سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1989ع

مضمون

صفحو :14

ڪهاڻيون

 

ڪهاڻي هڪ اهڙو فن پارو آهي جيڪو سدائين ياد رکي سگهجي ٿو. پڙهندڙ ناولن کي وساريو ڇڏين، پر ڪهاڻيون انهن جي حافظي ۾ رهجيو وڃن. ان ڪري نه ته ڪو انهن ۾ ياد رکڻ جي لاءِ مواد گهٽ هوندو آهي بلڪ اهي موجوده زندگي جي حساس، اختصار پسند، اعصابي قوت سان ڀرپور، فيصله ڪن ۽ ڪنايه پسند مزاج سان ٺهڪي اچن ٿا. ڪهاڻي ٿوري ۾ گهڻي جو نالو آهي. جڏهن ڪهاڻيڪار ائين نٿو ڪري سگهي ته هو ٺلهو ۽ ناڪام رهجيو وڃي. پڙهندڙ جنهن شيءِ جو اثر قبول ڪري ٿو اها آهي ڌيان ۽ شڪل ۽ تجربي جي شدت ۽ سچائيءَ جي اوچتي انڪشاف جي مشق! ناول نگار جي لاءِ اهو ڪم ڪندو رهڻ مشڪل ثابت ٿيندو آهي. ڪو هڪڙو حصو ڏسي سڀ ڪجهه ڪيئن معلوم ڪري سگهجي ٿو! اهو ڪهاڻي جو فن آهي. ڪهاڻيءَ ۾ زندگيءَ جو ڪو هڪڙو حصو الڳ ٿلڳ ڪيو ويو آهي. ان کي ڪنهن وڏي تسلسل ۾ گم ٿيڻ کان بچايو ويو آهي. اهو ڪنهن ناول جو گم ٿيل باب هرگز نه هوندو آهي، بلڪه ان جي پنهنجي هڪ حيثيت آهي... ڪهاڻي جي فن جي حقيقي فوقيت شاعراڻي بيان ۽ محدود هيئت جي نڪته سنجي جي امتزاج ۾ آهي. ان کان سوا ڪِن ڪِن ڪهاڻيڪارن وٽ ڪهاڻيءَ جي فني فوقيت جو سبب حقيقي زندگيءَ ۾ ماڻهن کي ڪهاڻي ٻڌائڻ جي استمراري ۽ لاشعوري قوت جو اظهار آهي.... ڪهاڻي طوالت جو آرٽ ناهي، بلڪه ان ۾ ته گهڻين ڳالهين کي گهٽايو ويندو آهي، شين کي ننڍو ڪيو ويندو آهي ۽ گهڻو ڪجهه مقدار ڇڏي ڏبو آهي.

- وي ايس- پريچت

 

 

اڃا نه اڃا نه

انيس انصاري

تهجد پڙهڻ بعد محمد شريف لوئي ويڙهي مصلي تي ويهي تسبيح پڙهڻ لڳو. وضو ڪرڻ وقت هن بدن ۾ معمول کان وڌيڪ سياندو محسوس ڪيو هو. هونءَ به اڄ اتر جي برفاني هوا گهلي رهي هئي. اسُر جو اٿڻ وقت هن دِلن جي منهن وٽ پاڻيءَ ۾ برف جو هلڪو تهه به ڏٺو هو. رات پارو پيو هو! تسبيح پڙهندي هن خيال ڪيو هوته مسجد ۾ وڃڻ بدران هو فجر جي نماز گهر ۾ ئي پڙهندو. اوچتو ياد آيس ته عشا جي نماز بعد نوراني چهري وارو تبليغي ٽولو وٽس آيو هو، جن باوجود محمد شريف جي دليون جانيون صلاح ڪرڻ جي، نه سندس ماني کاڌي هئي ۽ نه وري چانهه ئي پيتي هئي. کيس  اهو چيو هئائون ته صبح جي نماز بعد هو لاڙڪاڻي مان ماهوٽي وڃي رهيا آهن. انهن کيس فجر جي نماز مسجد فاروق ۾ ساڻن گڏ پڙهڻ ۽ بيان ٻڌڻ لاءِ چيو هو.

مسجد فاروق، محمد شريف جي گهر کان ڪجهه مفاصلي تي هئي. اهو اندازو لڳائي هو صبح جي نماز تي نڪرڻ واري وقت کان ڪجهه وقت اڳ گهر مان نڪتو. ٻاهر غضب جي سردي هئي. هن ائين محسوس ڪيو ته برفاني هوا ان جي بدن مان پار وڃي رهي هئي. ان جو سارو بدن سرديءَ ۾ ٿڙڪڻ لڳو. گرم ٽوپ کي ڇڪي ڪنن تائين آڻي، محمد شريف لوئي کولي نئين سر بدن تي ليپٽي مسجد ڏانهن تڪڙا تڪڙا قدم کڻڻ لڳو. اڄ کيس مسجد فاروق ڪافي پري محسوس ٿيڻ لڳي، جنهن ڏانهن ويندڙ رستو کٽڻ جو ئي نه هو. ڌنڌ به اڄ ڪافي هو. ٻن قدمن جي دوريءَ تي به چيز چڱيءَ طرح سڃاڻڻ ۾ نه پئي آئي. گهٽيءَ جي بجليءَ جي روشني ڏيئي جي لاٽ کان وڌ روشن نظر ڪانه پئي لڳي. هو صلوات پڙهندو اڳتي وڌندو رهيو.

هلندي هلندي محمد شريف کي بدن ۾ سُئين ڇڀڻ جو احساس ٿيڻ لڳو. سندس هڪ هڪ قدم مشڪل سان ٿي کڄيو. ساهه کڻڻ ۾ کيس تڪليف ٿيڻ لڳي. هڪ وقت ته ان اکين اڳيان انڌارو ايندي محسوس ڪيو. ”هيءَ سڄي حرڪت سرديءَ جي آهي.“ هن چيو بدن کي گرمي پهچائڻ ڪاڻ هن قدم تيز ڪيا. هلندي هلندي سرديءَ جو احساس هاڻي گهٽجڻ لڳو هوس. سندس بدن نهايت هلڪو ڦلڪو ٿي ويو. سندس قدم بنا تڪليف جي کڄڻ لڳا ۽ هو آسانيءَ سان ساهه کڻي رهيو هو. هاڻي کيس اهو خيال به نه رهيو ته هو ڪير آهي ۽ ڪاڏي وڃي رهيو آهي. زمان ۽ مڪان کان بي پرواهه هو هلندو رهيو. سندس اڳيان نه وقت جي وقعت هئي ۽ نه مفاصلي جي. هو هلندو رهيو هڪ ئي طرف، جو نه اوڀر هو ۽ نه اولهه، نه اتر هو ۽ نه ڏکڻ هو سوين ميل طئي ڪري چڪو هو. پنڌ ۾ هن سالن جا سال صرف ڪيا هئا.

ڌنڌ ڇٽو ته هن پاڻ کي هڪ رستي تي ڏٺو، جنهن تي نه فرش بندي ٿيل هئي۽ نه مٿس ڏامر جو تہ چڙهيل هو. ان جي باوجود رستو اهڙو صاف ۽ پاڪ هو ته جي کير هارجي پئي ته ميرو نه ٿئي. محمد شريف کي اها پرواهه نه هئي ته رستو ڪٿان ٿو اچي ۽ ڪاڏي ويندو. هو هلندو رهيو، نامعلوم وقت ۾ نامعلوم هنڌ ڏانهن.

هاڻي هر طرف روشني ڦهلجڻ لڳي. اها روشني جا ڪنهن هڪ طرف کان نه پئي آئي. ان ۾ سج جي روشنيءَ جي تيزي هئي نه چنڊ جي روشنيءَ جي ٿڌاڻ ۽ جنهن جي نڪرڻ جو هنڌ معلوم نه پئي ٿي سگهيو. سردي جا سندس بدن ۾ رچيل هئي، سا هاڻي ختم ٿي چڪي هئي. فضا ۾ هڪ اهڙي ڪيفيت موجود هئي، جنهن مان نه سرديءَ جو احساس پئي آيو ۽ نه گرمي جو. هن جو بدن اهڙو هلڪو ڦلڪو ٿي ويو هو جو هو ڄڻ هوا جي پرن تي پنڌ ڪري رهيو هو. کيس نه قدم وڌائڻ لاءِ ڪوش ڪرڻي ئي پئي ۽ نه ساهه کڻڻ لاءِ محنت. هوا ۾ هڪ هلڪي هلڪي خوشبو رچيل هئي جا سندس ڦڦڙن کي آڪسيجن کان به وڌيڪ لطيف هوا سان ڀري رهي هئي. هن چوڌاري نظر ڊوڙائي. ماحول اجنبي هوندي به کيس اوپرو نه پئي لڳو. سندس چوڌاري نهايت ڊگها ۽ گهاٽا وڻ هئا، جن جا ٿڙ چهچ ساوا هئا. ٽاريون هلڪيون سايون۽ پن وڏا ۽ واڱڻائي هئا. انهن مان رنگ برنگي ميوا لڙڪي رهيا هئا، جهڙا محمد شريف اڳ ڏٺائي ڪو نه هئ ۽ هو چهڪندڙ پکي- ڪيڏا نه سهڻا، انڊلٽ جا رنگ پرن ۾ سميٽي هڪ ٽاريءَ تان ٻيءَ تي ٽپي ڪڏي رهيا هئا. ائين پئي محسوس ٿيو ته اهي هوا ۾ اڏي نه پر تري رهيا آهن.

بک محسوس نه ڪندي به محمد شريف ميون جي خوش رنگيءَ سبب انهن ڏانهن هٿ وڌايو. اڃا هنميوي کي ڇهيو به نه هو ته کيس هڪ آواز- جو آواز نه هو، ٻڌڻ ۾ آيو ”اڃا نه، اڃا نه.“ هن هٿ روڪيو.

زمين هاڻي واڱڻائي رنگ جي گاهه سان ڍڪيل نظر پئي آئي، جنهن مان کير جهڙي پاڻيٺ سان هڪ چشمو وهندو پئي نظر آيو. هو اوڪڙو ويهي رهيو ۽ ٻڪ بڻائي پاڻي سان ڀريو. اهو پاڻي پاڻي نه هو ۽ نه کير. ان کي منهن تائين آندوئي مس هئائين ته ان ”ٻي آواز“ کيس روڪيو، ”اڃا نه، اڃا نه“ سندس ٻڪ کلي ويو ۽ اها پاڻيٺ، جا ڇهڻ سان ئي بندن ۾ خوشگوار احساس پيدا ڪري رهي هئي، سا وهي وڃي چشمي ۾ پئي.

محمد شريف، جو پنهنجو تشخص وڃائي چڪو هو، جو نه هاڻي محمد شريف ئي هو ۽ نه ڪو ٻيو ماڻهو. بي نام ۽ بي نشان، اڳتي وڌيو. هاڻي هو اهڙيءَ بستيءَ ۾ پهچي چڪو هو، جا اڏاوت ۾ منفرد هئي، جنهن جو هرهڪ گهر انڊلٺ جي ڪنهن نه ڪنهن رنگ سان رنگيل هڪ جيتري پٿر مان جوڙيو ويو هو. هن سوچيو ته اهڙي بستيءَ جا باسي به ان بستيءَ جهڙا سوڀيا وان هوندا. هو اڳتي وڌيو، هڪ زمردي رنگ وار گهر تي هن تختي ڏٺي، جنهن تي لکيل هو، ”جي آئين“. هن محسوس ڪيو ته اهو گهر سندس ئي هو ۽ ڪا هستي اندر ان جو انتظار ڪري رهي هئي. هستي جا ان وقت تائين اوپري هوندي به نه رڳو ڄاتل سڃاتل هئي، پر پياري پڻ. ان در کولڻ لاءِ هٿ وڌايو ئي مس ته ان بي آواز کيس منع ڪندي چيو: ”اڃا نه، اڃا نه.“

فقير محمد مسجد ڏانهن ويندي گهٽيءَ جي پاسي کان هڪ ڳٺڙي ڏٺي. ڌنڌ اڃا پوري گهرائيءَ سان ڇانيل هو. هواڳتي وڌيو. گهٽيءَ جي بتيءَ جي هلڪي روشنيءَ ۾ هن وٺو ته ناسي لوئيءَ ۾ ويڙهيل هڪ ماڻهو ڪريو پيو هو. ويجهو وڃي ڏٺائين، دانهن نڪري ويس، ”اڙي هي ته محمد شريف آهي،“ نمازي اچي مِڙيا، کيس کڻائي اسپتال ۾ وڃي داخل ڪيائونس.

حادثات جي شعبي ۾ محمد شريف کي هوش ۾ آڻڻ لاءِ جتن ٿي رهيا هئا. سندس سرديءَ کان آڪڙيل جسم کي گرمي پئي پهچائي وئي. سندس ظاهري بند ٿيل دل کي پوريءَ طرح ڪم ڪرائڻ لاءِ ڪوششون ٿي رهيون هيون. سرجن آفتاب ايڊرينلين جي انجيڪشن تيار رکيو بيٺو هو. ڊاڪٽر قريشيءَ جون اکيون مانيٽر ۾ کتل هيون، جنهن ۾ دل جي بي گنگم اڻ لکي حرڪت کي غور سان جاچيو پئي ويو. اوچتو محمد شريف جي بدن کي هلڪي اڇل آئي.

سرجن آفتاب پڇيو، ”ڇا ختم ٿي ويو.“

ڊاڪٽر قريشي جنهن جون نظرون مانيٽر تي لڳل هيون، جواب ۾ چيو:

”اڃا نه، اڃا نه.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com