اندر جنين اوڙاهه
ڊاڪٽر قمر واحد
4 سيپٽيمبر 1976ع جي شام جو تيز رفتاريءَ سان ڊوڙندڙ ۽ حيدرآباد
کي ويجهو وندڙ بس جي دريءَ مان مسلسل ٻاهر ڏسندي
ڏسندي منهنجي اکين ۾ به هاڻ ٿڪ جو احساس ٿيڻ لڳو
هو. انهيءَ ڏينهن جهڙالو ڇانيل هو ۽ پريان پري،
تمام پري ڪارن جبلن تي هڪ وڻ هو جيڪو ڄڻ ته منهنجي
نظرن ۾ کپي ويو هو. آئون فاصلو جاچيندي آئي هيس ۽
قريبا هڪ ميل تائين اهو اوچي ڳاٽ وارو وڻ اسان جي
بس سان گڏو گڏ ڄڻ ته هلندو آيو هو. حالانڪ ڪيئن
ننڍڙا ننڍڙا پٽ تي جهڪيل ٻوٽا، جيڪي بس جي رفتار
سان ريس ڪري ان سان ڪجهه وقت لاءِ ڊوڙيا پئي، پٺتي
رهجي ويا هئا. مون ان وقت ڪاپي کڻي هڪ آزاد نظم
لکيو هو، جنهن جا آخرين لفظ هئا.
”زندگيءَ جي هنن راهن تي بيٺل، آئون به ڪو اوچي
ڳاٽ وارو اڪيلو وڻ آهيان. زندگي جنهن ڏانهن خود
بخود ڊوڙي ٿي اچي ۽ ڪيئن ڪهاڙين جا ڌڪ به هن کي
آسانيءَ سان ڪيرائي نه سگهندا، جيڪو پنهنجو وجود
جو احساس ڏياريندو ئي رهندو.
هينئر روزيءَ جو خطر منهنجي هٿن ۾ آهي. 4 سيپٽيمبر 1976ع کان
وٺي 5 آڪٽوبر 1981ع جو سڄو سفر منهنجي سامهون آهي.
منهنجي زهن ۽ دل تي نقش ٿيل آهي. ڪيئن صورتون
چٽيون اُڀري آيل آهن، ڪي ڪي مهانڊا هلڪا ٿي ويا
آهن، پر ڊيبي برائيٽ ائين ٿي لڳي ڄڻ ته اکين ۽ ذهن
جي پردي تان لهي مون اڳيان اچي بيٺي آهي. خط ۾
روزيءَ لکيو آهي تنهنجي پاڪستان وڃڻ جي ڇهن مهينن
کان پوءِ ڊيبي هتي يونيورسٽي ڪئمپس جي پرسبي
(Presby)
اسپتال ۾ گذاري وئي. توکي پتو نه هوندو ته هن کي
پارڪنس
(Prkings)
جي بيماري هئي ۽ هن ڪنهن کي به هتي ڪونه ٻڌايو هو
۽ خط هٿ ۾ کنيو آئون اهو سوچي رهي هيس ته ڊيبي
ڪيئن ٿي مري سگهي. آڪٽوبر 1981ع ۾ جڏهن هن مون کي
خدا حافظ چيو هو ته ان وقت تمام صحتمند هئي ۽ سڀ
کان زياده چست پئي لڳي. ڇا ڊاڪٽرن هن کي ٻڌائي
ڇڏيو هو ته هوءَ مري ويندي. پوءِ به هن ڪيئن
ايترين مشغولين ۾ حصو ئي ورتو، ڪيئن ايترو ڊانس ٿي
ڪيو، ڪيئن اسان جي لاءِ پڪنڪ ۽ پارٽين جا انتظام
پئي ڪيا ۽ ٽهڪ ڏنا.
زندگيءَ ۾ ڪئين دفعا مون اڪيلي سر هزارين مسئلن کي منهن ڏنو آهي
۽ اندر ۽ ٻاهر جون جنگيون جوٽي قدم قدم اڳتي وڌايو
اٿم، پر وري به ڪٿي نه ڪٿي پنهنجن ۽ پراون اڳيان
لڙڪ ڳاڙيا اٿم- زماني جي بيوفائيءَ جون شڪايتون
ڪيون اٿم، پيارن کي ڏک ڏوراپا ڏنا اٿم. پر هيءُ
منهنجي ئي جنس جي ڪهڙيءَ مٽيءَ مان ٺهيل عورت هئي
جا مرڪندي مرڪندي سڀ سور سهندي ويئي ۽ اسان کان
پنهنجي موت جي اڳڪٿي لڪائيندي رهي. مان پسٽبرگ
يونيورسٽي جي 42 منزل عمارت چوڌاري تصوراتي چڪر
ڏيئي رهي آهيان. ان ڪيٿيڊرل آف لرننگ
(Cathederal of Learning)
اندر ۽ ٻاهر منهنجي زندگيءَ جا 5 سال ورهايل آهن ۽
انهن جو هر منٽ ۽ هر سيڪنڊ مون اندر محفوظ آهي.
ڪيئن پيار ڪندڙ ساٿين جون تصويرون سلائيڊ وانگر
مون پنهنجي ذهن جي ڪنهن دٻي اندر رکي ڇڏيون آهن،
جن تي مختلف آب هوا، زمين، جسماني فاصلو ڪا به شئي
اثر انداز نٿي ٿئي ۽ مون کي جنهن به ساٿي جي ضرورت
ٿي ٿئي، آئون دٻو کولي ان جي سلائيڊ ٻهار ڪڍندي
آهيان ۽ پوءِ ها سلائيڊ نه پر
3-D
فلم بنجي مون کي پاڻ اندر پيهي ڇڏيندي آهي.
مون ماضيءَ جي ڪُن ۾ پير رکيو آهي. اهي ڪوڪاٽ، اهي تندو تيز
لهرون، اهي ڌڪا ٿاٻا سڀ ڄاتل سڃاتل آهن. منهنجي
سامهون ڪيٿڊرل جي اوچي اوچي ڳاٽ واري عمارت هئي.
چوڌاري برف وڇايل هئي. رات وڏو طوفان آيو هو، جيڪو
پوريان پنهنجيون سڀ نشانيون ڇڏي ويو آهي. آئون به
پاڻ تي ڳرو ۽ وڏو ڪوٽ چاڙهي ٽوپ هيٺان پيشاني
تائين مٿو لڪايو، پاڻ کي گهيريندي اچي پهتي هيس.
مون برف جي ميدان تي بيهي، ڪنڌ مٿي کڻي آخرين منزل
تي ٺهيل بُرجيءَ کي پئي ڏٺو، جو وچ وارين درين مان
ڪنهن هٿ لوڏيو. ڪاري دستاني ۾ ويڙهيل هٿ پهرين ته
مون کي ڪو ٻُهارو لڳو ۽ سمجهيم ته ڪير دريءَ
ٻاهران جمع ٿيل برف پيو صاف ڪري. مون اڃان ان کي
سڃاڻڻ جي ڪوشش ئي پئي ڪئي جو مٿان فائيل اچي ڪريو.
مون اڳتي وڌي فائيل کنيو ته ڪَوَرَ تي مارڪر سان
لکيل هو،
Get up dummy, we all are at floor stairs no.18
(بيوقوف مٿي هلي اچ، اسين سڀ 18 منزل تي آهيون،)
مون کي هتي ڪلاس اٽينڊ ڪندي قريباً 4 مهينا ٿي ويا
هئا. ڪنهن نه ڪنهن مون کي سڃاتو هوندو. اهو سوچي
آئون لفٽ ۾ چڙهي 18 منزل تي پهتيس. چوڌاري ڪُوڪرو
لڳو پيو هو. وچ ۾ ٻن ٽن ميزن تي کاڌي جو سامان هو
۽ ڪو هٿ ۾ ڪوڪ جو دٻو ته ڪوڪاف جو ڪپ کنيو، سڀ
کاڌي تي لامارا ڏيڻ ۾ پورا هئا. گهڻائيءَ ۾ شيدين
جو تعداد هو. مون اڃان ڄاتل سڃاتل چهرا پئي ڳوليا،
جو اڇي چڍيءَ ۽ شرٽ پاتل سهڻي جسم واري هڪ ڪاري
ڇوڪري اچي مون کي هٿ کان جهليو. مون اڃان کيس
سڃاڻڻ لاءِ پورو جائزو ئي ڪونه ورتو هو جو چيائين:
Welcome to Graduate Students Party. Just tell us your
name. (گرجوئيٽ شاگردن جي پارٽيءَ ۾ ڀلي ڪري آئين، صرف پنهنجو نالو
ٻڌاءِ) اڃان مون نالو ٻڌايو مس ته يڪدم هڪ ڪارڊ تي
لکي منهنجي ڪلهي وٽ قميص تي پيسٽ ڪري ڇڏيائين.
ڪارد تي لکيل هو
(Hello! I am Qamar Baloch)
(هيلو، آءُ قمر بلوچ آهيان) پاڻ چوڻ لڳي، آئون
ڊيبرا برائيٽ آهيان. ڪائونسلر ايجوڪيشن ۾ ڊاڪٽريٽ
پئي ڪريان. تون مون کان واقف ڪونه هوندينءَ، پر
مون سائيڪلجيءَ وارن ڪلاسن ۾ توکي ڏٺو آهي ۽
تنهنجي غير آمريڪن هئڻ ڪري توکي سڀ چڱيءَ طرح
سڃاڻي ويا آهن. اڄ موسم سٺو آهي. ڪيئن ٽيچر جيڪي
پسٽبرگ شهر کان ٻاهران ايندا آهن، برف جي طوفان
ڪري انهن ئي علائقن ۾ ڦاٿل آهن ۽ ٿي سگهي ٿو ته اڄ
گهڻا ڪلاس به نه ٿين، سو اسان ٿوري وقت اندر
گريجوئيٽ ڪائونسل پاران هيءَ گڏجاڻي رٿي آهي ۽
سڀني کي مٿي پيا سڏيون.
مون رات ويهي پيپر لکيو هو، جيڪو اڄوڪي ڪلاس ۾ پيش ڪرڻو هو.
ڪلاسن جي نه ٿيڻ جو ٻڌي مايوسيءَ سان گڏ محنت ضايع
ٿيڻ تي غصو به آيم. دل ئي دل ۾ ڊيبيءَ کي گار ڏيئي
ڪڍيم، ڄڻ ته سڄي رات شهر تي برف جو وسڪارو هِنَ ۽
هن جي ساٿين ويهي ڪيو هو ٻين کي هيترو خوشيءَ ۾
ٽڙندو ڏسي مون پنهنجي اصل قومي عادت کان مجبور ٿي
دل ئي دل ۾ چيو. ”رَنَ ڪاري شيدڻ! جهڙي اٿئي شڪل
بُڇڙي اهڙا اٿئي ڪم بُڇڙا. ماڻهو برف جي طوفان ڪري
پريشان ٿيا هوندا. ٻار ويچارا اسڪول دير سان پهتا
هوندا، ۽ توهان ويٺا آهيو جاوا ڪرڻ.“ (اها خبر مون
کي پوءِ پئي ته اهڙا برف جا طوفان هتي جي ڪنهن ڪم
ڪار کي نه روڪيندا آهن ۽ اسان جا صرف ٻه استاد
ڪونه آيا، سي به اهي جيڪي شهر کان ٻاهر چاليهه يا
پنجاهه ميلن جي فاصلي تي اهڙي هنڌ رهندا هئا، جتي
چاڙهيون هيون ۽ برف هٽائڻ واريون گاڏيون جلد ڪو نه
پهچي سگهيون.)
ان ڏينهن واري پارٽي منهنجي ڊيبيءَ سان دوستيءَ جي شروعات ثابت
ٿي. اسين پاڪستاني ۽ مجموعي طور تي ايشيا جا رهاڪو
انساني رنگ جي باري ۾ ڏاڍو تعصبي رويو رکندا
آهيون. ڀلي نڪ پڪوڙو هجي، اکيون چٻيون هجن، پر رنگ
اڇو هجي ته واهه واهه. ان جهڙو حسين ماڻهو ڄڻ ته
ڪير آهي ئي ڪو نه. باقي نقش نگار سهڻا هجن، اوصاف
به سٺا هجن ۽ رنگ ڪارو هجي ته سڀني چڱاين تي پاڻي
ڦري ويندو. ڪاري جهڙي رِڏَ ته اهڙو اکر آهي جو
هرڪاري کي ڏيون، سواءِ ڪوئلي جي؛ اهو به انهيءَ
ڪري جو ڪوئلو ويچارو پاڻ اسان وٽ مثال طور پيش
ٿيندو آهي. سو مون کي به پنهنجي انهيءَ رويي جي
ڪري ان پارٽيءَ مان، جنهن ۾ ڪارا گهڻا ۽ اڇا ٿورا
هئا، گهڻو مزو ڪو نه آيو، ۽ آهستي آهستي ڪري کسڪي
وڃي انهن ٻن- ٽن اڇڙين جو پاسو ورتم، جيڪي وڏيءَ
عمر ڪري هاڻ گهڻو دعوتون ۽ بواءِ فرينڊ حاصل نٿي
ڪري سگهيون يا ٻارن جي الڳ گهرن وسائڻ ڪري
اڪيلائيءَ کان بيزار ٿي اچي وري يونيورسٽي وسائي
هئائون ۽ اهڙيون پارٽيون انهن لاءِ غنيمت هيون. ان
پارٽيءَ ۾ ڪجهه دير لاءِ هڪ اڇو امريڪن به آيو،
قداور ۽ سهڻو- ڪَرٽس
(Curtis)،
جنهن ايندي شرط ڊيبيءَ جي چيلهه ۾ هٿ وڌو، چُمي
ڏني ۽ پوءِ اهين ئي چيلهه ۾ هٿ وجهيو هيڏانهن
هوڏانهن گهمندا رهيا ۽ ماڻهن سان ملندا رهيا. مون
کي ڀرسان ويٺل اڇي امريڪن چيو:
(aren’t they a lovely couple)
(اهن نه ٻئي سهڻو جوڙو؟) جوڙي جو ٻڌي مون کي پڪ ٿي
ته انهيءَ ڇوري واقعي ڀينگ ڪئي آهي ۽ ڊيبيءَ سان
شادي ٿيل آهيس. دل ۾ چيم: ”مُئا، توکي به سڄيءَ
آمريڪا مان اها ئي ملي هئي. هاڻي اها چيچ چمڙي
جهڙي توسان ڄڻ ته نظر ڏنڀاڻي ٿيو پئي هلي، پر زال
ٿيو ته ڪو نه ٿي ٺهئي.“
اسين روايتن ۽ رسمن جا ڏنڀيل ماڻهو انهن زهرن جي اثر هيٺ هميشه
انهيءَ ذهني واڌ کان پري رهجي ويندا آهيون، جيڪا
الله تعالى هن دنيا تي رهندڙ ڪن قومن جو مقدر ڪري
ڇڏي آهي. ان جو نتيجو اهو نڪرندو آهي جو اسين
هميشہ ٻين جي ٺاهيل ڄار تي ترڪندا رهندا آهيون ۽
انهيءَ کي ئي زندگيءَ جو حاصل سمجهندا آهيون. ڪڏهن
ڪڏهن ڪي اوڏول ۽ اوکا انسان اهڙا ڄار ٽوڙي ٻاهر
نڪري ايندا آهن ۽ اهي گس ۽ پيچرا ٺاهڻ شروع ڪندا
آهن جن تي هلندي هلندي انسان انسانيت کي پسندا آهن
۽ ٻين لاءِ منزل جا اهڃاڻ بنجي ويندا آهن. اهي
منزلون جن کي وقت ۽ طاقت جي ڌوڙ به نظرن کان پري
نه ڪري سگهندي آهي. ڪيئن مهينا پوءِ مون کي محسوس
ٿيو ته ڪرٽس ۽ ڊيبيءَ به اڇي ۽ ڪاري جي فرق کان
اتاهون ٿي پاڻ کي انسان ثابت ڪيو هو. پيار ۽ محبت
وارا انسان، کل ۽ ٽهڪ ڏيندڙ انسان، هٿ هٿ ۾ ڏيئي
هلندڙ گهمندڙ انسان ۽ اهي ٻئي انسان مون پرديسڻ جا
ساٿي بڻجي ويا. ڊنر ۽ پارٽين جا، پڪنڪ جا،
لائبريريءَ جا ۽ انهن ڏينهن جا جڏهن منهنجي دل
چاهيندي هئي ته ڪيٿيڊرل جي ڪيفي ٽيريا مان گرم گرم
ڪاري ڪافيءَ جا ڪوپ وٺجن، پٽ تي پاٿولي ماري، دنيا
جي چڱاين براين تي بحث ڪجي ۽ هڪٻئي جي ڪڙين مٺين
ڳالهين کي خوشبودار ڪاري ڪافيءَ جي ڍُڪن سان نڙيءَ
مان لاهي معدي ۾ پهچائجي.
ڊيبي اسان جي ڪائونسل جي صدر چونڊي ته سندس گهڻو وقت پروگرام
ترتيب ڏيڻ ۽ ٻين شاگردن سان ملڻ ملائڻ ۾ گذرڻ لڳو.
اهو ئي عرصو هو جنهن دوران ڪارن ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين هن
تي حق وسيلا ڄمائڻ شروع ڪيا. اسان جي سالاني
ڪانفرنس ۾ کانئس اهو فيصلو مڃرايو ويو ته نائجيريا
جي ڊاڪٽر آگبو
(Ogbu)
کي، جيڪو سان فرانسسڪو جي يونيورسٽيءَ پڙهائي رهيو
هو، مهمان خصوصي طور مدعو ڪيو وڃي.
Balck American Studies
جي ڪاري ڊاڪٽر چارلس کي ڪائونسل جو صلاحڪار مقرر
ڪيو ويو. ڪائونسل جي ميٽنگس ۾ اڇن استادن جي رويي
تي کلئي عام نڪته چيني ٿيڻ لڳي ۽ ڊيبيءَ کي سندس
ابن ڏاڏن تي ٿيل ظلمن جي تفصيل کان آگاهه ڪرڻ ته
ڄڻ ڪائونسل ميٽنگس جي ايجنڊا جو باقاعده ۽ اڻ لکيل
حصو بنجي ويا.
الائجي ڇو مون کي گهُٽَ محسوس ٿيڻ لڳي. ان ڏينهن ته مون ڪَرِٽسَ
کي به چُپ ۽ غمگين محسوس ڪيو، جڏهن
African Solidarity
واري ڏينهن سڀني ڪارين ڇوڪرين سان گڏ ڊيبيءَ به
پنهنجي وارن جون ڪئين ننڍڙيون ڀينڊيون ويڙهي انهن
۾ موتي لڙڪايا ۽ وڏو گگهي جهڙو پهراڻ پائي پيرن ۾
پٽين وارو چمپل وجهي جلسي ۾ تقرير ڪئي.
آئون ڪرٽس، ڊونٽ
(Doughnut)
۽ ڪافي کڻي پنهنجيءَ ٽيبل تي آياسين ته کان رهيو
نه ٿيو. مون چيومانس ”تون خوش ڇو نه ٿو ٿين.
ڊيبيءَ ههڙي بهترين تقرير ڪئي آهي ۽ سڄي هال ۾
تاڙيون ئي تاڙيون آهن.“ ڪرٽس جي اڇي ڳوري چهري تان
ڪارو ڪڪر گذري ويو. هڪ لحظي لاءِ هو چپ چاپ مون کي
گهوريندو رهيو ۽ پوءِ چيائين ”تون ڏسين نٿي ته
ڊيبي مون کان پري ٿيندي وڃي. مون کي ڊپ آهي ته
آئون ڪٿي آفريڪا جي جهنگلن ۾ هن کي وڃائي نه
ويهان.“ مون ڪجهه نه سمجهيو. پڇيم ”ڇا توهين
آفريڪا گهمڻ پيا وڃو؟“ هُن ڪاوڙ ۾ چيو ”ڇا ڪنهن
زمين تي پير رکڻ ئي ان جي وجود جي مڃتا جو اصول
آهي. ڊيبيءَ جي دل ۾ آفريڪا ۾ آباد آهي ۽ هوءَ دل
جي گهراين مان ان کي ڪڍي پاڻ تي مسلط ڪندي وڃي.
تون هن جو اُٿڻ وهڻ ڏس، هن جا جذبات ڏس، تون هاڻ
اسان جي گهر اچي ڏس ته هن ڇا ڇا ان ۾ آڻي رکيو آهي
۽ ڪلهه ته حد ٿي وئي. هوءَ
African Cookery
جو ڪتاب وٺي آئي آهي ۽ ڪالهه مون اڇن چانورن جو
نمڪين حلوو، سڪل مڇي، ڪڪڙ ۽ بيف (ڍڳيءَ جي گوشت)
جو گڏي پچايل ٻوڙ کاڌو آهي ۽ اڄ تائين اهي سڀ شيون
منهنجي معدي اندر پيل آهن.“ قمر! منهنجي ڊيبيءَ
Ebony Eyes
جي تعريف ڪئي آهي ۽ مون کي چيو آهيس ته تنهنجي
ڀورين اکين ۾ جذبات جو اظهار ايترو نظر نٿو اچي
جيترو ڪارين اکين ۾ نظر ايندو آهي.
پهريون دفعو ڪاري خوشبودار ڪافي مون کي هميشہ جهڙو مزو نه ڏيئي
سگهي. مون اُٿي ملڪ پائوڊر جون ٻه پڙيون کنيون ۽
ڪرٽس ۽ پنهنجي ڪافيءَ جي ڪوپن ۾ وجهي، چمچي سان
هلائي ڪافيءَ جو رنگ ڀورو ڪري ڇڏيو.
مون کي گهڻائي پيپر لکڻا پيا، امتحان ڏيڻا پيا، اسڪول ۾ وڃي
Micro- Teaching
جو مظاهرو ڏسڻو پيو ۽ ڪائونسل جون ڪئين ميٽنگون ۽
جلسا منهنجيءَ شرڪت کان سواءِ ٿي گذريا.
1978ع ۾ جڏهن سهيل آمريڪا آيو ته آئون کيس يونيورسٽي گهمائيندي
گهمائيندي ڪائونسل آفيس وٺي ويس. اتي مون ڊيبيءَ ۽
(Lmont)
لمونت کي ڏٺو. لمونت جيڪو گوريلي جهڙو هو. هر
پارٽيءَ ۽ پڪنڪ ۾ سڀني کان وڌيڪ کائيندو هو ۽ ٻنهي
ڪلهن تي ٻه ڇوڪريون ويهاري ميلن تائين ڊوڙي واپس
اچڻ ۾ مشهور هو. مون هن کي اسان واري ڊين
(Dean)
جي آفيس ۾ گريجوئيٽ اسسٽنٽ شپ تحت ڪم ڪندي ڏٺو هو
۽ هڪٻئي جي نالن کان واقف هئاسين. ڊيبيءَ ٻڌايو ته
هن لمونت کي ڊين جي آفيس مان بدلي ڪرائي ڪائونسل
جي آفيس ۾ آندو آهي، جو ڪائونسل ۾ ڪو بهتر ماڻهو
ڪم ڪرڻ لاءِ نه هو. مون لمونت
(Lamont)
جي منهن ۾ چتائي ڏٺو. مون کي هن ۾ ڪابه بهتر هئڻ
جي خاصيت نظر نه آئي. بهرحال منهنجو آفيس جي ڪمن
تي ڪوبه اختيار نه هو ۽ آئون صرف ميمبر هيس.
1978ع
جي سياري دوران سان جيءَ ڪائونسل وڏيءَ پارٽيءَ جو
انتظام ڪيو ۽ ان لاءِ اسان
Greek Orthobox Church
(يوناني آرٿوڪس چرچ) جو هال مسواڙ تي ورتو. شيشم
جي فرش تي ڪئين جوڙا ڊانس ڪري رهيا هئا. آئون ۽
ڪجهه مصري شاگرد پَتن جي بازي لڳايو ويٺا هئاسين.
ڪجهه ڪارين ڇوڪرين ميوزڪ بند ڪرايو ۽ ڊرم جي لئه
تي گانو ڳائڻ شروع ڪيو. هيءُ اهو ميوزڪ هو جيڪو
Alex Haley
جي ناول
The roots
جي ٽيليويزن واري سلسلي ۾ هڪ ٻن هنڌ تي وڄايو ويو
هو. هن ميوزڪ شروع ٿيڻ شرط ڊانس جو طريقو بدلجي
ويو ۽ ائين لڳو ته ڄڻ گهڻن کي ٽڻگن ۾ ڏينڀو چهٽي
ويا آهن. اوچتو هڪ وڏي رڙ ٿي. اهڙي رڙ جيڪا ان
ميوزڪ تي حاوي هئي. سڄي هال ۾ خاموشي ڇائنجي ويئي.
جيڪو جتي هو اُتي ئي رهجي ويو ۽ اسان ڏٺو ته ڪرٽس
پنهنجيءَ ميز تي چڙهيو بيٺو هو. شراب جي نشي ۾
ڌُتِ- هٿ ۾ وِسڪيءَ جي بوتل، قميص جا بٽڻ کليل. هڪ
لحظي کان پوءِ هن دانهن جي انداز ۾ ڪڙڪو ڪري چيو.
“Stop it rascals! You have killed me”
بدمعاشو، ان کي بند ڪريو. توهان مون کي ماري ڇڏيو
آهي. توهان منهنجي پيار کي ڌوڪو ڏنو آهي. توهان
منهنجي زال مون کان ڦري ورتي آهي. هوءَ آفريڪا ۾
رهي ٿي، آفريڪا سان کائي ٿي، آفريڪا سان سمهي ٿي ۽
ان آفريڪا ۾ مون لاءِ ڪابه جڳهه ڪونهي. آفريڪا مون
کان سڀڪجهه ڦري ورتو آهي ۽ آئون خالي هٿين رهجي
ويو آهيان.“
ڊيبي اڳيان وڌي آئي. چيائين: ”ڪرٽس، تون نشي ۾ آهين. هيٺ لهي
اچ، پاڻ گهر ٿا هلون، توکي آرام جي ضرورت آهي.“
ڪرٽس وڌيڪ مڇرجي ويو. چيائين ”ڪنهن جو گهر، اهو منهنجو گهر
ڪونهي. اهو آفريڪا آهي، جتي لمونت اچي ٿو ۽ جتي
ايلڪس هيلي جا ڪردار زنده ٿين ٿا. هٽي وڃ مون کان،
اڄ کان پاڻ الڳ آهيون.“
”شيم، شيم...“، سڄي هال مان آواز اٿيا. آئون ڊپ وچان هال کان
ٻاهر نڪري آيس. متان جهڳڙو نه ٿي پوي. ڪجهه ڏينهن
کان پوءِ خبر پئي ته ڪرٽس ۽ ڊيبي الڳ ٿي ويا آهن.
سندن طلاق جو فيصلو به جلد ٿي ويندو. آئون وقتاً
فوقتاً ڊيبيءَ سان ملندي رهيس. هاڻي هو لمونت سان
رهندي هئي. ان جي پهرين زال جي ڇڏيل ٻن ڇوڪرين جي
پرورش ڪندي هئي. پاڻ اڳي کان وڌيڪ ڪم ۾ جُنبي ويئي
ئي. لمونت به مستقل طور اسان جو ميمبر ٿي ويو هو.
سڀني شايد ڪرٽس کي وساري ڇڏيو هجي، ليڪن مون کي
اڃان به ياد هو ۽ پڪنڪ پارٽين تي هن جي ڪَمي محسوس
ٿيندي هئي.
وقت گذرندو رهيو. پڙهائي به ٿيندي رهي. جلسا به ٿيندا رهيا.
وقتي ۽ موسمي سوشل پارٽيون به هلنديون رهيون. آئون
گهڻو وقت پنهنجي پٽ سهيل کي ڏيندي هيس، انهيءَ ڪري
گهڻو ڪري سڀ فنڪشن اٽيند ڪونه ڪري سگهندي هيس.
1980ع جي شروعات ڌاري پنهنجا ريسرچ پيپر ٽائيپ
ڪرائڻ لاءِ ڪائونسل آفيس ۾ گهڻو وقت گذارڻ لڳس.
ڊيبي هاڻ صدر ڪونه هئي. ان جي جڳهه تي ٻي ڇوڪري
اچي ويئي هئي ۽ لمونت ان سان ويجهو پوندو ويو. مون
هڪ ٻه دفعو ڊيبيءَ جو ڌيان ان طرف ڇڪايو. چيومانس
”جلدي شادي ڪري وٺ، ورنه هيءُ هٿن مان وڃنئي
نڪرندو.“ کلي چيائين ”منهن سان شادي ڪئي هيم اهو
به ته هٿن مان ترڪي ويو.“
آئون آڪٽوبر 1981ع ۾ واپس پئي آيس. منهنجي الوداعي پارٽيءَ ۾
ڊيبي بلڪل اڪيلي هئي.
Alex Haley جو ناول
Roots
پراڻو ٿي چڪو هو. ان تي ٻڌل
T.V
واري سيريل ٽي سال اڳ ۾ ختم ٿي چڪي هئي. ڪانگريس
اڳيان 1969ع ۾ پيش ڪيل بلِ ”هر گروپ، هر زبان ۽ هر
تهذيب جا حامل ماڻهو پنهنجي ٻارن کي پنهنجيءَ
زبان، تهذيب ۽ تاريخ بابت سرڪاري خرچ تي تعليم
ڏيارڻ جا حقدار آهن“ ۽ جيڪو 1972ع ۾ پاس ٿيو هو،
پوريءَ طرح عمل هيٺ هو. غريب ماڻهن جي لاءِ نوڪرين
۽ روزگار جا نوان موقعا فراهم ڪيا ويا هئا. رونالڊ
ريگن جي حڪومت جو وعدو هو ته هاڻ ڪير به ڏکيو بکيو
نه رهندو ۽ ماڻهن کي آسرو ٿيو ته جلدي حالتون سڌري
وينديون. اهڙي وقت ۾ مون آمريڪا کي خداحافظ چوڻ جو
سوچيو.
آئون پٺيان سڀني کي سکيو ستابو ڇڏي آئي هُيس. منهنجا سڀ ڄاڻو
سڃاڻو ۽ دوست تندرست ۽ چُست آهن. اسڪول آف
ايجوڪيشن جي گريجوئيٽ ڪائونسل ۾ نوان چهرا اچي ويا
هوندا. لمونت ڪٿي نه ڪٿي شادي ڪري پنهنجو گهر
ٺاهيو ويٺو هوندو. سڀني جون آسون اُميدون پوريون
ٿيون هونديون، ليڪن ڊيبرا برائيٽ، جنهن دل جا
دروازا آفريڪا لاءِ کوليا هئا، سڀني کي هق ڏيارڻ ۽
مطالبا مڃرائڻ جو پليٽ فارم مهيا ڪيو هو، اُها
جنهن جو پيار آفريڪا جي راهه ۾ گم ٿي ويو، اها
آفريڪا جي زمين تي قدم به ڪونه رکي سگهي. منهنجي
پياريءَ سَگههَ واري ساهيڙيءَ ڪٿي به پنهنجي
بيماريءَ يا ڏک جو احساس ڪنهن کي به ٿيڻ نه ڏنو.
سڀني ۾ آفريڪا ۽ محبت ورهائيندي وئي ۽ پاڻ سڀ ڪجهه
وڃائيندي ويئي. مون لڙڪ روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڳچيءَ
۾ ڄڻ ته ڪا شئي چُڀ چُڀ پئي ڪري. سمجهان ٿي اُها
چُڀَ ايستائين رهندي جيستائين هڪڙن انسانن کان ٻيا
سڀ ڪجهه ڦريندا يا جيستائين ڊيبيءَ جي تابوت کي
پيٽبرگ جي هوم اسٽيڊ واري قبرستان مان ڪڍي آفريڪا
جي مٽيءَ ۾ دفن نه ڪري اچجي ۽ اُتي هڪ وڏو اوچي
ڳاٽ وارو اڪيلو وڻ پيدا ٿئي، جيڪو ميلن تائين
پنهنجي وجود جو احساس ڏياري ۽ جنهن کي ڪئين ڪهاڙين
جا ڌڪ به ڪيرائي نه سگهن. |