سنڌ جي تاريخ جو حصو
تختگاه الهه آباد جي تلاش
از:
غلام محمد لاکو
ميان نصير محمد سنڌ ۾ 1681ع ڌاري ڪلهوڙن جي حڪمرانيءَ
جو بنياد رکيو. هڪ صديءَ جي حڪمرانيءَ بعد، سن
1783ع ۾ ميان عبدالنبيءَ تي هن خاندان جي پڄاڻي
ٿي. جهڙيءَ ريت ڪلهوڙن خارجي سطح تي، جدا جدا
سياسي مرڪزن: دهلي، ايران ۽ ڪابل جي تابعداري قبول
ڪئي، ان ريت هنن حاڪمن سنڌ جي جدا جدا هنڌن تي،
پنهنجا شهر تعمير ڪري انهن کي پنهنجي سرڪاري هيڊ
ڪوارٽر طور ڪم آندو. هن خاندان يارنهن مرڪزن تان
پنهنجو حڪم هلايو (1). انهن مرڪزن يا تختگاهن مان
ڪن بابت ٺوس مطالعو ٿي چڪو آهي. ڪن متعلق خاطريءَ
سان ڪجهه چئي سگهجي ٿو، ۽ ڪجهه شهر اهڙا به آهن جن
بابت اڄ اسان کي ڪا به ڄاڻ ڪانهي ۽ انهن بابت
تاريخ ۾ صرف ڪجهه حوالا ملن ٿا. ميان غلام شاهه هن
خاندان جو ناليرو حاڪم ٿي گذريو آهي. هن حڪمران هڪ
کان وڌيڪ شهر تعمير ڪرايا ۽ انهن کي پنهنجي تختگاه
طور استعمال ڪيو. شهر ”مراد آباد“ جي تباهيءَ بعد
”الهه آباد“ جو شهر اڏائي، ان کي پڻ ٿوري عرصي
لاءِ تختگاه طور ڪتب آندائين. جيتوڻيڪ هن شهر بابت
تاريخ ۾ ڪجهه حوالا ملن ٿا، پر هي شهر ڪٿي تعمير
ٿيو، اڄ ان جي حالت ڇا آهي ۽ اتي ڪهڙا تاريخي
اهڃاڻ موجود آهن، ان بابت هيل تائين ڪو به مطالعو
نه ٿيو آهي ۽ نه وري ان جي ڪا ڳولا ڪئي ويئي آهي.
هن پيپر اندر سنڌ جي ماضيءَ جي هن تختگاه ۽ ان جي
آثارن جي ڳولا ۽ اڀياس جي هڪ ڪوشش ڪئي ويندي.
تاريخ ۾ الهه آباد جو ذڪر:
ميان نور محمد ڪلهوڙي سن 1753ع ۾ وفات ڪئي، تڏهن کيس پنهنجي
آباد ڪيل شهر ”محمد آباد“ ۾ دفن ڪيو ويو. ان بعد
ميان مراد ياب تخت نشين ٿيو، جنهن نصرپور ڀرسان
”مراد آباد“ نالي سان تختگاه تعمير ڪرايو. مراد
ياب سن 1757ع ۾ معزول ٿيو ته ميان غلام شاهه سنڌ
جو حاڪم بنيو. ساڳئي سال جي سيپٽمبر مهيني ۾ (محرم
1171هه) درياه جي اَبڪلانيءَ ڪري ”مراد آباد“ جو
شهر ختم ٿي ويو، تڏهن غلام شاهه هڪ نئون شهر ”الهه
آباد“ جي نالي سان اڏايو ۽ ان کي سرڪاري مرڪز طور
ڪتب آندو (2) غلام شاهه نئون شهر ٻڌي اڃا مس مسند
نشين ٿيو هو، جو افغانن طرفان سنڌ لاءِ عطر خان جي
نالي حڪومت جو پروانو جاري ٿيو. ان ريت هن ڀيري
کيس صرف اڍائي مهينا (13 ذي الحج 1170 هه- 25 صرف
1171 هه)، سنڌ تي حڪومت ڪرڻ جو موقعو مليو. هن
فيصلي بعد غلام شاهه ٿر ڏي هليو ويو. عطر خان کي
پروانو ته مليو، پر سنڌ تي حڪومت ڪرڻ سندس وس ۾ نه
هئي. ظلم ۽ ستم وڌي ويو ته غلام شاهه ٿر کي ڇڏي
اتر سنڌ ڏي راهي ٿيو. آخرڪار ٻنهي ڀائرن ۾ جون
1758ع (رمضان 1171هه) ۾ روهڙيءَ وٽ سخت جنگ لڳي.
عطر خان جنگ هارائي قلات ڏي هليو ويو ۽ غلام شاهه
سوڀارو ٿي سيوهڻ پهتو. اتان خدا آباد پهچي مراد
ياب جي وفات جي تعزيت ڪيائين، جو ويجهڙائيءَ واري
عرصي ۾ فوت ٿيو هو. ڪجهه ڏينهن خدا آباد ۾ ترسڻ
بعد، جيئن مير علي شير لکيو آهي، ته هو الهه آباد
ڏي راهي ٿيو.
”شوال 1171هه ۾ اچي الهه آباد ۾ منزل انداز ٿيو. صاحبزادي پڻ
سڀني پوئتي رهيلن سان گڏ عنقريب ديدار جو شرف حاصل
ڪيو، ۽ ٿوري وقت کان پوءِ اتان محمد آباد ويا ۽
باقي سال خير سان گذريو“ (3)
ميان غلام شاهه آڏو مسئلا بي شمار، تڪليفون گهڻيون ۽ حالات
پريشان ڪن هئا. ڀائرن جون بغاوتون، ٿوري ٿوري
ڳالهه تي افغان مداخلت ۽ سنڌو درياه جي وهڪري ۾
ڦير ڦار سبب اقتصادي ابتري- ان ڪري ميان صاحب
جهڙوڪر وڏي آزمائشي دور مان گذري رهيو هو. گمان
آهي ته سنڌ جو هي حاڪم سڌو سيوهڻ بزرگن ۽ درويشن
جي زيارتن جي خيال کان پهتو هوندو. (4) بعد ۾ خدا
آباد ويو ۽ پوءِ الهه آباد هليو آيو، جتان پنهنجي
پٽ سرفراز خان سان گڏجي، والد جي مزار (محمد آباد)
تي ويو، فاتح پڙهيائين ۽ اکين جو آب هار ڀائرن
توڙي زماني جي ستم ظريفين جو ڏنل بار هلڪو ڪيائين.
(5) ان سان گڏ ميان نور محمد جي مزار تي مقبري جي
تياريءَ جو به فيصلو ڪيائين، جو سندس حڪومت جي
ٽئين دور ۾ جڙي راس ٿيو. بهرحال ميان غلام شاهه کي
وري به ڇهه مهينا (ربيع الثاني 1172هه/ڊسمبر
1758ع تائين)، الهه آباد ۾ رهڻ ۽ حڪومت ڪرڻ جو
موقعو مليو. ڇو ته عطر خان ٻيهر افغاني پرواني سان
سنڌ پهچي چڪو هو ۽ ميان صاحب مايوس ٿي لاڙ ڏي هليو
ويو.
همعصر تاريخ ۾ ”الهه آباد“ بابت ايتري ڄاڻ ملي ٿي. البته
انگريزي لکتن مان ظاهر ٿئي ٿو ته هن ئي عرصي ۾
ميان غلام شاهه ۽ ڪمپني سرڪار ۾، ابتدائي واپاري
معاهدا دستخط ڪيا ويا. هڪ ٺاهه 22 سيپٽمبر 1758ع
تي احمد آباد ۾ صحيح ڪيو ويو. (6) جنهن مان گمان
نڪري ٿو ته سنڌ جو هي حاڪم ڪجهه ڏينهن الهه آباد
کان نڪري احمد آباد ويو ۽ اتي عزيزن رشتيدارن سان
ملاقاتون ڪيائين. (7) ممڪن آهي ته ان ڏس ۾ جاري
ڪيل ٻيا ليٽر ۽ حڪم نامه ”الهه آباد“ مان ئي جاري
ڪيا ويا هجن.
هاڻي سوال آهي ته شهر ”الهه آباد“ ڪٿي آباد ڪيو ويو؟ ان متعلق
قانع ٿوري رهنمائي ڪئي آهي، ليڪن انگريز مصنفن ۽
جديد محققن ان ڏس ۾ ڪو به مواد نه ڇڏيو آهي. ان
کان اڳ جو اسين قانع جي لکت جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري ڪو
نتيجو ڪڍون، بهتر ائين ٿيندو ته پوءِ جي لکندڙن ۽
مؤرخن جي راين کي به ڏسون. ڊاڪٽر لئمبرڪ لکي ٿو ته
غلام شاهه پيءُ جي تختگاهه ڀرسان ” الهه آباد“
نالي هڪ شهر تعمير ڪرايو، ليڪن ملڪ ۾ گهرو لڙايون
لڳيون، ان ڪري ڪا به ان اهميت نه ماڻي. (8) هيگ
ٻين محققن جي برعڪس راءِ ڏئي ٿو ته، مراد آباد کي
درياهه غرق ڪيو ته مرادياب، ٻن پٽن سميت ٻيڙيءَ ۾
چڙهي ڀڳو ۽ سڪرنڊ پرڳڻي جي اوڀر طرف احمد آباد جو
شهر تعمير ڪرايائين. (9) سيٽن هڪ جاءِ تي الهه
آباد کي مراد آباد جي ڀر ۾ ڏيکاريو آهي. (10) جڏهن
ته هوٻئي موقعي تي لکي ٿو ته، غلام شاهه الهه آباد
۾ سڪونت پذير ٿيو، ان جو نالو شاهه پور رکيائين ۽
هي شهر هنرپور کان چار ميل پري اولهه ۾ آهي. (11)
مولانا مهر هي راءِ رکندي به ته الهه آباد، غلام
شاهه جي دور ۾ مراد آباد جي غرق يابيءَ بعد تعمير
ٿي (12) ۽ هي بستي والد جي شهر محمد آباد جي ڀرسان
اڏائين. (13) غالباً سيٽن جي تقليد ۾ الهه آباد کي
شاهه پور جي نالي سان به ياد ڪيو آهي. (14) ان ريت
مولائي شيدائي مرحوم وري محمد آباد ۽ الهه آباد کي
هڪ بستي ڄاڻايو آهي. (15) هنن متضاد ۽ منجهيل راين
مان ظاهر آهي ته، تختگاهه الهه آباد جي تلاش ۾ ڪا
به مدد نه ٿي ملي. ان ڪري اچو ته قانع جي ڏنل ڏس
پتي جي آڌار تي ان جي ڳولا ڪيون.
الهه آباد جو امڪاني ماڳ مڪان:
مير علي شير قانع ٺٽويءَ مراد آباد جي تباهيءَ جي پس منظر ۾ لکي
ٿو ته،
”جڏهن انهيءَ منحوس شهر کي چوڌاري پاڻي وڪوڙي ويو، اتان لڏي
پيءُ واري محمد آباد جي ڀرسان الهه آباد نالي نئون
شهر ٻڌائي وڃي اتي رهيو“ (16) مشهور آرڪيالاجسٽ
هينري ڪزنس (17) ۽ اسان جي سنڌ جو هاڪارو عالم
مرزا قليچ بيگ پڻ (18)، ان راءِ سان اتفاق ڪن ٿا
ته محمد آباد ۽ الهه آباد هڪ ٻئي جو ويجهو تعمير
ٿيا هئا. تاريخي شهر ”محمد آباد“ هن وقت موري
تعلقي ۾ ”ميان جا قبا“ نالي واهڻ جي صورت ۾ موجود
اهي، جنهن جو راقم الحروف مفصل تعارف پيش ڪري چڪو
آهي. (19) ان پس منظر ۾ اتهاسڪ شهر ”الهه آباد“ جي
تلاش ۽ اڀياس پڻ هن خطي ۾ ئي ڪرڻ گهرجي.
هن نقطي جي پس منظر ۾ مون گذريل پنجن- ڇهن سالن کان موري تعلقي
۾، تاريخ شهر ”الهه آباد“ جي امڪاني ماڳ مڪان
(Location)،
۽ اتي موجود آثارن جي ڳولا ۾ دلچسپي پئي ورتي آهي.
هن علائقي ۾ تاريخي بستين ۽ خاص ڪري ارڙهين صدي
عيسويءَ جي اڏاوتن، پراڻن آثارن ۽ مقبرن جي تلاش،
مطالعي توڙي مشاهدي ڪندي خبر پئي ته، ريلوي اسٽيشن
دولت پور صفن کان ڪري، بهار ڪور ڳوٺ ۽ کڙ جي قديم
اهڃاڻن تائين، وارو سڄو خطو هن ڏس ۾ وڏي اهميت رکي
ٿو. راقم کي هن پرڳڻي بابت مختصر معلومات اڳ ۾ ئي
حاصل هئي، ڇو ته مون کي پنهنجي سيڪنڊري تعليم واري
وقت، ڪجهه سال هت (ڳوٺ بهار جي ڪور) رهڻ جو موقعو
ملي چڪو هو. بهرحال جڏهن تارخي اڀياس ۽ پس منظر ۾،
هن خطي جو وري مشاهدو ڪيو ويو ۽ اتان جي آثارن کي
ڳچ ڀيرا ڏٺو ويو، تڏهن گمان غالب ٿيو ته ميان غلام
شاهه جي تختگاهه ”الهه آباد“ جو تاريخي شهر، دولت
پور صفن اسٽيشن کان ڪري کڙ جي ڳوٺ تائين واري
زميني پٽي تي، موجود ٻن تاريخي ماڳن مان ڪنهن به
هڪ هنڌ تي تعمير ٿيو هوندو. هي ايراضي مغل دور ۾
خطي پرڳڻي ۾ شامل هئي. اڄ هت الهه آباد جي نالي
سان ڪو به ڳوٺ يا شهر آباد ڪونه. تڏهن به روينيو
رڪارڊ ۾ الهه کاهيءَ جي نالي سان هڪ ديهه موجود
آهي. ممڪن آهي ته ديهه الهه کاهي، تاريخي نالي
الهه آباد جي بگڙيل ۽ تبديل ٿيل صورت طور، اڄ اسان
جي روينيو رڪارڊ ۽ نقشن ۾ محفوظ ٿي هجي. هيٺ
مذڪوره ٻن ماڳن ۽اتي موجود تاريخي آثارن جو سرسري
ذڪر ڪجي ٿو.
(الف) کڙ جي تاريخي بستي:
شهر کڙجا آثار دولت پور صفن کان سر اوڀر طرف ٻن ميلن تي موجود
آهن. هتي ڪنهن قديم شهر جا نشان پنجاهه سال اڳ
تائين موجود هئا، جي بهار جي ڪور کان ڪري کڙ تائين
پکڙيل هئا. ان جي ڏکڻ- اوڀر کان درياهه جي پراڻي
وهڪري يا وري ان جي ڪنهن شاخ جا پيچرا اڄ به ڏسي
سگهجن ٿا. ممڪن اهي ته سنڌو درياهه مان خدا آباد
کان ٿورو مٿي درياهه جي هڪ شاخ سر اوڀر طرف نڪري،
موجوده نم جي ڳوٺ کان ٿيندي، محمد آباد جو پاسو
ڏيندي اچي کڙ وٽان لنگهندي هئي. هي وهڪرو پوءِ
بهار ڪور وٽ وڌيڪ تقسيم ٿي ويندو هو، ليڪن آخرڪار
ڦر گهري دولت پور جي ڏکڻ کان درياهه جي مکيه وهڪري
۾ شامل ٿيندو هو. هن درياهي گس سبب هن علائقي ۾
ڪلهوڙا حاڪمن پنهنجا مرڪز ”الهه آباد“ ۽ ”محمد
آباد“ تعمير ڪيا هئا. سنڌو دراهه جي وهڪرن سان
دلچسپي رکندڙن لاءِ هتي جي ڍورن، پيچرن ۽ ڀٽن جو
مشاهدو نهايت ئي مفيد ٿي سگهي ٿو. ذڪر ڪيل کڙ کان
سر اتر طرف ڪجهه فرلانگ پري، هڪ واهڻ آهي جو
ڏاهرين جي کڙ سڏجي ٿو. روايتن موجب سنڌ جي ڪمشنر
مسٽر ليوڪس (20) ڏاهري قبيلي جي مک سردار کي ڪجهه
زمين جي مرحمت ڪئي. انبعد ڏاهري سردار پنهنجي کڙ
ڇڏي، هن ڦٽل تاريخي شهر ۾ رهيو، جو پڻ سندن وجود
سبب ٿوري عرصي ۾ ئي کڙ سڏجڻ ۾ آيو. ذڪر هيٺ کڙ ۾
ماضي قريب ۾ رئيس وڏل مير ٿي گذريو آهي، جو صاحب
وڏي عدل ۽ انصاف توڙي مردانگي ۽ همت وارو انسان هو
۽ پڻ هاڻي هت وڏيرو مٺل خان رهي ٿو، جو سنڌ
اسيمبليءَ جو ميمبر آهي ۽ ڪافي پرجستو ماڻهو آهي.
ماضيءَ جي هن تاريخي شهر ۾ ڪهڙا قلعا يا ڪوٽ اڏيا
ويا، يا وري اهم اڏاوتون ڪهڙيون ٿيون، ان بابت اجھ
خاطريءَ سان ته ڪجهه نٿو چئي سگهجي، پر جو ڪجهه
ذڪر جوڳو ورثو بچيو آهي، اهو هن ريت آهي:
(i) ڪچي مسجد: کڙ واهڻ جي اتر- اولهه ۾ آهي، جتان غالبا قديمي شهر
شروع ٿيندو هو. هاڻي ان مسجد جي چوڌاري پوک ٿئي
ٿي. هن جي آس پاس هر هڪليندي هارين ڪيئي نواد رات
لڌا، جي اڻ ڄاڻائيءَ سبب برباد ٿي ويا. بارش يا
ٻوڏ کان بچاءُ واري خيال کان هيءَ مسجد تمام
مٿانهينءَ تي تعمير ڪئي وئي، جنهن جي اوڏڪي ڀت
موجوده دور جي کڻت جي ڀيٽ ۾ ڏهوڻي وڌيڪ آهي. فن
تعمير ڇا هوس ۽ ورانڊو اڏيو ويس يا نه، ان بابت پڪ
سان ڪجهه نه ٿو چئي سگهجي. مسجد کي هڪ مکيه ۽ ٻه
ننڍا دروازا هئا، جتي چند سؤ نمازي بيهي سگهيا ٿي.
هن مسجد جو ڪم هنگامي حالتن ۾ ڪيو ويو ٿو ڏسجي.
ورهيه گذري ويا، نه ماڻهو موجود ۽ نه نمازي حاضر.
آخرڪار خدا جو هي گهر اجڙي ويو.
(ii) مقبرو ڦتو کوکر: کڙ جي ڳوٺ جي اولهه کان درياهه جي ڦاٽ جي
بلڪل ڀِڪ ۾ هت هڪ ڦل مقبرو موجود آهي. مقامي
روايتن موجب هي مقبرو ميان نور محمد ڪلهوڙي جي
وزير ڦتو کوکر جو آهي. مولانا غلام رسول مهر
پنهنجي ڪتاب ۾ هن کي عبدالنبيءَ جي عملدارن ۾
ڏيکاريو آهي:
عمال: اجومل، دتهر، ڦتو کوکر (21)
ان دور ۾ عمال اکر مکيه عملدار يا حاڪم لاءِ استعمال ٿيندو هو.
شايد اصل نالو، فتح محمد هو، جو هاڻي بگڙي ڦتو
بنيو هجي. مقبري اندر هڪ ئي مزار آهي. هڪ گنبذ آهي
جو سلامت آهي. جڏهن شهر ڦٽو، حاڪمن هتان ڪوچ ڪيو ۽
وسندي ويران ٿي، تڏهن ماڻهن کوکر جي مقبري مان در
۽ دريون به ڪڍي پنهنجي ڪتب آنديون. هي مقبرو
ڪلهوڙن جي فن تعمير جو روايتي اهڃاڻ آهي ۽ گچ
پلستر ۽ پڪ سر سان اڏيل آهي. گهڻي حد تائين پلستر
برباد ٿي ويو آهي، ان ڪري مٿس ٿيل گلڪاريءَ بابت
ڪجهه چئي نه ٿو سگهجي. ان کان علاوه قبي تي يا قبر
تي ڪو به ڪتبو موجود ڪونهي. رنگيءَ جا رنگ آهن.
پنهنجي عملداريءَ ۾ ڦتو کوکر به حڪم هلايا هوندا ۽
خلق خدا کي آزمائش ۾ وڌو هوندو. ليڪن اڄ ڪو به
ڪونهي جو لڙي گهڙيءَ پل لاءِ سندس قبر تي کڻي هڪ
نگاه وجهي!
(iii) پڪي مسجد: کوکر جي مقبري جي اُتر ۾ آهي. هي مسجد ڪافي وڏي
آهي. ورانڊو به اٿس ته ڪشادو ميدان پڻ. جيتوڻيڪ هن
جي ڇت اڏامي وئي آهي، تڏهن به ڪارگر جو ڪمال ڏسڻ
وٽان آهي. گچ پلستر نه ٿيس ڇو ته ڪم جي پورائي کان
اڳ، شايد هن شهر جي اهميت ختم ٿي ۽ عملدارن توڙي
حاڪمن هتان ڪوچ ڪيو.
(iv) خاوند ڏنو فقير: روايتن موجب هن فقير جا وڏا هالن مان ٻارهين
صديءَ ۾ هت پهتا. خاوند ڏنو فقير پاڻ تيرهين سن ۾
ٿي گذريو. سندس مزار، قبي ۽ مسجد جي سامهون آهي.
پريل فقير جوڻيجو مجاوري ڪري ٿو، جنهن هتان لڌل ڪي
نواد رات اسان جي حوالي ڪيا.
(v) ميان صالح جي مزار: ذات جو ڏاهري هو ۽ سندس تعلق ٻارهين صدي
هجريءَ سان آهي. خواجه محمد زمان لواريءَ واري جو
مريد هو ۽ ميين ابوالحسن ڏاهريءَ جو صحبتي پڻ ٿي
گذريو. مزار جو لوڙهو پٿر جو اهي، مٿس بهترين
سنگراشي ٿيل آهي، ليڪن ڪو به ڪتبو نه اٿس. عام طرح
ماڻهو هن کي اهل دل بزرگ سمجهن ٿا. (22).
(ب) ابو شهيد جو آستان ۽ پراڻي بستي:
هن خطي ۾ کڙ کان علاوه ٻي به هڪ تاريخي بستي هئي، جا اڄ بلڪل
نيست و نابود ٿي چڪي آهي ۽ اجھ صرف وڏيءَ عمر جا
مقامي ماڻهو ان جي ڳالهه ڪن ٿا. هي بست ديهه الهه
کاهيءَ ۾ موجود هئي. ڳوٺ بهار ڪور ۽ دولت پور صفن
ريلوي اسٽيشن جي بلڪل وچ تي هڪ تاريخي قبرستان
موجود آهي، جو ابو شهيد جي نالي سان مشهور آهي.
ابو شهيد ۽ سندس ڇهه ڀائر ڪنهن جنگ ۾ ڪتب آيا. هو
ڪيريا قبيلي جا فرد هئا. ٻي روايت آهي ته هن قبيلي
جا ڇهه ڀائر مٿي ذڪر ڪيل ڪچي مسجد ۾ قتل ڪيا ويا
هئا. هن مقام ۾ پڻ هڪ مقبرو آهي جو وري به ڪنهن
کوکر سردار جو سڏجي ٿو. هن مقبري ۾ اندر ٽي قبرون
آهن. نه ته قبرن تي ۽ نه وري مقبري تي ڪو ڪتبو
موجود آهي. مقبري جي اڏاوت هوبهو ڦتو کوکر جي قبي
جهڙي آهي. هن مقام ۾ سوين قديم قبرون آهن، ليڪن
ڪنهن تي به ڪا لکت ڪانهي، ابو شهيد جي مقام جي
اولهه ۾، ڪافي وسيع ايراضيءَ ۾ هڪ سؤ سال اڳ
تائين، هڪ قديم ۽ شاهي شهر جا کنڊرات موجود هئا.
عام طرح ان کي ماڙيون يا وري ماڙين وارو شهر
سڏيندا هئا. انگريزن جي دور ۾ موجوده شاهپور
جهانيه وٽان داد واهه مان، هن پر ڳڻي کي آباد ڪرڻ
لاءِ هڪ واهه کوٽيو ويو، جنهن کي مقامي طرح هرٻٽ
سڏيو ويندو هو. هي واهه هن قديم شهر ۽ ابو شهيد جي
تاريخي مقام جي وچان لنگهي، دولت پور کان پلين جي
ڳوٺ تائين ويندو هو. هر ٻٽ کان پوءِ ماڙين جي شهر
يا آثارن جي بربادي شروع ٿي ۽ آهستي آهستي کنڊرات
کي ختم ڪري زمينن کي پوک هيٺ آندو ويو. سکر بئريج
بعد هن تاريخ ماڳ جي بربادي تيز ٿي ۽ هن وقت هتي
سرسبز پوکون ڏسجن ٿيون. مقامي بزرگن جو چوڻ آهي ته
هتي موجود ڦٽل شهر، کڙ واري تاريخي ماڳ جي ڀيٽ ۾
گهڻو اڳ هتي بهار جي ڪور ۽ شاهه جي ڪور نالن سان،
ننڍا ننڍا واهه وهندا هئا جي خود به تاريخي طور
وڏي اهميت وارا هئا.
گفتگوءَ جو حاصل مطلب:
جهڙيءَ ريت اڄ ”محمد آباد“ جو وجود ڪونهي ۽ ان جاءِ تي ”ميان جا
قبا“ جي نالي سان هڪ ڳوٺڙو موجود آهي، ٺيڪ ان طرح
ميان غلام شاهه جو ”الهه آباد“ به باقي موجود
ڪونهي. مير علي شير قانع ٻنهي تختگاهن کي هڪ ٻئي
جي ويجهو ڄاڻايو آهي، ان ڪري هن مقاله نگار جو
خيال آهي ته الهه آباد کي تلاش ڪندي، ذڪر ڪيل ٻن
ماڳن کي اڀياس جو محور بنائڻ گهرجي. انهن مان به
کڙ جي بستي ۽ ان جي آسپاس موجود آثارن ۽ خطي ڏي
وڌيڪ ڌيان ڏيڻ گهرجي. ڇو ته ڪمشنر ليوڪس (1913ع_
1916ع) جي وقت تائين، هت هڪ قديم شهر جا چٽا اهڃاڻ
۽ گس پتا ملن ٿا، جي پوءِ ڏاهري قبيلي جي ڳوٺ کڙ
جي نسبت سان، خود به کڙ جي نالي سان سڏجڻ ۾ آيا.
ارڙهين صديءَ ۾ هن خطي ۾ ڪلهوڙا حاڪمن سان لاڳاپيل
بااثر قبيلا خاص ڪري کهاوڙ، ڪيريا، ڏاهري ۽ کوکر،
الهه آبد ۽ محمد آبد جي بربادي يا خود ميرن جي
حڪومتي دور ۾، پنهنجو اثر وڃائي ويڄا ۽ جدا جدا
شهرن ڏي ٽري پکڙي ويا. انهن قبيلن جا ماڳ مڪان اڄ
سوڌو دولت پور صفن شهر ۾ موجود آهن. ماضي قريب ۾
هن شهر ۾ مولوي محمد دائود کوکر ٿي گذريو. هن
خاندان جي هڪ نوجوان عبدالڪريم، جو انجنيري پاس
آهي، هن حقيقت جي تصديق ڪئي ته سندن برادري ۾ ڪجهه
سال اڳ تائين به، هڪ آڪهه هئي جا پئسي ڏوڪڙ ۾
خوشحال هئي ۽انهن واسطو ڪنهن حڪمران خاندان سان
هو. دولت پور شهر ۾ هڪ ڪَچو ڪوٽ آهي، جو محمد حسن
کهاوڙ ڏي منسوب آهي. ان کان علاوه هن شهر ۾ئي وزير
اعظم سنڌ مير متاري جي تُربت به موجود آهي. ان پس
منظر ۾ اسين هي چئي سگهون ٿا ته هي سڄو پرڳڻو،
ارڙهين صدي عيسويءَ ۾ وڏي اهميت رکندو هو. ميان
غلام شاهه الهه آباد ۾ چند مهينا رهيو ۽ هي اهو ئي
سال آهي، جڏهن سنڌو درياهه پنهنجي وهڪري ۾ اريخي
تبديلي آندي، جنهن سبب سنڌ جي معيشت کي ڪاپاري ڌڪ
لڳو. ان ڪري هت ڪي به مستقل تعميراتي نه ٿيا، جي
هوند اڄ اسان جي رهنمائي ڪن!
حوالا
(1) ٽيهه سال اڳ سنڌي ادبي بورڊ، ڪلهوڙن جي تاريخ ٻن جلدن ۾ شيع
ڪئي هئي.. ان بعد ٿيل تحقيق ۽ خاص ڪري چند اصلي
ماخذن جي اشاعت سبب، هاڻي ضروري ٿي پيو آهي ته هن
دور جي تاريخ تي نئين سري سان ڪم ڪيو وڃي. راقم ان
خيال کي آڏو رکي آهي پيپر ڇاپي چڪو آهي:
(i)
ڪلهوڙن جا تختگاهه، رسالو مهراڻ، 2-3/1983ع.
(ii)
ڪلهوڙا ڪڏهن ۽ ڪيئن حڪومت ۾ آيا، ڪتاب ”مقالا“،
ناشر سنڌي ادبي بورڊ، 1988ع.
(iii)
ميان نور محمد جو مدفن ۽ ان جا ڪتبا، رسالو مهراڻ،
1-1989ع. هي پيپر ”تختگاهه الهه آباد جي تلاش“ ان سلسلي جي
چوٿن ڪَڙي آهي.
(2) مير علي شير قانع ”تحفة الڪرام“، ص 341، اختر رضوي، سال
1959ع.
(3) ”تحفة الڪرام“ ص 343.
(4) غالباً ان دور ۾ ئي ميان غلام شاهه سيوهڻ ۾ لعل شهباز قلندر
جي درگاهه تي ڪجهه تعميرات جو حڪم ڏنو، جو ورندڙ
ٻن سالن ۾ يعني 1173هه ۾ مڪمل ٿيو ۽ انهن جا
تاريخي ڪتبا مير محمود صابر چيا (مقالات مولوي
محمد شفيع، جلد اول، ص 136_137، مجلس ترقي ادب
لاهور، سال 9)
(5) اهڙي ئي ڪٺن وقت ۾ جهانگير پڻ سن 1606ع ۾ خسرو جي بغاوتن
کان پريشان ٿي، والد ۽ ڏاڏي جي مزارن تي ويو ته
جيئن اتي وڃي غم جو بار هلڪو ڪري سگهي. هو نظام
الدين اولياءَ جي مزار تي به ويو ۽ مسڪينن ۾ وڏي
رقم تقسيم ڪيائين (ڊاڪٽر مبارڪ علي: ”هسٽاريڪل
اسٽيڊيز“، ص 23، بڪ ٽريڊرس لاهور، سال؟)
(6) غلام رسول مهر! ”تاريخ ڪلهوڙا“، جلد ٻيو، ص 657، اردو، سال
1958ع.
(7) ميان نور محمد هڪ شادي احمد آباد مان جوڻيجه --قبيلي مان
ڪئي هئي. پاڻ خدا آباد کان اوڏي وڃڻ لاءِ رات ان
جاءِ تي اچي ترسندو هو، جتي پوءِ پنهنجو شهر محمد
آباد قائم ڪرايائين(عبدالرحمان سومرو: ”سنڌ جا
جهونا شهر“، ص 252_253، حيدرآباد 1968ع). ميان
غلام شاهه جو هتان کان احمد آباد ڏي وڃڻ به ان
سلسلي جي هڪ ڪڙي ڏسجي ٿي.
(8) H.T Lambrick: “Sind_A general Introduction”,
P. P 191_192, Sindhi Adabi Board, Hyderabad
12975.
(9) M.R HaigL “The Indus Delta Country”, P.120, Reprint,
Indus Publications Krachi, 1972.
(10) ”تاريخ ڪلهوڙا“، جلد ٻيون، ص 204.
(11) ساڳيو ڪتاب، ص 217.
(12) ساڳيو ڪتاب، حاشيو، ص 578.
(13) ساڳيو ڪتاب، ص 593.
(14) ساڳيو ڪتاب، ص 1080.
(15) ”جنت السنڌ“ ، ص 531، سال 1985ع.
(16) ”تحفة الڪرام“، ص 341.
(17) H.Cousens: “The Antiquities of Sind”, P.39,
Reprint, O.U.P. Karachi, 1975.
(18) Mirza Qalich Beg: “A History of Sind”, P.155, Reprint,
Scinde Classics, Karachi, 1982.
(19) رسالو مهراڻ، 1/1989ع.
(20) وليم هينري ليوڪس 1913-1916ع
دوران سنڌ جو ڪمشنر رهيو هو (سورلي جو سنڌ
گزيٽيئر، ضميمو
ix
).
(21) ”تاريخ ڪلهوڙا“ جلد
ii،
ص 942.
(22) هي اهو ئي بزرگ آهي جنهن کي ڊاڪٽر گربخشاڻي پنهنجي ڪتاب ۾
شيخ حاجي محمد صالح ڳهرائي لکيو آهي (لواريءَ جا
لعل، ص 68، سال 1973ع). مولوي دين محمد وفائي
مرحوم کيس ڳهڙائي سڏيو آهي (تذڪره مشاهير سنڌ، جلد
ٽيون، ص 132، سال 1986ع). عبدالڪريم ٽالپور چٽيءَ
ريت، ميان حاجي صالح کي ”کڙائي“ يعني ”کڙ“ جو
رهواسي سڏيو آهي. (اوليائي لواري شريف، ص 70، سال
1975ع). |