سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1989ع

مضمون

صفحو :4

 

مقالا

 

 

سنڌي ٻوليءَ جي بقاءَ ۽ بچاءَ واسطي ٻين اڳيان هٿ ڊگهيرڻ حماقت آهي. ڀائرو، سنڌي ٻولي فقط ايستائين زنده رهي سگهي ٿي، جيستائين اوهين زنده آهيو ۽ هڪ صحتمند زندگي گذاري رهيا آهيو. حقيقت ۾ سنڌ اڄ به اوهان جي طفيل زنده ناهي، مگر اُهي، جي ٻه سؤ ورهيه اڳ جيئرا هئا، تن خاطر پيئي پساهه کڻي. سنڌ انهن جي نيڪين سببان تڳي رهي آهي، ۽ نه اسان جي عملن ڪري. جڏهن اوهين پنهنجي شاندار ماضيءَ مان سبق حاصل ڪرڻ ڇڏي ڏيندا ۽ پنهنجي فڪر ۽ قوت تخليق ذريعي نون خيالن پيدا ڪرڻ بدران محض جامد جسم بنجي ويندا، تڏهن قانون فطرت مطابق نه توهين رهندا، نه توهان جي ٻولي. ڪوبه سياستدان يا دانا انهيءَ حالت ۾ اوهان کي جياري نه سگهندو ۽ ازلي آواز صدا ڏيندو ته ”ظالم قوم کي پري ڪيو وڃي.“

”فبعد اللقوم الظالمين.“- شال ڌڻي تعالى اهڙو ڏينهن نه ڏيکاري.

- علامہ آءِ. آءِ. قاضي

 

موهن جو دڙي اسٽوپا

 

کوهن وارو شهر- موهن جو دڙو

ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي

موهن جو دڙو، ڏوڪري اسٽيشن (موجوده نالو موهن جو دڙو اسٽيشن) کان 14 ڪلوميٽر پري آهي. هن دڙي وارو پراڻو شهر ڪيترائي ڀيرا ناس ٿيو آهي، ۽ ٻيهر آباد پئي ٿيو آهي. اندازو آهي ته ست ڀيرا ڊٺو ۽ ٺهيو. مٿين طبقي جو زمانو 1700 ق. م ۽ هيٺين تهه جو زمانو 2500 ق. م يا 3000 ق. م. مقرر ڪيو ويو آهي. يعني پراڻو شهر پنج هزار سال يا ساڍا چار هزار سال اڳ هڪ ڀريو- ڀاڳو شهر هو.

1918ع کان اڳ هن دڙي جي اهميت جي ڪنهن کي به خبر نه هئي. 1918ع ۾ هن دڙي مان ڪي اهڙيون مهرون هٿ آيون، جن مان معلوم پئي ٿيو، ته انهن هنڌن تي ضرور ڪو قديم شهر آباد هوندو، جيڪو هينئر دڙن جي صورت ۾ آهي. مسٽر آر. ڪي. بئنرجي ۽ آثار قديمه کاتي جي ڊئريڪٽر جنرل سرجان مارشل دلچسپي وٺي 1922ع ۾ دڙي جي کوٽائي ڪرائي. 1931ع تائين کوٽائي هلندي رهي، ان کان پوءِ فنڊن جي ڪميءَ جي ڪري ڪم رڪجي ويو. کوٽائي ڪندي جيڪي ڪجهه حاصل ٿيو، ان مان ثابت ٿيو ته اهي هڪ وڏي عاليشان ۽ مهذب شهر جا آثار هئا، جيڪي عيسوي سن کان ٽي هزار سال اڳ آباد هو. ان مان معلوم ٿيو ته آرين جي اچڻ کان اڳ سنڌ جا اصلوڪا رهاڪو نهايت مهذب زندگي گذاريندا هئا، ۽ منجهن شهريت جو شعور هو. موهن جي دڙي کان سواءِ ٻيا به ڪيترائي دڙا ۽ ڀڙا سنڌ جي قديم تهذيب جا نشان آهن. هن دڙي کي موهن يا موئن جو دڙو سڏيو وڃي ٿو، پر دڙي جي پسگردائيءَ وارا ماڻهو هن کي ”مُنهين جو دڙو“ يا ”منهين جي ماڙي“ سڏيندا آهن.

دڙي جي کوٽائيءَ مان جيڪي انساني کوپڙيون، هڏاوان پڃرا ۽ ٻيا اهڃاڻ مليا آهن، انهن کي ڏسي ماهرن اندازو لڳايو آهي، ته انهن ڏينهن ۾ دراوڙ نسل جا ماڻهو رهندا هئا، پر سمورا ماڻهو دراوڙ نسل جا نه هئا. انهن محققن جو خيال آهي، ته مختلف نسلن جا ماڻهو آباد هئا. گهٽ ۾ گهٽ چئن نسلن جي ماڻهن جا چٽا آثار ملن ٿا. دڙي جي کوٽائيءَ مان جيڪي آثار ۽ اهڃاڻ مليا آهن، ۽ انهن جي آڌار تي سنڌ جي تهذيب بابت جيڪي ڪجهه معلوم ٿيو آهي، ان جو احوال هيٺ ڏجي ٿو.

حڪومت جو نظام

معلوم ٿئي ٿو ته هتي مذهبي طبقي جي حڪومت هئي، ۽ راجا جي ٺاهيل قانونن تي ڪنهن کي به اعتراض ڪونه هوندو هو. انهيءَ ڪري ملڪ ۾ امن امان هو، ۽ هر ڪو خوش هو. وڏن ڏڻن تي راجا ڀڀڪيدار ڪپڙا پائي، چيلهه سان تلوار ٻڌي، هاٿيءَ تي سوار ٿي پرجا کي درشن ڪرائيندو هو. ان بعد مندر ۾ راجا ۽ پرجا گڏجي پوڄا ڪندا هئا، ۽ راجا پرجا جي وچ ۾ ويڇو وڇاندر ڪونه رهندو هو. اهڙن موقعن تي راڳ روپ ۽ چرچي ڀوڳ جي هر ڪنهن کي اجازت هوندي هئي. عدل ۽ انصاف جو پورو پورو خيال رکيو ويندو هو.

ملڪ جو انتظام نهايت مناسب ۽ معقول هو، ۽ پرجا ان جي سختيءَ سان پابندي ڪندي هئي. خاص طرح سان شهر جو انتظام ته مقرر ڪيل قاعدن ۽ قانونن موجب هلندڙ هو. ائين ٿو ڀائنجي ته شهر جي انتظام ۽ سڌاري لاءِ باقاعده ميونسپالٽيءَ جهڙو ادارو هو، جنهن جي رٿا موجب جايون جڙنديون هيون. گهٽيون ۽ ڪني پاڻيءَ جون ناليون ٺهنديون هيون، ۽ کوهه کوٽيا ويندا هئا. ماڻهو صفائي پسند هئا ۽ قانون جي سختيءَ سان پابندي ڪندا هئا. ڪوبه گهر يا ڪا ذاتي جاءِ وڏي سڙڪ يا ٻين عام ڀلي جي هنڌن تي نه ٺاهي ويندي هئي. اهو ئي سبب آهي، جو سڙڪون کليل آهن. وڏي سڙڪ ٽيٽيهه فوٽ ويڪري آهي. ٻه- واٽي يا چو- واٽي تي هڪ سڙڪ ٻيءَ سڙڪ کي گوني ڪنڊ تي ڪراس ڪري ٿي. گهٽيون به نهايت سڌيون ۽ ڪشاديون آهن، ڪٿي به ڪو دخل ڪونهي، ان مان معلوم ٿئي ٿو ته ماڻهو قانون جا سخت پابند هئا.

گهرن جي ڪني پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ ڍڪيل نالين جو بندوبست آهي. انهن نالين ٺاهڻ وقت صحت جي اصولن جو پورو پورو خيال رکيو ويو آهي، ايتري قدر جو نالين جو پاڻي نه گهٽين ۾ گندگي پيدا ڪندو هو، نه بانس ٿيندي هئي، ۽ نه گهٽيءَ مان لنگهندڙ ماڻهن جا ڪنهن به موقعي تي ڪپڙا خراب ٿي سگهندا هئا. نالين جو پاڻي وهي وڃي وڏي سڙڪ ڏانهن وڏي ناليءَ ۾ پوندو هو.

رهڻ جون جايون به سٽيل رٿا موجب ٺهيل نظر اچن ٿيون. گهرن جا اڱڻ ڪشادا آهن، ۽ روشنيءَ جو پورو پورو خيال رکيل آهي. گهر گهر ۾ کوهه ۽ غسلخانو آهي. گهڻو ڪري سڀني گهرن ۾ پائخانه به آهن. غسلخانا ۽ پائخانا اڪثر هيٺين منزل تي آهن، پر ڪن جاين ۾ ٻيءَ منزل تي به انهن جا نشان ملن ٿا. ٻنهي حالتن ۾ گهر جي انهيءَ حصي ۾ آهن، جيڪي سڙڪ يا گهٽيءَ جي بلڪل لڳ آهي، ۽ انهن جا فرش لهوارا آهن، ته جيئن پاڻي سولائيءَ سان نيڪال ٿي وڃي.

شهر جي حفاظت لاءِ، شهر جي چوڌاري اَٺ فوٽ ٿلهي ڀت ڏنل هئي، جنهن کي ڪيترن هنڌن تان وڏا در هوندا هئا. رات جو اهي بند ڪيا ويندا هئا، ۽ حڪومت پاران انهن تي چوڪيدار مقرر ڪيل هئا. شهر جي پوري وچ تي هڪ وڏو هال آهي، جيڪو شايد ميونسپالٽيءَ جهڙي اداري جي آفيس هئي. ان کان سواءِ شهرين جي صحت، صفائي، تفريح ۽ وهنجڻ لاءِ تلاءَ سرڪاري اسپتالون ۽ باغ هوندا هئا. اهو ڏيکاري ٿو، ته حڪمران طبقي کي عوام جي سهوليت ۽ بهبود جو هر وقت خيال هوندو هو.

اهي رٿائون ۽ سٽائون، انتظام ۽ اصول ڏسي آثار قديمه جا ماهر دنگ رهجي ويا. هنن کي انهيءَ ڳالهه تي حِرت آهي ته اڄ کان اٽڪل پنج هزار سال اڳ شهر جي هڪ ميونسپالٽي هئي، جيڪا شهرين جي صحت ۽ صفائي، وندر ۽ ورونهن- مطلب ته هر ڳالهه جو خيال رکندي هئي ۽ عوام به ايترو مهذب، متمدن ۽ شائسته هو، جو انهن قاعدن جو سختيءَ سان پابند هو.

مذهب

موهن جي دڙي جي ماڻهن جي مذهب بابت ڪابه يقيني راءِ قائم نه ڪئي ويئي آهي. ڪابه اهڙي جاءِ نه ملي آهي، جنهن لاءِ يقيني طور چئي سگهجي ته اهو مندر يا عبادتگاهه هو. عبادت گاهه ضرور هوندا، پر جيئن ته جاين جو سٽاءُ هڪجهڙي آهي، انهيءَ ڪري نشاندهي ٿي نه ٿي سگهي. وڏي حمام (Great Bath) کي ڏسي چئي سگهجي ٿو ته شايد ڪنهن خاص ڏڻ تي سڀ ماڻهو گڏجي سنان ڪندا هئا. اها رسم ضرورت سندن ڪا مذهبي رسم هوندي.

مهرن جي تصويرن ۽ صورتن کي ڏسي اندازو لڳايو ويو آهي ته هو فطرت پرست هئا ۽ بت پرستيءَ کي سندن مذهب ۾ دخل نه هو. ڪي اهڃاڻ اهڙا به مليا آهن، جن مان اندازو لڳايو ويو آهي ته ڪنهن وقت هو توحيد پرست به هئا. ان کان پوءِ سندن مذهب ۾ بگاڙو آيو ۽ هو ديوين ۽ ديوتائن ۽ جانورن جا پوڄاري بنجي ويا.

مهرن تي ديوين جون تصويرون ملن ٿيون. ان مان اندازو لڳايو ويو آهي ته هو ”ماتا“ يا ديويءَ جا پوڄاري هئا. ان کان سواءِ ڪي شڪليتون ديوتائن جون به مليون آهن، جن جي مٿي تي ڏاند يا ٻڪر وانگر سنڱ آهن. ان مان اندازو لڳايو ويو آهي ته شايد ڏاند ۽ ٻڪر انهن جي مذهب ۾ مقدس سمجهيا ويندا هئا. ڪن مهرن تي ديوتائن سان گڏ جانورن جون شڪليون ڏيکاريون ويون آهن. ڪي اهڙيون به مورتيون مليون آهن، جن مان معلوم ٿئي ٿو ته ديوتائن کي جانورن جي شڪل ۾ ظاهر ڪيو ويو آهي.

انساني شڪلين کان سواءِ ڪن مهرن تي پپر، انجير ۽ ٻير جا وڻ به ملن ٿا. ائين ٿو ڀانئجي ته اهي وڻ مقدس سمجهيا ويندا هئا ۽ انهن جي پوڄا ڪئي ويندي هئي. ”لنگ پوڄا“ جا نشان به هتان مليا آهن. کوٽائيءَ مان ڪي تعويذ به مليا آهن، جن تي عام طرح جانورن جون تصويرون نڪتل آهن. ان مان معلوم ٿئي ٿو ته بابل جي ماڻهن وانگر هو به دعا تعويذ ۽ سڳي ڌاڳي ۾ يقين رکندا هئا. هتان ڪي به اهڙا نشان نه مليا آهن، جنهن مان معلوم ٿئي ته هتي جا ماڻهو مُردن کي پوريندا هئا يا ساڙيندا هئا. اندازو آهي ته هو مُردن کي پوريندا هئا، پر قبرن جا نشان مٽجي ويا آهن. جيئن ته ماڻهو صفائي ۽ سٿرائيءَ سان رهندا هئا،انهيءَ ڪري اندازو لڳايو ويو آهي، ته هو انهيءَ ڳالهه ۾ يقين رکندا هئا ته روح ٻيو روپ وٺي ٿو.

انهن ڳالهين مان معلوم ٿئي ٿو ته هندو ڌرم جي ڪيترين ڳالهين جو تصور سنڌ جي قديم مذهب تان ورتل آهي؛ مثلاً درگا ديوءَ جي پوڄا، ”شو ديوتا“ جي پوڄا، گانءِ، پوڄا، پپر کي پاڪ سمجهڻ، لنگ پوڄا، جوڻ جو عقيدو وغيره.

سماج

موهن جي دڙي مان جيڪي مهرون نڪتيون آهن، انهن تي اکر لکيل آهن. جيئن ته اهي اکر پڙهڻ ۾ نه ٿا اچن، انهيءَ ڪري سنڌ جي تهذيب جون ڪيتريون ڳالهيون اڃا تائين اونداهيءَ ۾ آهن. تازو خبر آئي آهي ته ”فنلئنڊ“ جي ماهرن، مهرن جا اکر پڙهيا آهن. انهن جون پڙهڻيون ۽ ڪڍيل نتيجا اڃا تائين اسان وٽ نه پهتا آهن. البت ايترو معلوم ٿيو آهي ته ”فنش“ ماهرن اهو نتيجو ڪڍيو آهي ته ان زماني ۾ سماج چئن ذاتين يا طبقن تي مشتمل هو. اها ڳالهه ثابت ٿي ڪري ته هندن جي چئن ذاتين وارو تصور اتان ورتل آهي. جيتوڻيڪ موهن جي دڙي جي ماڻهن ۾ چار ذاتيون هيون، ان هوندي به منجهن نفرت ۽ نفاق ڪونه هو. هو امن پسند هئا ۽ ايڪي اتفاق سان رهندا هئا. دڙي جي کوٽائيءَ مان ڪنهن به قسم جا هٿيار هٿ نه آيا آهن. اهو ڏيکاري ٿو ته هو جنگجو ۽ جهيڙاڪر نه هئا.

دڙي جا اڪثر ماڻهو زراعت پيشه هئا، پر شهر ۾ ڪمي ڪاسبي، سونارا ۽ لوهار، ڪوري ۽ نيرولي، رازا ۽ واڍا، موچي ۽ سوچي به موجود هئا. ڳئون، مينهن، رڍ، ٻڪري، ڪتو، ڪڪڙ ۽ مور گهرن ۾ پاليندا هئا. گهوڙي جي نسل جا نشان ڪونه مليا آهن. ڪپهه ۽ سوٽي ڪپڙي جا نشان مليا آهن. ان مان اندازو ٿئي ٿو ته ڪپهه پوکي ويندي هئي ۽ سوٽي ڪپڙو اُڻيو ويندو هو. البت اوني ڪپڙي جا اهڃاڻ ڪونه ٿا ملن. مردن جا گهڻو ڪري پٺا اگهاڙا هوندا هئا ۽ ڌوتي يا گوڏ ٻڌڻ جو رواج عام هو. ان مان ڀانئجي ٿو ته گوڏ ٻڌڻ جو رواج سنڌ ۾ قديم زماني کان هليو اچي. اجرڪ نما چادر ويڙهن جو رواج به موجود هو. اهو ڏيکاري ٿو ته سنڌ ۾ اجرڪ جو رواج به قديم زماني کان موجود آهي. نيرولين جي دوڪانن جا اهڃاڻ به مليا آهن. اڄ به سنڌ جا ماڻهو نير ۾ ٻڏل ڪپڙا خاص طرح سان گوڏيون پائيندا آهن.

ڪي مرد مٿي تي وٽيل پڳڙي ۽ بدن تي جهولڙي (قميص يا صدري جو هڪ قسم) پائيندا هئا. ان مان ڀانئجي ٿو ته مٿي تي پڳڙي ۽ قميص يا چولي جي بدران هلڪي صدري پائڻ جو رواج به سنڌ ۾ قديم زماني کان هليو اچي. عورتون جڏهن ٻاهر نڪرنديون هيون، ته هڪ ڊگهي چادر سان سڄو جسم ڍڪي ڇڏينديون هيون. اڄ به سنڌ جي ٻهراڙيءَ جون عورتون اجرڪ يا ڊگهي چادر سان سڄو بدن ڍڪي، فقط اکيون ظاهر ڪري نڪرنديون آهن. عورتن سان گڏ مرد به وڏا وار رکندا هئا. اڄ به ٻهراڙيءَ جا ڪيترا مرد وڏا وار رکائيندا آهن. ڪي مرد وري پوئتان وار ڪٽائي ٻٽونئڙو نمونو ڪرائي ڇڏيندا هئا. عورتون ۽ مرد ٻئي زيور پائيندا هئا. مرد ڪنن ۾ والا پائڻ ۾ فخر سمجهندا هئا. اڄ به ٻهراڙيءَ ۾ ڪي مرد ڪنن ۾ واليون پائيندا آهن. عورتون موتين، مڻين ۽ ڪوڏن جا هار، پيرن ۾ جهانجهرن جي نموني جو زيور، نڪ ۾ بولو، ٻانهن ۾ ڪنگڻيون ۽ آڱرين ۾ ڇلا پائينديون هيون.

مرد ڏاڙهيون رکائيندا هئا. ڪن جون ڏاڙهيون وڏيون هونديون هيون ۽ ڪن جون وري شرعي نموني خط ورتل هونديون هيون. ڪي وري ڏاڙهيون رکائي م ڇون صاف ڪرائي ڇڏيندا هئا. ڪي وري ڏاڙهي صفا ڪوڙائي ڇڏيندا هئا. عورتون چوٽي به ڪنديون هيون، ته ڪڏهن وري اڳڙي يا ڌاڳي سان وار ٻڌي ڇڏينديون هيون.

عورتون سينگار به ڪنديون هيون ۽ وارن ۾ ڦڻي ڏينديون هيون. ڪاٺ جون ڦڻيون به مليون آهن، جن جو رواج اڄ به سنڌ ۾ موجود آحي. ان کان سواءِ عاج جون ڦڻيون به هٿ آيون آهن. سرائي سرميداڻي به ملي آهي، ان مان معلوم ٿئي ٿو ته ماڻهو سرمو پائيندا هئا. ڌات جا آئينا به مليا آهن، پائوڊر نموني جي شيءِ به ملي آهي، ان مان معلوم ٿئي ٿو ته عورتون منهن کي پائوڊر لڳائينديون هيون. سِندر ڪم آڻڻ جا اهڃاڻ به مليا آهن.

واندڪائيءَ ۾ عورتون ائٽ ويهي ڪتينديون هيون ۽ مرد وري ورندر ۽ ورونهه لاءِ چونڪ ۽ چوپڙ راند ڪندا هئا. هڪ مهري، يڪتاري ۽ ڍولڪ وڄائڻ جي به ملي آهي. ان مان معلوم ٿئي ٿو، ته هتي جا ماڻهو راڳ ۽ ناچ سان دل وندرائيندا هئا. ٿي سگهي ٿو، ته راڳ ۽ ناچ سندن مذهب جو حصو هجي. ڪڪڙن وڙهائڻ جو رواج به موجود هو. ٻارن لاءِ رانديڪا به موجود هئا ۽ ٻارن جي راندين جو رواج به هو. چدي راند ۽ اٽي ڏڪر جو رواج انهن ڏينهن کان هليو اچي. رانديڪا گهڻو ڪري مٽيءَ مان ٺاهي پچايا ويندا هئا. اهڙن رانديڪن ۾ بيل گاڏيون، جانورن ۽ پکين جون مورتون مليون آهن. اهڙي قسم جي رانديڪن جو رواج اڄ تائين سنڌ جي ٻهراڙين ۾ موجود آهي. جوڳياڻيون اهي رانديڪا ٺاهي کڻي اينديون آهن ۽ اَن لپ جي بدلي ٻارن کي ڏيئي وينديون آهن.

صنعت و حرفت

مٿي ذڪر اچي چڪو آهي، ته هتي هر قسم جا ڪاريگر موجود هئا. عورتون گهرن ۾ سٽ ڪتينديون رهنديون هيون. ڪپڙو اڻيو به ويندو هو، ته رڱيو به ويندو هو. نير جي ڪپڙن جو رواج عام هو. سونارا موجود هئا، جيڪي چاندي ۽ سون مان به زيور ٺاهيندا هئا. عقيق، سنگ سليمان ۽ سنگ يشب مان مڻيا به ٺاهيا ويندا هئا. ان کان سواءِ اڇي ۽ نيري مسالي مان به مڻيا ٺاهيا ويندا هئا. اهڙن مڻين جو رواج اڃا تائين سنڌ ۾ موجود آهي. اسٽائيٽ ۽ چينيءَ جا مڻيا به مليا آهن. سوزن ڪاري ۽ ڪٽائيءَ جي هنر ۾ به ماهر هئا. زردوزي ۽ ڪشيده ڪاري جي ڪم کان به واقف هئا. سبڻ ۽ ڀرڻ جون سُيون به مليون آهن، جن جي مٿي کان ڌاڳي وجهڻ جي جاءِ به آهي.

ٺڪر جي ٿانون جو گهڻو استعمال هو. ڪنڀر چڪ تي ڪيترن ئي قسمن جا ٿانو ٺاهيندا هئا. جهڙوڪ: دِلا، مَٽ، ڪُنا ۽ پاٽيون وغيره. ڪي ٿانو هٿ جا ٺهيل به آهن. چڪ تي ٿانو ٺاهڻ کنا پوءِ هڪ مسالي سان ٿانون کي رڱيو ويندو هو، جيڪو مٽي ۽ لوهه مان ٺاهيو ويندو هو. ان کان پوءِ ڪاري يا ڪارسري ڳاڙهي مسالي سان چٽسالي ڪرڻ جو رواج اڃا تائين سنڌ ۾ موجود آهي. چٽساليءَ ۾ گول ۽ جاميٽريءَ جي ڊزائين ۾ چٽ به آهن، ته وڻ ٻوٽا به نڪتل آهن. ان کان سواءِ پکين ۽ جانورن جون شڪليون به آهن، ته اڀريل سج به ڏيکاريل آهي. چٽسالي پختي به آهي، ته ان ۾ لطافت ۽ نزاڪت به آهي. وڻ جا پن نهايت احتياط سان ڪڍيل آهن ۽ جانورن کي پنهنجي فطري ماحول ۾ ڏيکاريو ويو آهي. سج جي شڪل ڦڻيءَ جي نموني تي ڪڍي ويئي آهي. ڦڻيءَ جا ڏندا ڄڻ سج جا ڪرڻا آهن.

ٺڪر جي ٿانون کان سواءِ ٺڪر جون گُنديون، ٺڪر جا نلڪا، ٺڪر جا ڪوئا مار، ٺڪر جا ڦيٿا، ائٽ، چوڙيون، ديوين، ديوتائن، جانورن ۽ پکين جون مورتون به ٺڪر جون مليون آهن.

موهن جي دڙي جا ڪاريگر ڌات کي پگهاري يا ڪٽي مختلف شين ٺاهڻ ۾ مهارت رکندا هئا. هو چاندي، سون، ٽامي، ڪٽ ۽ پتل مان شيون ٺاهي سگهندا هئا. خاص طرح سان ٽامي مان گهڻو ڪم ورتو ويندو هو. ٽامي جا ٿانو، ڪهاڙيون، خنجر، چاقو، چوڙيون، منڊيون ۽ واليون وغيره ٺاهيون وينديون هيون. ڪٽ مان ٺهيل گلدان، پيالا، تسريون ۽ ڍڪڻ سوڌيون ديڳڙيون مليون آهن. ڪي ٿانو ڍالي تيار ڪيا ويا آهن، ته ڪي وري ڪٽي بنايا ويا آهن. ڌات جي ٿانون تي چٽسالي به ٿيل آهي. ڪن تي جانورن جون تصويرون به ڇاپيل آهن. ڏات مان مهرون به ٺهيل آهن، جن تي اکر ۽ تصويرون اُڪريل آهن. مڇيءَ جي شڪار جون ڪُنڊيون به مليون آهن، جيڪي ٽامي جون ٺهيل آهن.

ڌات مان ٺهيل مورتون به مليون آهن، جيڪي ٽامي ۽ ڪٽ مان نهايت نفاست سان ٺاهيون ويون آهن. هڪ ناچڻيءَ جي مورتي به ملي آهي، جيڪا اهڙي قسم جي فنڪاريءَ جو اعلى نمونو آهي. ان کان سواءِ جانورن جون مورتيون به مليون آهن. ان سلسلي ۾ مينهن جي مورتي قابل ذڪر آهي.

پٿر مان ٺهيل شيون تمام گهٽ مليون آهن. ان هوندي به ڪجهه شيون مليون آهن، جهڙوڪ: مورتيون، مهرون، اٽي پيهڻ جا جنڊ، تور جا وٽَ، ڪهاڙيون ۽ ڏنڊا وغيره.

سنڌ جا ڪاريگر، مهرن ٺاهڻ ۾ ڏاڍا ماهر هئا. هتان وڏي تعداد ۾ مهرون مليون آهن، جيڪي ”اسٽائيٽ“ مان ٺاهيون ويون آهن ۽ مختلف سائيزن ۾ آهن. انهن تي جانورن جون تصويرون به آهن، ته اکر به اڪريل آهن. معلوم ٿو ٿئي ته اهي مهرون وڏن پٿرن کي ڪٽي ٺاهيون ويون هونديون. ان ڪم لاءِ ضرور ڪا ڪارائي ڪتب آندي ويئي هوندي. ائين ٿو ڀانئجي ته اهي مهرون گهڻي قدر ٺپي هڻڻ لاءِ ڪتب آنديون وينديون هونديون. ڪن مهرن تي ڌاڳي ٻڌڻ جي جاءِ ڪيل آهي. ڀانئجي ٿو ته اهي مهرون تعويذ طور ڳچيءَ ۾ يا ڏوري ۾ ٻڌيون وينديون هونديون.

 

عمارت سازي

موهن جي دڙي جي کوٽائيءَ کان پوءِ جيڪي گهر ۾ ڀتيون نڪتيون آهن، انهن کي ڏسي حيرت وٺيو وڃي. شهر ۽ ان جون جايون باقاعده سٽا ۽ رٿا سان ٺهيل آهن. سڄي شهر جون جايون مضبوط پڪين سرن جون ٺهيل آهن. سرون قالبن جون ٺهيل آهن، ۽ ايتريون ته پختيون آهن، جو اڄ به ائين پيون نظر اچن، ڄڻ تازيون ٺهيل آهن. جايون چوڪنڊيون ۽ گوني ڪنڊ تي پوريون ٺهيل آهن. ڪٿي به ڪو وَرُ يا ڏنگ نظر نٿو اچي. گهر جون جايون ننڍيون به آهن ته وڏيون به آهن. سڀ کان ننڍي جاءِ ٻن ڪمرن واري آهي، ۽ سڀ کان وڏي جاءِ 33 هزار فوٽن تي ڦهليل آهي.

جايون عام طور تي هڪٻئي کان الڳ ٺهيل آهن. گهرن ۾ وڏا اڱڻ آهن. ڪيتريون جايون ٻه-ماڙ آهن، ۽ مٿاهينءَ تي ٺهيل آهن. وڏين جاين ۾ ٻاهرئين در جي لڳ  جدا ڪوٺي به آهي، جيڪا شايد نوڪرن ۽ دربانن لاءِ آهي. هر گهر ۾ گهڻو ڪري کوهه آهي، جيڪي نهايت ڪاريگريءَ سان ٺهيل آهن. گهرن وارا کوهه ڪي ته اهڙا سوڙها آهن، جو سولائيءَ سان ڍڪي سگهجن ٿا. وڏين جاين ۾ درين ۽ روشندانن جا نشان ملن ٿا. ٻيءَ ماڙ تي چڙهڻ لاءِ سرن جون ٺهيل سوڙهيون ڏاڪڻيون آهن. ڪي ڏاڪڻيون ته تمام سوڙهيون آهن. جاين جا در تمام تنگ ۽ ننڍا آهن. تمام وڏين جاين جا در به اهڙا ئي سوڙها ۽ ننڍا آهن. ڪنهن گهر جو ٻاهريون در يا ڪا دري سڙڪ طرف نٿي کلي. ان مان اهو نتيجو ڪڍيو ويو آهي ته انهن جون عورتون سخت پردو ڪنديون هيون.

عام رهائشي گهرن کان سواءِ شهرن جي مختلف حصن ۾ وڏيون وڏيون جايون به آهن. ماهرن جو خيال آهي، ته يا ته اهي سرڪاري آفيسون هونديون يا حڪمران طبقي يا وڏن ماڻهن جا محلات هوندا. شهر جي اتر ۾ هڪ جاءِ آهي، جيڪا 242 فوٽ ڊگهي، ۽ 112 فوٽ ويڪري آهي. ڏکڻ ۾ هڪ جاءِ آهي، جيڪا 422 فوٽ ڊگهي ۽ 150 فوٽ ويڪري آهي. شهر جي هڪ طرف چورسي جاءِ آهي، جنهن جو هر هڪ پاسو 85 فوٽ آهي. ان ۾ دڪانن وانگر ننڍا ننڍا ڪمرا ٺهيل آهن. ڀانئجي ٿو ته اهي دڪان هوندا، جتي خريد فروخت ٿيندي هوندي.

شهر جي ڏکڻ- اولهه طرف هڪ غير معمولي وسيع ۽ دلچسپ وهنجڻ جو تلاءُ آهي، جيڪو پڪين سرن جو نهايت ڪاريگريءَ سان ٺهيل آهي. انهيءَ عمارت جي وچ ۾ هڪ حوض آهي، جيڪو 29 فوٽ ڊگهيو، 23 فوٽ ويڪرو ۽ 8 فوٽ اونهو آهي. حوض ۾ لهڻ لاءِ ڪنڊن تي ڏاڪڻيون ٺهيل آهن. حوض جي لڳ ڪوٺيون آهن، جيڪي ڪپڙن بدلڻ لاءِ ٺاهيون ويون هيون. سڄي عمارت جي ڊيگهه 180 فوٽ ۽ ويڪر 108 فوٽ آهي. ان جي ڀت 8 فوٽ ٿلهي آهي. عمارت جي چوڌاري 15 فوٽ ويڪرو رستو آهي، جيڪو هڪ ٻاهرين سٽ فوٽ ٿلهي ڀت سان گهيريل آهي. هر ڪمري ۾ مٿي وڃڻ لاءِ ڏاڪڻين جا نشان آهن. هڪ ڪمري ۾ هڪ تمام وڏو کوهه آهي، جنهن مان پاڻي ڪڍي تلاءُ ڀريو ويندو هو. پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ هڪ وڏو نالو آهي.

مٿي ذڪر ڪيل جاين جي اڏاوت ۽ پاڻي جي نالين جي بناوت ظاهر ڪري ٿي ته موهن جي دڙي جا ماڻهو عمارتسازيءَ ۾ وڏا ماهر هئا. هنن جي اڏاوت جي فن ۾ سادگي آهي؛ پر پختگي، سٽا ۽ سلجهاءُ آهي. فقط امير ۽ حاڪم سٺيون جايون نه ٺهرائيندا هئا، پر گهڻو ڪري سڀ شهري هڪ ئي نموني جي سٺين ۽ پڪين جاين ۾ رهندا هئا. ڪنهن به پُر شڪوه ۽ جاهه و جلال واري جڳهه جو نشان نه مليو آهي. ان مان معلوم ٿئي ٿو، ته سڀ ماڻهو لڳ ڀڳ هڪجهڙي زندگي گذاريندا هئا. ائين ڪونه هو، ته هڪ پاسي تمام وڏا امير هئا، ۽ ٻئي پاسي صفا غريب ماڻهو هئا.

 

زراعت ۽ خوراڪ

زراعت جا اوزار گهٽ مليا آهن. فقط ٻه هر ٽامي جا ٺهيل مليا آهن. ان مان ڀانئجي ٿو ته شايد زراعت جا اوزار ڪاٺ مان ٺاهيندا هئا، جيڪي ڳري ويا آهن. البته اها ڳالهه ثابت ٿيل آهي، ته هو پوکي راهي ڪندا هئا، ۽ ڏاندن سان هر ڏيندا هئا. ڪڻڪ، ڪپهه، جَوَ ۽ گدرا پوکيندا هئا؛ ڇاڪاڻ جو انهن شين جا ٻج مليا آهن. کارڪن جون کوکوڙيون به مليون آهن. ان مان ڀانئجي ٿو، ته کجيون به ملڪ ۾ ٿينديون هيون. ڳئون، مينهون ۽ ٻڪريون پاليندا هئا؛ ۽ انهن جو کير، مکڻ، ڏڌ ۽ ڌؤنرو ڪم آڻيندا هئا. انهن شين کان سواءِ مڇي ۽ ميوو به کائيندا هئا. اندازو آهي، ته گوشت به کائيندا هئا.

بار ڍوئڻ ۽ ٻئي ڪم لاءِ وٽن بيل گاڏيون هونديون هيون، جنهن ۾ ٻه ڏاند ٻڌندا هئا. گاڏيءَ جي بناوت بلڪل اهڙي ئي هئي، جهڙي هينئر اتر سنڌ جي بيل گاڏين جي آهي. ان مان معلوم ٿئي ٿو، ته موجوده بيل گاڏي موهن جي دڙي جي زماني کان هلي اچي. درياءَ جي ذريعي ٻيڙين تي سفر به ڪندا هئا. هنن کي سٺي نموني جون ٻيڙيون ٺاهڻ اينديون هيون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com