سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1989ع

مضمون

صفحو :1

مهراڻ 1989ع

نفيس احمد شيخ

پيهي جان پاڻ ۾، ڪيم رُوحَ رهاڻ،

ته نڪو ڏونگر ڏيهه ۾، نڪا ڪيچين ڪاڻ،

پُنهون ٿِيَسِ پاڻ، سَسُئِي تان سُور هئا.

(شاهه رحه- سسئي آبري)

 

 

 

While peeping in myselfi was

I with my soul conversed:

Nocamel-manwas there to chase,

‘Punhu’ I had become. Immersed

inwoe, but’ was.

Shah latef

Trs, Elsa kazi

 

محترمہ بينظير ڀُٽو

وزيراعظم پاڪستان

جنهن صاحبه، ملڪ ۾ اديبن، شاعرن، فنڪارن، هنرمندن ۽ رانديگرن جي

ڀلائيءَ لاءِ قومي سطح تي فائونڊيشن قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

 

بِسۡمِ اللهِ الرۡحمــٰن الرَّحِيۡم

حال احوال

(ايڊيٽوريل)

سنڌي لئنگويج اٿارٽي

سنڌ جي وڏي وزير جناب سيد قائم علي شاهه، گذريل اپريل ۾ حضرت سچل سائينءَ جي عرس جي موقعي تي، درازا شريف ۾ ادبي ڪانفرنس ۾ اديبن ۽ دانشورن کي خطاب ڪندي اها خاصي خبر ٻڌائي هئي ته سنڌ سرڪار سنڌ صوبي جي زبازن ۽ ثقافت کي فروغ ڏيارڻ لاءِ هڪ سنڌي لئنگويج اٿارٽي قائم ڪرڻ جي امڪان جو جائزو وٺي رهي آهي. هن صاحب وڌيڪ فرمايو ته اسان قومي زبان سان گڏ علاقائي زبانن کي ترقي وٺائڻ چاهيون ٿا. شاهه صاحب چيو ته مون سنڌ صوبائي اسيمبلي ۾ 1972ع ۾ سنڌي زبان بابت هڪ بل پيش ڪيو هو.

سنڌي زبان جي مذڪوره 1972ع واري بل جي حوالي سان، هڪ وڏي عرصي کان وٺي سنڌ جا علمي ۽ ادبي، تحقيقي ۽ اشاعتي، صحافتي ۽ تعليمي حلقا اهو مطالبو ورجائيندا پي رهيا آهن ته سنڌي لئنگويج اٿارٽي جي قيام جو اعلان ۽ جيڪو ادارو سنڌي زبان جي قدامت، شاهوڪاري ۽ اهميت جي پيش نظر شايان شان هجي.

جيئن ته ماضيءَ ۾ مارشل لا واري تاريڪ دؤر ۾ اها گهُر صدا بصحرا پئي ثابت ٿي، انڪري عوامي چونڊيل حڪومت جي اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ سنڌ جي ادبي حلقن کي بجا طور تي اميد پيدا ٿي آهي ته هاڻي انهي اهم مسئلي تي ڌيان ڏنو ويندو.

نهايت خوشيءَ جي ڳالهه آهي، جو سنڌ جي وڏي وزير، ان ڳالهه جي اهميت محسوس ڪندي سنڌي لئنگويج اٿارٽي قائم ڪرڻ لاءِ ڌيان ڏنو اهي. اسان سندس ان توجهه لاءِ مسرت جو اظهار ڪندي اهو مطالبو ٿا ڪريون ته ان جي عملي صورت لاءِ اپاءَ ورتا وڃن، جيئن اهل سنڌ جو اهو پراڻو مطالبو جلد پورو ٿئي.

مهراڻ آرٽس ڪائونسل جو مستحسن قدم

سنڌ جي ادبي ۽ سماجي حلقن ان امر تي خوشيءَ جو اظهار ڪيو آهي ته مهراڻ آرٽس ڪائونسل حيدرآباد، ڪمال ادب نوازيءَ جو مظاهرو ڪندي، سنڌ جي مشهور سماج سڌارڪ، مخلص ادبي خذمتگار ۽ ليکڪ مسٽر خان محمد پنهور کي، سندس بيماريءَ جي پيش نظر، علاج معالج لاءِ پنجاهه هزار رپين جو عطيو ڏنو آهي. ڪائونسل طرفان 21 مئي 1989ع تي خان محمد پنهور صاحب سان ملهايل رهاڻ جي موقعي تي، سنڌ جي ثقافت ۽ سياحت کاتي جي سيڪريٽري محترمہ محتاب اڪبر راشدي، مسٽر پنهور کي مذڪوره عطيي جو چيڪ ڏنو.

هي پهريون موقعو آهي، جو سنڌ جي هڪ سرڪاري ثقافتي اداري، هڪ بيمار اديب جي مالي پگهور لهندي، علاج معالج لاءِ شايان شان مدد ڪئي آهي، جنهن لاءِ ڊپارٽمينٽ جي سيڪريٽري محترمہ مهتاب اڪبر راشدي صاحبه ۽ مهراڻ آرٽس ڪائونسل جو پر عزم ۽ مخلص سيڪريٽري مسٽر عبدالرزاق چانڊيو هر طرح مبارڪ جا لائق آهن.

سنڌ جي علمي حلقن کي بخوبي معلوم آهي ته جناب خان محمد پنهور مغز جي ٽيومر سبب بيمار رهي ٿو ۽ چار دفعا سندس آپريشن به ٿي چڪا آهن، پر ان جي باوجود کيس مڪمل صحتيابي ميسر نه ٿي سگهي آهي. ڊاڪٽرن کيس پرڏيهه علاج ۽ آپريشن جو مشورو ڏنو آهي ۽ سنڌ جو ثقافت ۽ سياحت کاتو سرڪاري خرچ تي سندس پرڏيهه ۾ علاج ڪرائڻ لاءِ اپاءُ وٺي رهيو آهي. اسان کي يقين آهي ته کاتي جي سرگرم سيڪريٽري محترمہ مهتاب کي سندس مخلصانه ڪوششن ۾ ڪاميابي حاصل ٿيندي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com