سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1989ع

مضمون

صفحو :7

مقبول احمد ڀٽو، مرحوم

 

 

 

مقبول ڀٽي- هڪ گهڻ پاسائين شخصيت

تنوير عباسي

سنڌ جي سياسي ۽ ادبي تحريڪن ۾، ڪيترائي اهڙا مڻيادار ماڻهو ٿي گذريا آهن، جن جي محنت ۽ قربانيءَ سببان سندن دور کي اهم تاريخي موڙنصيب ٿيا، پر هوڪنهن کي ياد به نه رهيا؛ اڻ ڄاتا ۽ اڻ ڳاتا ئي رهجي ويا. مقبول ڀٽي به اهڙن مڻيادار ماڻهن مان هو. مقبول ڀٽيءَ جي شخصيت گهڻ پاسائين Multi Dimensional هئي. هن جا مون سان تعلقات گهڻ پاساوان هئا. ذاتي دوستي، ادبي ۽ سياسي تحريڪن ۾ ساٿ، ليکڪ ۽ ناشر جو رشتو- اهي هئا اسان جي ساٿ جا مختلف پهلو. انهن سڀني ناتن ڪري، مقبول ڀٽيءَ جي گوناگون شخصيت کي ويجهي کان ڏسڻ جوموقعو مليو.

مقبول ان پهرين واقفيت ان دور ۾ ٿي، جڏهن هو ٻارن جو رسالو ”گلستان“  ڪڍندو هو. (هڪ خوبصورت، ذوق سان سينگاريل، ٻارن جي ڏانوَ وارين تصويرن سان سينگاريل رسالو). کلڻو ملڻو، مضبوط هاٺيءَ وارو، بي تڪلف، روشن خيال، محنتي جوان، ائين هو مقبول.

ان کان پوءِ، 1955ع ڌاري، جڏهن ون يونٽ جا سانباها پئي ٿيا، ته سنڌ يوٿ فرنٽ ۾ شامل ٿي ويو، جنهن جو صدر ذوالفقار علي  ٽو هو۽ ون يونٽ جي مخالفت ۾ عملي ساٿ ڏنائين. انهن ڏينهن ۾ هفتيوار اخبار ”وطن“ ڪڍيائين، جنهن ذريعي سنڌ جي ماڻهن ۾ حب الوطني ۽ ون يونٽ جي مخالفت جا جذبا جاڳائيندو رهيو. ان وقت جي هفتيوار اخبارن ۾ گيٽ اپ، مواد، توڙي ٻوليءَ جي خيال کان مقبول ڀٽيءَ جي وطن، سڀني کان نمايان هئي. منهنجي خيال ۾ اهڙي هفتيوار اخبار اڃا تائين نه نڪتي آهي، جيڪا مقبول جي ”وطن“ جو مقابلو ڪري سگهي، سواءِ ڪن ايڪڙٻيڪڙ اخبارن جي. اها هفتيوار اخبار سنڌ جي ماڻهن ۾ ايتري ته مقبول ٿي ۽ ايتري ته اثرائتي هئي، جو سنڌ سرڪار کي انهن کي بند ڪرڻو پيو.

ون يونٽ خلاف عملي جدوجهد ۾ مقبول ڀٽي اڳي کان اڳرو هو. جنهن ڏينهن حيدرآباد ۾ ون يونٽ جي حمايت ۾ سنڌ اسيمبلي اجلاس ڪري، ٺهراءُ پاس ڪرڻ واري هئي ۽ کهڙي وزارت دٻڙ ڌونس سان اهو ٺهراءُ پئي پاس ڪرايو، اسان ان ڏينهن اسيمبلي جي ٻاهران مظاهري ڪرڻ جو پروگرام ٺاهيو. سنڌ ۾ تعليم ان وقت ايتري هئي، جو ڪاليج رڳو حيدرآباد، ڪراچي، شڪارپور ۽ سکر ۾ هئا. شاگرد گهڻا ڪراچيءَ توڙي حيدرآباد ۾ غير سنڌي هئا. بهرحال مظاهري شڪارپور ۽ سکر ۾ هئا شاگرد گهڻا ڪراچيءَ توڙي حيدرآباد ۾ غير سنڌي هئا. بهرحال مظاهري جو پروگرام ٺاهيو ويو. رات جو حيدرآباد جي ديوارن تي سنڌ يوٿ فرنٽ جا ڇپيل ”احتجاج“ جا پوسٽر هڻڻ شروع ڪياسين ۽ اڌ رات ڌاري، اهي پوسٽر هڻندي گرفتار ٿياسين. حيدرآباد جي مارڪيٽ ٿاڻي تي بند ڪيائون. مان، قمر صديقي، مظهر حسين شاهه ۽ غلام سرور ڇڄڙو سڄيءَ سنڌ مان اٽڪل يارهن ڄڻا گرفتار ٿيا، سي به حيدرآباد ۾ (سنڌ ۾ ان وقت سجاڳي به گهٽ هئي، ته تعليم به گهٽ). صبح جوسويل مقبول ڀٽيءَ کي به گرفتار ڪري آيا. مقبول ڀٽي سنڌ جي انهن ٿورن اوائلي سڄاڻ ۽ بهادر سياسي ڪارڪنن مان هو، جن ون يونٽ خلاف قيد قبوليو.

انهن ڏينهن ۾، 1956ع ڌاري حيدرآباد ۾ سنڌي ادبي انجمن نالي هڪ جماعت هئي جيڪا ترقي پسند لاڙن جي ترجمان هئي. ان جماعت ۾ سرائي اميد علي (سنڌيءَ جو اوائلي افسانه نگار، سنڌ جو اوائلي ائڪٽر فلم پرديسيءَ ۾)، محمد عثمان ڏيپلائي، ع. ق. شيخ ۽ سنڌيءَ جو سڄاڻ دانشور محمد ابراهيم جويو، نوجوان ليکڪن جي ادبي تربيت ڪندا هئا. مقبول ڀٽي به ان ۾ امل هو. ساڳئي دور ۾، سنڌ جي ڌار ڌار شهرن ۾ ”سنڌي ادبي سنگتون“ پڻ قائم ٿيون، جن جو مقصد پڻ ساڳيو ”سنڌي ادبي انجمن“ وارو هو. مقبول ڀٽيءَ انجمن کي سنگت ۾ تبديل ڪيو، ۽ سنگت جي تنظيم لاءِ وڏي جدوجهد ڪيائين. ڪي موقعا ته اهڙا به آيا، جو بسنت هال جي ٻاهر واري چبوتري ۾ (جتي سنگت جي ميٽنگ رکندا هئاسين)، رڳو ٻه يا ٽي  ڄڻا انتظار ۾ ٻه_ ٽي ڪلاڪ ويهي، وٽي ويندا هئاسين، ۽ اهڙا موقعا لاڳيتا ۽ بار بار ايندا هئا، پر مقبول ڪڏهن به همت نه هاري. اسان مايوس ٿيندا هئاسين، پر مقبول اڳي کان اڳرو. چوندو هو”پرواهه ناهي، ٻئي دفعي محفل ضرور مچندي،“ ۽ مقبول جي اها محفل اڄ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ متل آهي.

جڏهن سڄيءَ سنڌ جي اديبي سنگتن کي هڪ لڙيءَ ۾ پوئڻ جي ضرورت ٿي، ته ان ڏس ۾ پڻ مقبول ڀٽيءَ وڏو ڪردار ادا ڪيو.

”ون يونٽ“ ۾، جڏهن سنڌي ٻوليءَ کي ختم ڪرڻ جي سازش سَٽي ويئي ته اسان صحيحن جي مهم جي رٿا ٺاهي. لک کن ماڻهن کان صحيحون ورتيون ويون ته سنڌيءَ کي اولهه پاڪستان جي سرڪاري زبان تسليم ڪيو وڃي. ان اسڪرول تي، شيخ مجيب الرحمان ۽ جوشمليح آباديءَ ۽ ٻين ڪيترين مشهور شخصيتن جون صحيحون هيون. ڪراچي هوٽل سامهون، سرائي اميد علي جو بنان مسواڙ ڏنل ڪمرو سنگت جي آفيس هئي. مقبول، مان، شمشير، مصطفى قريشي مشهور فلم ائڪٽر، ممتاز مرزا ۽ ٻيا دوست، ته رات نه ڏينهن، اوڌر تي مانيون کائي، اوڌر تي چانهيون پي پيا ڪم ڪندا هئاسين. مهم ان لحاظ کان ڪامياب ويئي ته سنڌ ۾ ٻوليءَ جي باري ۾ پهرين سجاڳي پيدا ٿي. ان مهم جوڳواڻ مقبول هو. سڄيءَ سنڌ جو دورو ڪيائين، ڪارڪن پيدا ڪيائين، انهن کي ڪم ڪرڻ جي تربيت ڏنائين. ان وقت سنڌ ۾ سڀ مايس هئا، ون يونٽ دٻڙڌونس سان ٺاهي ويا، سنڌ جي ماڻهوءِ کي ڪا واٽ ئي نه پئي سجهي، پرمقبول اهڙي لاٽ ٻاري جو سنڌ روشن ٿي ويئي. شمشير جو نظم ”اي همسفرو“ ان دور جي تخليق آهي.

ان مهم دوران، مهم جي مقبوليت ڏسي، ڪيترا سڌڙيا Opportunist سياسي اڳواڻ، هزارين رپيا امداد لاءِ کڻي آيا، پر مقبول سڀني کي موٽائي ڇڏيو، ۽ اسان سان گڏ اوڌر جي چانهه ۽ مانيءَ تي گذارو ٿيندو رهيو، ان ڪري جو متان اهي سنگت کي سياسي طور استعمال ڪن.

مهم جي پوري ٿيڻ بعد، فارمن کيسارٽ (Sort) ڪري انگ اکر ڏيڻا هئا، ته گهڻن هارين، گهڻن مزدورن، گهڻن سياستدانن ۽ گهڻن ڊاڪٽرن وغيره صحيحون ڏنيون آهن. اهو ڪم مقبول جي حيات ادب لئبرري (دينوءَ جي پڙ ۾، سندس گهر هيٺان) ۾ ٿيندو هو. ونگار جو ڀَتُ مقبول آڻيندو هو ۽ اسان ڪم ڪندا هئاسين.

صحيحن وارو اهو اسڪرول، اڄ به انسٽيٽيوٽ آف سنڌ لاجيءَ ۾ مقبول ڀٽيءَ ۽ ٻين ڪارڪنن جي قربانيءَ، محنت، خلوص، سنڌ دوستيءَ ۽ سنڌ ۾ ون يونٽ کان پوءِ ”پهرين سجاڳيءَ جي لهر“ جي يادگار طور رکيل آهي.

ان دؤر جو هڪ اهم واقعو، جيتوڻيڪ منهنجي ذات سان تعلق ٿو رکي، پران مان مقبو ڀٽيءَ جي همت، هوشياري، بردباري، توڙي قرباني ۽ دوستن سان محبت جي ثابتي ٿي ملي. ان ڪري ئي اهو واقعو هتي بيانڪريان ٿو:

هيءُ واقعو1956ع جو آهي. تن ڏينهن ۾ مخدوم امير احمد اسان کي هيرآباد واري اورينٽل ڪاليج ۾ سنگت جي ڪچهرين ڪرڻ جي اجازت ڏني هئي. گرميءَ هجڻ سبب ٻاهر ڇٻر تي ٿي ويٺاسين. اندران پِلگ مان تار ڇڪي، ٽيبل لئمپ ٻاهر لان تي رکيوسين، جيئن شعر يا افساني پڙهڻ واري کي روشني ملي. ميٽنگ پوري ٿي ته مون ٽيبل لئمپ کي هٿ ۾ کنيو، جيئن ٻين سڀني ٽپڙ پئي سهيڙيا مڄاڻ پلاسٽڪ واريءَ تار جي پلاسٽ ڪا ڏريل هئي، ان مان منهنجي ساڄي هٿ واريءَ چيچ کي ڪرنٽ اچي ويو، ائين ڀانيم ته ان چيچ کان وٺي، پيرن جي ترين تائين، جهٽڪن جو ڪو سمنڊ آهي، جنهن جون لهرون منهنجي جسم مان ٿينديون زمين ۾ گهڙنديون ٿيون وڃن. ايترو هوشئي نه هو جو لئمپ ڦٽي ڪريان. ڏٺم ته سڀ دوست چوڌاري گول ٺاهي بيٺا آهن، ڪي سئچ بند ڪرڻ لاءِ ڀڳا؛ پر سئچ اٽڪل اسي فوٽ کان پري هو. مقبول ڀٽيءَ کي ڏٺم، تمام پري هليو ويو، پوءِ ڪنهن فاسٽ بالر وانگر ڊوڙ پاتائين، تيز رفتار سان ڊوڙيو، اچي مون سان ٺڪرايو. ٽڪر لڳڻ سان ئي لئمپ هل پاسي مان ٻئي پاسي، ۽ مقبول ٽئين پاسي. منهنجي ساهه کڄڻ جو انداز اهو هو، جو عام طرح ساهه کڻڻ سان ڇاتي جيتري ڦنڊندي آهي، ان کان ٻيڻي ٿي ڦنڊي. دل جي رفتار ٽيڻي، بچي ويس، پر ايترو ڪمزور جو هفتو کن هلي نه سگهان. ٻئي ڏينهن فرسٽ پروفيشنل جا امتحان هئا، (امتحانن جي دور ۾ به سنگت جو ڪم ۽ ڪچهريون نه ڇڏبيون هيون). فيل ٿيس، پر مقبول اها سياڻپ نه ڪري ها، اهوخطرو نه کڻي ها، ته نه رهي سا بانس، نه وڄي ها بانسري. نه تنوير هجي ها، نه هيءُ مضمون لکي رهيو هجي ها. (ان وقت تائين اڃا منهنجو پهريون مجموعو به نه ڇپيو هو). شايد مقبول ڀٽي هجي ها، جيڪو تنوير جي موت تي تعزيتي مضمون لکي رهيو هجي ها.

درازن ۾ محفلن مچائڻ جي شروعات، سردار بهادر محمد بخش ڪوجهيءَ جي ڪوششن سان ٿي، پر عملي ڪم ۾ هادي بخش لاڙڪ ۽ مقبول ڀٽيءَ جو هٿ هو. حيدرآباد مان اديب ۽ فنڪار، شامانه وغيره درازن تائين پهچائڻ، محفل مچائڻ، انائونسمينٽ ڪرڻ مقبول جي بِلي هوندا هئا. ان وقت درازن ۾ نه ريسٽ هائوس هو، نه آڊيٽيوريم، نه بجلي ۽ نه سرڪاري مدد، سردار بهادر محمد بخش ۽ پوءِ فقير رحيم بخش هڙان خرچ ڪندا هئا، ته مقبول ڀٽي ۽ هادي بخش لاڙڪ وڙ ڪندا هئا.

ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ادب ۾ وڏو خال پئجي ويو؛ ليکڪ ته هئا، پر پبلشر ۽ پڙهندڙ تمام گهٽ. مقبول ڀٽيءَ همت ڪري گلستان ڪڍي، ان کانپوءِ سنڌيءَ جا اهم ڪتاب ”روح رهاڻ“ ۽ ”لطيفي سير“ ٻيهر ڇپايائين. ان کان سواءِ جڳ مشهور ڪتاب ”الف ليلى جديد نموني ۾ تصويرن سان ڇپايائين. منهنجو پهريون مجموعو ”رڳو ٿيون رباب“ تمام خوبصورت نموني ۾ شايع ڪيائين. ان وقت چيو هئائين ته ”ايندڙ پنجويهن سالن تائين ههڙوخوبصورت ڪتاب نه ڇپبو“ مقبول جي اها دعوى توڙي اڳڪٿي بلڪل صحيح ثابت ٿي.

سنڌي ڪتابن جي اڻاٺ ڏسي هن حيدرآباد جي اهم جڳهه تي ”سنڌي ڪتاب گهر“ قائم ڪيو. ان ڪتاب گهر ۾ هن ڪوشش ڪري سڀ نوان پراڻا، هند ۽ سنڌ جا ڪتاب رکيا. سنڌيءَ جو ڪو به ڪتاب جي سنڌي ڪتاب گهر ۾ نه هوندو، ته سمجهبو هو ته اهو ڪٿي به نه ملندو. اهو فقط ڪتاب گهر نه هو، پر اديبن جو مرڪز پڻ؛ هر آيو ويو اتي ضرور کن پل ترسندو هو. ڊاڪٽر خليل ڏيپلائي، مظفر حسين جوش، منظور نقوي، سرور علي سرور، غلام محمد گرامي، عبدالله خواب جو ته دڪان ئي مٿان هو، عبدالقيوم صائب، نوجوانن ۾ شمشير الحيدري، ممتاز مرزا ۽ مصطفى قريشي ڪو ٻاهر جو اديب دوست جي حيدرآباد ايندو، ته سنڌي ڪتاب گهر تي ضرور ايندو، ڪتاب به ملي ويندس ته اديب دوستن سان به عليڪ سليڪ ٿي ويندس.

سنڌي ادب ۾ خال کي ڀرڻ، ۽ سنڌ جي ماڻهن ۾ ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ادب کي پڙهڻ جي شوق جا ڳائڻ ۾ ٽه ماهي مهراڻ (جيڪو ان وقت محمد ابراهيم جويي جي ادارت ۾ نڪرندو هو) ۽ سنڌي ڪتاب گهر جو وڏو هٿ آهي.

مقبول ڀٽي سنڌ يونيورسٽي پريس جو مئنيجر ٿيو. سنڌيءَ ۾ پهرين مونو ٽائيپ مشين هن قائم ڪئي. پرنٽر جي حيثيت ۾ هن سنڌي طباعت کي هڪ قدم اڳتي وڌايو. مقبول جي ڇپيل ڪتابن مان هڪ هڪ ان فن جو شاهڪار آهي. سهڻائي صفائي سٿرائي ۽ بي هڪ اهڙي جو اڄ به جيد آفسيٽ جي سهوليتن هوندي به اهڙا سهڻا ڪتاب نٿا ڇپجن، جهڙا مقبول ڀٽيءَ ڇاپيا.

پريس مئنيجريءَ دوران به اسان جي دوستي قائم رهي. تقريباً هر شام گڏ هوندا هئاسين. جڏهن امتحاني پيپر ڇپيا هئا، ته مقبول کي اها رات پريس ۾ گذارڻي پوندي هئي. ٻئي ڏينهن جڏهن امتحان هال ۾ پيپر ورهائبو هو، تڏهن کيس ٻاهر ڪڍندا هئا. انهن ڏينهن ۾ مان ميڊيڪل جو شاگرد هوس، منهنجا تقريباً سڀ پيپر مقبول ڇپيا، پر ڪهڙو نه سچائيءَ جو زمانو هو. اسان ٻنهي کي اها ڳالهه خواب خيال ۾ به نه هئي، ته ڪو چڪر هلائجي. نه مون ان کي ممڪن ۽ صحيح سمجهيو ته مقبول کي ان ڳالهه لاءِ چوان، ۽ مان سمجهان ٿو ته مقبول به ائين محسوس ڪيو هوندو. ڪڏهن پاس ڪڏهن فيل، پر دوستي ساڳي قائم اها ڳالهه ذهن ۾ ئي نه اچي، ته ڪو بي ايماني ڪجي.

مقبول ڀٽيءَ جي لائبريري، ”حيات ادب لئبرري“ سندس گهر جي هيٺان هئي، هر اخبار موجود، هر ڪتاب مهيا. سنڌي، اردو، انگريزي، ٽنهي ٻولين ۾ بهترين ڪتاب، سنڌيءَ جو ته وٽس ناياب ذخيرو هو. ورهاڱي کان اڳ ڇپيل اخبارن، رسالن مان اڪثر اخبارن ۽ رسالن جا مڪمل فائيل. الائي ڇا ٿيو ان خزاني جو!

مقبول هڪ ماهر لائبريرين هو. ان وقت اڃا لائبريري سائنس جا ڪلاس شروع نه ٿيا هئا، پر مقبول جي لائبرريءَ جي سٽا لاجواب هئي. ڪتابن، رسالن ۽ اخبارن جي فائيلن جي ترتيب اهڙي هئي جو جيڪا شيءِ گهُر اها منٽ ۾ حاضر.

مقبول هڪ سٺو شاعر هو، اها خبر ٿورن کي هوندي. هن ادبي سنگت ۾ ڪجهه شعر پڙهيا هئا، سندس تخلص ”دانش“ هو. شعر سٺا، جذبات سان ڀريل، ۽ پختا هئا. هن هڪ-ٻه افسانه به لکيا.

ريسرچ اسڪالر جي حيثيت ۾، مقبول ڀٽيءَ ڪافيءَ جي بادشاهه مصري شاهه تي جيڪو ڪم ڪيو آهي، اهو يادگار آهي ۽ اڃا تائين مصري شاهه تي ان کان بهتر ڪم ڪو ڪري نه سگهيو آهي. مصري شاهه جي ڪلام کي هٿ ڪرڻ ۾، مقبول ڀٽيءَ جيڪا محنت ڪئي، ۽ مصري شاهه جي سوانح کي جنهن طريقي سان هن محفوظ ڪيو آهي، اهو سنڌي ادب ۾ هڪ يادگار ڪارنامو آهي، جنهن کي اسان جا ادبي تاريخ نويس ۽ نقاد سدائين وساريندا آيا آهن.

آخر ڇو نه- مقبول ڀٽي، سنڌيءَ جي هڪ وساريل مگر اهم شاعر محمد موسى ”راز“ جو پٽ هو، جنهن جو حيدرآباد جي قلعي تي لکيل نظم سنڌي ادب جو هڪ شاهڪار آهي. سنڌيءَ جو نماڻو، سٻاجهو ۽ استاد شاعر عبدالله خواب سندس چاچو هو، جيڪو جمعيت الشعراءِ جي غزل گو شاعرن ۾ گهڻن کان اڳرو هو، پر پنهنجي نماڻائي ۽ نهٺائيءَ ڪري اهو مرتبو ماڻي نه سگهيو، جنهن جو هو مستحق هو.

جڏهن مان خيرپور آيس ته مقبول سان ملڻ جا موقعا گهٽبا ويا. ٻڌم ته مقبول بيروزگاريءَ جي ڪري تڪليف ۾ آهي، پر پڪ اٿم ته ان تڪليف جي دور ۾ به مقبول اهو ئي کلڻو ملڻو رهيو هوندو.

پوءِ هن کي نئشنل بڪ فائونڊيشن ۾ نوڪري ملي. ان دوران ڪراچيءَ ۾ ساڻس آخري ملاقات ٿي. ساڳيو قرب، ساڳيو پيار، ڀلا قرب کي مفاصلو يا وقت گهٽائي سگهي ٿو؟

مقبول ڀٽي هڪ گهڻ پاسائين شخصيت هو، محب وطن_ اهو به انتهاپسند- عوام دوست، اڻ ٿڪ ۽ ايماندار سياسي ڪارڪن، ريسرچ اسڪالر، پرنٽر، پبلشر، بڪ سيلر، آرگنائيزر، ايڊيٽر، انائونسر، ڪمپيئرر، شاعر، افسانه نگار ۽ سڀ کان وڌيڪ هڪ پرخلوص، پيارو دوست، مقبول ڀٽيءَ جي شخصيت تي سوچيندي، شاهه لطيف جي هڪ سٽ دل تي تري ٿي اچي!

جي ماسو مڙيئي مال، ته پوڄارا پُر ٿين.

مقبول کي ماسو نه، پر سير مليو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com