سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1989ع

مضمون

صفحو :16

اُڃايل ڌرتي

م.م. راجندر

 

سنڌيڪار: سائين بخش رند

 سيٺ مُڪندي ”سيتاپور“ جو سڀ کان مالدار ماڻهو هو. هن ننڍڙي ڳوٺ جي اڻ پڙهيل ماڻهو ڪيئن ايتري دولت هٿ ڪئي هئي، ان جو جواب ته صرف پوڙهي وقت وٽ ئي هو، جنهن جي ڪڏهن به نه بند ٿيڻ واري، مڪندي جي خوشحالي ۽ ڳوٺ جي بدحالي جو سڄو نقشو ڏٺو هو. تن ڏينهن ۾ مڪندي جي ڳوٺ کان ٻاهر سندس ٻه سِرن جا بٺا هئا، ۽ شهر ۾ هڪ اٽ پيهڻ جي مشين هئي. ان کان سواءِ سيتاپور کان ڏهن ميلن جي مفاصلي تي ڳوٺ ”بوالي“ کان ڪجهه ٻاهر، سندس ساهرا رهندا هئا، اتي ان جو هڪ دڪان به هو، جنهن ۾ گوشت ماني ۽ کائڻ پيئڻ جي ٻين چند شين کان علاوه، ناجائز طريقي سان ٺاهيل ديسي شراب ۽ مٽن ۾ ڀريل ٿڌو پاڻي به وڪامبو هو. ڳوٺ بوالي ۽ ان جي آسپاس پاڻي جي سخت اڻاٺ هئي، ان ڪري سيٺ مڪندي وڏي خرچ پکي سان نلڪو لڳرائي، پاڻي جي تجارت به شروع ڪري ڏني هئي. سيٺ مڪندي جا ماڻهو پاڻ کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي به نلڪي کي هٿ لائڻ جي بهاجازت نهڏيندا هئا، ۽ نلڪي کي هروقت هڪ زنجير ۽ تالو لڳو پيو هوندو هو. حد جي مختيارڪار ۽ ٿاڻيدارکان سواءِ ٻئي ڪنهن کي به مٽن جو ٿڌو پاڻي بغير ملهه جي پيئڻ نه ڏنو ويندو هو. مڪندي پاڻ ته سرن جي بٺي تي ويٺو هوندو هو، مگر ٻين جاين تي ڪاروبار کي هلائڻ لاءِ سندس انڌا منڊا منٽ مائٽ مقرر ٿيل هئا. انهن ۾ به مڪندي ورائي پرڪار هئا. جهڙو مڪندي پاڻ دل جو سخت ۽ هٿ جو ڪنجوس هو، اهڙائي سندس مائٽ هئا.

سيتاپور غريب واڍن لوهارن ۽ مزدورن جو شهر هو، جن جي وڏڙن جا گهر، ڪار لڳل ڪکن ۽ ڪانن جا ٺهيل هئا، جيڪي ناپائدار کُڏين مثل هئ، جن ۾ جيڪي ڪو سامان هو ته اهي ڪم ۾ ايندڙ زنگ لڳل اوزار ۽ ڀتين تي هر طرف ڪوريئڙي جا  ڄار هئا. هن ڳوٺ وارن جي حالت زور بروز بدتر کان بدتر ٿيندي وئي هئي، ۽ هاڻي نه واڍن وٽ ڪو ڪم هو ۽ نه مزدورن لاءِ مزدور. ڳوٺ جو ڳوٺ بيڪار هو. تمام ٿورڙن ماڻهن کي مزدوري ملندي هئي، جي سيٺ مڪندي جي سِرن جي بٺي تي ڪم ڪندا هئا. سڀيئي وڏيءَ مشڪل سان جيئن تيئن ڪري گذارو ڪري رهيا هئا. ٻني ٻارو به نه هئڻ جوڳو هو. انهن مزدورن جي آکير نما گهرن جي هن طرف چٻرا ڪڍڻ لاءِ جيڪڏهن ڪجهه هو ته اهي صرف سيٺ مڪندي جون آسمان کي ڇهندڙ عمارتون هيون. هن ست-اٺ فليٽ تيار ڪرئي ڇڏيا هئا. انهن مان ٻن ٽن ۾ سندس ئي مٽ مائٽ رهندا هئا ۽ باقي خالي پيل هئا. ڇو ته هن ڳوٺ ۾ ڪنهن به ماڻهو کي انهن فليٽن جي مسواڙ ڀرڻ جي سگهه ئي نه هئي. سيٺ مڪندي هڪ عمارت ٺهرائڻ وقت اهواعلان ڪيو هو ته اها ڳوٺ وارن لاءِ ”سراءِ“ هوندي ۽ ان ۾ ڳوٺ ۾ ٿيندڙ شادين جي ڄڃ ۽ ٻي خلقت ترسي سگهندي. پر ڳوٺ جيڪا به شادي ان عمارت ۾ ٿي ۽ نه وري ڪا ڄڃ اتان رواني ٿي سگهي، ڇو ته مڪندي پنهنجي وعدي تان ڦري ويو هو. ها ائين سو ٿيو ته سراءِ جي نالي تي هن بيڪار ۽ واندن مزدورن ۽ واڍن کي نالي ماتر مزدوري ڏيئي عمارت مڪمل ڪرائي ڇڏيائين.

گرمين جي مند آئي ته هن علائقي جي زمين تپڻ شروع ڪيو ۽ ان جو رنگ به بدلجي ڪاراڻ مائل ٿي پيو. وري ڏسندي ئي ڏسندي گرم هوا ۽ جهُڪون جهولا، انسانن، جانورن ۽ وڻن ٻوٽن کي ساڙڻ لڳا. ڪونو ۽ ٻيا پکي هڪ وڻ کان ٻئي وڻ تائين سڪون جي ڳولا ۾ اڏرڻ لڳا. جيڏانهن ڏسو ڍور ڍنگر پرشان ۽ مصيبت جي عالم ۾ وات مان جهڳ وهائيندي، هيڏانهن هوڏانهن ڀٽڪندي نظر اچڻ لڳا. ٻه چار نديون نالا هئا، ان ۾ صرف ميري پاڻي جي لڪير مشڪل ساڻ وهي رهي هئي. کوهن ۾ به پاڻي نالي ماتر رهجي ويو هو ۽ ڪيترا کوهه ته بلڪل سُڪي ويا هئا. ايتري گرمي پئي جو الامان....! مينهن جي هڪ ڦڙي به نه پئي. جيڪي فصل ڌرتي جي پوسلدار ڪک مان ڦُٽي نڪتا هئا، سي به سج جي تيک سبب سڪي ويا هئا. ڏڪار جا آثار بلڪل چٽا نظر اچي رهيا هئا. بيڪاري، غربت ۽ مٿان خدا جو هي قهر...! ماڻهو پناهه گهري رهيا هئا ۽ دعائون پني رهيا هئا. هن پوري علائقي ۾ جيڪڏهن ڪو بي فڪر هو ته اهو هو سيٺ مڪند ۽ سندس مائٽ انهن وٽ پاڻي هو، ڀانڊا اناج سان ڀريل هئا. گرمي ۽ جهولن کان بچڻ لاءِ انهن وٽ ٿڌا ۽ هوادار گهر به هئا.

مڪندي جي ساهرن جي ڳوٺ ”بُوالي“ کان ڪي پنج ڇهه ميل پري واڍن جو هڪ ننڍڙو ڳوٺ هو. هن ڳوٺ جا سڀئي کوهه سُڪي ويا هئا ۽ فصل سڙي رک ٿي ويا هئا. ڳوٺ وارا هڪ هڪ ڪري ڳوٺ مان لڏي رهيا هئا. سڀ کان آخر ۾ ڳوٺ کي ڇڏڻ وارو سُميرو ڊکڻ هو. هو آخر تائين ترسيل هو، ڇاڪاڻ ته سندس زال رامڪلي ڀرئي پيٽ سان هئي ۽ ڏينهن به اچي ڀريا ها. آخرڪار هو به ڳوٺ کي الوداع چوڻ تي مجبور ٿيو. ڳوٺ ۾ ڪنهن جو رهجي ويل گڏهه رُلي رهيو هو، هن ان کي پڪڙي ان تي پنهنجي زال رامڪليءَ کي ويهاريو ۽ ڳوٺ بوالي طرف روانو ٿيو. هن مانين جي ڳنڍ کان علاوه پنهنجا اوزار به کنيا ۽ سندس ارادو سيٺ مڪندي جي بٺن کان پري شهر وڃي ڪجهه ڪم تلاش ڪرڻ جو هو. سميرو، رامڪلي ۽ گڏهه تي مشتمل پناهگيرن جو هي ننڍڙو قافلو آهستي آهستي هلندو رهيو. جلد ئي سج تيزيءَ سان چمڪڻ لڳو، پر اهم رستي تي پهچي، هي ڪنار جي ٻنهي طرفن لڳل ايڪڙ ٻيڪڙ وڻن جي ڇانو ۾ هلندا رهيا. گڏهه شايد ڪجهه ڏينهن کان ٿڪل هو، تنهنڪري سميرو ان کي بلڪل آهستي آهستي هلائي رهيو هو. تنهن کان سواءِ رامڪلي به ان تي ويٺي ويٺي تڪليف محسوس ڪري رهي هئي. هو ڪنهن ڪنهن وقت کلي پنهنجي اڻڀن ۽ خشڪ اکين سان سميري کي ڏسندي پئي آئي. جڏهن ته سميري جي چهري جي سڄي آکاڻي سندس وڌيڪ ڏاڙهيءَ جي سُئن جهڙن وارن مان ظاهر ٿي رهي هئي.

جنهن وقت هي قافلو بوالي پهتو ته ٽيپهري جو سج باهه جي گولو بڻجي ساڙي رهيو هو هيٺ سڄي زمين تي وار ٽچڪي رهي هئي. توڙي جو هو واٽ تي ساهيون کڻندا پئي آيا، پر تڏهن به سڀني جو خراب حال هو. سميرو ٿڪ سبب ساڻو ٿي چڪو هو ۽ هن ڏڪندڙ هٿن سان رامڪلي کي لاهي هڪ وڻ جي ڇانوري تي ويهاري ڇڏيو. گڏهه کي پاڻي ۽ خوراڪ ٻنهي جي ضرورت هئي. هن ماني جي ڳنڍ کولي ۽ چار وڏيون وڏيون مانيون ڪڍي ڀورا ڪري گڏهه اڳيان رکيون. ۽ پوءِ ان کي وڻ سان سوگهو ڪري، لوٽو ۽ بالٽي کڻي بوالي ڳوٺ روانو ٿيو. ”پر پئسا آهن تو وٽ...!“ رامڪلي سوال ڪيو: ”مون وٽ ٽي- چار رپيا آهن.“ سميري جواب ڏنو. رامڪلي ڪافي تڪليف محسوس ڪري رهي هئي. هوءَ چنگهندي وڻ جي گهاٽي ڇانوري هيٺ ليٽي پئي. سميري مٿس هڪ نظر وڌي  ۽ نلڪي ڏانهن وڌڻ لڳو، جيڪو هنن کان ڪجهه پرڀرو ڏسڻ ۾ پئي آيو. هو اتي پهتو ڏٺائين ته نلڪي کي زنجير ۽ تالو لڳو پيو آهي. هو زنجير ۽ تالي کي لوڏي ئي رهيو هو ته هڪ ماڻهو ڀڄندو آيو ۽ چيائين: ”ڪير آهين ڙي....؟ هل واٽ وٺ. هي سيٺ مڪندي جو نلڪو آهي.“ ”ڀاءُ مون کي پاڻي کپي.“ سميري چيو ”منهنجي زال کي اڃ لڳي آهي ۽ ويچارو هو ساسي (گڏهه ڏانهن اشارو ڪري) به اڃايل آهي.“ ”ڪنهن ٻئي پاسي جو آهين ڇا؟“ اهو ماڻهو ٽيڏي اک ڪري چوڻ لڳو.

”پاڻي ڪٿي ڏسڻ لاءِ به ڪو نه ٿو ملي ۽ تون جانور لاءِ گهري رهيو آهين! خير هن نلڪي مان ته پاڻي ڪو نه ملندئي. پنهنجي زال لاءِ هڪ اڌ گلاس کپئي ته هتان دڪان تان وڃي وٺ، پنهنجي جانورن لاءِ هن کڏي مان ڀريو وڃ.“ سميري جون اکيون پٽل ئي رهجي ويون ۽ پنهنجي خشڪ چپن تي زبان ڦرايائين. هن جي ذهن ۾ باهه جو شعلو ڀڙڪيو ۽ ٺري ويو. هن جي دل ۾ هڪ ڪڙو احساس اڀريو ۽ غائب ٿي ويو. هن وٽ نه وقت هو نه طاقت هئي. مٿان سندس زال ۽ جانور اڃ ۾ ڦٿڪي رهيا هئا. ان ڪري بالٽي کي کڏي ۾ وڌائين، جنهن ۾ پاڻي گهٽ ۽ گپ چڪ وڌيڪ هئي. اڌ بالٽي ڀرڻ بعد هو تيزيءَ سان دڪان ڏانهن وڌڻ لڳو. دڪان تي ڪافي رونق هئ. ائين محسوس ٿي رهيو هو، ڄڻ ڏڪار کي هتي اچڻ جي اجازت نه هئي، ڇو ته وڏين وڏين برنين ۽ ٿانون ۾ ڪبتريون ئي پچايل ۽ تيار ٿيل شيون رکيل هيون ۽ اندر هڪ گدلي پردي جي اوٽ ۾ ڪيترائي ماڻهو کائي پي رهيا هئا. دڪان ”مان هڪ مصيبت جو ماريل واڍو آهيان ۽ ڳوٺ شاماءِ کان آيو آهيان.“

سيٺ مڪندي پنهنجي نوڪر ڏانهن منهن ڪندي: ”اڙي چندو! تون ته چئين پيو ته منهنجي ساهرن کان ڪو آيو آهي.“ جواب جي انتظار ڪرڻ بنان ئي سميري ڏانهن منهن ڪري چيائين: ”ڇا ڳالهه آهي؟ ههڙي طوفان ۾ داداگير ئي ڦرندا وتندا آهن.“

”مان داداگير نه، واڍو آهيان.“

”بڪواس نه ڪر، جلد ئي پنهنجي ڳالهه ڪر.“

”لاله صرف راتوڪي رات لاءِ پنهنجي حويلي ۾ جڳهه ڏيو. منهنجي زال کي تڪليف آهي ۽ کيس ٻار ڄمڻ وارو آهي.“

”هل هل، تو جهڙا بهاني خور مون پهرين به ڏٺا آهن.“

”لاله مان سچي پيو چوان. هي عورت ويٺي آهي، هن جي حالت ته ڏسي رهيا آهيو نه!“

”مون وٽ ڪا به جاءِ نه آهي.“ ”جاءِ ڪرائي تي کپئي.“ نوڪر چندو چيو. ”ڀلا پئسا پئسا ڪجهه اٿئي؟“ مڪندي چيو.

لاله مان ته ڏڪار جو ماريل گهران نڪتو آهيان، مون وٽ صرف سوا رپيو آهي.“

”گل ڀڄ هتان، سوا رپيو کڻي آيو آهي.“

”لاله....لاله......!! سميري ذري گهٽ روئندي چيو: ”توهان ايترا ڀاڳ وارا آهيو، توهان جون ڪيتريون جايون آهن. توهان ڪا جڳهه، ڪا ڪُنڊ هڪ رات لاءِ نٿا ڏيئي سگهو؟ اسان هن طوفان ۾ ڪيڏانهن وڃون، ڪجهه ته رحم ڪريو.“

”انهن ڳالهين جو مون تي ڪو به اثر نه پوندو. منهنجون حويليون آهن يا نه آهن، خالي پيون آهن يا ڀريل آهن. اُن سان تنهنجوڪو به مطلب ناهي.“

”جيڪڏهن توهان پئسن جي ڪري مون کي جاءِ ڏيڻ نٿا چاهيو ته پوءِ مان توهان جي جاين ۾ جيترو به ڪاٺ جو ڪم ٿيندو مفت ۾ ڪندس.“ (سميري آزي ڪندي چيو.) ”اِها اٽڪل بازي پاڻ وٽ رک، مون کي ڪو به ڪم ناهي ڪرائڻو. خير جيئن ته هينئر طوفان آهي ۽ تنهنجي زال تڪليف ۾ آهي، ته توکي رات منهنجي مال جي واڙي ۾ گذارڻي آهي ته ڀلي گذار، اُتي منهنجون مينهون ٻڌل آهن ۽ اِهو سامهون آهي واڙي جو دروازو. ميهار کي سڏ ڪيوس.“ مڪندي ائين چئي تيزيءَ سان دروازو بند ڪيو. هوا جو هڪ تيز جهٽڪو سرسراهٽ ڪندو آيو ۽ مڪندي جي دروازي سان ٽڪرائجي موٽي ويو. سميري ۽ رامڪلي پنهنجو مٿو ڍڪي ڇڏيو. رامڪلي جي پيٽ ۾ هاڻي درد جون لهرون ٿوري ٿوري وٿي سان اُڀري رهيون هيون. سميري هن کي سهارو ڏيئي اُٿاريو ۽ هو ٻئي طوفان، هوا ۽ گو گهمسان کي چيريندا، مڪندي جي ”مال واڙي“ ڏانهن وڌڻ لڳا. مال واڙي جو نگهبان ميهار هڪ پوڙهو ۽ شريف ماڻهو هو. هُن وڏي همدرديءَ سان کين اندر اچڻ ڏنو ۽ هي هڪ طنبيلي نِما وسيع ڪَچين سِرن جو ڪوٺو هو. جتي ٺُپ اونداهي هئي. جنهن ۾ ٽي مينهون ٻڌل هيون ۽ اندر جي فِضا جڳهه جڳهه تي پيل ڇيڻن سبب اُٻس دار هئي. ميهار مينهُن کي لٺ سان اُٿاري، هڪ طرف هڪلي ڇڏيو ۽ پوءِ هُن پنهنجي چادر رامڪلي لاءِ وڇائي ڇڏي ۽ پاڻ مينهُنِ کان پرڀرو، ڪُنڊ ۾ ائين دٻجي سمهي پيو ڄڻ هوئي ڪونه. رامڪلي درد سبب دانهون ڪندي هيٺ ليٽي پيئي. ٻاهر طوفان ڪافي تيز ٿي ويو هو، ڄڻ اجھ زمين جي هر شي کي اکيڙي ڦٽو ڪندو. اڃا رات ڪافي هئي، پر ميهار تمام جلد ئي اٿيو ۽ اٿندي ئي سڀ کان پهريون آواز، جيڪو سندس ڪنن تي پيو سو هو هڪ ٻار جي روئڻ جو. هُن مينهون ڇوڙيون ۽ اُنهن کي ٻاهر ٻڌي ڇڏيو. طوفان نه ڄاڻ رات جو ڪنهن وقت رڪجي ويو هو. هن وقت ته آسمان تي ڪارن ڪارونڀار ڪڪرن جا تنبو لٽڪيل هئا. ميهار مٿي آسمان طرف ڏٺو مٿي گوڙ جا ڌڌڪا هئا ۽ هيٺ ڪافي ٿڌي هوا گهلي رهي هئي. مينهون ڪنڌ لوڏي رنڀي رهيون هيون ۽ سندن ٽليون زور زور سان وڄي رهيون هيون. ميهار جا هٿ آسمان طرف دعا جي صورت ۾ اڃا کڄيا ئي مس هئا ته ڪڪر ڦاٽ پيا ۽ آسمان جي وسيع و عريض ڇڄ مان ڇم ڇم ڪري، برسات هيٺ زمين تائين پهتي. وڏ ڦڙي جي صورت ۾ وڏيون وڏيون ڪڻيون وسي رهيون هيون، بلڪل اناج جي داڻن وانگر. ڌرتي جي سڄي اُڃ ختم ٿيندي پئي وئي، ۽ هيڪاندا ڪَڪَر هڪ خوفناڪ گڙگڙاهٽ سان وڄي ۽ وسي رهيا هئا. ميهار اندر ويو ۽ پنهنجو سرنهن جي تيل جو ڏيئو ٻاريائين. رامڪلي پنهنجو جسم سڌو ڪري آرس ڀڃي. سميرو مٿانئس ويٺو هو. برسات جو شور هُن به ٻُڌي ورتو هو.

ميهار اچي چيو: ”ادا مبارڪون اٿو. پُٽ آهي نه!“ ”ها ادا پُٽ آهي.“

”وڏو ڀاڳ وارو ڇوڪرو آهي“، ميهار چيو. ”ڪهڙي وقت تي جنم ورتو اٿس! ٿورو ٻاهر ته ڏسو، ڪيڏي برسات آهي. جر ٿر ۽ وڻ ٽڻ جهومي رهيا آهن. اهڙا سڪيلڌا ته نصيبن سان ملندا آهن. هي ڇوڪرو ڪو وڏو ماڻهو ٿيندو.“ ليڪن پوءِ به سُميري جي منهن تي خوشي جي هڪ جهلڪ به ظاهر نه ٿي. ٻاهر برسات وسي رهي هئي، مگر هن جي ”وقت“ جي سڪل ٻني ته هونئن به سُڪي پئي هئي. هِن پنهنجي لخت جگر کي هٿن ۾ کنيو ۽ ڀريل آواز ۾ چيائين: ”هي وڏو ماڻهو ٿيندو يا نه ٿيندو، اها ته مون کي خبر ناهي. هي واڍي جو پُٽ آهي ۽ مان هن کي واڍڪو ڪم ئي سيکاريندس. ها شايد! هي ايترو ڀاڳ وارو ٿي وڃي جو پيءُ وانگر ڪمزور ۽ مجبور نه ٿئي. شايد هن جي ٻانهن ۾ ايترو ٻل اچي وڃي جو پنهنجي مٿان اُلرون ڪندڙ ۽ چهڙون ڏيندڙ، ڪنهن مڪندي جهڙي ڏاڍي جي ڪرائي مروڙي ڀڃي وجهي، ڪنهن ظالم جو هٿ روڪي وجهي.“

ائين چئي هن پنهنجي ٻار کي چُميو ۽ ماءُ جي گود ۾ سمهاري ڇڏيائينس. اُن بعد هو اُٿيو ۽ دروازي جي چائنٺ وٽ اچي بيهي رهيو. وڏ ڦڙو مينهن پئجي رهيو هو ۽ ڪافي وقت کان بنان وهنتل ۽ اڃايل مينهون خلاف معلوم مٿو جهڪائي بيٺيون هيون. ڳوٺ جي چئني طرفن کان مينهن ۽ ڪڪرن جي ڌنڌ لڪي مان صبح جا آثار ظاهر ٿي رهيا هئا. مگر سميرو انهيءَ وقت ۾ به ڪنهن گهريءَ سوچ ۾ ٻڏل هو. خوشيءَ جي انهيءَ لمحي ۾ به هُن جي اکين مان ڌيري ڌيري ڳوڙها وهي رهيا هئا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com