادي بعد، شاهه
حبيب به سُهريجن جي پاڙي ۾ ٿي ويٺو، جتي سندس گهر
’سُئي قندر‘ واري تاريخي مقام کي بلڪل ويجهو اولهه
طرف هو. اها گهر واري جاءِ روينيو رڪارڊ موجب سروي
نمبر 134 ديهه ”سئي قندر جاگير“ تعلقي شهدادپور ۾
آهي ۽ مقامي طور ٽيهه سال کن اڳ تائين مقامي ماڻهن
سڀني کي ان جي خبر هئي ’سئي قندر مقام‘ کان نمبر
جي لام تي اتر- اولهه طرف ۽ موجوده شاخ جي اوڀر،
شاهه صاحب جي گهر لڳ هڪ کڏ هئي جنهن کي ”ساياتن جي
کڙ“ ڪري چوندا هئا. انهيءَ جي ڀرسان 1930ع تائين
ڪنڊي جا وڻ بيٺل هئا جيڪي ’شاهه حبيب جا ڪنڊا‘
سڏبا هئا. اتي سندس حويلي هئي جنهن جي ڀتين جون
بِنائون به ان وقت ماڻهن ڏٺيون. انهيءَ حويليءَ ۾
ئي شاهه حبيب جا پهريان ٻه پٽ ڄاوا جيڪي گذاري ويا
۽ ’سئي قندر مقام‘ ۾ ڏيرن فقيرن جي پاڙي ۾ دفنايا
ويا. ٻنهي جون قبرون اڃا تائين اتي موجود آهن(1).
ٽيون پٽ شاهه عبداللطيف به انهيءَ ساڳئي گهر ۾ ڄائو ۽ اتي ئي
نپنو ۽ وڏو ٿيو ته وفات وقت (1165هه) شاهه صاحب جي
عمر 63 سال هئي. اڄ کان هڪ سؤ ورهيه اڳ به باخبر ۽
ڄاڻو ماڻهن وٽ سال 1102 هجري شاهه صاحب جي ولادت
جو مڃيل سال هو جو ان وقت جي عالم فاضل شاعر سيد
غلام محمد ’گدا‘ اهو ئي سال پنهنجي هيٺين واري شعر
مان ڪڍيو(2)
:
گدا، سال توليدِ سلطانِ ’ڀٽ‘
شنيدم زهاتف ’عنايت شعار‘
1102
شاهه عبداللطيف ڪٿي ڄائو ان بابت البت پوئين دور جا لکندڙ صحيح
راءِ قائم ڪري نه سگهيا آهن، ڇاڪاڻ جو هڪ ته سندن
ڌيان تي اها ڳالهه ويٺل هئي ته شاهه صاحب جي امڙ
’دياڻي‘ خاندان مان هئي، يعني ته هالن پراڻن جي
هئي، جنهن ڪري ان طرف ٿيڻ گهرجي ها. البت ٻئي طرف،
مقامي طور تي جيڪا پڪي پختي ڳالهه هلندڙ هئي سا
هيءَ ته شاهه صاحب جي امڙ، ’ڀٽ‘ کان ڏيرن فقيرن
مان هئي ۽ انهيءَ ڪري ان طرف سندس ولادت جو فطري
امڪان هو. پر ’سئي قندر‘ لڳ ڏيرن فقيرن جي ڳوٺ جي
حوالي ’دياڻي‘ خاندان مان شاهه صاحب جي امڙ هجڻ
واري نظريي جي ڄڻ نفي پئي ڪري اوڀر طرف جا حوالا
آندائون ته به هڪڙن ’ڀينءَ پور‘ کي ته ٻين .... کي
شاهه جي ولادت جو ماڳ ڪري لکيو. لؤنگ فقير مهيسر
جنهن شادي شهيد لڳ خيرپور ضلعي ۾ آهي، تنهن جي
فقيرن ڪٿان ٻڌو ته شاهه ’ڀينءَ پور ۾ ڄائو هو يا
اتي چلو ڪڍيو هئائين‘ سو اتي وڏي مسجد
(1)...
سانگي پوءِ ’لطائف لطيفي‘ ۾ ان جو ذڪر ڪيو ۽ ’ڀئي
پور‘ (’صحيح... کي شاهه صاحب جي ولادت جي جاءِ ڪري
ڄاڻايو
(2).
ان بعد مولوي دين ... به ’لطف اللطيف‘ ۾ انهيءَ
ساڳي ڳالهه کي ورجايو(3)
. ٻئي طرف ليلان.... لالواڻي پنهنجي ڪتاب ۾ ’هالا
حويلي‘ (ڀِٽ کان 18 ميل ڏکڻ- اوڀر لکيو(4)
پر اهو ڪونه ڄاڻايائين ته ڪهڙي زباني يا شاهدي جي
آڌار تي لکيو. باوجود انهيءَ جي، لولاڻي جي پوئلڳي
ڪندي گربخشاڻي به... کي شاهه جي ولادت جي جاءِ ڪري
ڄاڻايو.(1)
مرزا قليچ بيگ وري... ’هالا
حويلي‘ ٻنهي کي ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪئي جو لکيائين ته
”ڀٽائي جي ڄمڻ جي جاءِ ’هالا حويلي‘ ۾ هئي جا ’ڀئي
پور‘ (صحيح ڀينءَ پور) ڏکڻ- اڀرندي ڪنڊ ڏي هئي
جنهن گهر ۾ شاهه صاحب ڄائو هو اتي... مسجد جوڙائي
وئي هئي جا اڃا تائين نصير واهه جي ڪلهي بيٺل آهي
(2).
جي هيءَ سڄي عبارت خيالي آهي ۽ سرزمين جي ڄاڻ کان
سواءِ لکي وئي. شاهه لطيف ساڳئي وقت هالا حويلي ۽
ڀينءَ پور ۾ مسجد جي ڀر واري ٿي نٿي سگهيو، ڇاڪاڻ
جو ڀينءَ پور کان ’هالا حويلي‘ ڪافي پري آهي. ڏکڻ-
اوڀر طرف ڪانهي پر اتر- اوڀر طرف آهي. ’ڀينءَ پور‘
تعلقي حيدرآباد ۾ ’هالا حويلي‘ تعلقي ٽنڊي الهيار
۾ آهي
(3).
’تحفة الڪرام‘، ’مقالات الشعراء‘ ۽ ’معيار
سالڪان طريقت‘: پهريان ٻه سنڌي ادبي بورڊ
طرفان شايع ٿي چڪا آهن، باقي ٽيون ڪتاب ’معيار
سالڪان طريقت‘ قلمي صورت ۾ آهي. ان ۾ شاهه
عبداللطيف بابت آيل بيان جو سنڌي ترجمو راقم
جي مضمون ”حضرت شاهه عبدالطيف جي سوانح بابت
ويچار“ ۾ ڇپيو آهي (سنڌي ادبي بورڊ جو رسالو،
سماهي مهراڻ، جنوري- مارچ 1987ع).
هي ڪتاب راقم جي تصحيح سان، شاهه عبداللطيف ڀٽ
شاهه ثقافتي مرڪز ڪميٽي طرفان سنه 1967ع ۾
شايع ٿي چڪو آهي.
هيءُ ڪتاب، شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي
مرڪزي ڪميٽي طرفان سنه 1980ع ۾ شايع ٿيو آهي.
چون ٿا ته اها جاءِ پوئين ويجهي وقت ۾ مرحوم
’ماڪن شاهه‘ جي حوالي هئي. 1940ع ڌاري اتي نم
جا ڪي وڻ هئا ۽ پڻ چوديواري سان هڪ ننڍڙي ڪوٺي
بيٺل هئي، پُراڻين ڀِتين سان ۽ هيٺاهين ڇت سان
جنهن تي پٽيون تڏا هئا ۽ هيٺ زمين تي به ڪي
تڏا پيل هئا. اهي شاهه حبيب جا ڪک سڏبا هئا.
ماڻهو ادب ڪندا هئا ۽ اتي ختما چلا ڪڍندا هئا.
لطائف لطيفي، فارسي متن، ص 180-181. روايت
مشهور آهي ته انهيءَ ڪري ئي کيس ادب چاڻ بييبي
بتول، بيبي راڻي يا بيبي سردار سڏيندا هئا.
لطائف لطيفي، فارسي متن، ص 173.
ٽکڙ واري شجري ۾ صاف ائين ڄاڻايل. محمد حافظ
شاهه بن گهريو شاهه پاڳارو هو.
سمهباڻي، يعني سيد سمهبه (بن عبدالوالي بن دين
محمد بن شاهه ڪريم) جو اولاد. کيس چار پٽ هئا:
عبدالرحمان، عبدالحڪيم، بهارو ۽ ابوالفتح.
جيڪڏهن شاهه حبيب جي نياڻي سمهباڻين ۾ ڏنل هئي
ته پيڙهين ۽ وقت جي اندازي مطابق) اها خود
سمهبه شاهه جي ڪنهن پٽ کي ڏنل هوندي.
مرزا قليچ بيگ لکيو آهي ته شاهه صاحب کي اولاد ڪونه ٿيندو
هو، پوءِ ڪنهن اولياءَ کان دعا گهريائين، جنهن
کيس يقين ڏياريو ته: ”توکي پٽ ڄمندو، جو زماني
جو غوث ٿيندو ۽ انهن جو نالو عبداللطيف
رکجانءِ.“ (احوال شاهه عبداللطيف ڀٽائي، ص
13). البت اهو ڪونه ڄاڻائين ته کيس اها ڳالهه
ڪٿان معلوم ٿي يا اهو ولي ڪهڙو هو، جنهن دعا
ڪئي. هيءَ روايت مٽياروي ساداتن جي خانداني
روايت آهي، جيڪا مسلسل طور هلندي آئي آهي ۽
اعتبار جوڳي آهي. ڪافي ڳولا بعد آخرڪار هيءَ
روايت راقم کي تحريري صورت ۾ ملي. اها تحرير
جيتوڻيڪ پوءِ جي آهي، پر يقيني طور ڪنهن آڳاٽي
ذخيري تان نقل ٿي. جن لفظن ۾ اها نقل ٿيل آهي،
تنهن کي ٽکڙ جي ’منعماڻي‘ پاڙي وارن سيدن جي
زباني بيان ٿيل روايت مناسب ٿيندو، ڇاڪاڻ ته
اها لکيت انهن ئي وٽ محفوظ رهي آهي. اڄ کان
هڪ... سنه 1300هه ۾ جنهن اها نقل ڪري لکي،
تنهن کي وري ”ڇنڇر ڏينهن ڏهين تاريخ سنه
1361هه“ ۾ حافظ بسمل ٽکڙائي اٿاريو. اهو بياض
محترم قمرالزمان شاهه جي مهڙ... راقم جي
مطالعي هيٺ آيو.
درويش هاشم شاهه جڏهانڪو مستي ۽ مجذوبي ۾ آيو
ته هندوستاني .... غالباً قلندر شهباز تي ڪن
ٻاهرين عقيدتمندن سان ڳالهائيندي اها ٻولي
اختيار ڪيائين هت سندس قول سنڌيءَ ۾ ڪري لکيا
آهن.
ثابت فقير ايڏي وڏي درجي وارو هو جو کيس ”ميان
ثابت“ ڪري سڏيو ويو. قبر ’سُسئي قندر واري
قبرستان“ ۾ ڏيرن فقيرن جي خاص مقام ۾ هڪ اوچي
ٿلهي... جنهن تي ستر قبرون آهن، جن مان اولهه
طرف کان پهرين قبر ثابت فقير جي آهي ۽ ...
نالو ’ميان ثابت‘ لکيل آهي.
|