ادب لطيف
حُسن
پروفيسر جهامنداس ڀاٽيا
جمال
جي جهل لهي ته چوان ”ڪيڏو نه حسن“. جلالَ جي جوتِ
جَبڙ، اچي جٺيون ڪري ته چوان ”ڪيڏو نه حسن“. ڇا
تڏهين جمال ۽ جلال ئي ڪمال ۽ ڪُل حسن آهي؟
اِهي پڪلڪن جون پلٽ واريون، اِهي ڇُلڪن جون ڇلڪ واريون ايجادون
عقل جون آهن يا علم جون؟
جادو آهي بيشڪ انهن ۾ جو جبڙن جيوَ کي پاڻ ۾ گُم ڪيو ڇڏي، کيس
آڏ جي اوڏو نٿو ڪري. مست ۽ مخمور ڪري ٿو بيشڪ مگر
مالڪ نٿو بنائي.
مومل کي عقل هو؛ جادوءَ جو علم هو؛ طلسم ٺاٺ جو فخر هو؛ حسن هو؛
سندس اکين ۾ عشق جا الماس هئا ته به راڻي تي ريجهي
پئي.
جمالي جهلڪ هئي يا جلالي فلڪ! اِهي ٻئي ۽ ٻيو ڪي. منجهس حسن هو
جو مومل ۾ نه هو.
اِهو ”حسن“، جنهن کيس هيڻو بڻائي راڻي وهيڻو بڻائي ڇڏيو، ڇا چئي
ڇا چوان؟ ڪهڙي ڪوئل جي لات لنوان. ڪهڙي گُل جي
سرهاڻ چوان، ڪهڙي شمس جو شعاءُ چوان. ڪهڙي چنڊ جي
چيڪي چوان.
حسن جنهن سسئيءَ جهڙي سونهن واريءَ کي سوگهو ڪيو، جنهن سهڻيءَ
کي سياري جي اونداهه ۾ پاڻ سائر جي سيني تي کڻي
اُڇلائڻ تي مجبور ڪيو.
اِهو ڇا آهي، جو بي وس ڪيو ٿو ڇڏي.
ٻڌو اٿم ته ڪُل ڪائنات جي ڪاريگري ۽ ڪلا تو وٽ موجود آهي. ٻڌو
اٿم جمال ۽ جلال تنهنجا صرف محتاج آهن، تون حسن
آهين. سمجهه ته ڪو سوجهرو نٿي وجهي، مگر جيڪي سو
اوجهڙ ۾ گهليو ٿي وڃي. انهيءَ کي الوداع ٿو ڪريان
ته دنيا ديوانو ٿي بنائي. اِهو به چڱو جي حسن جي
دڳ لائي يا ڏي ڏس ڏيهه جو جت تون ٿو جاڙو ڪرين.
اک اکين جي چک، لات جي لک، ڪنڌ جي مورَ، سيني ۾ سورَ. آواز جو
آغاز، رڳ رڳ جي نماز، ساز ۽ آواز سمايل. سرهاڻ ۽
سج ڌج ساري سنسار جي، جيڪڏهن هڪي اڳيان هجي ته به
جيڪر حسن سان برميچي نه سگهي!
تڏهن حسن تنهنجو انت بي انت، اننت آهي. لفظن ۾ توکي لڪائي نٿو
سگهجي؛ پردي جي پري ڪرڻ سان پائي نٿو سگهجي؛ گهمڻ
سان توکي گهاتي نٿو سگهجي، همت ۽ هوشياريءَ سان
توکي ورائي نٿو سگهجي. اُپائي اُپائڻ وارو، بنائي
اهو ئي پيارو، ڏي اهو ئي اشارو، عقل ۽ علم، عملُ ۽
آمل آهي سڀ اُڌارو.
جنهن کي جهان ٿوڪاري، تنهن ۾ ايڏو ته اُجالو اُپائين، جو
بادشاهه کي تخت طائوسي تان بي طرف ڪري کيس سندس
قدم ۾ لڳائين. اِهو ڇا آهي؟
دور تمام دور ديس وارا، تنهنجو ديدار پسي چون: ”آءٌ گولي، آءٌ
ٻانهي.“
جمال آهي يا جلال، ڪمال آهي ڪلالُ، خبر نه آحي. تڏهن ڇا چوان؟
خبر کان بي خبر آهيان، جنهن کان تنهن کي چوان حسن.
جنهن جو مثل نه هجي، تنهن کي چوان حسن. جو حيرت ۽
عبرت پسڻ جي ڪري تنهن کي چوان حسن.
حسن تون ئي حرف هڪ ۽ حق حسن آهين. لکين، ڪروڙين لالٽين ڇو نه
کڻي لکائن، مگر تنهنجي هڪڙي نوراني نگاه نهوڙيو
ڇڏي ٿي.
ڪلا ۾ حسن آهي يا نه، ڪار ۾ حسن آهي يا نه، چنڊ ۾ منڊ آهي يا
نه، گُل ۾ گونج آهي يا نه، عورت ۾ آرو آهي يا نه،
ٻار ۾ للڪار آهي يا نه. مطلب ته هر هڪ ۾ اهو بي
نام، بي دام، بي لام آهي يا نه؛ آهي به نه به آهي.
آهي تڏهن ته دِنگ ٿو ڊاهي، تڏهن ته ٿو ٻڌائي ٻول انمول ڇا آهي؟
ڇا ڇا ڪندو: ڇاڇ ڇاڻندو، ڇيڄ هڻندو، ڇنيون وجهان ”پاڻ“ ته به
ڦيڻ پسي ڦرائي اَچان هان ته به ملي نه مون ”ماڻ“
حسن جي هڪ وصف جو.
حسن حيران ڪيا، ويران ڪيا، مگر ڪنهن نه پاتو، ڪنهن نه سڃاتو
کيس. لک لبيس، وڄ جهڙا ويس پهري، پاڻ پرکائي ته
حسن ڪو پاڻ لکائي ته لکائي، نه ته سندس لک الک
آهي.
ڪلاڪار پنهنجي ڪم ۾ لڳائي، ڪلا عطا ڪر، جو حسن جو هڳاءُ پکيڙڻ
جي زندگي کي اکيري سگهون! (1952ع)
(بشڪريه: رويندر لجچت گانڌي، شڪارپور)
سُڳڻي سنڌيءَ بابت ٻه اکر
ولي محمد طاهرزادو
جڏهانڪر سنڌ سونهاريءَ ۾ لڏ پلاڻ جو چڪر چالو ٿيو آهي ته ٻوليءَ
جي گهڻگهرن کان اهو ئي سڻندا ٿا اچون ته ”سنڌي
سکو، سنڌي لکو ۽ سنڌي پڙهو“. ڳالهه ته واه جي آهي،
آهي به ساهه سان سانڍڻ جهڙي، پر رڳو چوڻ سان ته
ڪجهه ڪونه ٿو ٿئي. اسان کي ٻوليءَ جي نڌڻڪي ٿيڻ تي
اُڌما ته الاهي ٿا اچن، پر اسين ڇا پيا ڪريون ۽ ڇا
ڪري رهيا آهيون! ”شربت‘ چوڻ سان وست ڪڏهن به مٺو
ڪونه ٿيندو، جيستائين مٺاڻ کي پاڻيءَ سان نه
ملائبو.
اڄڪلهه سنڌي ٻولي ويچارڙي ٿيندي وڃي. نماڻا نيڻ کنيو پنهنجن
ڏانهن پئي نهاري ته من ڪو منهنجي بيوسيءَ تي ترس
اچين.
هيڏانهن رسالا به پيا نڪرن، اخبارون به پيون ڇپجن ۽ ڪتاب به پيا
پڙهجن، پر ماءُ جي مامتا واري لوليءَ جو ذرو منجهن
خير ڪو آهي! اسان جا پنهنجا به گهڻو ڪري ڌارين جي
ڌُڪڙن تي جهمرون هڻي رهيا آهن، سو شايد اسان مان
گهنن کي ٻولي نڪا ٿي صحيح لکڻ اچي، نڪا ٿي ڳالهائڻ
اچي، اسان رڳو ڪم اڪلائو اکر استعمال ڪري خوش پيا
ٿيون ۽ جڏهن ڪو اهڙو تُز لفظ ٺهڪي اچڻ وارو نه
ملندو آهي، جنهن جي معنى مطلب پڌري پٽ هوندي به
اسان جي ذهن ۽ دماغ ۾ دٻيو پيو هوندو آهي، ۽ ڪيتري
به ڪوشش ڪندي ترت تري زبان تي يا ڌيان تي نه ايندو
آهي، پوءِ اسان رٻڙ جي چمڙي جي چَتي هڻي پاڻهي
پنهنجي پٺي ٺپري ڇڏيندا آهيون.
درسي ڪتاب، جن کي ٻوليءَ جو ٻَهڪڻ چئجي، سي اڪثر ڪري ڦري ٻوليءَ
جو ٻيڪڻ ٿي پيا آهن.
ٻوليءَ جي لفظ کي سرسري ۽ رواجي نظر سان نه ڏٺو وڃي، نه ٻڌو وڃي
۽ نه پڙهيو وڃي. پر ان لفظ ۾ هزارين لکين غيرتون،
عزتون ۽ دولتون موجود ۽ موجزن آهن.
آءٌ هيءُ ”رت جا روپ“ وساريل ورق پڙهندڙن اڳيان آڻيان ٿو، جو
ٻوليءَ جي ڪشادگيءَ عام فهم ۽ آسانيءَ ۾ پڙهندڙن
جي واقفيت وڌائيندو.
رت جي رِلڻ جي ريت ۽ روپ
مائيٽيءَ جو سرشتو شادي ڪرڻ سان شروع ٿئي ٿو. شادي ڪندڙن جا
شامل نالا گهوٽ ۽ ڪنوار آهن. نڪاح جي ٻن حرفن پوڻ
سان سندن سٻنڌ سدائين واسطي قبول، قائم ۽ دائم رهي
ٿو. اهو ٻنڌڻ موت، طلاق يا خلع ٽوڙي وجهن ٿا.
رت جا رشتا اولاد جي آمد سان وڌن ٿا ۽ ويجهن ٿا، پر گهوٽ ۽
ڪنوار جي ڳانڍاپي ڪري رڳو هڪٻئي جي عزيزن کي
ساهراڻي آڪهه ڪوٺجي ٿو. جنهن ۾ گهوٽ جا لاڳاپيدار
سڄڻ ۽ ڪنوار جا مائٽ سيڻ چيا وڃن ٿا، انهن ۾ ڪا
خاص آنڊي اُٿل ڪانه هوندي آهي، رڳو ويجهڙائيءَ
وارن مائٽن ۾ اها رت جي رتي رِليل هوندي آهي پر
جڏهن گهوٽ ڪنوار ڄايا ويايا يعني ٻار ٻچا پيدا ٿين
ته پوءِ چيا ويندا ”زال مڙس“، ۽ سندن وياءَ جون
ولون وڻ ويڙهي وانگر وڪوڙجي الاجي ڪٿي ڪٿي پکڙي
وڃي دنگ ڪنديون. مثلاً مائٽيءَ جي تِڇ آهي، مائٽي
۾ ساڳي نُک آهي، يا ماڳهين اَٺينءَ پيڙهيءَ اَٺ
ماڪوڙو ماسات هوندا. اولاد جهڙي نعمت نروار ٿي ته
زال توڙي مڙس جي طرفن جي مائٽي الڳ ڀاڱن ۾ ورهائجي
ويندي.
هڪ ڏاڏنگ يا ڏاڏاڻا يا اباڻا يا ٻاٻاڻا ٻڌڻ ۾ ايندا. اهي ٿيا
پيءُ جي پاسي وارو ڪـٖـيڙ، جن کي پِيئڪا يا
پــٖـيڪا به ڪوٺين ٿا. انهن ٻنهي ڌرين بنسبت ڪٿي
ڪا ڳالهه ٻولهه ڇِڙي يا قيل مقال هلي ته ٻئي پاسي
هڪ ٻئي کي سيڻ سڄڻ ڪري سڃانائيندا ۽ چوندا ته اسان
جا پاڻ ۾ وار وڇايل آهن. رت جا ريلا ۽ وهڪرا ۽
ويلا هينءَ آهن.
(1) ڏاننگ ڪٽنب: پيءُ: ڏاڏو، ڏاڏي جي زال ڏاڏي.
ڏاڏي جو پيءُ پڙڏاڏو، پڙڏاڏي جي زال پڙڏاڏي.
پڙ ڏاڏي جو پيءُ تڙ ڏاڏو، تڙ ڏاڏيءَ جي زال تڙ ڏاڏي،
ڏاڏي جو پٽ ۽ پيءُ جو ڀاءُ چاچو، چاچي جي زال چاچي،
چاچي جو پٽ سوٽُ، چاچي جي ڌيءَ سوٽ،
ڏاڏي جي ڌيءَ پيءُ جي ڀيڻ پُڦيءَ جو مڙس پڦڙ، پڦيءَ جو پٽ
پڦاٽُ، پڦيءَ جي ڌيءَ پڦاٽِ.
(2) نانگ ڪڙم!
ماءُ جو پيءُ: نانو، ناني جي زال ناني.
نانـٖـي جو پيءُ: پڙ نانو، پڙ ناني جي زال پڙناني،
پڙناني جو پيءُ تڙ نانو، تڙ ناني جي زال تڙ ناني،
ناني جو پٽ ۽ ماءُ جو ڀاءُ، مامو، مامي جي زال مامِي،
ماميءَ جو پٽ ماروٽ، مامي جي ڌيءَ ماروٽِ،
ناني جي ڌيءَ ۽ ماءُ جي ڀيڻ: ماسي، ماسي جو مڙس ماسڙ، ماسيءَ جو
پٽ ماساتُ،
ماسي جي ڌيءَ ماساتِ.
(3) عورت جي مڙس جا ويجها لاڳاپيدار:
ڀاءُ، ڀاءُ جي زال ڀاڄايا، ڀاءُ جوءِ يا ڀاڄائي،
ڀاءُ جو پٽ: ڀائيٽيو، ڀاءُ جي ڌيءَ ڀائٽي.
ڀيڻ، ڀيڻ جو مڙس ڀيڻيو، ڀيڻ جو پٽ ڀاڻيجو يا ڀيڻم جو، ڀيڻ جي
ڌيءَ ڀاڻيجي يا ڀيڻم جِي.
(4) مڙس جا ساهراڻا لاڳيپدار:
زال جو ڀاءُ سالو، سالي جي زال سالوني. سالي جو پٽ سالاٽُ، سالي
جي ڌيءَ سالاٽِ. زال جي ڀيڻ سالي، ساليءَ جو مڙس
سَنڍُو، سنڍُوءَ جو پٽ سوِنيو، سنڍَوءَ جي ڌيءَ
سونِل.
(5) زال مڙس جو گڏيل گهراڻو:
پٽ جي زال نُونهن، نُونهن جو پٽ پوٽو، نُونهن جي ڌيءَ پوٽي،
ڌيءَ جو مڙس ناٺي، ڌيءَ جو پٽ ڏهٽو، ڌيءَ جي ڌيءَ
ڏهٽي.
(6) گاڏڙ ساڏُڙ سڱ:
جيڪڏهن ڪنهن جوءِ يا مڙس مري ويو، طلاق يا خلع ڪري ڌار ٿي ويئي،
ان مڙس مان اولاد ٿيل اٿس، وري ٻيو مڙس ڪيو اٿائين
ان مان به ٻار ٻچا ڄاوا اهنس ته اُهي ٻيا ڄاول ٻار
اڳين مڙس مان ڄاول يعني پهرئين مڙس مان پيدا ٿيل
اولاد کي اڳڄاوا، اڳا، اڳايا، ”ويڳا“ ڀائر ڀينرون
ڪوٺيندا. پهرين مڙس مان ڄاول ٻار هن زال جي ٻي مڙس
مان ڄاول اولاد کي مائيتا يا ماٽيجا ڀائر ڀينرون
چوندا ۽ انهن جي پيءُ کي ’چاچو‘ ڪري ڪوٺيندا. هڪڙي
ئي پيءُ جو ٻين زالن مان پيدا ٿيل اولاد پاڻ کي
پيئتا ڀائر ڀينرون چوائيندا ۽ پيءُ جي ٻين زالن کي
ماسي ڪري سڏيندا. هڪ ئي ماءُ پيءُ جو اولاد پاڻ کي
سَڳا (حقيقي) ڀاءُ ڀيڻيون چوائيندا.
متفرقه:
جن ٻارن ڪنهن به مائي جي ٿڃ پيتي آهي ته ان عورت جو اولاد ۽ ٿڃ
پياڪ پٽ يا ڌيءَ، پاڻ ۾ ٿڃ شريڪ (رضاعي) ڀائر
ڀيڻون آهن. انهن رضاعي يعني ٿڃ شريڪ اولاد کي به
سڳن ڀائرن ڀينرن وانگر اُن ٿڃ پياريندڙ سَمائي جي
مٽن مائٽن عزيزن اقربائن سان ادب احترام، مباح ۽
حرام ۾ هڪجهڙو ناتو قائم رکڻو آهي.
ويراڳي نئون ويس، رانول ڍڪي رميا
(رئيس دوست علي خان کٽياڻ صوفي جي ياد ۾)
دنيا ۾ جيڪڏهن اٽل يا سچ آهي ته اهو موت آهي، جيڪو هر جاندار
شئي تي هڪ ڏينهن ضرور ايندو. پر ڪي ڪي موت اهڙا
هاڃيڪار ثابت ٿيندا آهن، جيڪي انسانن جون دليون
ڇيهون ڇيهون ڪري وجهندا آهن ته اهڙو ئي هڪ عظيم
انسان موت اسان کان کسي ورتو آهي. اي موت! شل موت
پوئي. اهو مٿير ۽ ملوڪ ماڻهو هو رئيس دوست علي خان
کٽياڻ صوفي.
رئيس دوست علي بظاهر ته اسان کان جدا ٿي ويو آهي، ليڪن باطن ۾
هو اسان جي دلين کان جدا نه ٿيو آهي. سندس قرب
ڀريون ڪچهريون، رندي رمزون، حسين ۽ دلنشين
رهاڻيون، غريبن ۽ يتيمن سان لوڪان لڪائي مالي
مددون ڪرڻ ۽ مايوس ۽ دل شڪست ماڻهن جون دلبريون
ڪرڻ جا عمل وساريو نٿا وسرن. رئيس مرحوم ساقي به
هو ته ساغر به هو، مئڪش به هو ته ميخانو به هو،
ساز هو ته آواز به هو، راڳ به هو ته رهاڻ به هو،
محبت به هو ته محفل به هو، مطلب ته هن صوفي سرمست
۽ر وشن دل فقير جا ڪئين ڪردار آهن، جن تي ويهي
لکجي ته ڪيئي ڪتاب ٺهي پوندا. پنهنجو جيڪو به دور
هن دنيا ۾ بسر ڪيائين، سو پنهنجي حوصلي ۽ همت سان،
قرب ۽ ڪمال سان، جمال ۽ وصال سان ڪيائين.رئيس هڪ
معمولي يا عام انسان نه هو، هو امير به هو ته فقير
به هو. مان يقين سان چوان ٿو ته سندس سرمدي ۽
سرمستي صحبتون گهڻن ماڻهن کي ياد هونديون ۽ محفوظ
رهنديون. مون به هن صوفي سرمست سان ڪي چند سال گڏ
گهاريا هئا، گهڻيون ئي سندس رهانيون ۽ رس، محبتون
۽ صحبتون حوصلا ۽ همتون ياد آهن، جي ڪڏهن به وسري
نٿيون سگهن ۽ انهن کي وسارڻ منهنجي وس جي ڳالهه به
ڪانهي. جوانيءَ کان وٺي وفات تائين سندس پوشاڪ
ساڳي رهي ۽ ڪابه ان ۾ تبديلي نه ڪيائين: گيڙو
پٽڪو، ڀلي ڇو نه اهو بوسڪي جو هجي گيڙو رنگ ضرور
ڏياربو؛ قميص به ساڳئي رنگ جي؛ سفيد سلوار؛ پيرن ۾
ڪارو شو بوٽ، ڪڏهن ڪڏهن سليپر به استعمال ڪبو. ان
سان گڏ ڪلهي تي هڪ خوبصورت ۽ قيمتي ٽوال به شامل
هوندو. اها هئي سندس فڪر مطابق فقيراڻي پوشاڪ.
قبلا مخدوم محمد زمان طالب المولى جن جي پيرن جي پڻي ۽ مريد هو.
سائين مخدوم صاحب جن کين ٻه خطاب عيا ڪطا هئا، هڪ
صفِ اول جو خليفو ۽ ٻيو پنهنجي جائداد ۽ زمينداري
جو علم مختيار، ليڪن ايڏن وڏن خطابن ۽ منصبن جي
باوجود هو پاڻ کي ۽ ٻين کي چوندو هو ته مان قبلا
مخدوم سائين جن جو نوڪر ۽ سندن در جو دايو آهيان.
حقيقت ۾ اسان ماڻهن رئيس دوست علي خان جي جيڪا عزت
سائين طالب المولى جن وٽ ڏٺي، سا تمام مٿانهين
هئي. رئيس جي هر راءِ ۽ مشوري کي مخدوم صاحب جن
وڏي اهميت ڏيندا هئا؛ سندس هر ڳالهه کي وٽن وڏو
وزن هوندو هو. اهو ئي سبب هو جو هن پنهنجي سموري
زندگي صدق دل سان پنهنجي مرشد جي خدمت ڪرڻ ۾ وقف
ڪري ڇڏي.
هاڻي اچو ته رئيس مرحوم جي ٻين خوبين ۽ گڻن تي به نظر وجهون ۽
سندس ذڪر خير ڪريون. ڳالهه هيءَ آهي ته رئيس دولت
علي خان وٽ ٻه شيون زندگي ۾ اهم هيون، گويا اهي
سندس روح هيون ۽ زندگي هيون. پهريون راڳ ۽ ٻيو
سونهن. راڳ کي هو عبادت ڪري سمجهندو هو. ڪئين فقير
ڳائڻا سندس ڳوٺ ۾ فقط ڳائڻ لاءِ سدائين ويٺا هوندا
هئا. انهن جو خرچ ۽ ننگ پاڻي سڀ رئيس تي هو. مطلب
ته راڳ رئيس جي روح جي صحيح معنى ۾ غذا هئي. سونهن
سندس جيءَ جو جياپو هوندي هئي. خدا پاڪ جي هر اها
دلفريب ۽ رنگين شئي هن کي موهي وجهندي هئي، جنهن ۾
قدرت جا حسين ۽ دلنشين رنگ ڀريل هوندا هئا. هونءَ
به سهڻي ۽ من مهڻي صورت ڪنهن کي نه وڻندي آهي؟
عربيءَ ۾ هڪ مقولو آهي ته ”خدا پاڻ سهڻو ۽ حسين آهي، تنهنڪري
کيس به حسن وڻي ٿو.“ ان ڪري اهي ماڻهو نه آهن، پر
مِرون آهن، جن کي قدرت جي حسين شئي نٿي وڻي. رئيس
خود به سهڻي ۽ من مهڻي صورت جو مالڪ هو. پاڻ
قداور، بدن جي هڏ ڪاٺي بلڪل سڌي ۽ سهڻي، نڪ ڊگهو،
اکيون وڏيون جهڙيون هرڻ جون اکيون، ڏاڙهي سونهاري
چاپئين. رئيس لي ته ڄڻ مور پيو ٽلي. جي ڪٿي بيهي
ته راڄ بيهي وڃي. گفتگو ڪري ته عالمن کان مدرسا ۽
فاضلن کان يونيورسٽيون وسريو وڃن، تصوف تي ڳالهائي
ته ڄڻ ته بحر پلٽجي پوي. راڳ ۽ موسيقي جي فن تي چپ
چوري وڌائين ته موسيقار پيا منهن ۾ ڏسنس، ته رئيس
وٽ هي فن ڪٿان آيو؟
سڄي عمر پنهنجي مرشد سائين طالب المولى جي خدمت ڪندي گذاريائين.
سائينجن جي زمينداري، ان جي سنڀال ۽ پيدائش جو
سمورو ڪم رئيس جي حوالي هو ۽ ذرو به ضايع ٿيڻ نه
ڏيندو هو. مخدوم صاحب جن جي هيڏي وڏي ڪارخاني کي
هلائڻ لاءِ ايڏو محنتي، ايماندار ۽ خيرخواهه ماڻهو
مون اڄ ڏينهن تائين نه ڏٺو آهي؛ حالانڪ ڪئين مريد،
خليفا، خير خواهه سائينجن جا آهن ۽ اهي به سهڻيون
خدمتون ڪندا پيا اچن، پر رئيس علي دوست خان سڀني
کان سوايو نظر ايندو هو. پنهنجي مرشد سائينجن جي
اڳيان پنهنجي وا پيش ڪرڻ لاءِ جان، مال، عيال،
دولت، عزت، شهرت مرشد جي نام تان قربان هئي. هالا
لفظ اڳيان سندس وار وڇايل هوندا هئا، بقول لطيف
سائين جي:
ڪيچان آيو قافلو، ساٿ ڌڻي سرواڻ،
وارَ وَڍي واڳون ڪيان، پوان هوند پلاڻ،
جهڙو پنهون پاڻ، تهڙي سٽا ساٿ جي.
رئيس دوست علي خان وٽ مذهب جي معنى ماڻهپو هو ۽ انسان جي معنى
انسانيت هئي. هو چوندو هو ته جنهن ماڻهوءَ وٽ
ماڻهپو ناهي، اهو ڪهڙي مذهب وارو ماڻهو چئبو. اهو
انسان ڪهڙو چئبو جنهن وٽ انسانيت نه هجي. هر
ماڻهوءَ کي محبت ۽ پيار جي نظرن سان ڏسندو هو ۽ ان
۾ پرين پسندو هو. پوءِ اهو ڪولهي هجي يا مينگهواڙ،
هندو هجي يا مسلمان، مومن هجي يا ملحد، مجازي هجي
يا نمازي، مطلب ته هر انسان کي دل ۾ هيڪانديون
جايون ڏيندو هو. اهي هيون سندس انسانيت واريون
ادائون. سڄي عمر نشو استعمال نه ڪيائين. نه ٻيڙي
نه سگريٽ، سڄي عمر صاف صوفي رهيو. کيس موت مهلت
ڪانه ڏني، باقي بخت کيس سدائين ساٿ ڏنو. زندگي ۾
انسان کي بخت ياوري ضروري آهي؛ پر ڪنهن انسان جي
اها وس جي ڳالهه ڪانهي ته بخت ٻانهون ٻڌيو بيٺو
هجيس. البت اهڙا زندگيءَ ۾ ٿورا ماڻهو نظر ايندا
جي بخت جي تخت تي حڪمراني ڪندا آهن ته رئيس دوست
علي خان وٽ به بخت خود هٿ جوڙيو بيٺو هوندو هو.
خدا جي مٿس خاص عنايت هئي. پنهنجي ڳوٺ فقير صوفي
محمد کٽياڻ ۾ سندس عاليشان تڏو هو. اوطاقون، مڪان،
فقيرن جي رهڻ لاءِ جدا جدا جايون. باغ، زمينون،
وٿاڻ ۽ نوڪر وغيره. ڏسي حيرت وٺي ٿي ته هن فقير تن
ماڻهوءَ کي جيڏي مولا دل ڏني هئي، اوترو کيس دنيا
جي هر نعمت سان به نوازيو هو. البت کيس ڪو نرينه
اولاد ڪونه هو. باقي زماني جون ٻيون سڀ خوشيون
موجود هيس.
ساڳئي وقت رئيس هڪ غريب پرور ۽ يتيم ياور انسان به هو. ڪيترن
يتيمن ۽ بيوس ماڻهن کي نپائي وڏو ڪري، انهن جون
شاديون به ڪرايائين ۽ انهن ماڻهن کي ڏاج ڏاوڻ ڏئي
نچي ڪيڏي لائون ڏياري، کين صحيح انسان بڻائي پٺن
تي هٿ ٺپري ۽ دعائون ڪري خدا ۽ رسول جا حڪم پورا
ڪري، حقوق العباد جا آداب ۽ اصول عمل ۾ آڻي، گهڻن
ئي بي سهارن جو سهارو پيدا ڪيائين.
مثال طور منهنجي اباڻي ڳوٺ آراضي تعلقي سيوهڻ ۾ هڪ غريب ۽ مسڪين
۽ يتيم ٻار کي پاڻ سان وٺي هالن ۾ آندائين ۽ قبله
طالب المولى سائينجن جي خدمت ۾ پيش ڪيائين ۽ اتي
ئي ملازم ٿي رهيو ۽ اڄ اهو ماڻهو، هڪ سٺو شاعر،
سٺو فنڪار ۽ مخدوم صاحب جن جي پراڻن خدمتگارن مان
هڪ آهي. رئيس ان ماڻهوءَ کي شادي ڪرائي، شاديءَ جو
خرچ وغيره مطلب ته پيءُ ٿي ان جو ڪاڄ ڪيائين،
ايتري قدر جو قبله طالب المولى سائينجن پاڻ ان
غريب جي شاديءَ ۾ شرڪت ڪئي. خبر اٿوَ ته اهو ماڻهو
ڪير آهي، جنهن رئيس دوست علي خان هيڏي هماليه جبل
جيتري همدردي ڪئي، اهو آهي حسين بخش ’خادم‘ ذات
ڀنگر. هتي هي لکڻ مناسب ٿو سمجهان ته جهڙيءَ طرح
رئيس جون نوازشون حسين بخش ’خادم‘ تي هيون ته حسين
بخش به سڄي حياتي رئيس سان گڏ سک ۾ گڏ رهيو ۽ رئيس
کي پنهنجو پيءُ ڪري سمجهندو رهيو.
هوڏانهن رئيس کي جيڪا حسين بخش جي خاص ادا وڻي ويئي هئي سو هو
سندس سريلو آواز. ٻيو سندس سر اخلاق، ٽيون
وفاداري. انهن ٽنهي ٽولن خادم کي لوهه مان سون
بڻائي ڇڏيو. بهرحال اهڙا غريب پروري جا مثال ڪيئن
ملندا.
شروع ۾ مون عرض ڪيو آهي ته رئيس فقط رئيس ڪونه هو، پر فقير تن
ماڻهو هو؛ ۽ ساڳئي وقت وڏو خوددار ۽ غيرتمند انسان
هو. هن سڄي حياتي خودداريت ۽ باهمت ٿي تذاري. انهن
سهڻين وصفين ڪري سندس دوستيون ته وڌيون، پر ڪٿي
ڪٿي دشمنيون ۽ مخالفتون به پلءِ پئجي ويون. البت
انهن سڀني ڳالهين کي پنهنجي همت ۽ حوصلي سان ۽
پنهنجي خداداد صلآهيتن سان پئي مُنهن ڏنائين.
ماڻهو ته خدا مان به ڪي راضي نه هوندا آهن، رئيس
ته بندو انسان هو. ضروري آهي ته هيڏي جبل جهڙي
ماڻهوءَ جي ڪيئن نه مخالفت هوندي. هن جي فڪر جو
انداز هي هو ته سِر ڀلي ڪُسجي وڃي، پر جُهڪي نه
وڃي. سر کي ڪٽائي سگهبو، پر جي سر جهڪيو ته فقط
خدا، رسول ۽ مرشد جي اڳيان جهڪائڻو آهي ۽ انهن جي
ئي نالي تان سر تسليم خم ڪرڻو آهي. اهي هئا سندس
خودداري وارا عظيم خيال.
رئيس دوست علي خان کٽياڻ صوفي
آئون اڳ ۾ به عرض ڪري چڪو آهيان ته دوست علي خان جا ڪئين ڪردار
۽ سوين پهلو آهن. ڪهڙن ڪهڙن ڪردارن تي لکجي ۽ ڪهڙن
ڪهڙن موضوعن تي سندس ذڪرِ خير ڪجي.
”پريتم تنهنجا پار، ڪهڙا چئي ڪهڙا چوان.“
رئيس دوست علي خان طب جو به وڏو ڄاڻو هو. اها خبر ڪانهي ته علمِ
طب ڪنهن کان ۽ ڪٿان حاصل ڪيائين. هو پنهنجي هڙان
خواه وڙان خرچ ڪري دوائون تيار ڪري مفت غريبن ۽
بيوس ماڻهن ۾ تقسيم ڪندو هو. دوائن ۾ ڪشتا، اکين
جو سرمو، گلقند، شربت، گلاب جو عرق ۽ سائي ۽ پيٽ
جي هر تڪليف جي دوا وغيره پنهنجي هٿن سان پاڻ تيار
ڪندو هو. هالن ۾ جڏهن رئيس ڳوٺان يا ڪنهن ٻئي
هنڌان پنهنجي اوطاق تي پهتو ۽ مريضن کي خبر پئي ته
اڄ رئيس پهتو آهي ته يڪدم وٽس پهچي ويندا ۽ بيمارن
جا ميڙ لڳي ويندا. پوءِ انهن مان هر ڪنهن جي نبض
ڏسي ان مطابق مفت دوا ڏيندو هو. اسان ڪافي مرتبا
جڏهن ساڻس ملڻ ويندا هئاسين ته ويچارا بيوس ۽ مريض
ماڻهو وٽس علاج ڪرائڻ لاءِ نظر ايندا هئا. اسان
ڪڏهن به ڪونه ڏٺو ته رئيس ڪنهن بيمار سان سختي سان
يا بيپرواهي سان پيش آيو. چوندو هو ته ابا ويچارا
غريب آهن. جيڪڏهن پئسن وارا هجن ها ته مون وٽ ڇو
اچن؟ الله ڏيندو، من انهن مريضن جي محابي مولا
اسان تي به پنهنجو رحم ۽ ڪرم ڪري. مسڪينن کي
دوائون ڏبيون ته هو وري دعائون ڪندا. جهڙو منهنجو
حال آهي، پيا غريبن سان وهون. دوا ۽ دعا ڪرڻ
منهنجو ڪم، شفا ۽ عطا خدا جي هٿ وس آهي. مطلب ته
پنهنجي مرشدن وٽ هالا ۾ رئيس جي حوالي جيڪا اوطاق
آهي سا ڪڏهن ڪڏهن اسان کي ”دارالشفا“ نظر ايندي
هئي. اها آهي انساني همدردي ۽ اهو آهي قومي اخلاقي
حسن. رئيس دوست علي خان سان منهنجي آخري ملاقات
5-3-1989ع بروز آچر مطابق 27 رجب 1409هجري هالا ۾
ٿي. يو هيئن ته مٿئين تاريخ تي مان ۽ حاجي محمد
صديق شورو ڪوٽڙي کان هالا پهتاسين، جو سروري تنظيم
جي ميٽنگ هئي. گاڏي مان جڏهن مخدوم صاحب جن جي وڏي
گيٽ وٽ لٿاسين ۽ هاڻي نئين بنگلي ڏانهن ميٽنگ ۾
وڃي رهيا هئاسين، ته اوچتو پويان کڻي نهاريون ته
رئيس پنهنجن ٻن- ٽن نوڪرن سان گڏ پيو اچي. اسان
ٻئي ڄڻا بيهي رهياسين. پاڻ اسان تائين پهچي ويو ۽
وڏي پيار ۽ پاٻوهه سان، اسان ٻنهي سان مليو. مٺڙي
مرڪ چپن تي آڻي مون کي چيائين: ”ابا! عبدالخالق!
خوش ته آهين، ڏسڻ ۾ به ڪونه ٿو اچين. تنظيم جي
گڏجاڻين ۾ اچو وڃو ٿا. مون وٽان به ته ور ڪندو
وڃ.“ ”بابا، حاضر آئينده ضرور اچبو.“ پوءِ حاجي
محمد صديق شوري سان هٿ هٿ ۾ ڏئي ڳالهيون ڪندو هجي.
چي ”محمد صديق طبع ناخوش ٿي رهي. ڪراچي ۾ هڪ وڏي
اسپتال ۾ داخل هوس، 12 بوتلون خون جون چڙهايون
اٿم. هاڻي البت هلڻ جهڙو ٿي ويو آهيان، الله مدد
ڪندو، انسان ڇا ٿو ڪري سگهي.“ حاجي محمد صديق شوري
کيس دلداريون ۽ دعائون ڪيون. ايتري ۾ اسان پنهنجي
ميٽنگ واري جاءِ تي پهچي وياسين. رئيس اسان کان
ٻانهون ٻڌي اجازت ورتي. اسان به پنهنجا نماڻا هٿ
جوڙي کانئس موڪلايو. پر هن ڀيري مون رئيس کي ڪمزور
۽ نحيف محسوس ڪيو. هن کان اڳ مون هن شيردل انسان،
فقير تن ماڻهو ۽ خود دار آدمي کي ڪڏهن به ايترو
ضعيف نه ڏٺو، جهڙو هن آخري ملاقات ۾ ڏٺم.
سندس هن دنيا مان لاڏاڻو به عجيب و غريب نموني سان ٿيو. معتبر
ماڻهن جو چوڻ آهي ته رئيس ائين چوندو هو ته منهنجو
جيڪڏهن الله پاڪ موت آڻي ته آئون جڏهن فقراءُ سان
گڏ ڳائيندو وڄائيندو هلان ته مولا سائين مون کي
انهيءَ موج مستي ۾ پاڻ وٽ گهرائي وٺي ته مون ڄڻ سڀ
ڪجهه حاصل ڪري ورتو. سو ٿيو به ائين، رب پاڪ سندس
اها آرزو پوري ڪئي. حقيقت هيءَ آهي ته دوست علي
خان جو وڏو بزرگ صوفي فقير محمد کٽياڻ، جيڪو رئيس
جو ويجهي ۾ ويجهو عزيز به هو، سو پنهنجي حياتيءَ ۾
هميشہ سيوهڻ شريف لعل شهباز جي عرس جي موقعي تي
پنهنجي فقيرن کي ساڻ وٺي اتي ٽي ڏينهن لعل جي
مينديءَ ۾ پنهنجو فقيرن سان ڳائي وڄائي، نچندو،
ڪڏندو، درگاهه شريف تي پنهنجي انهيءَ رنگ ڍنگ سان
عقيدت جو اظهار ڪندو هو. جيستائين فقير صاحب جن
حيات هئا ته هر سال اهو نمونو سندن هوندو هو. جڏهن
پاڻ فقير صاحب جن پيالو پيتو، ته اها خانداني
روايت وري رئيس دوست علي خان قائم ڪندو آيو. هي به
هر سال شعبان مهيني ۾ لعل سائينءَ جي عرس مبارڪ تي
پنهنجي فقراءُ سان اتي پهچندو هو ۽ مينديءَ ۾
پنهنجي فقيرن سان سازن ۽ آوازن سان حق حق ڪندو
هستي کي ڇڏي، مستي ۽ موج ۾ اچي رنديءَ ۾ مستغرق ٿي
ويندو هو. هن سال 1409 هجري تاريخ 18 شعبان تي
پهرئين ڌمال ميلي جي سيوهڻ شريف ۾ فقيرن سان
ڳائيندي، وڄائيندي پرينءَ جي پاڙي ۾ دم ڏنائين.
جيڪي فقير ساڻس گڏ هئا، سي يڪدم ترت علاج لاءِ
ڊوڙيا ڊڪيا، پر ڦَڪين فرق نه ڪيو. وڻجارا پنهنجي
اصل وطن پهچي ويا، جتان ڪوبه نه موٽيو آهي. سندس
خاڪي جسم پنهنجي اباڻي ڳوٺ صوفي محمد فقير کٽياڻ
پهچي ويو. رئيس جي هن اچانڪ موت جو ٻڌي ماڻهن ۾
ماتم بپا ٿي ويو، راڄن ۾ راڙو پئجي ويو. فقيرن ۾
ڦٽڪو پيدا ٿي ويو، مائٽن مٽن مٿان غم ۽ اندوه جو
ڪڪر ڇانئجي ويو. اهڙيءَ طرح سان اشڪبار اکين سان
هزارن جي تعداد ۾ ماڻهن سندس خاڪي جسم سپردخاڪ ڪيو
اهو هو رئيس جي موت جو رقت انگيز منظر.
رئيس دولست علي خان جون يادون، جيڪي ڳچ ڳارين ٿيون، يا هينئڙي ۾
هُرن ٿيون، تن جو ذڪر ڪهڙو هجي. رئيس جي ڪا هڪڙي
ادا هجي، جنهن تي ويهي لکجي يا روئجي. هتي ته
”جيڏانهن کڻي نهار، تيڏانهن سڄڻ سامهون“ بيٺو آهي.
البت هيءَ ڳالهه جيڪا جهوري ۽ ڳاري ٿي، سا آهي سنڌ
جي صوفيانه ساز ۽ آواز ۽ صوفيانه ثقافت کي زنده
رکڻ. رئيس انهن سڀني شين کي زنده ۽ جاويد رکندو
آيو، پر سرپرستي به ڪندو آيو. هر سال صوفي فقير
محمد کٽياڻ جو ٽي روز عرس ملهائيندو هو، جنهن ۾
سڄي سنڌ جي صوفي گادي نشين ۽ سندن فقيرن کي دل سان
دعوتون ڏيئي گهرائيندو هو.
ٽئي راتيون خير خيرات، نذر نياز عام جام هلندو هو. ٽيئي راتيون
يڪتارن، چپڙين، ڇيرين، پڪوازن ۽ هارمونيم تي فقير
ڳائيندا وڄائيندا هئا. راڳ جو عجيب ۽ رقت انگيز
منظر ڏسڻ ۾ ايندو هو. سماع ۾ لطيف سائين، سچل
سرمست، مخدوم امين محمد سائين، فقير ولي محمد
لغاري، فقير محمد فقير کٽاڻ، رکيل شاهه ۽ روحل
وغيره جو ڪلام ڳايو ۽ ڳارايو ويندو هو. مطلب ته
اهي عرس شريف جون راتيون وڏي شان ۽ مان، عزت ۽
احترام، محبت ۽ عقيدت سان رئيس جي اثر ۽ نظر سان
ملهائبيون هيون، پر هاڻي دل ۽ دماغ کي انهيءَ
جهنجهوڙ واريو آهي ته آيا هاڻي اهي محمد فقير
کٽياڻ جون ورسيون ملهائبيون به يا نه، ڇو ته جنهن
به قافلي جو سرواڻ اوچتو وڇڙي ويندو آهي ته سڄو
ڪاروان حيران ۽ پريشان ٿي ويندو آهي، جڏهن ڪنهن به
مجلس جو مور اوچتو اڏامي ويندو آهي ته اها محلف
ٻُسي ۽ ڦڪي پئي محسوس ٿيندي آهي ۽ جڏهن وري ڪنهن
ميڪده يا ميخاني جو ساقي موجود نه هوندو آهي ته
اهو ميڪده، ساغر، مينوش وغيره اُداس اُداس نظر
ايندا آهن. دل ڌڙڪي ٿي ته هاڻي فقير صاحب جي ميلي
جو اهو ساڳيو اوج رهندو به يا نه. اهي رنگين ۽
حسين راتيون، جيڪي ميلي جي موقعي تي نظر اينديون
هيون، سي وحدت الوجود ۽ همه اوست جي پياسن کي وري
پلءِ به پونديون يا نه. |