سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1989ع

مضمون

صفحو :2

ڪالم/ متفرقات

(1) ادب لطيف (حسن)، جهامنداس ڀاٽيا ص 260، (2) سڳڻي سنڌيءَ بابت ٻه اکر ولي محمد طاهزادو 265، (3) ويراڳي نئون ويس....، (دوست علي خان کٽياڻ جي ياد ۾) شهيد سومرو ص 270، (4) محمد طالب لوهار، محمد اسماعيل شيخ ص 282، (5) ادبي خبرنامو، علامه آءِ، آءِ قاضي سيمينار ص 284، خان محمد پنهور سان رهاڻ، ص 294، (6) تبصرو (اُوڪو ٻيو فهم) ڊاڪٽر رجب علي ميمڻ ص 299، (7) ضميمو-- شاهه عبداللطيف جي حياتيءَ جو احوال (قسط-1) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ (1-26)

 

 

ٻاروچا ٻاجھ پئي، من آرياڻي اچن،

جيڏيون جن جا جيءُ ۾، پلپل پور پون،

ڪوهياري جا قلب تي، وري مچ مچن،

تن ڦوڙائي ڦٽن، اندر منهنجو اڌ ڪيو.

                        مخدوم امين محمد رح

 

 

شاعري

 

ڪافي

مخدوم امين محمد ”امين“ صديقي رح

هن ته حياتيءَ ساڻ، مر ته مري سزا ماڻئين

”مُوتُواقَبلَ الموت“ جا،

 

اهي آندائون اهڃاڻ،

صورت ۾ سلطان جي،

 

پئي پچائج پاڻ.

هن حياتيءَ جي حال ۾،

 

تون پنهنجو پاڻ سڃاڻ.

سانگ اٿيئي ساعت جو، 

 

ويهي ڪر مَ وٿاڻ.

ترج تار طلب ۾،

 

نينهن اٿيئي نياڻ.

”امين محمد“ عشق جا،

 

ڏاهن ورتا ڏاڻ.

 

       

 

مخدوم محمد زمان ”طالب المولى“

غزل

الفت جو ڪاروان روان ۽ دوان رهي،

قائم اسان جي عشق جو هردم نشان رهي.

دلبر سدائين غيرت رشڪ هتان رهي،

پوڙهي ٿئي نه منهنجي تمنا، جوان رهي.

تصوير هنن جي ذهن تي اڪري ڇڏي اٿم،

هي لازوال ياد محمد زمان رهي.

پروردگار بخت کي ڏي صحت و زندگي،

هر وقت خوش بهار سندم جان جان رهي.

عاشق تون هجر يار کان خائف رهين ٿو خوب،

ايّامِ وصل ياد ته ڪر، ڇو فغان رهي.

هن تنگيء زمانه کان مولا تون ڏي پناهه،

هر ويل خير خواهه اسان جو جهان رهي.

نيت اسان جي نيڪ آ، وٺبو نه انتقام،

افسوس جو زمانو پيو بدگمان رهي،

في النثار دشمنن کي ڪندو رب خود بخود،

احباب لءِ ٿي منهنجي دعا مهربان رهي.

باغ وطن ۾ ياد خدا هر دم هجي بهار،

گلشن جو تندرست سدا باغبان رهي.

عزت وقار رهجي اچي اقتدار ۾،

فرزند منهنجو هڪ هڪ بي امتحان رهي.

 

رزق ڪشاده طالبِ مولا گهري ٿو رب،

تنهنجي عطا اسان جي سدا پاسبان رهي.

 

(14- ڊسمبر 1988ع)

 

بشير مورياڻي

اکين ۾ ڪو اچي ويهي ته دل کي ڇا ڪرڻ گهرجي،

وڻن جيڪي انهن معصوم ادائن تي مرڻ گهرجي.

نهاريان واٽ هاڻي ڇا، جو اچڻو هو نه آيو سو،

جڏهن هن جي سري ويئي تنهنجي ڀي سرڻ گهرجي.

اهو طوفان ڪڏهن ايندو، جڏهن ايندو ته ڇا ٿيندو،

رئي جيڪا اڏامي تنهن مان اندازو ڪرڻ گهرجي.

اڙيون اکيون اکين سان دل جو ان ۾ ڏوهه آ ڪهڙو،

محبت جو مگر ڪنهن کي ته جرمانو ڀرڻ گهرجي.

سليقو دلنوازي جو اڃا تو کي نه آيو آ،

ڏکائي دل پشيماني جو سعيو ڀي ڪرڻ گهرجي.

سبب طوفان جو ڳولهڻ ”بشير“ آهي ته لا حاصل،

تباهي ڪيتري آئي ڌيان ان تي ڌرڻ گهرجي.

 

اياز قادري

سر جي توتان نثار ٿي ويندو،

هلڪو ڪيڏو نه بار ٿي ويندو.

تنهنجي ڪاوڙ سان آ خزان ئي خزان،

تون جي مرڪين بهار ٿي ويندو،

تون وئين پيو پتو ته ڪيئن سائين،

جسم کان ساهه ڌار ٿي ويندو،

دل ۾ پنهنجي نه جاءِ ڏي غم کي،

هڪ ڪڻي مان خرار ٿي ويندو،

جنهن ۾ هوندي بيان تنهنجي ثنا،

شعر سو شاهڪار ٿي ويندو،

آس ان تي ئي زندگي گذري،

تو کي ڪڏهين ته پيار ٿي ويندو،

هي جو اکين ۾ آهه لڙڪ رڪيل،

جي ڪريو، آبشار ٿي ويندو.

هي حياتيءَ جو ڪاروان پرشور،

ويندي ويندي غبار ٿي ويندو.

پنهنجو پنهنجو ئي رهڻو آهه ”اياز“

ڌاريو آخر به ڌار ٿي ويندو.

 

امداد حسيني

”جاڙيون قبرون“

نظر جو پهريون بند

آفيس کان اوهان جي

سڏ پنڌ تي جو آهي

قاضيءَ ۽ ايلسا جو

سو مقبرو ڏٺو ٿَوَ!

هيڏا پگهار رتبا

جي ماڻيو اوهين پيا

جا ليءِ اوهين ڪريو پيا

هي ٺٺَ هيءُ ٺانگر

اُن جي ڪري ئي آهن

سو شخص سچ پڇو جي

ڏاتار هو اوهان ليءِ

جو شخص روشنيءَ جو

مينار هو اسان ليءِ

ان جي مزار تي اڄ

ڪو بلب ناهه روشن

اُس ۾ سڙي سُڪي وئي

جيڪا ڇٻر لڳي هئي

پاڻيءَ جي لاءِ لڇندي

ڪومائجي ڇڻي ويا

گلڙا ڪڏهن لڳا جي

ڏانڊيون کتل زمين ۾

تن جو هيون ائين ڄڻ

ڳاٽن بنا هجن ڌڙ

ڪفنائجڻ بنا ئي

دفنائجڻ بنا ئي

اُڀ ڏي اُڀا رهن ٿا

جهولا لڪون لڳن ٿيون

ڏانڊيون ڀڄن ڀُرن ٿيون!

 

تاج بلوچ

آخري آهه ملاقات پرين

ڪنڌ کڻ ٿورو مٿي، مرڪي نهار!

پوءِ گڏجاڻي ٿئي يا نه ٿئي

آخري آهه ملاقات پرين

 

ٽيپ تي جيڪا هلي پيئي ڌن

ڪيڏي جهيڻي ۽ اداس آهي

هانءُ کاڄي ٿو ائين

جيئن ڪا لهر ڪپر کي ڪوري

اڻ لکي ڊپ ۾ گرفتار سمورا احساس

ڪوئي سڏ ڪو نه وري ٽهڪ ٻُري ٿو ڪوئي

تنهنجي پازيب ۽ چوڙين جو سريلو ڀڻڪو

صرف گونجي ٿو پيو ڪمري ۾

تون به چپ چاپ ته مان ڀي خاموش

ڪجهه چوڻ لاءِ بچيو ڀي ڇاهي

آخري آهه ملاقات پرين

 

وقت معلوم نه آهي ته ڪٿي اڇلائي

هجر کانپوءِ وصال

ڪير ڄاڻي ته مقدر ۾ به آهي ڪي نه آهي

فاصلا هونئن به قربت کي گهٽائي ٿا ڇڏين

فون جون هلڪيون سريليون گهنٽيون

ساريون تصويرون ۽ هڪ ٻئي ڏي لکيل خطر

آلبم نيرا لفافا ۽ فريم

وقت جي لَٽَ ۾ لٽجي ويندا

هجر جا ڦٽَ ڇُٽي ڀي ويندا

تنهنجي ۽ منهنجي ملاقات تي ٿيندڙ تنقيد

ساريون سر گوشيون، اشارا ۽ اکين جون مڇون

هڪڙي لحظي ۾ ٿي ساڪت وينديون

باغ تنهنجي جا سمورا گل

ڪڏهن ڪومائبا، وري ٽڙندا ڪڏهين

هرڪا مند مهل تي موٽي ايندي

گهر جي کڙڪيءَ مان جڏهن هيٺ نهاري ڏسندينءَ

درد جي ڌنڌ سواءِ، ڪجهه نه گهٽيءَ ۾ هوندو

هوندا ديوار ۽ بجلي جيٿنڀن تي لڙڪيل

پيار منهنجي جا اڃايل لحظا

ڪنوارا ڪنوارا ۽ اڌورا سپنا

فاصلا سچ ته قربت کي گهٽائي ٿا ڇڏين!!

وار شيشي ۾ اچي ڀي ويندو

ڪوئي ڪم بخت وري مون وانگر

تنهنجي چانئٺ جو سلامي ٿيندو

تيز ڌُن، ٽيپ تي ٻيهر وڄندي

تنهنجي ڀت تي جو ٽنگيل آهه فريم

ان ۾ تصوير نئين ڪا لڳندي

شوخ رنگن جي بهار

تنهنجي ڪمري ۾ هلي ڀي ايندي

مشڪبو تنهنجي هٿن ۾ ٻهڪي

ٽڙي پوندا وري نيرا لفافا ڪيئي

فون جون هلڪيون سريليون گهنٽيون

نئين گونجار سان مرڪي پونديون

هڪڙي لحظي ۾ ٿيل ساڪت

ساريون سرگوشيون، اشارا ۽ اکين جون ميڇون،

سلوموشن ۾ سي جاڳي پونديون

تنهنجي دلجو ئي جو سامان وري پيو ٿيندو،

وقت ظالم، وڏو سرڪش ئي سهي،

درد منهنجو ئي مقدر، منظور

مرڪ تنهنجي جي مسيحائي پر،

پوءِ حاصل به ٿئي يا نه ٿئي!!

ٿورڙو مرڪ ته احساس نئون ڪو ڌاريان

آخري آهه ملاقات پرين.

عبدالڪريم پلي

غزل

هير وانگر هلي به پَئهُ پيارا!

تنهن کان ازخود کلي به پئه پيارا،

 

ڏس نه ساحل تان، ٿي وري سهڻي،

ڇولين ۾، ڇلي به پئه پيارا،

منهنجي من جي، اٿاهه اوندهه ۾،

چنڊ بڻجي، جهلي به پئه پيارا.

پيار تان، راحتون نثار ڪري،

رُڃ، قَبولٻي، رُلي به پئه پيارا،

ڀاڳ ڀڻجي، ”ڪريم“ جي ڀاڻي،

ڀُلجي ڀُلجي، ڀلي به پئه پيارا.

 

سرويچ سجاولي

تون ته اسان جي امڙ آهين....

توکي چاهيندا ۽ توکي ساراهيندا اينداسين

تو کي ڳائيندا ۽ توسان ڳالهائيندا اينداسين

توکي پوڄيندا ۽ توکي پرچائيندا اينداسين

تنهنجي وصفن واکاڻن کي ورچائيندا اينداسين

تو ۾ ڇڏبا گل گلابي، ڇٽي ڇاڻي ڇڙڪي سنڌ

تون ته اسان جي امڙ آهي، دل ٿي تولئه ڌڙڪي سنڌ

تو سان مڙهيل مَن ائين، جيئن ماهينڊن ۾ ڳنڍيون ڳوپ،

توسان جڪڙيل جيءُ ايئن، جيئن جڪڙ جن ڪي جوڌا جوپ

تنهنجي چاهت جا پيا ڦٽي، هڏن چمن منجهان چوپ

تو سان عشق ازل کان آهي، نينهن به توسان نوپان نوپ

تو کي رکبو راڄن اڳيان، ڇنڊي ڦوڪي ڇڙڪي سنڌ

تون ته اسان جي امڙ آهين، دل ٿي تولئه ڌڙڪي سنڌ.

تو ته اسان کي مهڪي مرڪي، اهڙا اهڙا گهوٽ ڏنا،

سچ چيو جن سينا تاڻي، ارڏا سي اڻموٽ ڏنا

چوٽون کائي ڪوٽ ڀڳائون، ڪوڙن جيڪي ڪوٽ ڏنا،

تو کي چاهڻ وارن توسان، ناتا چوٽانچوٽ ڏنا.

ڪنهن جي ڦٽي آهي جيڪو، توتي ڪاهي ڪڙڪي سنڌ

تون ته اسان جي امڙ آهين، دل ٿي تولئه ڌڙڪي سنڌ.

ههڙي موسم ههڙا ماڻهو، ههڙيون مهلون، ههڙا ميل،

ڳاڙهيءَ رُت جون ڳالهيون ڳايون، ٻول ٻڌيءَ جا ٻڌ جن ٻيل

سرتيون پنهنجي سيم سڄيءَ ۾، تڙ تڙ تي ڪن تيل ڦليل

گجرن کيڪو ڪو نه هڻي جيئن، گس تان ويندڙ گرز گليل

هر هڪ تنهنجو تو ۾ بيشڪ، وهسي وهسي وڙڪي سنڌ

تون ته اسان جي امڙ آهين، دل ٿي تولئه ڌڙڪي سنڌ.

ڳاڙهن ڳوڙهن روپن واري، تنهنجا روپ ۽ رنگ وڻن

دولهه دودن جي تون ڌرتي، تنهنجا دڙميون دنگ وڻن

تنهنجن ڍولن ڍاٽين پٽن جا ٿا مون کي ڍنگ وڻن

ميدانن ۾ مرڪن جيڪي ارڏا سي اڙٻنگ وڻن

جن جي هڪل هوڪاري کان، هاٿي هاٿي ٿڙڪي سنڌ

تون ته اسان جي امڙ آهين، دل ٿي تولئه ڌڙڪي سنڌ.

تون جي ڀيڙي ڀيڙي هوندين، ڀيڙا ٻيا پوءِ هُون نه هُون

تو سان ميڙا هون مدامي، ميڙا ٻيا پوءِهُون نه هُون

تنهنجا ٻيلي ٻانها سڏجون، ٻيڙا ٻيا پوءِ هُون نه هُون

تنهنجي واري ويس بدن جو ويڙها ٻيا پوءِ هُون نه هُون

ڀاڳين جيتون ڀونءَ ڀٽاري، ڀاڳ ته تنهنجو ڀڙڪي سنڌ

تون ته اسان جي امڙ آهين، دل ٿي تولئه ڌڙڪي ڌرتي.

تنهنجي بُت مان باغن کي، ڇا سونهن ملي سرهاڻ ملي

تنهنجي مٽيءَ پاڻيءَ مان ڏس، چيٽن کي چانڊاڻ ملي

تنهنجي سونن سنگن منجهان، ڳڀرن کي ڳاڙهاڻ ملي

تنهنجي هن ”سرويچ“ کي تنهنجي، وَل وَل آ واکاڻ مِلي

اهڙو جذبو جوءَ سڄيءَ ۾، ڦڙ ڦڙ ڦڙڪي ڦڙڪي سنڌ،

تون ته اسان جي امڙ آهين، دل ٿي تولئه ڌڙڪي سنڌ.

 

محسن ڪڪڙائي

وائي

ڀُلج نه، او ڀائُو

ڏر به ويندو ڏيهه مان!

هيِئن نه هوندو ملڪ ۾، هميشہ هائُو،

لوچٻي لَهُه لالُون، رُڳو، واتُ نه پَٽ وائُو،

آهي پنهنجو اَصل کان، ويءُ نه ويڪائُو،

سُورن ۾ سوگها سڀئي، هاڻ ته هَڙَ کائُو،

تَن ۾ تَؤنس کنيون و تٻي، تَڙيو، تا ڪائُو،

 ڀُلج نه، او، ڀائُو،

ڏُرت به ويندو ڏيهه مان!

مظفر حسين ”جوش“

نظم

هي هجوم غنچه و گل ڪاروان رنگ و بو،

عالم صد جذب و مستي گلستان، آرزو.

شغل ناؤ نوش آهي بزم رندان ۾ وري،

هيچ زاهد جو تقدس برهمڻ جي ساحري.

زخم يائي دل ٿيا تازه به تازه نؤ به نؤ،

ٿي ڪري صحرا کي روشن داغهائي دل جي لؤ.

فصلِ گل آئي ۽ آئي هر طرف خورسندگي،

اهل وحشت کي ملي آهي نويدِ زندگي.

ڪو نه افسرده ٿو ڏسجي ۽ نه ڪو آهي اُداس،

برگ گل تبديل پنهنجو ڪيو آهي ڪهنه لباس.

هاءِ هي زلفت سيه جا خَم ۽ هي زهره جبين،

برس پيڪار آهن پاڻ ۾ دنيا و دين.

ڪو ڏسي صحن گلستان ۾ هجومِ مهوشان،

آسمان تان ڄڻ لهي آئي زمين تي ڪهڪشان.

ڄڻ فضائن ۾ خرامان آهي ڪو نازڪ بدن،

هي گهٽا آهي يا ڪنهن سيمين بدن جو پيرهن.

فصل گل آئي لهي ويو مئڪشن جو انتظار،

ميڪدا رقصان ٿا ڏسجن زير، دامان، بهار.

 

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

وائي

نينهن ته آهي شينهن،

تون ڇوري ڇر مَ پاءِ،

راتين جا رولاڪ ڪٿي، ڏسندا ڏاهي ڏينهن،

        تون ڇوري ڇير مَ پاءِ.

پنڌ پسي پيا پيچرا، نيڻن اٺو مينهن،

        تون ڇوري ڇير مَ پاءِ.

جنهن ۾ تات طمع جي، سو ناهي ناهي نينه،

        تون ڇوري ڇير مَ پاءَ.

       

عبدالقيوم ”صائب“

غزل

تو سان پنهنجا ڪجهه به ڪن، پر ملڪه لئه خود دار باش،

تون ته دشمن لاءِ شيهي جي مگر ديوار باش.

 

هر طرف کان توتي حملا ٿيندا رهندا، بار بار،

دشمنن جي نؤ به نؤ حملن کان نت هشيار باش.

 

رخشِ هستيءَ جي سواري آهه مشڪل مرحلو،

اي سوارِ دؤر حاضر هر طرح بيدار باش.

 

زندگي خود بندگيءَ سان آهه واڳيل از ازل،

بندم مختار بڻجي، زندگيءَ جو ٺار باش.

 

تنهنجو فڪر و فر کڻي مرعوب ڪُن آهي مٺا!

ڳوٺ ۾ اُڀري نه ماڻهن لئه مگر آزار باش.

 

هت رهي سڀڪجهه ڪري ڪنهن پر نه ماڻيو تو مقام،

ڪنهن چيئي جامد رهي، پٿر سندي ديوار باش.

 

ڪجهه نئو ڏيئي سگهين، ته به ڪين ڪي ڪنهن کي ڏکوءِ،

گل نٿو بڻجي سگهين، ته به نه هر گز خار باش.

 

معتبر بڻجي اجايو پاڻ تو بدنام ڪيو،

ڪنهن چيئي کڻندي بديون تون هين ذليل و خوار باش.

 

ڇا ڪري ڪو آسمان اڄ توتي پوندو ڪنهن طرح،

ڇڏ کڻي شوخي اجائي، صاحب ڪردار باش.

 

وڏ ڦڙي وانگر وسڻ، جي تنهنجي وس ۾ ناهه ته به،

خلق سان خاصو رهي، تون همدم و غمخوار باش.

 

تنهنجي نيڻن ۾ جا مستي آهه مستن جي ڀريل،

تنهن جي آڌر تي نه هل، تون پاڻ خود ميخوار باش.

 

نينهن جي تو ۾ ذري ساڃهه نه پيدا ٿي سگهي،

نينهن جي ناتي سان پو”صائب“ نه هر گز خوار باش.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com