نڪران ڪاريءَ ٻاٽ
ضياءُ الدين انصاري
”يار، ذري جيڏيون ٽه ڦيٿيون پر ڀڄڻ جون اهڙيون تکيون،
جهڙا اصل تو وارا ڪتا.“.... ”شهر اندر گهڙ ته
قسمين قسمين هزارين موٽرون ۽ لاريون، اڳيان ۽
پويان، کاٻي ۽ ساڄي ڊڪنديون وتن.“ ”انهن جي هارونن
جا آواز ڪن ئي کايو ڇڏين ۽ سندن تيز روشني ته دوڏا
ڪڍيو ڇڏي.“.... “جايون ڏس ته ايتريون اوچيون جو
انهن جا ترا زمين سان ۽ ڇتيون آسمان سان ڳنڍيا پيا
آهن.“...”لالوءَ جي هٽ جيترو ننڍو ڪمرو، اُنهيءَ
اندر گهڙي بَٽڻَ تي هٿ رک ته پنجن منٽن اندر وڃي
عرش تي پهچ. نظر کڻي ڦيراءِ ته مار! هاٿيءَ جيڏيون
شيون به ڪِول جيان پيون نظر اچن.“....؟ سج اڃان
پورو لٿو ئي ڪينهي ته هر نموني ۽ هر رنگ جون، ڪي
هڪ هنڌ بيٺل، ڪي هڪ ٻئي پويان ڀڄندڙ ته ڪي وري
پاڻيهي ٻرندڙ ۽ پاڻيهي وسامندڙ بتيون جهرمر ڪنديون
وتن. هر طرف چانڊوڪي ۽ چانڊاڻ ڇا جو آسمان، ڇا جا
تارا ۽ ڇا جو چوڏهينءَ جو چنڊ!“
ڪنڊو ڪراچيءَ مان موٽندي پنهنجي ڇتڙن جي يار جانوءَ کي تڪڙا ئي
تڪڙا حال احوال ڏيئي رهيو هو. جانو، جنهن جي ابن
ڏاڏن، ننڍن وڏن ۽ اوڙي پاڙي وارن پنهنجي سموري
حياتي ڀينگين ڀٽن ۽ ڪارين ڪوٺين ۾ گذري هئي، جن
لاءِ ڏيئي جي لاٽ به وڏو سوجهرو هئي؛ ال ڪانو جيان
وا پٽي ڄڻ ته الف ليلى جو داستان ٻڌي رهيو هو. کيس
ڄڻ ته ڪنهن ڳالهه تي اعتبار ئي نه پئي آيو. هوائين
محسوس ڪري رهيو هو جيئن ڪنڊو ڄڻ ته هر ڳالهه ۾ ڊاڙ
هڻي سندس مذاق اڏائي رهيو هجي.
ڪنڊوءَ پنهنجي زندگيءَ جي ابتدا کان وٺي پورا پنجويهه سال،
ڇاپري جي ڇانو! هيٺان، پنهنجي واهڻ ۾ گذريا هئا.
هڪ اهڙو وهاڻ جتي ڇنن ۽ ڇاپرن سان گڏوگڏ هڪ ننڍڙو
ڪچو دينوءَ جو دڪان ۽ خان صاحب جي پڪ سري جاءِ ۽
ڪچي پڪي اوطاق هئا، جتي بيل گڏين جي هلڻ جا هلڪا
ڦلڪا چيڪاٽ ۽ مال جي ڳچين ۾ ٻڌل ٽلين جي ٽڻ ٽڻ جا
آواز هئا. جتي صاف آسمان واري سمي چنڊ جي
چانڊوڪيءَ واري رات ئي هڪ روشنيءَ واري رات هئي.
خانصاحب جي ڳوٺ اچڻ واري وقت ڪمدار ڪوڙل وارو سجيل ڪميت ۽
خانصاحب جي اڇي سوزوڪي جيپ جو نظر اچڻ پڻ عيد جي
چنڊ مثل هوندو هو. جيپ اڃان ڳوٺ ۾ گهڙندي ئي مس
هئي ته ٻارن جو ميلو مچي ويندو هو ۽ چمڙن جيان جيپ
کي چهٽي ويندا هئا. هڪ دفعي منشي منٺار جي پٽ پيرل
کي رهنڊون به ڏاڍيون آيون، پر تڏهن به انهيءَ عادت
جي پچر نه ڇڏيائين.
خانصاحب ڪراچيءَ ۾ وڏو آفيسر هو. ڳوٺ ۾ هو ئي هڪ چڱو مڙس هو،
جنهن جي نصيب ۾ تعليم جهڙي خدا جي نعمت لکيل هئي؛
باقي ٻيا ڳوٺ وارا ته مڙيوئي الف به کان به پوريءَ
طرح واقف نه هئا. ڪيچن مان مس ڪن ڪڻن کي ڪا اکر جي
ساڃهه هئي ۽ اها به زوري تعليم واري وقت جي
مهرباني هئي.
خانصاحب اصل ۾ماڇي هو. سندس ڏاڏو چڱا چوکا بيت چوندو هو، جنهن
سبب کيس ”عاجز“ سڏيندا هئا. وڏي عهدي تائين پهچڻ
تي خانصاحب الائجي ڇو پنهنجي ذات بدلائڻ مناسب
سمجهي، انهيءَ ڪري کيس ڪرچيءَ ۾ سڀيئي ”عاجزي
صاحب“ چوندا هئا. اها خبر به ڪنڊوءَ کي ڪراچيءَ ۾
پيئي هئي.
خانصاحب وٽ ڪا نوڪرن جي کوٽ ته ڪا نه هئي. آفيس جي ڪم ڪار واسطي
هو انهن جي چالاڪيءَ ۽ ائي وئي جي کيسي ڏانهن تڪڻ
واريءَ عادت کان پوريءَ طرح واقف ۽ مطمئن هو؛ پر
کيس اهڙي فرد جي گهرج هئي جيڪو ڀروسي جوڳو هجي ۽
آفيس جي عملي ۾ ڀرتي ٿي خوشيءَ سان سندس گهر جو
خانگي ڪم ڪار ڪري. انهن خوبين سبب هن ڪنڊوءَ کي
پاڻ وٽ ملازم ڪري رکڻ نهايت مزون سمجهيو. پنهنجي
گهر، واهڻ ۽ وٿاڻ ڇڏڻ ته ڏاڍا ڏکيا پئي لڳا، پر
خانصاحب کي جواب ڏيڻ به مشڪل پئي سمجهيائين.
ڪنڊوءَ کي ڪراچيءَ پهچي پهريائين ته هر ڳالهه عجيب پئي لڳي.
خانصاحب جي گهر واريءَ ۽ نينگرين کي مٿين اگهاڙي،
کليل ٻانهن ۽ ڪادي گلي وارن ڪپڙن ۾ ۽ بنا پردي
آزاديءَ سان ٻاهر گهمندو ڏسي هو شرمائجي پئي ويو.
ڳوٺ اچڻ وقت انهن ساڳين ئي ماڻهن جي پردي جي سختي
۽ شهر ۾ هن طرح آزاد نموني زندگي گذارڻ ڏسي کيس
حيراني وٺي ويئي. نيٺ وقت گذرندي ۽ هيڏانهن
هوڏانهن جو ماحول ڏسي کيس سڀيئي ڳالهيون معمولي
نظر اچڻ لڳيون.
ڪڏهن ڪڏهن هو سوچيندو هو ته، ”ڪيئن ڪرڙ پنهنجي گهر واريءَ ڪامل
کي در جي چانئٺ تي بيهي هيڏي هوڏي نهارڻ تي سندس
هڏ گڏ ڀڃي وڌا هئا.“ ڪيئن ربوءَ جيوڻيءَ کي اوڀائي
سان ڳالهائيندو ڏسي، بنا ڪنهن سوچ ويچار جي، سندس
سسي ڌڙ کان ڌار ڪري ڇڏي هئي.“ اهڙا ڪيئن گذريل
واقعا سندس ذهن ۾ ڦرڻ لڳندا هئا. اهو سوچي ته عزت
وارن جي عزت ته هر هنڌ محفوظ آهي، هن کي پنهنجي
جاهل نينگرن ۽ نينگرين جي حالت تي ۽ پنهنجي ڳوٺ جي
ٻٽيل ماحول تي رحم ايندو هو.
پر انهيءَ ۾ ڪنڊوءَ جي ڳوٺ جي ماڻهن جو ڪهڙو قصور ٻيو ته ٺهيو،
پر سندس ڳوٺ تائين پهچڻ ئي ڪيڏو نه مشڪل هو! ٺڪر
جي ڏيئن ۽ ٽين جي چمنين کان علاوه سندن واهڻ ۾
ڪنهن وٽ گاسليٽ واري هٿ بتيءَ ۽ سيلن واري ٽارچ جو
موجود هئڻ به وڏي ڳالهه سمجهيا ويندا هئا. کين
ترقيءَ جي راهه ڏيکاري به ڪنهن هئي!
اڄ پورن ٻارنهن مهينن گذرڻ کان پوءِ رمضان جي عيد جي موقعي تي
ڪنڊو خانصاحب وارن سان گڏ ڳوٺ موٽيو ته سندس دل
چاهيو ته جيڪر جانوءَ سان هڪ ئي ساهيءَ هر هڪ نئين
وٺل شئي جو ذڪر ڪري. هن جي ذهن تي ڪراچي جو هر
نظارو تري آيو. خانصاحب جو پاڻ سان گڏ ٻارن ٻچن کي
گهمڻ گهتڻ لاءِ وٺي وڃڻ. هاڪس بي، سئنڊس پٽ،
ڪياماڙي، ڪلفٽن، چڙيا گهر، عجائب گهر، فن لئنڊ،
هوائي اڏو، هل پارڪ، مطلب ته ڪراچيءَ جو هر دل
لڀائيندڙ نظارو سندس اکين اڳيان گهمڻ لڳو. خانصاحب
۽ انهيءَ جي ٻارن کي پاڻ ۾ ائين گڏ گهمندو ڏسي هن
جي دل مان سرد آهه نڪرندي هئي ۽ هو چاهيندو هو ته
جيڪر ڀاڳل ۽ پاڻ ٻچن سوڌو ائين گڏ گهمندا وتن.
صاحب جي ننڍڙن ٻارن کي صبح جو سوير اٿي پابنديءَ
سان سهي سنبري اسڪول ويندو ڏسي سندس دل به رشڪ
کائيندي هئي.
اڄ سڄي سال گذرڻ بعد جڏهن هو ڳوٺ موٽيو ته پنهنجي ڀاڳل کي گهر
جي لوڙهي منجهان ٻاهر ڪڍي ڳوٺ جي زمينن ۽ ڍنڍن
ڍورن جو سير ڪرايو ۽ عيد جي موڪل پوري ٿيندي ئي
ڪراچيءَ واپس ورڻ کان اڳ ئي پنهنجي ننڍڙيءَ ڦلان
کي ميٽ مليل لسي ڦرهي، ڪانيءَ جي ڪلڪ ۽ پُڙين مان
ٺهيل نيري مس جي ڪُپڙي هٿ ۾ ڏيئي اسڪول اماڻيو.
سج اڀرڻ کان پوءِ
غلام مصطفى سولنگي
اڌ رات جو جڏهن اوطاق مان خيروءَ جي ڳائڻ جو آواز گونجيو ته سڄو
ڳوٺ جاڳي پيو ۽ هرڪو ماڻهو کٽ تي پاسا ورائڻ لڳو.
”توهين! هن نڀاڳي کي ته نه ڏينهن جو ڪو ڪم ۽ نه وري رات جو
آرام...“ تاجوءَ جي زال جاڳي پئي ۽ اکيون مهٽيندي
چيائين، ”بدبخت، ڪنهن ڪم ساڻ به ڪو نه ٿو لڳي نه!“
ڪم.... ڪم.... هن ڳوٺ ۾ ڪنهن کي به ڪم مان ٿوريءَ دير لاءِ به
رصت نه ملندي هئي. بس اهو خيرو ئي هو، جنهن کي ڪو
به ڪم نه هوندو هو. اوطاق تي سمهندو ۽ اوطاق تي ئي
جاڳندو هو. صبح جو سجهر اٿي ايٽَ (کوهه) تي ويندو
هو. پپر جي هڪ شاخ تي پنهنجو پينگهو ٻڌي، ڪپڙا
لاهي، حوض مان ڌوئي چنگهرن تي سڪڻا وجهي ايستائين
حوض ۾ ويهي وهنجندو رهندو هو، جيستائين ڪپڙا سڪي
نه ويندا هئا.
وهنجي سهنجي ڪپڙا پائي سڌو مسجد ۾ ايندو هو. نماز پڙهڻ ته هن کي
ڪا نه ايندي هئي. بس، گوڏا کوڙي چپ چاپ ڪنڌ جهڪائي
ويهي رهندو هو ۽ ڪجهه دير کان پوءِ اتان اٿي ٻاهر
ايندو هو.
ويچاري خيروءَ جو ڪو گهر گهاٽ ته ڪو نه هو، آخر وڃي به ته
ڪيڏانهن؟ گهڻو ٿو ته تاجوءَ جي ٻنيءَ ڏانهن نڪري
ويو، پر تاجوءَ کي پنهنجي ٻنيءَ مان واندڪائي ڪٿي
هئي. خيروءَ سان ڳالهائڻ ٻولهائڻ جو وقت ته هن وٽ
هيو ئي ڪونه. ساڙيندڙ منجهند جو به پگهر ۾ ٻڏل
ٻنيءَ ۾ ڪم ڪندو رهندو هو. خيرو پينگهي مان بانسري
ڪڍي تاجوءَ جي مٿان بيهي رهندو هو. ڪڏهن رات جو
ڏٺل خواب ٻڌائيندو هئس ته ڪڏهن وري ڪالهوڪو پيش
آيل واقعو. تاجوءَ کي اڪثر ڪاوڙ لڳندي هئي پر هن
کي روڪيندو ڪو نه هو. ها، هڪ ڀيري جڏهن خيروءَ
ڏاندن جا سڱ رڱڻ لاءِ هَرُ روڪيو هو ته تاجو ڪاوڙ
۾ اچي ويو هو.
”هٽ پري ٿيءُ هتان، تنهنجن اجاين حرڪتن لاءِ ٽيم ناهي مون وٽ.
اجايو ٿو وقت وڃائين. ڀلا ڏاندن جا سڱ رڱڻ مان
ملندو به ڇا!“
خيرو پوئتي هٽي ويو. پر ٻئي ڏينهن وري منجهند جو آيو. جڏهن تاجو
ماني کائڻ لڳو ته هن جهٽ پٽ ڏاندن جا سڱ رڱي ورتا.
تاجو هن کي ماني کارائڻ لاءِ سڏيندو ئي رهجي ويو.
خيروءَ کي سڌ هئي ته ماني کائڻ کان پوءِ تاجو وري
هَر ڪاهڻ کي لڳي ويندو ۽ هو سڱ نه رڱي سگهندو.
ٽاڪ منجهند جو تاجوءَ جي زال ماني کڻي ايندي هئي، ”جلدي کائي
وٺ.... زيبوءَ کي وڃي کير پيارڻو آهي.“
”احمد کي دوا به کارائجانءِ...“ تاجو تاڪيد ڪندو هوس.
”چڱو! تون ماني کاءُ، تيستائين مان وڃي پاڻي ڀري اچان.“
”پاڻي صبح نه ڀريو هيئي ڇا؟“
”صبح چڪيءَ تي اٽو پيهائڻ وئي هيس.“
”احمد کي دوا ڏئي مَنَههَ تان ڌاڻا لاهي ڪُٽجانءِ.“
هر شخص مصروف هو.... ڏاڍو مصروف.
ٻئي ڏينهن تاجو ماني کائي رهيو هو. پريان بيٺل خيروءَ کي به سڏ
ڪيائين، جيڪو پينگهي مان ٻه گهنٽيون ڪڍي ڌاڳن ۾
وجهي رهيو هو.
”خيرو.... او خيرو... ڇا ٿو ڪرين؟“
”ڏاندن لاءِ گهنٽيون ٿو ٺاهيان، جڏهن پائي هلندا ته سهڻا
لڳندا.“
”ڇڏ انهن اجاين ڪمن کي، اچي ماني کاءُ..... ڏاند بنا گهنٽين جي
به هلندا ئي رهندا، اهو ئي ڪم آ انهن جو.“
شام جو خيرو کوهه تي پهچي ويو. اُڃ لڳي هيس، پر ڪنهن کي به فرصت
ڪا نه هئي جو هن کي پاڻي پياري. ڪا ويچاري اَٽو
ڳوهي رکي آئي هئي ته ڪا وري ٻوڙ جي ديڳڙي چُلهه تي
ڇڏي آئي هئي. هڪ ڇوڪري واريءَ سان دِلن ۽ گهاگهرن
کي چمڪائي رهي هئي. ٻه - ٽي گڏجي پاڻي ڇڪي رهيون
هيون. خيروءَ پنيگهي مان ڪجهه رنگ ڪڍيا ۽ کوهه جي
ڪناري واري ڀت تي رکيل هڪ گهاگهر تي گل ٻوٽا ڇٽڻ
لڳو.
”خيرو! اهو ڇا ٿو ڪرين؟ مٿي ڦريا...“ هڪ ڇوڪريءَ هن کي دڙڪو
ڏيندي چيو، پر گهاگهر هن جي هٿن مان کسي ئي سگهي،
بس! اهو ئي ته ڏڍو هيو. خيروءَ جا سڀ ڪم اجايا
هئا. جيئن ئي ڇوڪريءَ جو وارو آيو ته هن سٽ ڏيئي
خيروءَ جي هٿ مان گهاگهر کسي ورتي. خيرو به عادي
ٿي چڪو هو. هو ڪم جي انهن ئي ننڍن ننڍن وقفن ۾
پنهنجي جاءِ ٺاهيندو رهندو هو.
هڪ ڀري هو جانو ڪوريءَ وٽ کن لاءِ ترسي پيو. جانو چادر آڻي رهيو
هو. خيرو چڱيءَ دير تائين حيرانيءَ وچان ان کي
ڏسندو رهيو ۽ آڏاڻي جو آواز ٻڌندو رهيو ”ڌتنگ
تنگ... ڌتنگ تنگ!“
”ڌتنگ تنگ ... ڌتنگ تنگ...“ ٻئي ڏينهن خيرو وري اُتي هو، ڪاڪي
جانوءَ وٽ...
ڪاڪا جانو! تون هڪ رنگ جي چادر ڇو ٿو ٺاهين؟ ڳاڙها ساوا ڌاڳا ڇو
نه ٿو وجهين؟“
”بس! منهنجي مرضي...“
”پر ڪاڪا! ڳاڙها ساوا رنگ ڏسڻ ۾ ڪيترا نه سهڻا لڳندا....؟“
”چادر وڇائڻ لاءِ هوندي آهي، ڏيکارڻ لاءِ نه، سمجهيئي؟“
هاڻي خيرو ويچارو هن کي ڇا سمجهائي؟ ڪاڪي جانوءِ جي ڌيءَ سهڻي،
سُٽَ جي ٽوڪري کنيو سامهون بيٺي هئي. هن ٽهڪ ڏنو.
ٽوڪري رکندي سهڻيءَ جا وار ڪُلهن تان ترڪندا
ڌرتيءَ کي ڇهڻ لڳا. سهڻيءَ وار مٿي ڪيا ته خيرو
الائجي ڪهڙيءَ ڳالهه تان شرمائجي ويو.
”سهڻي!“ هن نالو کڻي سڏ ڪيو، ”مون کي ٿورو سُٽَ ڏيندينءَ؟“
”ڇا ڪندينءَ تون سُٽ؟“
”تنهنجي لاءِ سڳي ٺاهيندس.“ خيرو جيترو شرميلو هو، اوترو ئي بي
شرم به. ”پر هڪ رنگ جي نه، سڀني رنگن جي هڪ هڪ وڻي
ڏجانءِ.“
سڀ رنگ گڏ ڪرڻ لاءِ ويچاري کي ڪيترائي ڏينهن اچڻو پيو ۽ جنهن
ڏينهن سڀ رنگ مليس ته هو سڄو ڏينهن پپر جي وڻ
هيٺان ويهي سڳي ٺاهيندو رهيو ۽ ڳائيندو رهيو،
”ڌتنگ تنگ... ڌتنگ تنگ.“
سڀ هن کي ڏسي کلندا لنگهي ويا، صرف اسڪول جي ماستر اتان لنگهندي
هن کان پڇيو ”هي ڇا ڪري رهيو آهين خيرو؟“
ٿوري دير ته هو چپ رهيو. پوءِ کلندي جواب ڏنائين، ”جڏهن گهاٽا
ڪارا ڪڪر وسندا ته انهن کي هي سڳي پارائيندس.“
ڪم ڪند ته هن کي ڪنهن به نه ڏٺو هو پر اهو به ڪنهن نه ڏٺو هو ته
هو ڪجهه ڪري نه رهيو هجي. صبح جو کوهه کان وٺي رات
جو اوطاق تي اچڻ تائين خبر ناهي ڪيترائي ڀيرا هو
ڀَرِ مان لنگهي ويندو هو. هزار ڀيرا ڪنهن دروازي
تان لنگهڻ کان پوءِ به هرهڪ دروازو هن کي نئون
نئون لڳندو هو. پينگهي مانچاقو ڪڍي ڪنهن دروازي تي
تصوير کوٽيندو هو. ڪٿي مور، ڪٿي ڪڪڙ، ڪٿي هرڻ، ڪٿي
گُل، ڪٿي وڻ ۽ ٻوٽا... هڪ پينگهي کان سواءِ هن جي
ملڪيت ۾ ڪجهه به نه هو. پوءِ به ائين گهمندو هو ڄڻ
سڄي ڳوٺ جو مالڪ هجي. جنهن جاءِ تي چاهيائين اتي
ويهي رهيو. جنهن طرف چاهيائين هليو ويو. جنهن هن
سان کِلي ڳالهايو ان وٽ ويهي رهيو. جنهن هن کي رُخ
نه ڏنو اتان اٿي ويو. ڪنهن ڪجهه ڏنوته ورتائين،
ڪنهن ڪجهه گهُريو ان کي ڏئي ڇڏيائين. اڌر رات جو
جڏهن سڀ سمجهي پوندا هئا ته هو پنهنجي آواز سان
سڄي ڳوٺ کي جاڳائي ڇڏيندو هو.
وقت جي درياهه جو وهڪرو بنا ڪنهن روڪ جي وهندو رهيو.... ڪڏهن ته
هر ڪوئي هن کي ماني ڏيڻ ايندو هو... هن جي ڪپڙن
لَٽن جو خيال رکندو هو. هاڻي خيرو بکون ڪاٽڻ لڳو ۽
اڪثر بيمار رهڻ لڳو، پر رنگن ۽ سُرن ۾ لِڪي لِڪي
سختيون سهندو رهيو. جڏهن سيني ۾ سور تمام گهڻو وڌي
ويندو هوس ته هو زور زور سان ڳائڻ لڳندو هو. هڪ
رات جڏهن سيني ۾ سُور تمام گهڻو وڌي ويس ته هن جو
آواز برداشت کان ٻاهر ٿيڻ لڳو تڏهن ڪاڪو نورل
گهران اُٿي اوطاق تي هليو آيو.
”بد دماغ... چپ ڪونه ٿي اچئي. اسان جي ننڊ ڦٽائي ناس ڪئي ٿي
کڻي. هاڻي جي آواز ڪيئي ته نڙيءَ تي لَتَ ڏئي ساهه
ڪڍي ڇڏيندو مانءِ...“ ٿَڦ ئي هڪ، خيرو ويچارو
ڌرتيءَ تي وڃي پيو. درد ڀريا گيت ٻڌڻ لاءِ جيڪي
دريون کُليون هيون، اهي به بند ٿي ويون.
صبح جو تقريباً هر شخص اوطاق وٽان لنگهيو. خيرو ڪٿي به ڪو نه
هو، صرف هڪ پينگهو ئي ويڙهيو سيڙهيو پيو هو. ماڻهو
هڪٻئي کان پڇندا رهيا. هو کوهه تي به نه هو، مسجد
۾ به نه هو، زمينن تي به ڪو نه هو، ڪاڪي جانو
ڪوريءَ وٽ به ڪونه هو. ته خيرو آخر ويو ڪاڏي....!؟
پهريون ڀيرو ماڻهن پنهنجي دوروازن جي نشانن کي
چتائي ڏٺو. پهريون ڀيرو تاجوءَ هَرُ روڪي گهنٽين
کي ڇُهي ڏٺو. ڪنهن کوهه تي آهه ڀر گهاگهر هنج تي
کنئي. ڪم.... جيڪو ڪڏهن به ڪونه رڪيو هو، اڄ وِکَ
وِکَ تي رُڪجي انتظار ڪري رهيو هو. خيروءَ جو نالو
چپن مان نڪري اکين ۾ ترسي پيو.
هن جي وڃڻ کانپوءِ ڪنهن پڇيو، ”هو هن ڳوٺ ۾ آيو ڪڏهن هو...؟“
”خبر ناهي... بس! هو ڳوٺ ۾ هو... ايتري ئي خبر آهي...“
”بابا! خيرو ڪٿان آيو هو...؟“
”خبر ڪانهي ڌيءَ...“
رات اڌ کان گهڻي گذري چُڪي هئي. اوطاق تي هڪ پينگهو پيو هو، ۽
خيروءَ جي آواز کانسواءِ سڄو ڳوٺ جاڳي رهيو هو. |