سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1989ع

مضمون

صفحو :5

سر جان مارشل

فوٽو: بشڪريه محڪمه آثار قديمه پاڪستان)

 

کوهه

موهن جي دڙي جي پڌري پٽ سڃاڻ ان جا کوهه آهن. هونئن به سڄيءَ سنڌ ۾ هنڌين ماڳين کوهه هئا، جيڪي پيئڻ جي پاڻيءَ لاءِ به ڪم ايندا هئا، ته آبپاشيءَ لاءِ به استعمال ٿيندا هئا. سنڌي زبان ۾ ڪچي کوهه کي ”واءِ“ ۽ گهر واري ننڍي کوهه کي ”کوهي“ چيو ويندو آهي. جيتوڻيڪ سنڌ جي سرزمين کوهن جي سرزمين رهي آهي، ان هوندي به جنهن نموني جا کوهه ۽ جيتري تعداد ۾ کوهه موهن جي دڙي واري شهر ۾ ملن ٿا، اهڙي نموني جا ۽ ايتري تعداد جا کوهه ماضي قريب ۾ توڙي ماضي بعيد ۾ ڪڏهن به سنڌ جي ڪنهن به شهر ۾ نه رهيا آهن. ڄڻ موهن جي دڙي واري شهر جي ويرانيءَ کان پوءِ به اهڙي نوعيت جي کوهن جو رواج سنڌ مان ختم ٿي ويو. جنهن جو مطلب آهي ته سنڌ ۾ ڪڏهن به ڪنهن به شهر ۾ اهڙا ۽ ايترا کوهه رواج ۾ نه رهيا. هونئن ته کوهه هر شهر ۽ ڳوٺ ۾ هوندا هئا ۽ ڪن گهرن ۾ به کوهه ۽ کوهيون هونديون هيون، پر هر گهر ۾ اهڙي قسم جي کوهن جو رواج ڪونه رهيو. ان مان ظاهر ٿئي ٿو، ته اهي ماڻهو جيڪي اهڙن کوهن جا شوقين هئا ۽ اهي ماڻهو جيڪي اهڙا نفيس کوهه تعمير ڪندا هئا، يا ته صفحهءِ هستيءَ تان مٽجي ۽ ميسارجي ويا، يا لڏ پلاڻ ڪري هليا ويا، يا وري انهن جا پونر زماني جي لاهن چاڙهن سبب يا ڌارين جي ظلم ۽ ڏاڍ سبب پنهنجي تهذيب، تمدن ۽ هنرن کان محروم ٿي، هيٺاهين طبقي جي حيثيت ۾ رهيا. مطلب ته کوهه، موهن جي دڙي جي امتيازي خصوصيت آهن؛ هزارين سال گذرڻ جي باوجود صحيح سلامت موجود آهن ۽ هڪ عجيب منظر پيش ڪري رهيا آهن. هر گهر ۾ کوهه ملي ٿو. ان کان سواءِ ڪيترين ئي جاين، سڙڪن ۽ گهٽين جي ڪنارن تي به کوهه ملن ٿا. ڪي ڪي کوهه ته مٿي تائين هليا وڃن ٿا. ٻيو ڀيرو شهر آباد ٿيو آهي، ته کوهن جي ڪنارن کي مٿي ڪيو ويو آهي. گهڻي قدر کوهه گول آهن ۽ ننڍي منهن وارا آهن. هڪ کوهه جو منهن ايترو ته ننڍو آهي، جو ان جو قطر فقط هڪ فوٽ ڏهه انچ آهي. ٻن ٽن جاين تي بيضوي منهن وارا کوهه به موجود آهن. سنڌ ۾ اهڙا بيضوي منهن وارا کوهه ٻين هنڌن تي به نظر آيا آهن. اهڙا کوهه اڳين زماني ۾ درٻيلو ۽ ٻٻرلوءِ ۾ به هئا.

موهن جو دڙي جي تازي کوٽائيءَ مان هڪ اهڙو منفرد نوعيت جو کوهه به مليو آهي، جنهن جو منهن پپل جي پن جهڙو آهي، جيئن ته ان جاءِ تي بند ٻڌو ويو آهي، انهيءَ ڪري کوهه کي لٽي ڇڏيو ويو آهي. ان جون سرون ڪڍي ميوزم جي ٻاهران رکيون ويون آهن. آثار قديمه وارن جو چوڻ آهي، ته اهڙي قسم جو کوهه انهن ئي سرن سان ٻيهر اڏيو ويندو، پر خبر نه آهي ته ڪڏهن؟

انهن کوهن جي ڪري ممڪن آهي، ته ٻاهرين ملڪن ۾ سنڌ، ٻين شين سان گڏ ”کوهن“ جي ڪري به مشهور هجي، ڇاڪاڻ جو ايترن کوهن جو رواج دنيا ۾ ٻيو ڪٿي به ڪونه رهيو آهي. مطلب آهي ته سنڌ جي هڪ سڃاڻ ان جا کوهه به هوندي. انهيءَ ڪري ٿي سگهي ٿو ته دنيا ۾ موهن جي دڙي کي قديم زماني ۾ ”کوهن وارو شهر“ به سڏيو ويندو هجي. هونئن به اسان وٽ ”کوهارا“ ذات آهي، جنهن جو مطلب آهي ”کوهه وارا“. ڪيترا ”کوهارا“ ته موهن جي دڙي جي ڀرسان وارن ڳوٺن ۾ رهن ٿا. پر ان جو مطلب هروڀرو اهو نه آهي، ته هي ڪي موهن جي دڙي وارا ماڻهو آهن. هي پاڻ کي ڪلهوڙا (عباسي) سڏائين ٿا. ذات جي اصل نسل کي ڇڏي اسان ايترو چئي سگهون ٿا ته، سنڌي زبان ۾ ”کوهه وارا“ مان ”کوهارا“ لفظ جڙيو آهي ۽ هن وقت تائين موجود آهي.

اصحاب الرس (کوهن وارا)

قرآن حڪيم ۾ هڪ قديم قوم کي ”اصحاب الرس“ سڏيو ويو آهي. سوره ”الفرقان“ ”ق“ ۾ ان قديم قوم جو نالو آيو آهي. سور ”ق“ ۾ قديم ترين قومن عاد ۽ ثمود سان گڏ ”اصحاب الرس“ جو ذڪر به آيو آهي:

”کذبت قبلهم قوم نوح واصحـــٰب الرس و ثمود و عاد و فرعون و اخوان لوط و اصحـــٰب الايکة و قوم تبع کل کذبن الرسل فحق وعيد“ (ق 110-14)

(ان کان اڳ ۾ نوح جي قوم ۽ کوهه وارن ثمود ۽ عاد ۽ فرعون ۽ لوط جي ڀائرن، اصحاب ايڪة ۽ تبع جي قوم- انهن سڀني رسولن کي ڪوڙو ڪيو. پوءِ انهن تي عذاب لازم ٿيو). قرآن ڪريم ۾ ٻي هنڌ آيو آهي:

و قوم لوح لما کذبوا الرسل اغرقنـــٰهم و جعلنـــٰهم للناس آية واعتدنا للظالمين عذابا اليما و عادا و ثمودا و اصحــٰب الرس وقرونا بين ذالک کثيرا (الفرقان. 36-38)

(اهو ئي حال نوح جي قوم جو ٿيو، جڏهن انهن رسولن کي ڪوڙو ڪيو. اسان انهن کي غرق ڪري ڇڏيو، ۽ دنيا جي ماڻهن لاءِ عبرت جو اهڃاڻ بنايو، ۽ انهن ظالمن لاءِ اسان هڪ دردناڪ عذاب مهيا ڪري ڇڏيو آهي. اهڙيءَ طرح عاد، ثمود ۽ اصحاب الرس ۽ وچ واري زماني جا ڪيترائي ماڻهو تباهه ڪيا ويا. انهن مان هر هڪ قوم کي اسان (اڳين قومن جي تباهه ٿيڻ جا) مثال ڏيئي سمجهايو ۽ آخرڪار هر هڪ کي غارت ڪري ڇڏيو.“

”رس“ جي معنى عربي زبان ۾ کوهه، ٻٽو کوهه، پراڻو کوهه ۽ ڪچو کوهه آهي. ان کان سواءِ غار، کاڻ، اهڃاڻ ۽ منڍ يا شروعات کي به ”رس“ چيو ويندو آهي.

علامہ يوسف علي پنهنجي قرآن شريف جي انگريزي ترجمي جي تفسيري هاشئي ۾ ”رس“ جي معنى کوهه کان سواءِ ”مئل ماڻهن جو مدفن“ به ڄاڻايو آهي. ”مُئن جو دڙو“ جي به اها ئي معنى آهي. قرآن حڪيم جي سڀني مترجمن ۽ مفسرن ”رس“ جي معنى ”کوهه“ ڄاڻائي آهي.

عاد ۽ ثمود قومن جي ويران ماڳن ۽ مڪانن جا اهڃاڻ ۽ آثار واضح صورت ۾ ملن ٿا. قرآن مجيد جي مفسرن، مورخن، محققن، سياحن ۽ آثار قديمه جي ماهرن ان تي تفصيل سان روشني وڌي آهي.

عاد، حضرت نوح جي قوم کان پوءِ ٻي قديم قوم آهي، جنهن تي الله تعالى جو عذاب نازل ٿيو. انهن جو وطن ”احقاف“ جو علائقو هو. هينئر ”احقاف“ عربستان جي ريگستان جي ڏکڻ- اولهه واري حصي جو نالو آهي، جيڪو سوين ميلن تائين پکڙيل آهي. هي وسيع رڻ پٽ حجاز، يمن ۽ يمامه جي وچ ۾ آهي. عاد قوم هن علائقي ۾ اڀري، اسري ۽ ترقي ڪري اولهائين سامونڊي ڪناري، عمان، حضرموت ۽ عراق تائين پکڙجي وئي. هن قوم پنهنجي ترقي جي دور ۾ وڏن ٿنڀن واريون عمارتون تعمير ڪيون هيون. حضرت هود عليہ السلام هن قوم ڏانهن نبي ڪري موڪليو ويو، جنهن جو هنن انڪار ڪيو ۽ غرور ۽ تڪبر جو مظاهرو ڪيو. آخر مٿن هولناڪ عذاب نازل ٿيو. اٺ ڏينهن ۽ ست راتيون اهڙي تيز هوا لڳي، جنهن هنن جي آباديءَ کي ناس ڪري ڇڏيو. حضرت هود ۽ سندس پوئلڳن کي الله تعالى انهيءَ عذاب کان بچائي ورتو.

ثمود قوم به هڪ قديم قوم هئي، جنهن قوم عاد کان پوءِ وڏي ترقي ڪئي. هو جبلن کي ٽُڪي جايون ٺاهيندا هئا. انهن جا آثار به ملن ٿا. هيءَ قوم سرزمين عرب ۾ آباد هئي. مدائن صالح ۾ اڄ تائين انهن جي اڏيل عمارتن مان ڪجهه موجود آهن. حضرت صالح عليہ السلام کي هن قوم ڏانهن نبي ڪري موڪليو ويو، جنهن جو هنن انڪار ڪيو. آخر مٿن الله تعالى جو عذاب نازل ٿيو. البت الله تعالى جا فرمانبردار ٻانها انهيءَ گرفت کان محفوظ رهيا.

قديم ترين قوم حضرت نوح جي قوم سان به اصحاب الرس جو نالو آيو آهي. دنيا جي هر ملڪ ۾ هڪ عظيم ۽ عالمگير طوفان جون روايتون موجود آهن. موجوده دور جي ماهرين آثار قديمه عراق جي سرزمين تي کوٽايون ڪري ثابت ڪيو آهي، ته ڪنهن زماني ۾ عظيم طوفان آيو هو ۽ هي علائقو ٻوڏ هيٺ اچي ويو هو. عراق جي مختلف قديم شهرن جي کوٽاين مان ڪيتريون ئي سميري پٽيون نڪتيون آهن، جن مان ڪجهه 1500 ق. م کان 2500 ق. م جي دور جون آهن. 3-1902ع ۾ جرمن آثار قديمه جي ماهرن موجوده ”فارا“ واري جاءِ تي کوٽائي ڪئي، جتي سميري دور ۾ ”شروڀڪ“ نالي شهر آباد هو. اتان جيڪي لکيل پٽيون نڪتيون، انهن تي انهيءَ وڏي ٻوڏ جي ڪهاڻي لکيل آهي. ”اشوربني پال“ جي لائبريريءَ مان جيڪي پٽيون نڪتيون آهن، انهن تي به هڪ رزميه نظم لکيل آهي، جنهن ۾ هيءُ وڏو واقعو بيان ٿيل آهي. انگلنڊ جي محڪمه آثار قديمه جي سابق ڊئريڪٽر جنرل سر ليونارڊ وولي پنهنجي ڪتاب (”ار“ ۾ کوٽايون) ۾ هن عظيم ٻوڏ بابت لکيو آهي:

”اسان ثابت ڪري چُڪا آهيون، ته طوفان واقعي آيو هو، انهيءَ ڪري انهيءَ چوڻ جي ضرورت نه آهي، ته هي فقط سميري حڪمرانن جي فهرست ۾ شامل هڪ داستان آهي، يا سميرين جي من گهڙت ڪهاڻي آهي، يا بائيبل ۾ بيان ٿيل هڪ روايت وارو طوفان آهي.“

مطلب ته هي آهي ته مٿي قرآن حڪيم جي سورتن ۾ جن قديم قومن جا نالا آيا آهن، انهن مان حضرت نوح جي قوم، عاد ۽ ثمود جا قديم آثار ۽ اهڃاڻ موجود آهن ۽ عالمن ماهرن ۽ مفسرن انهن جي نشاندهي ڪئي آهي. البت ”اصحاب الرس“ بابت عالم ۽ مفسر ڪنهن هڪ ڳالهه تي متفق نه آهن. ڪن جو چوڻ آحي، ته هيءَ هڪ قديم قوم هئي، جيڪا تباهه ٿي وئي. ڪن جو چوڻ آهي، ته هن قوم جو شهر ”يمامه“ جي علائقي ۾ هو. هي ماڻهو ثمود قوم جو ڪو قبيلو هو. موجوده نقشي ۾ هي هنڌ وادي رُمه جي علائقي ۾ آهي. اصحاب الرس کي ثمود قوم جو قبيلو يا انهن جا پونر مڃڻ صحيح نه ٿيندو، ڇاڪاڻ جو قرآن مجيد ۾ عاد ۽ ثمود قوم سان گڏ اصحاب الرس جو نالو به آيو آهي ۽ ان مان ائين ٿو ظاهر ٿئي، ته هيءَ قوم عاد ۽ ثمود کان جدا ٻي قوم هئي.

اصحاب الرس بابت جيڪي روايتون ملن ٿيون، اهي به جدا جدا نوعيت جون آهن. انهن مان ڪن ۾ وڌاءُ معلوم ٿئي ٿو ۽ ڪي روايتون روايت ڪسوٽيءَ تي پوريون ڪونه ٿيون بيهن. انهن مان هيٺيون ڳالهيون البت ڌيان ڇڪائن ٿيون:

(1) اصحاب الرس مان مراد آهي، کوهه وارا ماڻهو.

(2) هن قوم ڏانهن نبي موڪليو ويو، جنهن جو هنن انڪار ڪيو. نه فقط ايترو، پر هنن نبيءَ کي کوهه ۾ وجهي مٿان ڍڪ ڏيئي ڇڏيو.

(3) هي ماڻهو صنوبر جي وڻ جي پوڄا ڪندا هئا.

(4) هڪ ڪاري رنگ جي ماڻهوءَ انهيءَ نبيءَ تي ايمان آندو هو. هو جهنگ مان ڪاٺيون ڪري، انهن جي ملهه مان ماني وٺي ايندو هو ۽ کوهه جو ڍڪ لاهي، نبيءَ کي ماني کارائيندو هو.

(5) هي ماڻهو پهريائين الله تعالى کي هڪ ڪري مڃيندا هئا ۽ نيڪيءَ جي راهه تي هئا، پر پوءِ منجهن بي راهه روي آئي. الله تعالى جي ذات سان شرڪ ڪرڻ لڳا ۽ الله تعالى جي حڪمن جا نافرمان ٿي پيا. هو الله تعالى جي موڪليل نبيءَ جي چئي تي نه هليا ۽ ان کي تڪليفون ڏنائون. آخر مٿن عذاب نازل ٿيو.

مٿين ڳالهين کي خيال ۾ رکي، جڏهن موهن جي دڙي جي آثارن ۽ اهڃاڻن تي نظر وجهجي ٿي، ته ائين ٿو ڀانئجي ته اصحاب الرس وارا اهي ”موهن جي دڙي“ وارا ئي ماڻهو آهن. اهو جائزو ڪجهه هن طرح پيش ڪري سگهجي ٿو:

1- کوهن جي لحاظ کان سڄي دنيا ۾ موهن جو دڙو امتيازي خصوصيت رکي ٿو ۽ کوهه موهن جي دڙي جي سڃاڻ آهن.

2- اهڙا کوهه جيڪي سولائيءَ سان ڍڪي سگهن ٿا، اهي موهن جي دڙي ۾ ئي آهن.

3- پپل جو پن، صنوبر جي پن جهڙو آهي، فقط تمام هلڪو فرق آهي. پپل جي پن کي ڏانڊيءَ وٽ چگهه ٿئي ٿو ۽ صنوبر جي پن ۾ ڏانڊيءَ وٽ سڌو سنئون آهي. باقي شڪل شبيهه ۾ هڪجهڙا آهن. موهن جي دڙي جي آثارن مان صاف ثابت ٿئي ٿو ته هي ماڻهو پپل جي پوڄا ڪندا هئا، ايتري قدر جو کوهه جو منهن پپل جي پَن جهڙو ٺاهيو هئائون، جنهن جو ذڪر اڳ ۾ اچي چڪو آهي. انهيءَ لحاظ کان ٿي سگهي ٿو ته پپل جي وڻ جي بدران روايت ۾ صنوبر جو نالو آيو هجي.

4- نبيءَ تي جنهن ماڻهو ايمان آندو هو، اهو ڪاري رنگ جو ٻڌايو ويو آهي. موهن جي دڙي ۾ جيڪي دراوڙ نسل جا ماڻهو هئا، اهي به ڪاري رنگ جا هئا.

5- دنيا جي تهذيبن جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته جڏهن به ماڻهن مادي ترقي ڪئي آهي، ته انهن ۾ تن آساني، عياشي ۽ بي راهه روي پيدا ٿي آهي. نتيجي ۾ اها تهذيب زوال پذير ٿيندي ٿيندي، ڪنهن نه ڪنهن سبب جي ڪري ختم ٿي آهي. موهن جي دڙي جا آثار ۽ اهڃاڻ به اهو ئي ڪجهه ٻڌائين ٿا. معلوم ائين ٿو ٿئي، ته تمام قديم زماني ۾ هو هڪ خدا جي پوڄا ڪندا هئا. مولانا ابوالڪلام آزاد پنهنجي تفسير ”ام الڪتاب“ ۾ به موهن جي دڙي جي قديم ترين ماڻهن لاءِ اهڙو رايو ظاهر ڪيو آهي. بعد ۾ هنن جي بت پرستي ۽ وڻ- پوڄا آئي آهي. مادي ترقيءَ سبب منجهن جيڪا عياشي ۽ بي راهه روي پيدا ٿي هئي، ان جا آثار ۽ اهڃاڻ به ملن ٿا.

اهڙين حالتن ۾ الله تعالى ماڻهن جي هدايت ۽ رهنمائي لاءِ نبي يا رسول موڪليا آهن؛ اهي ڪنهن هڪ خطي يا ڪنهن هڪ زماني تائين محدود نه هئا؛ پر هر خطي ۽ هر زماني ۾ ايندا رهيا. آخر نبي ڪريم محمد مصطفى صلي الله عليہ وسلم تي اهو سلسلو ختم ٿيو. پاڻ سڳورا آخري نبي آهن ۽ هر زماني ۽ هر ملڪ لاءِ آهن. کانئن پوءِ ڪوبه نبي يا رسول اچڻو نه آهي.

ٿي سگهي ٿو، الله تعالى پنهنجي انهيءَ سنت موجب موهن جي دڙي جي قوم ڏانهن به نبي موڪليو هجي ۽ انهن ان جو انڪار ڪري، ان کي کوهه ۾ وجهي، ان جي مٿان ڍڪ ڏئي ڇڏيو هجي.

6- جيڪڏهن ”رس“ جي معنى ”مري ويلن جو مدفن“ وٺجي ٿي، ته اها به موئن جي دڙي جي معنى سان ٺهڪي اچي ٿي. ”موئن جو دڙو“ جي معنى به اها ئي آهي، يعني مري ويل ماڻهن جو دڙو.

7- مولانا فظ الرحمان سيوهاروي پنهنجي ڪتاب قصص القرآن جلد سوم ۾ اصحاب الرس بابت آيل روايتن جو جائزو وٺندي، ان جي قدامت جو يقين ڪيو آهي. هو چوي ٿو ته ”هي قوم حضرت عيسى کان ته اڳ جي آهي، پر قديم العهد جي قوم آهي.“ (ص 103).

دنيا ۾ موهن جي دڙي جا آثار به قديم ترين دور جا چيا وڃن ٿا. انهن مڙني ڳالهين جي مدر نظر هي رايو به ٿي سگهي ٿو، ته ”اصحاب الرس“ مان مراد موهن جي دڙي وارا ماڻهو هجن. هي هڪ اندازو آهي، وڌيڪ الله کي علم آهي. مفسرن، سياحن، رواين ۽ مورخن جو ڌيان سنڌ ڏانهن ۽ موهن جي دڙي ڏانهن انهيءَ ڪري نه ويو آهي، جو هنن هن قوم جا ماڳ ۽ مڪان به حضرت نوح جي قوم، عاد ۽ ثمود وانگر عراق، حجاز، يمن ۽ عربستان جي ٻين علائقن ۾ پئي ڳوليا آهن. اهو ئي سبب آهي، جو هو هن قوم جو ماڳ تعين ڪري نه سگهيا آهن. ان کان سواءِ موهن جي دڙي جا آثار ۽ اهڃاڻ به ويهين صديءَ کان اڳ دڙي هيٺ دفن هئا؛ ۽ انهن جي اهميت جي ڪنهن کي به ڪَل ڪانه هئي.

 

موهن جو دڙو يا موئن جو دڙو؟

موهن جي دڙي جي نالي بابت به اختلاف راءِ آهي. ڪي ان کي ”موهن جو دڙو“، ڪي ”موئن جو دڙو“، ڪي ”مهن جو دڙو“ ۽ ڪي ”مُهين جو دڙو“ چون ٿا. بهرحال آريائي مذهب جي پيشوا ”موهن“ سان هن جي ڪابه نسبت ڪانهي، ڇاڪاڻ جو ”موهن جو دڙو“ آريائي دور کان اڳ جو آهي.

سنسڪرت ۽ پراڪرت ۾ ”مهن“ جي معنى آهي: ”ولوڙو.“ دراوڙي ٻوليءَ ۾ ”ما“ جي معنى آهي؛ زمين جو ٽڪرو، يا آبادي. ”هن“ جي معنى آهي مارڻ، ڪهڻ، ماريندڙ، ڪهندڙ، موت، ڪوس. ڏکڻ هندستان جي دراوڙي علائقي جي سوني سڪي جونالو به ”هن“ آهي. انهيءَ لحاظ کان ”ماهن“ يا ”موهن“ جي معنى ”ڪوس جي جاءِ“ به ٿي سگهي ٿي، ته ”دولتمند شهر“ به ٿي سگهي ٿو. ٻئي معنائون موهن جي دڙي سان ٺهڪي اچن ٿيون. يعني موهن/ ماهون/ مهن ۾ عربي لفظ ”رس“ جي ٻي معنى ۾ سمايل آهي، جنهن جو ذڪر اڳ ۾ اچي چڪو آهي.

ENGLISH:

1. The Holy Quran Text, Translation and Commentary:

A. Yousuf Ali

2. Arabic- English Dictionary. Sang-e-Meel Publishers, Lahore, 1979.

3. The Bible, The Quran and Science: Maurice Bucaile, (English Translation).

4. Early Indus Civilization- Earnest Mackay, London, 1948.

5. Five Thousand Years of Pakistan, Sir Mortimer Wheeler, London, 1950.

6. Mohen-Jo Daro and the Incus Civilization, Sir John Marshall, 3 Vols: London, 1931.

7. Excavations at Harapa: Madho Sarup, Culcutta, 1940.

8. Explorations in Sind: N.C. Mujamdar, Reprint Karachi 1981.

9. The Indus Civilizations: M. Wheeler, U.K. 1979.

10. Harapan Civilizations: Edited by Gregory L. Possechl. Oxford and IBH Publishing Co: New Delhi, 1982.

11. A History of Sumer and Akkad: Leonard W. King, London, 1910.

12. History of Babylon: Leonard W. King, London 1915.

13. Sumerian Literature and the Bidle: S.N. Kramer, 1959.

14. Ancient Mesopotamia: Al oppentiem, Chicago, 1964.

15. Ancient Semitic Civilization: S. Morcati, New York, 1960.

16. Encyclopedia Bratinicca.

17. Twin Rivers: Seaton Lyod, London, 1947.

18. The Decline and Fall of Roma Empire, Edward Gibbon.

19. The Wonder that was India. A.L. Basham, London, 1985.

21. قرآن مجيد، سنڌي ترجمو: مولانا تاج محمود امروٽي.

22. قرآن حڪيم: ترجمو ۽ تفسير مولانا عبدالماجد دريا آبادي، تاج ڪمپني ڪراچي 1952.

23. تفهيم القرآن: تفسير قرآن مجيد: مولانا ابوالاعلى سيد مودودي، جلد سوم، مڪتبه تعمير انسانيت لاهور، طبع هفتم، 1947ع.

24. معارف القرآن: تفسير قرآن ڪريم، مولانا مفتي محمد شفيع، اداره المعارف، ڪراچي، 1983ع.

25. قصص القرآن: مولانا حفظ الرحمان سيوهاروي، جلد سوم، ناشران قرآن لاهور.

26. مصباح اللغات، عربي- اردو لغت، مولانا عبدالحفيظ، ڪراچي.

27- ام الڪتاب: مولانا ابوالڪلام آزاد، شعاع ادب لاهور، 1962.

28. وادي سنڌ ڪي تهذيب: محمد ادريس صديقي، محڪمه آثار قديمه پاڪستان، 1959ع.

29. ارض القرآن: مولانا سيد سليمان ندوي، جلد اول، اعظم ڳڙهه، 1955ع.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com