سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1989ع

مضمون

صفحو :20

يا اهي ”نچ ناچو! اٿئي مهل نچڻ جي“ وارا منظر، اُڃايل اکيون پسنديون يا نه.

- ”شهيد“ سومرو

محمد طالب لوهار

محمد طالب لوهار، حياتيءَ جو اٺهتر سالن جو سفر جهاڳي، تاريخ 3 جون 1989ع تي وڃي ٻئي جهان ۾ ٿانئيڪو ٿيو. غريب پورهيت گهر جي فرد هئڻ ڪري سندس زندگي ”سِرجي تان سُورَ، سامائي تان سُک ويا“ جي مثال گذري، پر ڪڏهن به قدرت سان شادي نه ٿيو. جدوجهد ۽ ڪشمڪش جو قائل هو، تنهنڪري جيڪو وقت گذاريائين همت ۽ حوصلي سان. ضرورت ۽ محتاجي جو اظهار به سندس خيال ۾ ڪفر هو. سدائين سَنرو، کِلندو ۽ کلائيندو رهندو هو.

محمد طالب پاڻ سنڌ جي مشهور ’سما‘ قوم جو فرد هو، پر لوهارڪو ڪم سندس آبائي پيشو هجڻ ڪري پاڻ کي ”لوهار“ سڏائيندي فخر محسوس ڪندو هو. سندس ادبي سڃاڻپ به ”محمد طالب لوهار“ جي نالي سان هئي. مطلب طالب تنڊي باگي جي پسگردائيءَ ۾ ڄائو هو، پر عمر ٽنڊي باگي ۾ گذري. مير غلام محمد سندس محسن هو ته محمد صديق مسافر سندس استاد. تنهنڪري ويجهڙائي واري دور ۾ مير غلام محمد ۽ محمد صديق مسافر کان پوءِ ڄڻ ته محمد طالب لوهار ئي ٽنڊي باگي جي سڃاڻپ جو ذريعو هو.

محمد طالب جو ذريعه معاش ملازمت هو. ڪڏهن سرڪاري ته ڪڏهن خانگي، اهو سندس مزاج جي پسند ۽ نه پسند جي ڪري نه، پر سياسي وابستگي جي ڪري هو. ”خاڪسار“ جهڙي منظم جماعت ۾ عهديدار هجڻ ڪري، علامه مشرقي جي حڪم تي سڀڪجهه قربان ڪرڻ جي لاءِ هر وقت تيار رهندو هو. خاڪسار تحريڪ ۾ هو محمد طالب ”جانباز“ جي نالي سان مشهور هو. هميشہ هلچل ۾ هوندو هو، يا ريل ۾. ٻنهي مان آجو ٿيو ته ملازمت ۾.

روزمره جي زندگي گهارڻ ۾ سندس ڪي اصول مقرر هئا. انتهائي مجبوريءَ جي حالت ۾ به انهن کي ڇڏڻ لاءِ تار نه هوندو هو. پسند ۽ ناپسند جو اظهار بيڌڙڪ ڪري ڇڏيندو هو. ارادي ۽ اوصلن جي پختگي جو اهو عالم هو جو 1935ع ۾ گهوڙي سواري ڇڏي علامه مشرقي جي سڏ تي خاڪساري ۾ گهڙيو. خاڪي ڪپڙا پاتائين ته مرڻ گهڙيءَ تائين نه لاٿائين. حالانڪه خاڪسار تحريڪ جا سندس ٻيا سمورا ساٿي وقت سان گڏ ڪڏهوڪو ويس مٽائي ويا.

محمد طالب شاعر ۽ اديب هو. سگهڙپائي کيس ورثي ۾ ملي. لوڪ ادب جي صنفن تي سنڌو ۽ مهراڻ (ابتدائي دور) رسالن ۾ سندس مضمون ڇپيا هئا. سنڌ جي وڏن عالمن، اديبن ۽ سگهڙن سان سندس ڪچهريون هيون. خصوصاً شاهه جي بيتن جي وٽس ڪافي ڄاڻ هئي. سنه 1952ع ۾ جناب ڊاڪٽر بلوچ صاحب کيس ڪراچي مان حيدرآباد بدلي ڪرائي آندو، جتي سنڌي ڊڪشنري، لوڪ ادب ۽ شاهه جي رسالي ۾ 1988ع تائين مسلسل پارٽ ٽائيم ڪم ڪندو رهيو. آخرين چند سال سندس طبيعت ۾ سوز ۽ گداز جو ايتري قدر غلبو رهيو جو شاهه جي رسالي جا بيت نقل ڪندي سندس اکين مان لُڙڪ لَڙي پوندا هئا. تحت اللفظ بيت پڙهڻ ته سندس لاءِ ممڪن ئي نه هو.

محمد طالب سان سڌي ۽ اڻ سڌي طرح ڇٽيهه سال رفاق رهي. هو بيشڪ ٽنڊي باگي جهڙي ننڍڙي شهر جو هڪ غريب فرد هو، پر اعلى اخلاقي ۽ سماجي قدرن جي لحاظ کان تمام وڏو ماڻهو هو. ٽنڊوباگو شهر يقيناً اعلى انسانن کي آئنده به جنم ڏيندو رهندو، پر ممڪن آهي ته اڄ کان پوءِ وري اهڙو محمد طالب لوهار پيدا نه ٿئي!

- محمد اسماعيل شيخ

 

علامه آءِ. آءِ. قاضي سيمينار

(ادبي خبرنامو)

 

علمي، ادبي، تعليمي ۽ تحقيقي سرگرميون ادارن جي فعال هئڻ جي ضمانت هونديون آهن، پر جيڪڏهن اهڙين سرگرمين ۾ عقيدت ۽ محبت جو عنصر موجود ٿئي، ته ڳالهه ئي نرالي ٿي پوي ٿي. سنڌ يونيورسٽي، هر ڌرتيءَ جي محسن انسان، نامياري مفڪر ۽ دانشور علامه آءِ. آءِ. قاضي جي خدمتن جو نتيجو آهي. علامه مرحوم پنهنجو رت ست ڏيئي هن اداري جو طبعي ۽ نظرياتي بنياد رکيو، ان ڪري سنڌ يونيورسٽي جڏهن پنهنجي محسن کي ياد ڪري ته اهو اداري جي علم دوستي، ادب پروري ۽ انسان شناسيءَ جي مظهر برابر آهي.

جنوري 1989ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ فيصلو ڪيو هو ته اپريل 1989ع ۾ علامه آءِ. آءِ قاضي جي ياد تازي ڪئي وڃي. انهيءَ مانائتي موقعي جي ميزبانيءَ جو ”پاڪستان اسٽڊي سينٽر“ کي اعزاز ڏنو ويو. ”پاڪستان اسٽڊي سينٽر“ جيڪو 1974ع ۾ قائم ٿيو ۽ پنهنجي قيام جي مختصر عرصي ۾ درس و تدريس، تحقيق ۽ تربيت کان سواءِ علم و ادب ۽ تاريخ جي اشاعت لاءِ پڻ ڪارائتيون ڪوششون ڪري رهيو آهي، تنهن اداري لاءِ سنڌ جي هن عظيم انسان جي سوانح ۽ خدمتن کي عام ڪرڻ لاءِ ميسر ٿيل هي موقعو ڪنهن غنيمت کان گهٽ نه آهي.

”پاڪستان اسٽڊي سينٽر“ جو ڊائريڪٽر محترم پروفيسر ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل، جيتوڻيڪ پڙهيو ڪڙهيو سنڌ ۾، پر پنهنجي جوڀن جوانيءَ جا ڀرپور ٻارهن سال ترڪيءَ ۾ گذاريا هئا، جتي پاڻ پي. ايڇ. ڊي جو شاگرد، پاڪستان سرڪار طرفان سفارتخاني ۾ ڪائونسلر ٿي رهيو، ۽ اتي ڪيترا ڪتاب پڻ لکيا، تنهن جي پڻ اها ئي دلي تمنا پئي رهي ته کين پنهنجي ڏيهه ۽ ان جي ڏاهن انسانن جي خدمت جو موقعو ميسر ٿئي ۽ نيٺ اهو موقعو کيس هن سيمينار فراهم ڪيو.

پروفيسر ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل هن سيمينار کي مثالي فنڪشن بنائڻ لاءِ سنڌ يونيورسٽيءَ جي استاد برادريءَ ڏانهن سهڪار جو هٿ وڌايو. نتيجي ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسيلر جناب ڊاڪٽر عبدالقادر انصاريءَ جي سرپرستيءَ هيٺ ڄاڻايل ميمبرن تي مشتمل ”سيمينار ڪميٽي“ جوڙي ويئي:

(1) پروفيسر ڊاڪٽر خورشيد مصطفى خان، ڊين فئڪلٽي آف نيچرل سائنسز.

(2) پروفيسر ڊاڪٽر مدد علي قادري، ڊين فئڪلٽي آف آرٽس.

(3) پروفيسر ڊاڪٽر عبدالرحمان مغل، ڊين فئڪلٽي آف ايڊيوڪيشن.

(4) پروفيسر ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، چيئرمن سنڌي ڊپارٽمينٽ.

(5) پروفيسر ڊاڪٽر مبارڪ علي خان، چيئرمن جنرل هسٽري ڊپارٽمينٽ.

(6) پروفيسر ڊاڪٽر نجم الاسلام، چيئرمن اردو ڊپارٽمينٽ.

(7) پروفيسر عبدالغني شيخ، چيئرمن انگريزي ڊپارٽمينٽ.

(8) محترم عبدالقادر جوڻيجو، ڊائريڪٽر انچارج سنڌالاجي.

(9) محترم غلام قادر عيساڻي، رجسٽرار سنڌ يونيورسٽي، ڄام شورو.

پروفيسر ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل جهڙي مردم شناس، علامه آءِ. آءِ. قاضي سيمينار کي مثالي بنائڻ لاءِ انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجيءَ جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ۽ نيامري محقق محترم ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ کي هڪ ئي وقت ڪيتريون ذميواريون سونپي پنهنجي سٿ ۾ شامل ڪيو. ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ 1981ع ۾ ”سنڌي ساهت سال ڪانفرنس“، 1985ع ۾ ”صد ساله جشن سنڌ مدرسہ“ ۽ 1987ع ۾ سنڌالاجي جي سلور جوبلي وارن فنڪشنن ۾ پنهنجي لياقتن ۽ صلآهيتن جا جوهر ڏيکاري ميڊل ۽ انعام حاصل ڪري چڪو هو، ان ڪري ”علامه آءِ. آءِ. قاضي سيمينار“ جي ڪنوينر ڊاڪٽر مغل، پنهنجي ساٿ سنگت جي صلاح سان ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ صاحب کي سيمينار ڪميٽي، پبلسٽي ڪميٽي، سووينئر ڪميٽي ۽ اِسٽيج لاءِ سيڪريٽري ٿي ڪم ڪرڻ جو سڏ ڏنو.

20 مارچ 1989ع کان وٺي سيمينار جون تياريون شروع ڪيون ويون. ان لاءِ ”پاڪستان اسٽڊي سينٽر“ ۾ وقتي آفيس قائم ڪئي ويئي، جنهن ۾ انهيءَ اداري جي اسسٽنٽ پروفيسر محمد قاسم سومري، ڪريم بخش لاشاري، عبدالعزيز رستماڻي، اياز چنه، عبدالڪريم کٽي ۽ عزيزالله چنه تي مشتمل ڪارڪنن جي ڪاميٽي جوڙي ويئي. هوڏانهن وري محترم ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي جي مهربانيءَ سان سندن آفيس مان محمد هاشم قمبراڻي ٽائيپسٽ جون خدمتون حاصل ڪيون ويون.

تيرهين اپريل 1989ع جي سج ڌرتيءَ کي منور ڪيو ته علامہ. آءِ. آءِ. قاضيءَ جي مزار تي قرآن شريف جو ختمو پڙهجي چڪو هو. ٺيڪ ساڍي اٺين وڳي سيمينار ڪاميٽيءَ جا سمورا ميمبر، سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر ڊاڪٽر عبدالقادر انصاري، شاهه لطيف يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر ڊاڪٽر آر- اي- شاهه، سنڌ يونيورسٽيءَ جو سابق وائيس چانسلر ۽ پاڪستان انشوئرنس ڪارپوريشن جو چيئرمن محترم مظهرالحق صديقي ۽ ناميارو محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ به انهيءَ فاتحه خوانيءَ ۾ شريڪ ٿيا. ان کان ستت پوءِ انهن مهمانن علامه آءِ. آءِ قاضي ۽ سندن گهرڌياڻين مدر ايلسا قاضيءَ جي مزار تي گلن جون چادرون چاڙهيون، محترم حبيب الله صديقي پڻ ”سنڌي ادبي بورڊ“ طرفان چادرون چاڙهيون.

اُن کانپوءِ سمورو قافلو ”انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ ڏانهن روانو ٿيو، جتي پهچڻ کانپوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر عبدالقادر انصاري علامہ آءِ. آءِ. قاضيءَ جي ڪتابن ۽ تحريرن جي نمائش جو افتتاح ڪيو. معزز حاضرين انهي نمائش ۾ گهري دلچسپي ڏيکاري ۽ اها نمائش سيمينار جي پڄاڻيءَ تائين جاري رهي.

نائين وڳي انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي جي پير حسام الدين شاهه راشدي آڊيٽوريم ۾ پروفيسر قلندر شاهه لڪياريءَ جي آواز ۾ لطيفي لات گونجڻ لڳي. آڊيٽوريم ۾ ويٺل سمورا محقق، مهمان، استاد ۽ شاگرد متوجهه ٿيا ته سيمينار جي ڪاروائي شروع ٿيڻ واري آهي. بيتن جي پڙهڻيءَ کان پوءِ ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ اسٽيج تي آيو ۽ مولوي عبدالله کوسي کي تلاوت ڪرڻ جي دعوت ڏنائين. ڪلام پاڪ جي تلاوت کانپوءِ مقالن جي نشست جي صدارت ڪرڻ لاءِ محترم مظهرالحق صديقيءَ کي اسٽيج تي اچڻ جي دعوت ڏني وئي. انهيءَ ترتيب سان پوءِ مهمان خا جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سيمينار ڪاميٽيءَ جي سرپرست ڊاڪٽر عبدالقادر انصاري ۽ سيمينار جي ميزبان پروفيسر ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل کي اسٽيج تي سڏايو ويو. اسٽيج سيڪريٽريءَ ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ نشست جي صدر کان ڪاروائي هلائڻ جي اجازت ورتي ۽ ان کانپوءِ ننڍڙي نياڻي حميره مغل بنت ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل نعت خواني ڪئي. ان کانپوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر عبدالقادر انصاريءَ آيل مهمانن جي آجيان ڪئي. ڊاڪٽر انصاري پنهنجي تقرير ۾ علامہ آءِ. آءِ. قاضي جي خدمتن ۽ ڪارنامن تي روشني وجهندي سيمينار جي اهميت جو پس منظر ٻڌايو. هن چيو ته:

”علامہ آءِ- آءِ قاضي کي اسان کان جدا ٿيندي، بلڪ ائين چوڻ مناسب ٿيندو ته علامہ آءِ- آءِ- قاضي کان اسان کي جدا ٿيندي ايڪيهه سال گذري چڪا آهن. انهن ايڪيهن سالن ۾ وقت ۽ حالتن جي بيرحم هٿن اسان کان لافاني قدرن، نظرين ۽ اصولن جا ڪيترائي انمول خزانا کسي ورتا آهن. استادن ۽ ادارن جو تعداد وڌايو ويو آهي، ليڪن تعليم جو معيار ۽ ماحول ايترو ٿي چڪو آهي. اسان پنهنجي غلطين سان ادارن، استادن ۽ ڪتابن جي تقدس کي مجروح ڪيو. تعليم جي ڪعبن قبلن کان منهن مٽي رستن ۽ روڊن جو رخ ڪيو. استاد برادري کي مجازي ابي ڄاڻڻ بدران پنهنجي روشن مستقبل جي دشمنن کي پنهنجو رهبر ۽ رهنما ڪري ورتو. انهن جي ئي مهربانين سان اسان ڪاپي ڪلاشنڪوف سان مانوس ٿياسين. ڏاهپ ۽ حڪمت، علم ۽ دانش اسان لاءِ اوپرا قدر ٿي پيا. سچ پڇو ته ايڪهين سالن جي معمولي عرصي ۾ اسان جهڙوڪ علامہ آءِ- آءِ- قاضي ۽ هن جهڙن عظيم انسانن جا ڏوهي بڻجي چڪا آهيون. اسان جي بزرگن ته هن ڌرتي تي علم دوستي ۽ ادب پروريءَ جون روايتون قائم ڪيون هيون. اسان جي بزرگن رت ست ڏيئي ادارا قائم ڪيا. هنن بي لوث انسانن پنهنجي راتين جون ننڊون ڦٽائي، ڏينهن رات هڪ ڪري ڦڙيءَ ڦڙيءَ مان تلاءُ ڪيو پر اسان آهيون جو ”پاڻيءَ مٿي جهوپڙا مورک اُڃ مرن“ جي منزل تي وڃي پهتا آهيون. اڄوڪي رڃ ۽ راڪاس جهڙي ماحول لاءِ ته اسان جي وڏڙن محنتون نه ڪيون هيون. علامہ آءِ. آءِ. قاضي ته برنارڊشا جهڙي برجستي اديب جي تحريرن جي تصحيح ڪندڙ هو. علامہ آءِ. آءِ. قاضي ته اسان جي اداري کي انهيءَ اوج تي پهچايو هو، جو برٽينڊ به هن اداري جي واکاڻ ڪرڻ کان سواءِ رهي نه سگهيو. پر جيڪڏهن علامہ آءِ. آءِ. اڄ زنده هجي ها ته انهيءَ نيڪناميءَ کي بدناميءَ ۾ بدلبو ڏسي ڇا محسوس ڪري ها! ان ڪري بحرانن جي هن ماحول ۾ پنهنجي محسن کي ياد ڪرڻ پاڻ کي آئيني ڏيکارڻ، نئين رند ۽ پنڌ جي تلاش ڪرڻ برابر آهي.“

ڊاڪٽر عبدالقادر انصاريءَ جي آجيان واريءَ تقرير کان پوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ جي استاد محترم الهڏني سومري، علامہ مرحوم جي شخصيت ۽ ڪارنامن تي پنهنجو مقالو پيش ڪيو. سندس مقالي جو عنوان هو ”علامہ آءِ. آءِ. قاضي- هڪ عظيم انسان.“ هن صاحب پنهنجي مقالي ۾ انهيءَ ڳالهه تي زور ڏنو ته، قومون ماڻهن سان ٺهنديون آهن ۽ ماڻهو وري ماڻهپي سان ٺهندو آهي. هن صاحب مثال ڏيئي ٻڌايو ته علامہ مرحوم صحيح معنى ۾ هڪ مثالي انسان هو.

محترم الهڏني سومري کان پوءِ محترم عبدالغفار سومري پنهنجو انگريزيءَ ۾ لکيل مقالو پڙهيو. عبدالقادر سومرو جيڪو اڄڪلهه حيدرآباد ۾ ايڊيشنل ڪمشنر آهي، تنهن پنهنجي مقالي ۾ علامہ آءِ. آءِ. قاضي جي انهن خدمتن جو جائزو ورتو، جيڪي لطيفيات، لطيفي فن ۽ فڪر سان لاڳاپيل رهيون. کانئس پوءِ محترم حبيب الله صديقيءَ پنهنجي مقالي ۾ علامہ آءِ. آءِ. قاضي، سندس دور ۽ خدمتن تي تفصيل سان روشني وڌي. پاڻ اهو مقالو انعامي مقابلي لاءِ پيش ڪيو هئائون، جنهن تي ”پاڪستان اسٽڊي سينٽر“ کين ٽي هزار رپيا نقد انعام ڏيڻ جو فيصلو ڪيو.

محترم حبيب الله صديقي کان پوءِ علامہ آءِ. آءِ. قاضيءَ جي ساٿي پروفيسر علي نواز جتوئي عالماڻي انداز سان تقرير ڪئي ۽ هن پنهنجي يادن، تجربن ۽ مشاهدن جي خزاني کي کولي حاضرين کي ٻڌائڻ لاءِ انتهائي ڪم جون ڳالهيون ڪيون. هن صاحب علامہ مرحوم جي زندگيءَ جا ڪيترائي واقعا بيان ڪيا، جيڪي نهايت معلومات ۽ دلچسپ پڻ هئا. کانئس پوءِ علامہ غلام مصطفى قاسميءَ جن علامہ آءِ. آءِ. قاضيءَ جي پيغام سان لاڳاپيل ڪيترن ئي پهلوئن تي مفيد روشني وڌي.

مهان خاص محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ تقرير ڪرڻ آيو ته جهڙوڪ يادن جا دفتر کلي پيا. ڊاڪٽر بلوچ صاحب علامہ مرحوم جي وقت جي پابندي، شاگردن سان محبت، استادن جي احترام ۽ يونيورسٽيءَ جي خدمت جا ڪيترائي واقعا بيان ڪيا. ڊاڪٽر بلوچ صاحب پنهنجي تقرير ۾ تاريخ جي ڪيترن اهم ورقن کي عوام اڳيان پيش ڪيو. ڊاڪٽر بلوچ، علامہ مرحوم جي استعفا جو پس منظر ٻڌائيندي، ماضيءَ جي ياد دهرائي. هن ٻڌايو ته علامہ مرحوم سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر واري اهم اعزاز ۽ عهدي تان استعيفا ڏيڻ کان پوءِ، ڊاڪٽر بلوچ کي سڏايو ۽ کيس استعيفا جو اهو سبب ٻڌايو ته مارشل لا ۾ ته ملڪن جو نظام ئي هلي نه سگهندو آهي، اُتي ادارا ڪيئن هلندا ۽ فعال ٿيندا. ان ڪري اهڙين حالتن ۾ استعيفا ڏيڻ ئي ڏاهپ وارو فيصلو آهي.

ڊاڪٽر بلوچ صاحب کان پوءِ نشست جي صدر محترم مظهرالحق صديقيءَ کي صدرتي تقرير ڪرڻ لاءِ دعوت ڏني وئي. هن صاحب سيمينار سڏائڻ تي ”پاڪستان اسٽڊي سينٽر“ کي مبارڪباد پيش ڪئي. ان کان پوءِ نشست ۾ پيش ڪيل مقالن ۽ تقريرن تي راءِ ڏيڻ کان پوءِ اهو نتيجو ڪڍيو ته علامہ مرحوم انسان، انسانيت ۽ ان جي عظيم ڳڻن، محنت ۽ محبت جو مثال ۽ معلم هو.

سندس تقرير کان پوءِ آيل مهمانن کي تحفا کي تحفا ڏنا ويا. ان سلسلي ۾ مهراڻ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر عبدالاحد ابڙي کي روبرو تحفو ڏنو ويو. جيئن ته زرعي يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر ڊاڪٽر ڀٽي صحب اچي نه سگهيو هو ۽ شاهه لطيف يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر ڊاڪٽر آر- اي- شاهه ان وقت موجود نه هو، ان ڪري سندن تحفو کين بعد ۾ پهچايو ويو.

هن موقعي تي علامہ آءِ. آءِ. قاضيءَ جي شخصيت، سوانح ۽ خدمتن تي تحقيق ڪرڻ ۽ سيمينار کي ڪامياب ڪرڻ جي مڃتا طور سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر انصاري صاحب، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب، ڊاڪٽر ايم. اي. قاضي صاحب، ڊاڪٽر پروفيسر محمد يعقوب مغل ۽ ڊاڪٽر درمحمد پڍاڻ کي شيلڊون ڏنيون ويون.

آخر ۾ سيمينار ڪاميٽيءَ جي ڪنوينر، پاڪستان اسٽڊي سينٽر جي ڊاڪٽر پروفيسر محمد يعقوب مغل مهمانن جا ٿورا مڃيا.

پروفيسر ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل صاحب پنهنجي تقرير ۾ ”پاڪستان اسٽڊي سينٽر“ جي مختصر تاريخ پيش ڪئي ۽ چند اهم اعلان پڻ ڪيا. جيڪي هن ريت هئا:

(1) علامہ آءِ. آءِ. قاضي گولڊ ميڊل شروع ڪرڻ.

(2) علامہ آءِ. آءِ. اسڪالرشپ شروع ڪرڻ.

(3) جولاءِ 1989ع ۾ مرحوم شيخ عبدالمجيد سنڌي رح سيمينار سڏائڻ.

ڊاڪٽر مغل صاحب جن پنهنجي تقرير ۾ فرمايو ته:

”هن سيمينار سڏائڻ کان اڳ اسان مضمونن جا ٻه مقابلا منعقد ڪرايا. سلسلي جي پهرين ڪڙيءَ طور شاگرد برادري ۾ ” علامہ آءِ. آءِ. قاضي بحيثيت مفڪر“ جي عنوان ۽ موضوع تي مضمون نويسيءَ جو مقابلو ڪرايو ويو ۽ جج صاحبان جي فيصلي مطابق نظير احمد مهر ۽ ڪمال الدين کي پنج پنج سؤ روپين جا ٻه نقد انعام سنڌ يونيورسٽيءَ طرفان ڏنا ويندا. اهڙيءَ ريت اسان جي عالمن ۽ ليکڪن پڻ پنهنجا تحقيقي مقالا مقابلي لاءِ موڪليا، جن مان جج صاحبان جي فيصلي مطابق محترم حبيب الله صديقي صاحب کي سندس مقالي تي پاڪستان اسٽڊي سينٽر طرفان پهريون نقد انعام ٽي هزار روپيه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. انهيءَ سلسلي ۾ رمضان المبارڪ کان پوءِ هڪ خاص تقريب منعد ڪئي ويندي ۽ انهيءَ ۾ انعام کٽندڙ شاگردن ۽ محققن کي انعام ڏنا ويندا.

ڊاڪٽر صاحب جن وڌيڪ فرمايو ته جتي اسان پنهنجن شاگردن ۽ قلم قبيلي واري برادري کي علامہ آءِ. آءِ. قاضي جي سوانح ۽ خدمتن تي روشني وجهڻ لاءِ قلمي پورهئي ۾ هٿ ونڊائڻ جي تڪليف ڏني، اتي اسان مختصر عرصي ۾ پنهنجي طرفان هڪ نماڻي ڪوشش ڪئي آهي، جيڪا ووينئر جي روپ ۾ اوهان جي اڳيان آهي. انهيءَ سووينئر ۾ اسان پهريون دفعو علامہ آءِ. آءِ. قاضي بابت معلوماتي مواد ۽ جامع ڪرانالاجي ڏني آهي ۽ اميد اٿئون ته اهو مواد نئين تحقيق جا نوان رخ کوليندو ۽ محققن لاءِ معاون ثابت ٿيندو.

آخر ۾ ڊاڪٽر مغل صاحب سڀني آيل مهمانن جو شڪريو ادا ڪندي سندن ٿورا مڃيا. اهڙيءَ طرح سيمينار سيڪريٽري محترم ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ، سيمينار جي اختتام جو اعلان ڪندي ان کي پڄاڻي تي پهچايو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com