سنڌي عورت
غلام رباني آگرو
ساهت يعني ادب يا لٽريچر کي وڏن ماڻهن جي وندر ۽ ورونهن سمجهڻ
وارو پراڻو تصوير، هاڻوڪي دؤر ۾، مدي خارج ڳالهه
آهي. ساهت بابت عيسوي اڻويهين صديءَ وارو نظريو ته
لکندڙ يا اديب کي فوٽو گرافر وانگر پنهنجي آسپاس
جي ماحول جي هوبهو تصوير ڪڍڻي آهي، پڻ هاڻي وقعت
وڃائي ويٺو آهي.
جديد دؤر ۾، اها ڳالهه هڪ مسلمه حقيقت ڪري قبول ڪئي ويئي آهي ته
قلم ترار کان وڌيڪ تيز آهي ۽ خيال حڪومتن کان وڌيڪ
پائدار آهي.
سنڌي معاشرو اڃان تائين جاگيرداريءَ وارو دؤر ۾ داخل آهي. سنڌ
جي ڳوٺن ۾ هزارين، لکين انسان زندگيءَ جي سڀني
سهوليتن کان محروم فقط جاندارن جي سطح تي زندگي
گذاري رهيا آهن. اهڙي استحصال واري معاشري ۾ سنڌي
اديب ۽ لکندڙ کي پنهنجي ماحول جي اصلاح ۽ مظلومن
جي حمايت لاءِ پنهنجو قلم، حق جي حمايت ۾ انهيءَ
اخلاقي جرات سان استعمال ڪرڻو آهي، جنهن جو معيار
پيغمبر اسلام هنن لفظن ۾ بيان ڪيو هو: ”عالم جي مس
شهيد جي رت کان وڌيڪ اهم آهي.“
سنڌي معاشري ۾ مظلومن جي فهرست تمام طويل آهي، پر منهنجي خيال
موجب انهن مڙني مظلومن ۾ سڀ کان وڌيڪ ڳوڙهن ڀريل
اکيون سنڌي ”عورت“ جون آهن.
مرد جي برتريءَ واري ماحول ۾، هونئن به هر هنڌ عورت کي مرد جي
خواهشن پورين ڪرڻ جو ذريعو سمجهيو ويندو آهي. شاهه
ايران کي جڏهن ثريا اسفنديار مان پٽ پيدا ڪونه
ٿيو، تڏهن کيس رڳو ان ڪري پاڻ کان جدا ڪري
ڇڏيائين، جو هوءَ سندس خواهش موجب ايران جي تخت ۽
تاج لاءِ وارث پيدا ڪري ڪو نه سگهي هئي. (ڄڻ ته
ٻار ڄڻڻ يا نه ڄڻڻ ثريا جي اختيار جي ڳالهه هئي).
پر جڏهن شاهه وٽ اهو تخت ۽ تاج ئي ڪو نه رهيو ۽ هن
ڌرتيءَ تي کيس اجهي ڏيڻ وارو به ڪو نه بچيو، تڏهين
فقط ساڳيءَ ثريا کيس چوائي موڪليو: ”منهنجي گهر جا
دروازا تولاءِ سدائين کليل آهن.“
انگلستان ۾ مرد جي برتريءَ واري تصوير کي ختم ڪري، عورت کي به
نسبتاً مساوي حق ڏنا ويا آهن، ۽ کين اوترو ئي عزت
وارو مقام به نصيب ٿيو آهي. ايڊورڊ اٺين کي جڏهن
هڪ مطلقه عورت سان نڪاح ڪرڻ جي اجازت نه ملي، تڏهن
هن تخت ۽ تاج کي ٿڏي ڇڏيو.
انگلستان جي سياسي تاريخ نهايت دلچسپ آهي. ان جي وڏن وزرن جي
فهرست ۾ وڏا وڏا ياسي مدبر نظر ايندا. اڄ انهن جي
ڪريسيءَ ۾ مار گريٽ ٿيچر ويٺل آهي، جيڪا پنهنجين
صلاحيتن سببان ٻيو دفعو انگلستان جي وزيراعظم
چونڊي آهي. ظاهر آهي ته انگلستان دنيا جي انهن
ملڪن ۾ شمار ٿئي ٿو جتي جي رهاڪن ۾ تعليم ۽ سياسي
شعور جي ڪمي ڪانهي. تاهم، اتان جي پبلڪ، سياست جي
ميدان جي شهسوار مڙني مردن کي ريٽي محترمہ مارگريٽ
ٿيچر کي پنهنجي ملڪ جي قيادت لاءِ چونڊيو آهي.
اِهو ڏيکاري ٿو ته عورت پنهنجين صلاحيتن ۾ مرد کان
ڪنهن به طرح گهٽ ڪونه آهي. جيڪڏهن کيس موقعو ڏنو
وڃي، ته نه فقط هوءَ پنهنجو گهر سنڀالي سگهي ٿي،
ليڪن پوريءَ قوم جي قيادت ڪري سگهي ٿي.
فلپائين جي وزيراعظم مسز اڪينو ۽ پاڪستان جي وزيراعظم محترمہ بي
نظير ڀٽو ان حقيقت جا ناقابل ترديد روشن مثال آهن.
هنن آمريت خلاف جدوجهد ڪري پنهنجي ملڪ کي جمهوريت
۽ آزاديءَ جي نعمتن سان نوازيو آهي.
بدقسمتيءَ سان سنڌي معاشري ۾ عورت جو مقام لڳ ڀڳ اڄ به اهو ئي
آهي، جيڪو صدين کان قائم هو.
”سر جي تان سور، سامائي تان سک ويا.“
سنڌ ۾ عورتن جي خريد ۽ فروخت، رڍن ۽ ٻڪرين وانگر ٿيندي هئي، ۽
اڃان به ٿئي ٿي. نه رڳو ايترو، پر ڪن ڪن ايراضين
۾، جڏهن ڪنهن مرد کي پنهنجي مخالف سان پلئه ڪرڻو
هوندو آهي، تڏهن ان جو آسان طريقو اهو هوندو آهي
ته هو پنهنجيءَ ماءُ، ڀيڻ، زال يا ڌيءُ جي سري
ڪهاڙيءَ ان ڪپي، پنهنجي مخالف تي الزام رکندو آهي
ته هو ”ڪارو“ آهي ۽ واجب القتل.
سنڌ جي انگريز فاتح، سرچارلس نيپئر، سنڌ جي تڏهوڪن حاڪمن سان
ڏاڍائي ڪري جيڪي به سياسي معاهدا ۽ عهدناما ٽوڙيا
۽ سندن حرمسراءِ ۾ ڦرلٽ ڪئي، سي سڀ وارداتون
ڏکوئيندڙ آهي، پر هڪ خير جو ڪم به ڪيائين، سو هيءُ
ته سنڌ جي فتح ڪرڻ کان پوءِ جيڪي پهريان پهريان
فرمان جاري ڪيائين، تن ۾ هڪ اهو به هو ته:
”اي سنڌ جا باشندؤ! اوهان جنهن بيدرديءَ سان پنهنجين عورتن کي
قتل ڪريو ٿا، ان جو ڪٿي به مثال ڪونهي. اوهان
پنهنجين عورتن تي رڍن ۽ ٻڪرين جيترو به ترس نٿا
ڪريو! جيڪڏهن اڄ کان پوءِ اوهان مان ڪنهن سنڌي
عورت تي هٿ کنيو آهي ته مان اهو هٿ ڪپي ڇڏيندس!“
نيپئر جو سڄو فرمان مون کي ياد نه آهي، پرپڙهڻ وٽان آهي. گهڻا
سال اڳ، مون
SIND INFORTIES ڪتاب ۾ پڙهيو هو. نيپئر جي انهن اکرن ۾ اسان کي اڻويهين صديءَ
جي سنڌي معاشري ۾ سنڌي عورت جي مظلومانه حيثيت
معلوم ٿئي ٿي. ان کان سؤ سال پوءِ، هاڻي به فقط
گذريل ڏهن- ٻارهن سالن ۾ سنڌي اخبارن ۾ عورتن جي
قتل جا واقعا گڏ ڪبا، ته چڱو خاصو ڪتاب ٺهي پوندو،
جنهن جي پڙهڻ سان لونءَ ڪانڊارجي ويندي.
اسان پنهنجي معاشري ۾ عورتن کي دٻائي ذهني طرح اهڙو ته مفلوج
ڪري ڇڏيو آهي، جو هوءَ ويچاري اهو تصور به ڪو نه
ٿي ڪري سگهي ته پاڻ به مرد وانگر انسانن جهڙو
انسان آهي ۽ زندگيءَ جي آسائش ۽ نعمت تي حق رکي
ٿي. آسائشون ۽ نعمتون ته در ڪنار، سنڌ جي عام تصور
موجب عورت کي تعليم ۽ علاج جو به حق ڪونهي. منهنجو
ٻهراڙيءَ جي هڪ اسڪول ۾ وڃڻ ٿيو. ماستر صاحب ڪو
اهل دِل ماڻهو هو. بيت ٺاهي، اسڪول جي ٻاهران ڀت
تي هر ايندڙ ويندڙ جي توجهه لاءِ ٽنگي ڇڏيو
هئائين:
نياڻيون به آهن نيڻن جا تارا،
نياڻيون به ڪين بي علم تن کي خدارا.
سنڌ ۾ عورتن کي تعليم ڪيتري قدر ميسر آهي، اهو صحيح نموني ۾
تڏهن معلوم ٿي سگهندو، جڏهن صحيح انگ اکر ميسر
هجن. مثلاً سنڌ جي آباديءَ ۾ عورتن جو حصو، انهن ۾
پرائمري، هاءِ اسڪول ۽ ڪاليجن ۾ پڙهيل عورتن جو
سيڪڙو، ساهت جو وڏو مدار تعليم تي آهي. پر
پنهنجيءَ جاءِ تي اها ڳالهه به دلچسپ آهي ته ”سنڌي
عورت ۽ ساهت“ جي معاملي ۾ اڄ به ان سوچ کي اهميت
حاصل آهي ته پٽاٽن جون مزيدار چاپون ڪيئن ترجن ۽
قيمي جون ٽڪيون ڪيئن ٺاهجن.
مان ته اها ڳالهه سمجهي نٿو سگهان، ته اهو معاشرو ۽ اها سوسائٽي
ڪيئن ترقي ڪري سگهندي، جيڪا عورت کي غلام سمجهي ٿي
۽ جنهن جا گهر ويهين صديءَ ۾، ايام جاهليت جون
سڪون لاهين ٿا.
سنڌي ساهت سال ڪانفرنس جي موقعي تي برادرم اياز حسين قادري مون
کي خوشيءَ سان ٻڌايو هو ته پهريون دفعو سنڌي
مشاعري ۾ اٺ عورتون حصو وٺي رهيون آهن. ساڳيءَ طرح
عزيزم ناشاد ڳالهين ڪندي، فخر سان چيو هو ته اسان
وٽ ويهارو کن بلند معيار واريون لکندڙ خواتين آهن.
منهنجي دعا آهي ته الله ڪري جو اهي ويهه وڏي ويهه
هزار ٿين ۽ هر پڙهيل خاندان ۾ لکندڙ خاتون پيدا
ٿئي. سوين ثميره زرين ۽ جيجي بيگم زينت چنا جهڙيون
باوقار عورتون پيدا ٿين. پر هڪ ڳالهه پوءِ به ياد
رکڻ گهرجي ته سنڌ جي مظلوم عورتن جي حق ۽ حمايت ۾
سوچڻ ۽ لکڻ جو فرض فقط در شهوار سيد، حميده کهڙو،
آپا شمس عباسي، دادي ليلاوتي، بيگم خديجه، ممتاز
راشدي، مهتاب اڪبر راشدي، قمر واحد، خيرالنساءِ
جعفري، زرينه بلوچ، ماهتاب محبوب، رشيده حجاب،
نورالهدى شاهه، تنوير جوڻيجو، فهميده حسين،
سحرامداد، نسيم ٿيٻو، زبيده ميتلو، شبنم موتي،
سلطانه وقاصي، نسرين جوڻيجو، ج.ع منگهاڻي، مريم
مجيدي، نيلوفر جويو، تبست مهتاب قريشي، تبسم عروج
قاضي، نور شاهين، رعنا شفيق، ثريا سنڌي، رضيه
طارق، سُوسن مرزا، ياسمين قاضي، پشپا ولڀ، منور
سلطانه، ثريا ڏيپلائي، نذير ناز، تانيا ٿيٻو، عطيه
دائود ۽ ٻين ليکڪائن تي عائد ڪو نه ٿو ٿئي؛ سنڌ جي
سمورن فرض شناس مردن ۽ عورتن کي حق جو ڪلمو چوڻو
پوندو.
افسوس آهي ته سنڌ ۾ عورتن جي مظلومانه حالت ڏانهن سنڌي لکندڙن ۽
دانشورن پورو توجهه ڪونه ڏنو آهي. عورتن جي حقن جي
حمايت ۾ لکيل ساهت تقريباً ناپيد آهي. ساڳيءَ ريت
عورتن جي
تعليم لاءِ به جيئن آواز بلند ٿيڻ کپي، ائين اڃا
ڪو نه ٿيو آهي. پاڪستان کان اڳ سنڌي مسلمان عورتن
جي حالت ته هيڪاري قابل رحم هئي. ان دور کي خيال ۾
رکي مون کي ذاتي طرح سان، سنڌ ۾ ڪن ماڻهن لاءِ
تمام وڏي عزت ۽ احترام آهي. انهن نيڪ مردن سنڌي
عورت جي ابتر حالت سڌارڻ لاءِ پنهنجيءَ پر ۾ پاڻ
پتوڙيو هو. انهن ۾ سرفهرست شمس العلماءَ مرزا قليچ
بيگ ۽ علامه. آءِ. آءِ. قاضي جون بلند و بالا
شخصيتون آهن. ٻيو هڪ قابل احترام شخص مسٽر محمد
حسين پنهور آهي. سنڌ جي انهن عظيم فرزندن تقريرن ۽
تحريرن وسيلي، سنڌ جي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ رهندڙ مسلمان
عورتن جي حالت بهتر بنائڻ لاءِ جدوجهد ڪئي هئي.
ساڳيءَ ريت مرحوم محمد صديق ميمڻ پنهنجن رفيق شمس
العلماءَ ڊاڪٽر دائود پوٽي ۽ مرحوم ميران محمد
شاهه جي مشوري ۽ مدد سان، زناني تعليم کي هٿي ڏيڻ
لاءِ ”مدرسة البنات“ جو پايو وجهي، سنڌ ۾ عورتن جي
حمايت ۾ ڄڻ هڪ تحريڪ اُڀاري هئي. ان وقت جي هڪ
طرحي مشاعري جي طرح مصرع هئي:
”علم مردن کي ملي، زالن ڪيو ڪهڙو گناهه!“
علامه آءِ. آءِ. قاضي پنهنجي مخصوص انداز ۾، مذهبي پيرايي ۾ سنڌ
جي مسلمانن کي دل ڀڄائيندڙ نموني ۾ اپيل ڪندي چيو
هو:
”هندن ۾ علم کي هڪ خاص طبقي تائين محدود ڪيو ويو هو ۽ عورتن
لاءِ علم حاصل ڪرڻ لازم ڪو نه ٺهرايو ويو هو. پر
اسلام هرهڪ مرد ۽ هرهڪ عورت لاءِ، پينگهي کان قبر
تائين علم کي لازم ڪيو. چنانچه ارشد ٿيو، ”علم جي
طلب مڙني مردن ۽ عورتن تي فرض آهي.“
”ايرانين عورتن تي شديد سختي ڪئي، کين ”زن“ ڪوٺيائون، يعني
”مار.“
ساڳيءَ ريت، انگريزن وٽ پهاڪو هوته عورت، اکروٽ ۽ ڪتي کي جيترو
گهڻو ماريو، اوترو زياده ڦل ڏيندا.
”سنڌي ڪلچر ۾ عورت کي پنهنجو وقت ضايع نه ڪرڻ جي خاص تعليم ڏني
ويئي هئي، شاهه لطيف ۽ خليفي گل محمد جي ڪلام مان
معلوم ٿيندو ته سنڌ جي ڳوٺن ۾ عورتن جي واندڪائيءَ
جي وندر ڪتڻ هوندي هئي. هاڻي اها ڳالهه يورپ جي
فئشن ۾ شامل آهي ۽ اڪثر يورپي عورتن کي چوندي ٻڌبو
آهي
“I AM NEEDLING” ”اسلام عورتن کي اعلى درجو ڏنو، مگر اسان مسلمانن کين شودر
وارو درجو ڏنو ۽ پردي ۾ قيدي ڪيو. پردو اصل
يونانين وٽ هو، جتان رومين وٽ آيو، اتان ايرانين
نقل ڪيو. عربن، ايرانين ۽ رومين تان نقل ڪيو.
”جيئن چرين کي پاڳل خانن ۾ قيد ڪيو ويندو آهي،
تيئن عورتن کي برقعي جي بي صورت، اونداهي ۽ متحرڪ
حجري ۾ بند ڪيو ويو آهي. جڏهن ته خدا تعالى قرآن
شريف ۾ صاف صاف چيو آهي ته ”خدا صرف پاڻ تي ضابطو
رکندڙ مردن ۽ عورتن کي پسند ڪري ٿو.“
علامه صاحب جي تقرير جو چڱو حصو مسٽر محمد حسين پنهور جي ڪتاب
”مسلم عورت“ جي آغاز ۾ ڏنل آهي، جيڪو انگريزن جي
زماني ۾ ڇپيو هو. مسٽر محمد حسين ڪتاب ۾ متلف
مذهبن ۾ عورت جي مقام ۽ تهذيبي حالت جو ذڪر ڪندي
نهايت مؤثر نموني ۾ سنڌي معاشري ۾ ”عورت جي
مظلومي“ جو داستان بيان ڪيو هو ۽ چيو هو:
”سنڌ ۾ عورت جي شادي سچ پچ المناڪي ۽ لعنت آهي. مرد کي سند ملي
ٿي ته عورت کي هرلمحه سزا ڏئي، سختي ڪري، ان تي ڦٽ
لعنت ڪري. نوانوي فيصدي سنڌ جا مسلمان مرد ان لاءِ
شادي ڪندا آهن ته پنهنجي شهواني خواهش پوري ڪن. هو
عورت جي تندرستي ۽ حقن جو ڪو به خيال نٿا ڪن. کيس
غلام رکيو ٿو وڃي. عورت جي غلامي قوم جو نادانسته
جرم آهي. عورت جو اهو گهٽ درجو، قوم تي بدنما داغ
۽ عظيمت رينجرم آهي، جو قوم کي تباهه و برباد
ڪندو. عورتن کي اهوبه پتو ناهي ته انهن جا مردن تي
به ڪي حق آهن. کين اهو پتو ناهي ته اسان مردن جي
برابر آهيون، اسان جي ملڪيت تي ڪهڙو حق آهي. کين
اهوپتو ناهي ته مرد جيڪڏهن ظلم ڪري ته ڇا ڪيو وڃي.
کين اهو پتو ناهي ته اسان به مردن کان طلاق حاصل
ڪري سگهون ٿيون، پر خود پاڻ کي مردن جي تفريح جو
سامان سمجهن ٿيون. عورت صبح کان شام تائين ڪم ڪري
ٿي. مرد صرف چند ڪلاڪ. ٻهراڙيءَ جي عورتن جي حالت
ته سچ پچ رحم جوڳي اهي. ٻهراڙيءَ ۾ ائين سمجهيو
وڃي ٿو ته عورت زن آهي ۽ زن معنى مار، ان ڪري
عورتن کي مارڻ ڄڻ مردن جو فرض آهي.
”سنڌي مرد چوندا آهن ته انگريزن ٻن ڌرين جو راڄ قائم ڪيو آهي:
هڪ واڻين جو ۽ ٻيو عورتن جو. جاهلن کي معلوم نه
آهي ته اهو حڪم انگريزن جونه آهي، بلڪه اسلام جو.
انگريزن به اسلام جو نقل ڪيو. اسلام سڀني مذهب
وارن سان چکو رستو اختيار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ٿو ۽
عورتن کي مردن جهڙا حق ڏئي ٿو. اسان هندن وٽان اها
ڳالهه نقل ڪئي آهي ته عورتون در حقيقت مرد کان
افضل آهي. مرد کان زياده قربانيءَ جو مادو اٿن.
خلافت هلچل وقت عورتن جا قرباني ڪئي، سا ڪڏهن وسرڻ
جي ناهي. عورتن پنهنجي زيور ۽ ملڪيتون قربان ڪرڻ ۾
دير ڪانه ڪئي. انهن ڳالهين جي ڪري اسلام عورت کي
مرد کان اعلى درجو عطا ڪيو. دنيا جون چڱيون شيون،
مثلاً سون، چاندي ۽ ريشم عورت لاءِ مخصوص ڪيا ويا
۽ مردن کي انهن جي پائڻ کان منع ڪئي ويئي. خود
قرآن شريف ۾ جتي جتي مرد جو نالو آيو آهي، اتي
عورت جو نالو به شامل آهي: ”تحقيق جو مرد خدا جي
آڏو جهڪيو ۽ جا عورت خدا جي آڏو جهڪي ۽ مرد جنهن
ايمان آندو ۽ عورت جنهن ايمان آندو ۽ مرد جي حڪم
بجا آڻين ٿا ۽ عورتون جي حڪم بجاءِ آڻين ٿيون ۽
مرد جي مخلص آهن ۽ عورتن جي مخلص ۽ مرد جي صابر
آهن ۽ عورتون جي صابر آهن ۽ مرد جي نهٺا آهن ۽
عورتون جي نه ٺيون آهن ۽ مرد جي خيرات ڏين ٿا ۽
عورتون جي خيرات ڏين ٿيون ۽ مرد جي روزا رکن ٿا ۽
عورتون جي روزا رکن ٿون ۽ مرد جي حيادار آهن ۽
عورتون جيڪي حيادار آهن ۽ مرد جيڪي الله کي ياد ڪن
ٿا ۽ عورتون جيڪي الله کي ياد ڪن ٿيون، انهن لاءِ
الله وٽ وڏو اجر آهي ۽ الله انهن کي بخشي ٿو.“
قرآن شريف مرد ۽ عورت کي هڪجهڙو درجو ڏنو آهي. اسلام ساڳيو درجو
ڏنو آهي، مگر اسان ٻين مذهبن جون ڳالهيون نقل ڪري
پنهنجي تهذيب ۽ ڪلچر کي خراب ڪيو آهي. هن وقت اسان
لاءِ صرف هڪ رستو آهي ته عورتن کي سڌار، پنهنجي
وڃايل تهذيب کي هٿ ڪريون.“
اڄ کان چاليهه پنجاهه ورهيه اڳ وارو زمانو خيال ۾ رکبو ته مسٽر
محمد حسين پنهور جو مٿين خيالن جو اظهار عورتن جي
حقن جي حمايت ۾ هڪ قسم جوجهاد نظر ايندو. افسوس
اهو آهي ته ان وچ ۾ جيڪو اڌ صديءَ جو عرصو گذريو
آهي، ان ۾ سنڌي عورت ائين ئي مظلوم آهي، جيئن اڳ
هئي. ان گناهه ۾ سڀني جا هٿ رڱيل آهن، خاص طرح
انهن جا جيڪي باشعور آهن، جيڪي دانشور سڏائين ٿا،
جيڪي صاحب قلم آهن. شيڪسپيئر جا اهي لافاني لفظ
رڳو مئڪبيٿ لاءِ ڪو نه هئا:
”تنهنجن هٿن تي رت جا داغ آهن، عربستان جا سمورا عطر انهن کي
مٽائي ڪو نه سگهندا.“
اسلام جي تعليم هئي ته بهشت ماءُ جي پيرن هيٺان آهي. اسان امڙ
جي پيرن هيٺان بهشت ته ڪو نه ڳوليو، پر کيس پنهنجن
پيرن جي جُتي ته نه بنايو. |