سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1989ع

مضمون

صفحو :12

تخليق ۽ تنقيد

محمد حسين ”ڪاشف“

ادب جي دنيا ۾ تخليق ۽ تنقيد جو بحث ايترو پراڻو آهي جيترو خود تخليق ۽ تنقيد جو وجود آهي. ٻنهي کي هڪ ٻئي کان الڳ ڪري ڪنهن به دؤر جي ادب لاءِ ڪاراءِ قائم ڪري نٿي سگهجي، ڇاڪاڻ ته هر دور جي ادب جو تخليقي مواد تنقيد کي وجود ڏئي ٿو ۽ ان دور جو تنقيدي فلسفو ادب جا تخليقي قدر مقرر ڪري ٿو. ادبي تخليق ۽ ادبي تنقيد جو لاڳاپو ايترو ته گڏيل آهي جو ٻنهين کي هڪ ٻئي کان جدا نٿو ڪري سگهجي. ليڪن ڪڏهن ڪڏهن تنقيد پنهنجي دور جي ادب کان پوئتي رهجي ٿي ته ڪڏهن وري تخليق تنقيد جو پنهنجي دور ۾ ساٿ نه ڏيئي سگهندي آهي. هر دور جي ادب کي پنهنجي تنقيدي لاڙن جي روشني ۾ سڃاڻي سگهجي ٿو ۽ تنقيدي قدر،ماڻ ۽ ماپا ان دور جي تخليقي ادب لاءِ سازگار حالتون پيدا ڪري سگهن ٿا. تخليق ۽ تنقيد جي گڏيل رشتي کي نظر ۾ رکندي اها ڳالهه پڌري ٿئي ٿي ته ادب، جنهن ۾ اديب جي تخليق ۽ ان جو تخليقي عمل اچي وڃي ٿو، اهو ان دؤر جي فڪري ۽ تخليقي شعور جياظهار جو نتيجو آهي. ليکڪ جي تخليقي محرڪات جو انحصار انهيءَ سچائيءَ تي آهي ته هو ڪهڙي دؤر لاءِ لکي رهيو آهي؟ ۽ ڇو لکي رهيو آهي؟ ۽ سندس تخليقي ۾ هرڪات جا بنيادي ڪارڻ ڪهڙا آهن؟ آيا اهي ڪارڻ خلا جي پيداوار آهنيا ڪن مفروضن جو نتيجو آهن يا اهي سماجي زندگي جي پيداوار آهن؟ ۽ اهي ۽ انهيءَ قسم جا ٻيا اهڙا سوال تخليق جي سلسلي ۾ ليکڪ جي لاءِ پيدا ٿين ٿا. هر دور جو ليکڪ پنهنجي سماج جو هڪ حصو هوندو آهي ۽ هر دور جي سماج جو زندگي جي متعلق ڪو نه ڪو طرز عمل يا نظريو هوندو آهي، جن جي بنيادن تي انهيءَ سماج جي زندگي جي اوسر ٿيندي رهندي آهي. پيداواري وسيلن ۽ ان دور جي آلات ۽ اوزارن ۽ اجتماعي سوچ جي عمل سبب تارخ جي هر دور جا پنهنجا پنهنجا قدر رهيا آهن ۽ سماج جي بنيادي اڏاوت جي سلسلي ۾ انسان جي سوچ ۽ ان جي جياپي جي جدوجهد جي عمل هميشه هر سماج کينئون فڪر ۽ سماجي شعو ڏنو آهي، جنهن جي آڌار تي هرسماج ترقي ڪندو ۽ اڳتي وڌندو رهيو آهي. سماجي بقاءُ ۽ سماج واري نظام جي بيهڪ جو اهو لاڳيتو عمل رهيو آهي، جنهنڪري هر دور جي سوچ جو عنصر ٻئي دور جي ويچار کان اسان کي الڳ ۽ منفرد نظر ايندو، ليڪن غور ڪبو ته ان سماج جي فڪري عنصر جي بنيادي هيئت ۾ اڳئين سماج جي شعور جو غالب عنصر اسان کي نظر ايندو. جنهن جي بنياد تي انهءَ سماج پاڻ کي بدلائڻ جي ڪوشش ڪئي هوندي. سماجي تبديلين جي بنيادي قدرن ۽ انهن جي ارتقا تي غُر ڪرڻ سان اهو بخوبي ظاهر ٿئي ٿو ته تبديلي ۽ بقاءُ جا عنصر ادب جي قدرن، ماڻن ۽ ماپن کي پنهنجي دور۾ وجود ڏيندا رهن ٿا، جيڪي ليکڪ جي تخليق لاءِ مواد مهيا ڪن ٿا، جن جي آڌار تي اديب يا ليکڪ پنهنجي تخليق جو عمل سرانجام ڏئي ٿو.

ڪنهن به دور جي ادب جو جائزو وٺندو وٺندي انهيءَ ڳالهه جو بخوبي علم ٿئي ٿو ته هر دور جو ادب ٻن نڪتن جي هڪ ٻئي سان ميل جول جو نتيجو آهي. پهريون تهذيبي روايت ۽ ٻيو نڪتو آهي ادبي روايت. تهذيبي روايتون ۽ ان جا قدر هر دؤر جي معاشري جي جان هوندا آهن، ۽ ادبي روايتون انهن تهذيبي قدرن ۽ سماج جي عمومي حالتن مان وجود وٺن ٿيون، جن کي اديب حصل ڪري پنهنجي تخليق جي عمل کي سرانجام ڏئي ٿو. ان جو سلسلي ۾ تنقيدئي هڪ اهڙو عمل آهي، جيڪو تهذيبي روايت ۽ ادبي روايت ۾ لاڳاپو قائم ڪري ٿو ۽ سماج ۾ فڪر جي نواڻ آڻي ٿو. ادب ۽ تاريخ جي هر دور ۾ تنقيد جو عمل جاري رهيو آهي. ڪڏهن اهو استرائي طريقه ڪار سان عمل پيرا رهيو آهي ته ڪڏهن اسخراجي طريقي سان سماج تي اثرانداز ٿيو آهي. ادب جي تاريخ ۾ هي ڳالهه نهايت چٽي آهي ته نظري تنقيد جا معيار ۽ ماپا، اصول ۽ ماڻ بدلبا رهيا آهن، جنهن جي ڪري ادبي تخليق جا قدر پڻ انهيءَ کان متاثر ٿيندا رهيا آهن. قديم زماني ۾ ”افلاطون“ ۽ ”ارسطو“ جا ويچار تنقيدي نظرين جي اڳواڻي ڪندا رهيا. ”افلاطوني“ فڪر نه رڳو ادب پر مذهبي فڪر ت به اثر انداز ٿيو ۽ تاريخ جو هڪ طويل دؤر انهيءَ فڪر جي ڇاپ هيٺ وڌيو ۽ ويجهيو. نه صرف مغرب پر وچ مشرف ۽ ڏور اوڀر کي به هن جي فڪر متاثر ڪيو. جيتوڻيڪ وچ مشرق ۾ ”افلاطون“ کان پوءِ به ڪن مذهبي نظرين وجود ورتو، باوجود انهن جي آفاقي هوندي، افلاطوني فڪر انهن کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو ۽ اڄ تائين عيفيت جو فلسفو حقيقت ۽ مجاز جي حيثيت سان ظاهر ۽ باطن جي اظهار سان ادب ۾ پنهنجي جاءِ والاريو بيٺو آهي، جنهن کي رجعت پسند طبقو هميشہ پنهنجي دفاع ۾ تقدير پرستي جي هٿيار. ان استعمال ڪندو اچي ٿو. مادي فڪري جي ابتدا (460 ق.م) ( ۾ ”ديموقريطس“ کان نظر اچي ٿي جنهن افلاطون جي نظريه عينيت کان هٽي ڪري پنهنجا ويچار پيش ڪيا. يونان جو ٻيو مفڪر هر قليطس (440 ق.م) پڻ ڪائنات جي مادي تصور ۾ سڀن کان اڳڀرو آهي. هن جو خيال آهي ته ”زمانو ئي سڀ ڪجهه پيدا ڪري ٿو“ ۽ اهو ئي سڀ ڪجهه فنا ڪري ٿو. زماني بعد ”هيگل“ انهن ڏانهن جي ويچارن تي پنهنجي ”فلسفه اضداديت“ جو بنياد رکيو ته هي ڪائنات لاڳيتي تبديلي جو نالو آهي جنهن ۾ ڪا به شئي پنهنجو پاڻ کي ساڳي حالت ۾ رکي نٿي سگهي ۽ ان ۾ تبديلي واقع ٿيندي رهي ٿي ۽ شيون تصور جو مظهر آهن ۽ مادو تصور جي تابع آهي ۽ شعور وجود کي متعين ڪري ٿو. ”ڪارل مارڪس“ هيگل جي فلسفي کي، جيڪو پيرن جي بجاءِ مٿي تي بيٺل هو، انکي پيرن تي بيهاريو ۽ اهو ثابت ڪيو ته مادو خود حقيقت آهي. ان جو وجود ئي تصور کي وجود ڏئي ٿو ۽ شعور خود وجود جي تابع آهي ۽ هيگل، جنهن کي روح ڪائنات چوي ٿو اها تاريخ جي قوت آهي، جيڪا زندگيءَ جي نظام ۽ شين جي ارتقائي جو ذريعو آهي. انهيءَ سلسلي ۾ ڪيترن ئي ڏاهن ۽ ٻڌوانن ۽ فلسفين پنهنجا ويچار پيش ڪيا آهن، جن ۾ روسو، ڊارون، ليمارڪ،اسپينسر، ڪانٽ، لاڪ، هيوم، برڪلي، ڊڪارٽ، برگسان، شوپنهار، هڪسلي، رسل، سارتر، جينٽائيل، ڪروچي، اوسپنسڪي، آئن سٽائن وغيره اچي وڃن ٿا، جن ۾ ڪو فطرت پسند آهي ته ڪو نتيجيت پسند، ڪو تصوريت پسند ته ڪو جديديت پسند، ڪو وجوديت پسند ڪو حقيقت پسند آهي. مطلب ته زندگي ۽ ان جي متعلقات بابت هر دؤر جي ڏاهن جا پنهنجا پنهنجا ويچار رهيا آهن ۽ اهي ويچار پنهنجي دؤر جي زندگي جي نظريه کي متاثر ڪندا آيا آهن، جنهن جو اثر ادبي تخليق تي پڻ ٿيندو رهيو آهي.

زندگي جي مختلف نظرين سبب ادبي تخليق جي ڏس ۾ اهي نظريا حائل رهيا، جنهنڪري تخليقي ميدان ۾ ادبي نظرين پڻ وجود ورتو، جنهن ۾ ”ادب براءِ ادب“، ”ادب براءِ زندگي“، ”ادب براءِ حسن“، ”ادب براءِ وجوديت“ خاص طور تي قابل ذڪر آهن. سنڌي ادب جو تخليقي مواد جدا جدا دورن ۾ انهن نظرين کان متاثر ٿيندو ۽ تخليقي عمل سرانجام ڏيندو آيو آهي، جنهن لاءِ ڪنهن به وضاحت ۽ مثالن جي ڪا ضرورت نه آهي. ادب جي اندر تنقيدي عمل هميشہ اديب جي تخليق ۽ ان جي طريقهء ڪار لاءِ نت نيون راهون پيدا پئي ڪيون آهن. ان جو ئي سبب آهي جو اڄ سماجوادي نظام جي جوڙجڪ ۽ سماجي شعور جي واڌاري لاءِ تخليق سان گڏ تنقيدي عمل کي وڌيڪ اهميت ڏني وڃي ٿي. تنقيد ئي هڪ اهڙو عمل رهيو آهي، جنهن انهن ادبي نظرين جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري ادبي قافلي لاءِ نوان زاويا ۽ رويا مهيا ڪيا آهن. جيڪڏهن ناقد جو تنقيدي عمل تخليق جي سلسلي ۾ پنهنجي ڪاوشن کي عمل ۾ نه آڻي ها ته يقين سان چئي سگهجي ٿو ته سنڌي ادب تي اڃان تائين انهيءَ رجعت پسندانه نظريي، جنهن جو بنياد دب براءِ ادب تي هو، ڇانيل هجي ها.

سنڌي ادب جي تخليقي مواد جو جڏهن جائزو وٺجي ٿو ته معلوم ٿئي ٿو ته هن نهايت ئي تيزيءَ سان اهي منزلون طئي ڪيون آهن. 1936ع ۾ سنڌ اندر ترقي پسند ادب جي تحريڪ جو بنياد پيو، جنهن جي فلسفي جي زير اثر ادب ۾ جيڪا نواڻ آئي، ان انهيءَ دور جي تخليقي ادب، جيڪو ٻولي توڙي مواد، توڙي هيئت يا فارم جي لحاظ کان فارسي زده ادب هو ۽ هن ۾ ساقي ۽ مينا، گل و بلبل، قوس و قزح، جبين ۽ رخسار وغيره جو ذڪر هو ۽ سڄو زور شاعري توڙي نثر ۾ هن ڳالهه تي هو ته ادبي تخليق ۾ فني محاسن هجن ۽ هن ۾ وقت جو اظهار يا ماڻهوءَ جي مسئلن تي ڪو توجه ڪو نه هو ۽ صرف اها پچار هئي ته ادب، ادب لاءِ ۽ شاعري شاعري لاءِ آهي، زندگيءَ سان هن جو ڪو به تعلق ڪو نه هو. ترقي پسند تحريڪ انهيءَ رجعت پسندانه خيالن کي رد ڪري ٻولي توڙي شاعريءَ جي محاڪات ۽ اصطلاحن ۾ پنهنجائپ پيدا ڪئي ۽ زندگيءَ جي مسئلن کي کڻڻ ۽ ان کي سمجهڻ ۽ سماجي شعور پيدا ڪرڻ تي زور ڏنو. ان جو نتيجو تخليقي عمل ۾ نهايت ئي شاندار نڪتو. آزاديءَ کان پوءِ جي حالتن هتان جي ماڻهوءَ کي جن حالت مان گذاريو ۽ جن مان هو اڄ گذري رهيو آهي، انهن ادب کي نوان قدر، ماڻ ۽ ماپا ڏنا، جن ۾ قوميت، قلم جي آزادي، سوچ جي آزادي، سماجي انصاف ۽ بري تي بڇ جا قدر وڌيڪ اڳيان اڀري آيا ۽ تخليقي لحاظ کان سنڌي ادب موجوده دور ۾ دنيا جي ڪنهن به سڌريل ٻوليءَ کان گهٽ نه آهي. تنقيدي نقطهءِ نظر کان فڪر ۽ خيال جي گهرائي، جيڪا سنڌي ادب ۾ آهي اها تمام اعلى ۽ ترقي يافته آهي. ان جو بنيادي سبب سماجي ناانصافيون ۽ هتان جي سماج وادي نظام جا هاڃا آهن، جن جي بٺيءَ ۾ عام ماڻهوءَ سان گڏ ليکڪ خود عملي طور جلندو ۽ پچندو رهيو آهي. جنهن جو نتيجو اهو نڪتو آهي جو اديب جي تخليقي مواد ۾ پختگي ۽ هڪ قسم جو عزم ۽ زندگي بابت مثبت نظريو اسان کي نظر اڍي ٿو. سنڌي ادب اهو مقام نهايت ئي جاکوڙ سان حاصل ڪيو آهي. ان لاءِ سنڌي اديب کي جيڪي ڪجهه سهڻو پيو، ان جي ڪنهن پچار جي ضرورت ڪا نه آهي، بقول لطيف ”مون کي مون پرين ٻڌي وڌو تار ۾“. باوجود اونهي ۾ اچڻ جي، سنڌي ادب ۾ تخليقي مواد دنيائي ادب سان برميچجڻ جهڙو آهي. تخليقي عمل جي سلسلي ۾ اسان وٽ اڃا تائين متضاد رايا آهن. اختلاف راءِ دنيا جي هر ادب ۾ آهي، ليڪن جيڪو هاڃو ۽ ورتاءُ سنڌ ۾ آهي، اهو شايد ڪنهن ٻيءَ ٻوليءَ جي سلسلي ۾ نه هجي. ان جو بنيدي سبب جاگيردارانه ۽ سرمايدارانه نظرين جي پٺڀرائي ۽ ادب کي نجو مذهبي ٿيوري ڪري پيش ڪرڻ وارو طريقه ڪار ۽ ادب جي سائنسي سوچ ۽ طريقهءِ ڪار کان انحراف جو عمل آهي. ادب جا پنهنجا قدر ۽ ماڻ ۽ ماپا آهن. هو ڪڏهن الف کان وٺي ي تائين مذهبي پرچارڪ جي حيثيت سان آله ڪار نٿو ٿي سگهي، بجاءِ ان جي جو هو مخصوص پنهنجي ادبي ٽيڪنڪ وسيلي مذهب کي پيش ڪرڻ جو حق رکي ٿو. اهڙي ريت سائنس ۽ ادب جي سلسلي جو معاملو پڻ آهي. اهو ياد رکڻ گهرجي ته سائنس جنهن جو بنياد تجربي ۽ مشاهدي تي آهي، اها ڪڏهن به ادب تي ڪو قدغن نٿي لڳائي. ليڪن ان جي مقابلي ۾ مذهب ادب تي قدغن جو حق رکي ٿو. اهو محض انساني ذهن جي اعلى ترين صورت کي نه سمجهڻ جي ڪري پيدا ٿيو آهي. انساني ذهن کي صرف تجريدي طريقه ڪار تائين تصور ڪيو وڃي ٿو، جيڪو غلط آهي، مجرد کي محسوس ڪرائڻ ذهن جو عمل آهي ۽ اهو سوچڻ ته شعر و ادب صرف جذبي ۽ احساس جي شي آهي ۽ تخيل جيڪو ان جو خالق آهي، اهو ان کان بي نياز آهي. شعر ۽ ادب جي تخليق ۾ انهن جي ماهيت کان اڻڄاڻائي جو دليل آهي. ادب خيال آفرين آهي ۽ خيال شين جي رشٽي جو نالو آهي، جيڪو تخليق جي عمل ۾ ليکڪ جي تجربي ۽ مشاهدي سان وجود وٺي ٿو. تنقيد ليکڪ جي انهن سڀني محرڪات کي پڌرو ڪري ٿي، جيڪي سندس تخليق جو جُز هوندا آهن. تنقيد سماجي رشتن، اقتصادي ٻنڌڻن، سائنسي اثرن وغيره جي پچار ۽ واضح تصور سان تخليق لاءِ ميدان مهيا ڪري ٿي. ڪڏهن به ڪنهن تخليق جو عمل آسمان مان نه لٿو آهي، پر بجاءِ ان جي هُنهِن ڌرتي تي ۽ ڌرتي وارن ۾، ڌرتي وارن هٿان جنم ورتو آهي. جيئن ”لاڪ“ جو چوڻ آهي ته ”عقل ۽ ادراڪ جي حقيقت بنان حواسن جي ممڪن نه آهي.“ ”ڪانٽ“ ان کان اڳتي وڌي چيو ته ”عقل جي شمع حواسن جي فانوس ۾ ئي روشن ڪري سگهجي ٿي ۽ جو معقول آهي، اهو محسوس به آهي.“ ليڪن اسان وٽ ان کي تسليم ڪرڻ ۽ ان جي روشني ۾ تخليقي عمل کي سرانجام ڏيڻ کانسواءِ ڪن ڏاهن جي باقي سورهين ڪوهين سڃ ۽ ارڙهين ڪوهين اونده واري ڪار آهي. پري ڇو وڃجي، تخليقي مواد جو جائزو ورتو وڃي ته ڳالهه پڌري پٽ ٿي پوندي. ان سلسلي جي تخليقي مواد کي ادب ئي تصور نٿو ڪيو وڃي ۽ وڏنج هٿن جي پٺڀرائي اهڙن حلقن کي آهي. ٿڙي ٿاٻڙي جي ڪنهن ڪنڊ کان ڪو ترقي پسند نظريي وارو يا معتدل مزاج ليکڪ ڪٿي پهچي ويو ته يار ٽانڊ ٿي ويندا آهن. ليڪن پنهنجي تخليقي مواد کي نزول الهامي تصور ڪري عينيت جي فلسفي جي پٺڀرائيءَ ۾ تاريخ کي مسخ ڪرڻ، حقائق کي ڌوڙ ڪرڻ جو ادبي ڪارنامو ڄاتو ويندو آهي.

هي ياد کرڻ گهرجي ته ادب تاريخ جو آئينو آهي ۽ اهو آئينو آهي، جيڪو ڪاڻ آڌيارو نه آهي، بلڪ شفاف ۽ اوجر وارو آهي، جو ڪجهه اڄ جو تخليقي مواد آهي، اهو هن دور جي تاريخ جو ثمر آهي هن جا عيب، ثواب انهن جا محرڪات ۽ لوازمات ادبي اصطلاحن جي صورت ۾، استعاري جي صورت ۾ ادب ڪردارن جي صورت ۾ تشبيہ ۽ محاڪات جي صورت ۾ موجود آهن ۽ ايندڙ وقت جو نقاد ۽ مورخ انهن جي تجرزئي ۽ تنقيد سان جيڪو نتيجو ڪڍندو، ان کي ڪو به تبديلي ڪري نه سگهندو، ان لاءِ اهو ضروري آهي ته اجھ جو ”سچ“ جنهن کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي، اهو جڏهن سڀاڻي جو سڀ کان وڏو ”سچ“، پڪاريو ويندو، تڏهن تاريخ انهن فردن کي ڪهڙن لقبن سان ياد ڪندي، جيڪي اڄ جي سچ کي سوري چاڙهي رهيا آهن: اهو تنقيد جو عمل تخليق تي آهي، جيڪو اڄ جي سچ جو به داعي آهي ۽ سڀاڻي به ان جو سَڏ ڏيندو رهندو.

سائنسي سوچ ۽ عمل دنيا جي هر معاشري تي سڌي طرح اثرانداز آهي ۽ ان جي اثر پذيري ماڻهوءَ جي زندگيءَ جي ڌارائن کي پڻ متاثر ڪندي رهي آهي ۽ هن دؤر کي انسان جو مابعد الطبيعاتي دور ڪنهن به صورت ۾ چئي نٿو سگهجي. ڇاڪاڻ ته حقيقت جي باري ۾ انساني ڄاڻ نهايت گهري ۽ مدلل آهي، جنهن ۾ هن بجاءِ مفروضن جي تجزيي ۽ مشاهدي جا ڪليه قائم ڪري انساني شعور کي اڳتي وڌايو آهي. اڄ جڏهن تنقيدي طور لطيف، سچل يا ساميءَ جو ذڪر اچي ٿو ته ادبي دنيا ۾ انهن جي شعرو سخص ۽ بيت جي عينيت جي فلسفي جي روشنيءَ ۾ تريح نٿي ڪئي وڃي، بلڪه انهن جي ان دور جي سماجي حقيقن ۽ تهذيبي روين جي روشنيءَ ۾ پرکيو ۽ انهن جي تشريح ڪئي وڃي ٿي. لطيف جي ”متو آهين مڇ...“ بيت کي جتي نفس سان تعبير ڪيو ويندو هو، اتي اڄ ان جو اهو تصور سماجي معروضات جي بنياد تي بدلجي چڪو آهي ۽ ان مان ڏاڍائي ۽ ڏاڍائي واري نظام جو تصور ورتو وڃي ٿو. اهڙِءَ ريت ڪردارن جي سلسلي ۾ يا بيتن ۾ بيان ڪيل مختلف روين جي معنى مڪمل طور تي حقيت ۽ مجاز، ظاهر ۽ باطن جي نظريي سان نٿي ورتي وڃي، بلڪ انهن جو تعلق ۽ تشخص هن ڌرتيءَ سان ڳنڍيو وڃي ٿو ۽ ان جي روشنيءَ ۾ انهن جي تحليل ۽ ترڪيب بيان ڪئي وڃي ٿي. انساني سوچ جو معيار تنقيدي ۽ تخليقي لحاظ کان تبديل ٿيندو رهيو آهي. سوچ جي انهيءَ انداز سنڌي ادب کي نوان قدر، ماڻ ۽ مپا ڏنا آهن، جيڪي سائنٽيفڪ طريقه استدلال جو نتيجو آهن. ادب جي ڪنهن به صنف کي وٺبو ته ان ۾ اسان کي اهي رجحان نظر ايندا. شاعري، افساني، ناول، تنقيد وغيره انهن سڀني ۾ اهو عنصر نهايت بهتر انداز سان ملندو. اهو سڀ ادب ۾ تنقيدي عمل جو نتيجو آهي، جنهن کي ڪنهن به طرح سان رد ڪري تخليق جو بنياد آفاقي قدرن تي نٿو رکي سگهجي. سنڌي ادب ۾ قدامت پسنديءَ جو وقت نهايت ٿورو آهي. سنڌي اديب رجعت پسند نظريه جي وقت به قصيده خوان نه رهيو آهي، نه وري هن طلسم هوشربا جهڙا ناول تخليق ڪيا آهن. ”مالهڻ“، ”پاپ ۽ پاڪيزگي“ جهڙن رومانوي ۽ جوڻ جي فلسفي تي تخليق ٿيل نوالن جي هوندي به ان ۾ ”سنڌي ثقافت“ کي هٿان نه ڇڏيو ويو آهي. ۽ ”غريبن جو ورثو“ ۽ اڳتي هلي جنسار“ جهڙا سماجي ناول ميدان تي آيا. جنهن مان اندازول ڳائي سگهجي ٿو ته سنڌي اديب جو مزاج بنيادي طور تقليد پسند نه رهيو آهي. هن روايت کي ضرور ورتو آهي، پر روايت جو پوڄاري نه رهيو آهي. بجاءِ ان جي، روايت کي معروضات جي بنياد تي اڳتي وڌايو آهي. ان سلسلي ۾ ”همه اوست“ ۽ ”پڙاڏو سوئي سڏ“ جهڙن ناولن جي تخليق ٿي، جن ۾ تاريخ، نظريه ۽ سماجي سوچ جي تلاش نظر اچي ٿي. اهڙو ساڳيو حال شاعري جو آهي، ۽ اهائي خيال آرائي اسان کي افساني ۾ نظر اچي ٿي. انهن سڀني تي نظر وجهڻ سان معلوم ٿوٿئي ته حقيقت جي باري ۾ ماڻهوءَ جي ڄاڻ انتهائي گهري آهي ۽ هن جي آڏو ادب براءِ ادب جو نظريو نه آهي، پر ان جي بجاءِ هو ادب جي صحيح تقاضائن ۽ روين جو حامي آهي، جنهن کي سنڌي اديب قبول ڪري پنهنجو تخليقي عمل سرانجام ڏنو آهي، جيڪو هڪ دؤر جي تاريخ جو مظهر آهي، جنهن ۾ سنڌي سماج جي سڀني تقاضائن ۽ روين کي چرندو ڦرندو ۽ محسوس ڪري سگهجي ٿو.

ادب انسان جي ناقابل ترديد تجربن جي نچوڙ کي تخليق ۽ تنقيد جي ذريعي بي بها طريقي سانمنتقل ڪر ٿو، جيڪو هڪ نسل کان ٻئي نسل تائين پهچي ٿو. ۽ اهو هڪ مستقل باب جي صورت ۾ قوم جي زنده ياداشت بنجي وڃي ٿو. جيڪو تاريخ جي ڌنڌ ۾ اچي وڃي ٿو. ”اهو ادب جي تخليقي ميدان ۾زنده ۽ تابنده رهي ٿو“ اهو اهڙي ته شڪل ۾ رهي ٿو جنهن ۾ پنهنجي طرف کان ڪنهن واڌاري يا ڪوڙ جي ڪا گنجائش ئي نٿي رهي. اهڙيءَ ريت ادب قوم جي روح کي برقرار رکندو ۽ ان جي حفاظت ڪندورهي ٿو ادبي تخليق جي سچائي ان جي ذات ۾ موجود هوندي آهي. ڪيترو به وقت گذري وڃي، پر ان مان وقت جي سماجي شعور ۽ ادبي صداقت کي تنقيد جي عمل سان ظاهر اجاگر ڪري نٿو سگهجي، ان ڪري تخليق کي تنقيد کان ۽ تنقيد کي تخليق کان هر گز الڳ نٿو ڪري سگهجي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com