سنه 1958ع ۽ سنه 1959ع ۾، ان بعد 1974ع ۾ ۽ وري سنه 1976ع ۾،
جڏهن ’سئي قندر‘ واري ماڳ توڙي ’گنڀاٽ‘ لڳ ڳوٺن ۾
وڃي پڇائون ڪيائون ته اتي هڪ روايت اها بيان
ڪيائون ته شاهه حبيب ڪي سال ’سئي قندر‘ جي مقام لڳ
اولهه طرف واري ڳوٺڙي ۾ پنهنجي حويليءَ ۾ رهيو، ۽
جڏهن... لڏيو ته پوءِ ڪوٽڙي ويو. ٻي روايت جيڪا
پوئين دور جي مصنفن جي... کان متاثر ٿي بيان ڪئي
وئي سا هيءَ ته ڇاڪاڻ جو پهريان ٻارڙا ڪين ...
هئا، انهيءَ ڪري جڏهن شاهه عبداللطيف پيٽ ۾ ٿيو ته
شاهه حبيب ماڳ مٽايو... لڏي ويو. پر اهو دليل ايڏو
وزندار ڪونهي ڇاڪاڻ جو شاهه حبيب... ارادي ۽ وڏي
توڪل وارو بزرگ هو، جو باوجود پهرين ٻن ٻارڙن جي
فوت ٿي وڃڻ جي به ٽئين ٻار جو نالو عبداللطيف
رکيائين ته پوءِ وهم ۽ وسوسي ۾ ... هن ڪيئن پنهنجو
گهر ڇڏيو هوندو ۽ ماڳ مٽايو هوندو! جيئن ته شاهه
حبيب... واري جاءِ توڙي پهرين ٻن ٻارن جي ولادت ۽
وفات بابت مقامي طور پڪيون پختيون شاهديون توڙي
پڪا پختا آثار موجود آهن، انهيءَ ڪري پوري وثوق
سان چئي سگهجي ٿو ته ٽيون ٻار ’عبداللطيف‘ (شاهه
عبداللطيف) پڻ اتي ئي ان ساڳي... ۾ ڄائو. ٿي سگهي
ٿو ته ٻارڙي جي خير سان صحيح سلامت ولادت بعد،
سندس... عافيت ۽ دوا درمل خاطر شاهه حبيب ڪي ڏينهن
وڃي ڪنهن ٻيءَ جاءِ تي رهيو هجي، پر اهڙي گمان
موجب پڻ سندس ’ڀينءَ پور‘ وڃڻ وڌيڪ مناسب نظر...
جو اتي جا ڪي سما فقير غالباً سندس مريد ۽ معتقد
هئا، جن مان ميان اسمـٰعيل فقير سمو پوءِ شاهه
عبداللطيف جو خليفو ٿيو(1)
. بهرحال جيڪڏهن اتي جو رهڻ ٿيو ته به ٿوري وقت
لاءِ ٿيو جو هو وري پنهنجي حويلي ۾ موٽيو.
(هه) ننڍپڻ ۽ ابتدائي تعليم: شاهه عبداللطيف جي ولادت جي تاريخ
لکيل ڪانهي، پر جيڪڏهن مهيني صفر سنه 1165هجريءَ ۾
وفات وقت سندس عمر ٽيهٽ سال هئي ته پوءِ قمري سالن
جي حساب سان سندس ولادت 1102 هه صفر مهيني جي 14
تاريخ ڌاري يا ڪي ڏينهن اڳ پوءِ ٿي هوندي... اڳ
سندس ٻه همنام سڳا ڀائر فوت ٿي چڪا هئا: هي ٽيون
لطيف هو جيڪو بچيو هو، جنهن مان سندس والدين جي
خوشي ۽ ساڻس پيار جو اندازو لڳايو ... ٿو. انهيءَ
ڪري ننڍڙو لطيف نه فقط ٻالجتيءَ واري دور ۾ پنهنجي
پيءُ ماءُ جي شفقت ۾ نپنو پر اها نعمت وڏي هوندي
تائين ساڻس شامل حال رهي،... شخصيت کي سنواريو ۽
اُجاريو. ٻالجتيءَ ۾ ٻيو ٻارڙو جيڪو سندس ويجهو هو
سو هو سندس ماسات محمد عالم جنهن سان هو کيڏيو ۽
خوش ٿيو.
ٻاراڻي وهي واري هن دور ۾، لطيف جي اٿڻ ويهڻ ۽ ڏسڻ وائسڻ...
سندس پنهنجو گهر وارو ڳوٺڙو هو، پر ان جو دائرو
البت گَنباٽ واري... وسيع هو. ان وقت ننڍڙي لطيف
جي اچ وڃ سندس والده جي ڀيڻ ۽... جي گهرن تائين،
يعني گنباٽ واري تر ۾(1)
ڏيرن فقيرن جي راڄن ڳوٺن ۾ ٿي.
نتيجي طور ٻالجتيءَ واري هن دور ۾، ڏيرن فقيرن جي قبيلي واري
نج.... جيڪا سندس مادري ٻولي پڻ هئي، سا ننڍڙي
لطيف جي ذهن تي نقش... تي چڙهي ۽ اڳتي هلي سنڌي
ٻوليءَ تي سندس ڪلي طور دسترس ۽... پيش خيمو بني.
ان وقت مڪتبي تعليم جو دور هو جنهن موجب قرآن شريف، سنڌي ۽
ابتدائي فارسي جي تعليم معياري سطح تي ڏني ويندي
هئي. والدين ننڍڙي لطيف کي پاڻ کان پري ڪري فوري
طور تي ڪنهن مڪتب ۾ ڪونه ويهاريو: البت سندس تربيت
گهر ۾ ئي ٿيندي رهي جو نه فقط شاهه حبيب پاڻ علم ۽
نظر وارو هو، پر لطيف جي والده به هڪ وڏي فاقيري
گهر مان هئي. البت لطيف جڏهن چڱو وڏو ٿيو ته
روايتن موجب شاهه حبيب کيس قرآن شريف پڙهڻ لاءِ
اهڙن استادن وٽ ويهاريو جيڪي پاڻ وڏا نيڪ ۽
پرهيزگار هئا. انهن اهڙي ته توجهه سان پڙهايو جو
قرآن شريف لطيف جي دل تي نقش ٿي ويو. انهن مان خاص
استاد ميون نورمحمد ڀٽي هو، جنهن پوءِ لطيف کي
مڪتبي تعليم ڏني. ميون نورمحمد گنباٽ جي ڏيرن واري
راڄ کي ويجهو اٺن ميلن کن جي پنڌ تي ”وانۡئِينۡ“
جو ويٺل هو.(1)
۽ شاهه حبيب جو محبتي ۽ معتقد هو. لطيف جي پڙهائي
لاءِ شاهه حبيب کيس سڏي پاڻ وٽ رهايو. هن شفيق
استاد پنهنجي سعادتمند شاگرد کي مڪتبي تعليم پوري
ڪرائي. ان بعد وڌيڪ تعليم جو سلسلو جاري نه رهيو،
پر ميون نورمحمد هميشہ لاءِ شاهه حبيب وٽ ايندو
رهيو ۽ لطيف جئن ته ويتر وڌيڪ ڄاڻ ڏانهن مائل هو
سو ساڻس ملندو رهيو ۽ کانئس سکندو رهيو. بالآخر
جڏهن شاهه عبداللطيف اچي ڀٽ کي وسايو ته ميين صاحب
کي پڻ سڏي اتي کيس سندس اوطاق ليڪي ڏنائين ۽ ڀٽ تي
پاڻ وٽ رهايائين. اهڙي طرح نوجواني واري دور ۾
توڙي پوءِ شاهه لطيف جو پنهنجي مشفق استاد سان
ملڻ، وٽس ويهڻ ۽ ساڻس صحبت ڪرڻ جو سلسلو جاري رهيو(1).
شاهه لطيف جي ننڍپڻ وارا ڪم از ڪم ٻارهن سال کن پنهنجي ناناڻن
فقيرن ۾ گنباٽ واري تر ۾ گذريا. انهيءَ عرصي ۾،
ٻنهي ٻارڙن سان گڏ، ..... لاڳو اولهه طرف، واريءَ
جي ڊرٻ واري ايراضي (جنهن ۾ پوءِ هن ’ڀٽ‘... کي
وسايو) ۾ پڻ ننڍڙي لطيف مِينهن وسندي رانديون ڪيون
هونديون. ان... گنباٽ جي جوءِ ۾ هر ماڳ ۽ ڳوٺ
ڏٺائين، ۽ ٻارن توڙي وڏن جو پيار... ننڍپڻ وارين
انهن يادگيرين جو ئي نتيجو هو، جو پوءِ وڏي هوندي
سارنگ... هڪ بيت ۾، ’گنباٽ‘ تي ڪرم جي ڪڪرن جي
گونج جو ذڪر آندائين...
واهُندَئان وِڄُ ٿي، گَڙيو ڏُونهه گنباٽ.
انهيءَ ٻاراڻي وهيءَ ۾ سندس سنگت ۽ رفاقت فطري طور ڏيرن فقيرن
جي ٻارن... جن سان هو کيڏيو ۽ خوش ٿيو ۽ جيڪي پوءِ
وڏي هوندي سندس پيارا... معتقد ٿيا. انهن مان اجن
فقير ڏيرو ۽ سَکر فقير ڏيرو، ٻئي شاهه صاحب جي...
فقير هئا. جاني فقير ڏيرو به شاهه صاحب جو ننڍڙي
هوندي جو ساٿي هو،... پُٽ عنايت پڻ ڏانهن گهڻو
مائل ٿيو. پر شاهه صاحب جو سڀ کان وڌيڪ پيارو ساٿي
سندس پنهنجو سڳو ماسات، رب رکيي فقير جو پٽ، محمد
عالم هو جيڪو پوءِ خاص فقير ۽ خليفو ٿيو. شاهه
صاحب کيس ڀٽ تي سماج ۽... اڳواڻ مقرر ڪيو. شاهه
صاحب کيس ”محمد عالم سچو عالم“ ڪري سڏيو، ۽... هو
’خليفو محمد عالم ذاڪر‘ سڏجڻ لڳو. شاهه صاحب جي
وفات کان پوءِ... سڄي نظام کي سنڀاليائين ۽ وڏي
خدمت ڪيائين. وفات به ڀٽ شاهه تي ڪيائين. سندس قبر
شاهه صاحب جي روضي جي ٻاهران ڏکڻ طرف، ۽ تمر فقير
جي... اوڀر طرف، تربتن جي اتر واري قطار کان
لاڳيتي ڏکڻ طرف واري قطار ۾... ٻيو نمبر آهي.
2. والد جي رهنمائي هيٺ تربيت وارو دور (1115-1120هه؟)
ننڍپڻ واري مڪتبي تعليم، بعد بلوغت توڙي نوجواني واري دور ۾
شاهه لطيف جي تربيت پنهنجي والد شاهه حبيب جي شفقت
۽ هدايت هيٺ هميشہ گڏوگڏ هئا: اهڙو جو ڄڻ هڪٻئي جا
رفيق هئا. شاهه حبيب پاڻ.... دعا خاطر تعويذ لکي
ڏيندو هو. بعضي هو حال وارا بيت پڻ چوندو هو...
عارفن جو صحبتي هو، ۽ خود پاڻ پنهنجي وقت ۾ وڏو
فيض وارو عابد... مير علي شير قانع کيس ”ڪريمي
سلسلي جو نامارو بزرگ، ۽ وجد ۽ حال وارو... صاحب“
سڏيو آهي
(1).
سندس تاڪيد ۽ سعيو توڙي سندس نظر فيض اثر جو...
سڪيلڌي لطيف سان شامل حال رهيا. ٻئي طرف خود
نوجوان لطيف ۾ پاڻ پنهنجو سوچڻ ۽ اعلى اخلاقي ۽
روحاني منزلن ماڻڻ جو ذوق ۽ جذبو موجزن ٿيو.
پر هاڻي شاهه حبيب ڪوٽڙي ۾ لڏي آيو ۽ نوجوان لطيف جي ڏسڻ وائسڻ
جو دائرو اُتر ۾ هالن کان وٺي هيٺ لاڙ ۾ بلڙي ۽
ٺٽي تائين، ۽ اولهه طرفان ڪوٽڙي واري علائقي کان
وٺي اوڀر ڏانهن ڀٽ ۽ گنباٽ تائين ۽ اتان کان ڏکڻ
ڏانهن نصرپور تائين وسيع ٿيو.
شاهه حبيب جو سئي قندر مان لڏي ڪوٽڙي مغل ۾ ويهڻ: شاهه لطيف ڏهن
ٻارهن سالن کن جو هوندو، جو شاهه حبيب ’سئي قندر‘
واري ڳوٺڙي مان لڏي وڃي اٺ نو ميل ڏکڻ- اولهه طرف
’ڪوٽڙي- مغل‘ ۾ ويٺو. هڪ مقامي روايت موجب سندس
لڏڻ جو سبب اهو هو جو شاهه عبداللطيف اڃان سرجيو
ئي هو جو ڏيرن فقيرن مان ڪن درويشن شاهه حبيب کي
چيو ته: ’قطب سرجيو آهي، هت رجوعات ٿيندي. اسين
فقير کٻڙن ۾ لڪا پيا آهيون. هاڻي يا اوهان وڃي ٻئي
پاسي ويهو يا اسان کي لڏڻو پوندو.‘ پوءِ شاهه حٻيب
وڃي گهران پڇيو ته بي بي صاحبه اميدواري جي تصديق
ڪئي. فقيرن جي اها ڳالهه بالآخر سبب بني جو شاهه
حبيب سئي قندر مان لڏيو. هيءَ روايت پنهنجي جاءِ
تي، پر ڀانئجي ٿو ته سندس سهري عرس فقير ڏيري جي
فوت ٿي وڃڻ جي ڪري شاهه حبيب ’سُئُي قندر‘ واري
ماڳ کي ڇڏيو ۽ گنباٽ واري ڀيڻي مان لڏيو. لڏڻ جو
ٻيو سبب غالباً اهو هو جو ’ڪوٽڙي‘ جو رئيس مرزا
بيگ مغل جيڪو سندس عقيدتمند هو، تنهن خير ۽ برڪت
خاطر شاهه حبيب کي دعوت ڏيئي وٺي آڻي ڪوٽڙي ۾
رهايو جو کيس دعا ۽ سهاري جي ضرورت هئي. سانگي جي
بيان موجب، شاهه حبيب ڪوٽڙي شهر لڳ ٻاهران پنهنجو
گهر ڪيو(1)
، جنهن مان اندازو ٿئي ٿو ته اهو گهر، مرزا مغل
بيگ جي حويليءَ واري ڪوٽ جي الهندي طرفان هو.
شاهه حبيب هاڻي پنهنجي سعادتمند فرزند کي پنهنجي صحبت ۽ رفاقت ۾
رکي سڄو توجهه سندس تربيت تي ڏنو ته جيئن هو ذهني،
اخلاقي ۽ روحاني طور اعلى درجي کي پهچي. کيس هميشہ
پاڻ سان گڏ پئي رکيائين ۽ جتي پئي ويو اتي وقت جي
عالمن ۽ درويشن جي صحبت ۾ پئي وهاريائين. کيس وٺي
اباڻي ماڳ مٽياري ۽ خاص طرح وڏي ڏاڏي ميين شاهه
ڪريم جي آخري آرام گاهه تائين پاڻ سان گڏ نيائين،
۽ پڻ شاهه ڪريم جي فقيرن سان ملايائين: ٻئي طرف
ميين شاهه عنات سان ملڻ لاءِ کيس شاهپور-نصرپور
تائين گهمايائين. اهڙيءَ طرح بلوغت ڏانهن اُسرندڙ،
سالم طبع ۽ ذهين لطيف پنهنجي والد سان گڏ انهن
سفرن ۽ صحبتن مان گهڻو ... هاڻي سندس ڏسڻ وائسڻ جو
دائرو ويتر گهڻو وڌيو: يعني اُتر طرفان هالا ...
هيٺ لاڙ ۾ بُلڙي ۽ ڍٽي تائين ۽ اوڀر طرف گنباٽ کان
اڳتي ڀينءَ پور،... شاهرپور ۽ نصرپور تائين وڌيڪ
وسيع ٿيو. البت سندس گهڻو ساتو وقت ... ۾ ئي پئي
گذريو: شاهه حبيب جهڙي اهل دل درويش پنهنجي سپوٽ
... پاڻ جيڏهن سان راند رونس ڪرڻ کان ڪونه ٿي
روڪيو، جو ان ننڍي... لطيف جو گز ڪمان کڻڻ يا ساٿي
ٻارن سان لڪ لڪوٽي راند ڪرڻ جو.... ذڪر آيو آهي.
پر شاهه حبيب ساڳئي وقت وڏي سرت سمجهه واري لطيف
کي... توجهه، اعلى تربيت ۽ عارفانه نظر سان اعلى
اخلاق ۽ نيڪ اعتقاد ڏانهن... نوجوانيءَ واري دور ۾
قدم رکڻ سان گڏ کيس طريقت جي راهه ڏسيائين. خواهشن
تي ضابطي خاطر زهد ۽ جهد جي تلقين ڪيائين. پنهنجي
والد ... اهڙي هرايت ۽ رهبري هيٺ نوجوان لطيف لوڪ
کان پاسيرو ٿي، جهنگ ۾.... ڌڻيءَ جي ياد ۾ محو ٿي،
پنهنجي نفس کي نمائڻ ۽ پاڻ پچائڻ لڳو. هن... پري
ٿي جن ماڳن تي رياضت ڪئي ۽ چِلا ڪڍيا تن سڀني بابت
معلو... نه رهي آهي، پر البت ٽن اهڙين جاين بابت
پوري پڪ آهي جتي هو وڃي ويٺو ۽ عبادت ۾ محو ٿيو.
اهي جايون اڃان تائين نوجوان لطيف جي ... رياضتن
ڪرڻ سببان مشهور ۽ محفوظ رهيون آهن.
انهن مان هڪ هو لئــٖـي جو وڏو شاهي وڻ، جيڪو پوءِ ’لال
لَئو‘.... جنهن جي جُهنڊ ۾ لطيف وڃي ويهندو هو.
اهو وڻ سندس گهر کي ويجهو.... واري لاڳيتي جهنگ ۾
هو، جتي شايد ڪنهن اڳئين درويش جو مقام... پوءِ
شاهه لطيف جي ڪڍيل چِلي ۽ ڪشالي جي يادگار طور
مسجد، کوهه... ٺهيون، جن جا آثار توڙي انهيءَ
ڀيڻيءَ وارا وڻ هن وقت تائين موجود آهن. وڻ جنهن
جي جهُّنڊ ۾ لطيف وڃي ويهدنو هو سو اتر طرف، مسجد
واري ويجهو آهي. ان جاءِ تي اڃان تائين هڪ جهونو
ڏوڙو ڏنگو ’لئو“... جيڪو چون ٿا ته ان اصلي ’لئي‘
جي بنياد مان آهي.
ٻيو نشان غالباً خود ’ڀٽ‘ واري اها جاءِ هئي جتي پوءِ شاهه لطيف
حجرو ٺهرايو. ان جاءِ تي هو هڪ وڻ جي جهُّنڊ ۾
اڪيلو محويت ... ويٺل هو جو قلندر شوري، جنهن اتي
پنهنجيون ڏاچيون پئي چاريون... ڏاچين به کيس ڏسي
ٽاهه کاڌو جو قلندر ڊوڙي وڃي سندس ڳوٺ (جيڪو...
کان ڪوهه کن ڀٽ واري طرف هو) پنهنجي پيءُ صاحبڏني
کي ٻڌايو.... ’شاهه حبيب جو پٽ اڪثر هن جُّوءِ ۾
ويراڳ ۽ بيخوديءَ واري... آهي، ۽ جيڪڏهن هو ٻئي
ڀيري کيس ڏسي ته کانئس دعا گهري‘ (1). .... هو
جيڪو هاڻي ’شاهه جو ڪنڊو‘ ٿو سڏجي، جيڪو ڀٽ کان...
اتر طرف (ريلوي اسٽيشن کان به اوڀر ڪنب داڙون-
شهدادپور... آهي ۽ جتي اڃان تائين وڻن جو جهُّنڊ
موجود آهي. ان جو ذڪر ... روايت جيڪا ان وقت جي
اکين ڏٺي شاهد قلندر شوري کان... سندس والد وڏيري
صاحبڏني جي زباني تصديق ٿيل آهي، ان مان... حبيب
مسلسل طور وڏي ڌيان ۽ پختي ارادي سان پنهنجي
پياري... ڪئي ته هو زهد ۽ رياضت ذريعي روحاني طور
ڪماليت جي... مٽياري جي دورويش هاشم شاهه جي
عبداللطيف جي ولادت بابت... روايت مٿي بيان ڪري
آيا آهيون. شاهه حبيب بيشڪ پنهنجي ڀلاري... دعائيه
لفظن تي پڪو يقين رکيو هو: ’لطيف جي بوءِ اچڻ‘
يعني... معنى خيز هئا. شاهه حبيب پنج سال کن
نوجوان لطيف جي هر طرح.... ۽ هاڻي جڏهن کيس ڪجهه
اهڙو ڀروسو ٿيو ته عبداللطيف زهد... ڪافي ترقي ڪئي
آهي، تڏهن پنهنجي اطمينان خاطر، کيس مٽياري.....
وٽ وٺي ويو. ان وقت شاهه عبداللطيف جي عمر 17 سال
کن هئي... لطيف ۾ اعلى صلاحيت جا آثار ڏٺا، پر
ڀانئجي ٿو ته باوجود رياضت... مٿس مجازي رنگ باقي
هو جو هن درويش کيس اڃان به ... ڪمال طرف ترغيب
ڏيندي چيو ته:
’حبيب جو پٽ (اڃان) پچي راس نه ٿيو آهي“
پهچڻ واري تربيت اڳيئي سندس والد طرفان جاري هئي، پر هن نوجوان
لطيف ۾ نئون جذبو جاڳايو جو هو موٽي اچي زهد ۽
عبادت ۾ (”باز ورع اختيار کرد“) ۽ مسلسل مجاهدي
سان بالآخر مجازي سٽيائين ۽ پنهنجي اندر جي آئيني
کي ايترو ته اُجاريائين جو ڏسڻ پسڻ جا طور طريقا
مٿس عيان ٿيڻ لڳا. ان جو ثبوت ’ڪنڊي واري ماڳ‘ ۾
ياد الاهي ۾ محويت ۽ ان موقعي تي پنهنجي والد شاهه
حبيب طرفان... تي سندس ڏنل جواب مان ملي ٿو. جئن
شاهه لطيف هاڻي وڏو هو... پنهنجي والد کي حال
ڏيندو هو ته هُئو ڪٿي وڃي ٿو چلو ڪڍي. عبادت لاءِ
ويهڻ کان پوءِ شاهه حبيب سندس سماءُ لهندو هو ۽ پڻ
روحاني واردات ۾ سندس حال ڀائي ٿيندو هو. هن ڀيري
وچان هڪ ٻن ڏينهن جي وٿي پئجي ويئي ۽ واءُ لڳڻ ڪري
ڪنڊي واري جاءِ کي مٽي گهيري ويئي ۽ لطيف جي جسم
تي پڻ لٽ چڙهي وئي. ان حالت ۾ کيس ڏسي شاهه حبيب
جي دل ڀرجي آئي (جئن تصغير ۾ آندل پيار ڀرئي لفظ
’انگڙا‘ مان ظاهر آهي) ۽ چيائين ته:
”لڳي لڳي واءَ، ويا انگڙا لٽجي“
والد جو هي دلنواز آواز ٻڌي شاهه لطيف پڻ ساڳي جذبي سان جواب
ڏنو ته:
”پئي کڻي پساه، پسڻ ڪارڻ پرين جي“(1)
شاهه لطيف جو هيءُ جواب، جنهن ۾ ساڳي دلپذير بيان ۽ ساڳي دلپذير
معنى ۾ ٻي سٽ چئي بيت پورو ڪيائين، سو ان عمر ۾
سندس اعلى شاعرانه شعور جو آئينو آهي، پر ان کان
وڌيڪ اهو سندس اندر جي اوجر ۽ روحاني رُتبي تي
شاهد آهي، ڇاڪاڻ جو هن جواب ۾ سندس پنهنجي
’نِيستي‘، ’ڀرپور سڪ ۽ صبر‘ ۽ ’عشق الاهي ۾ رچي
راس ٿيڻ‘ جا سڀ اهڃاڻ سمايل آهن
(2).
پير هاشم شاهه سان پهرئين ڀيري ملڻ کان پوءِ شاهه لطيف ٽي سال
کن سانده رياضتون ڪيون هيون. هينئر سندس عمر 18
سال کن هئي. شاهه حبيب هاڻي جڏهن ٻيهر کيس فيض ۽
نظر جي صاحب پير هاشم شاهه جي خدمت ۾ وٺي ويو تڏهن
هن لطيف کي محبت ۽ شفقت جي نگاهه سان ڏٺو ۽ دعا
ڏيندي چيو ته:
’لطيف جو چراغ روشن ٿيندو.‘
يعني ته ’آئنده خود لطيف پنهنجو چراغ شروع ٿيندو‘، يا ٻي مراد
ته ’هن وقت به روشن آهي پر اڃان اڳتي هلي گهڻو
وڌيڪ روشن ٿيندو.‘
*ٻنهي
حالتن ۾ هيءَ ورندي واڌائي واري هئي: هڪ طرف شاهه
حبيب کي اطمينان ٿيو ته سندس والدانه تربيت جو
مقصد پورو ٿيو، ته ٻئي طرف شاهه لطيف کي مستقبل ۾
شمع روشن ٿيڻ واري واڌائي سان گڏ ويتر وڌيڪ ترغيب
ملي ته کيس سلوڪ ۽ معرفت ۾ ڪمال حاصل ڪرڻ لاءِ
اڃان به اڳتي قدم وڌائڻو آهي. درويش هاشم شاهه
پوءِ سگهو ئي تاريخ 12 ربيع الاول سنه 1120هه ۾
وفات ڪئي. ان وقت شاهه لطيف جي عمر ڀريا ارڙهن سال
هئي. آئنده تربيت جي واڳ هاڻي خود سندس پنهنجن هٿن
۾ هئي: شفيق والد پنهنجو فرض پورو ڪري چڪو هو، ۽
درويش هاشم شاهه پڻ سندس نالو وٺي کيس ئي دعا سان
نوازيو.
3. پاڻ پنهنجي تربيت ۽ ڪماليت ڏانهن قدم وڌائڻ وارو دور
(1120-1142هه)
جوان- سال لطيف جو ’خود پاڻ پنهنجي تربيت وارو‘ هي دور ويهه-
ٻاويهه سال کن مسلسل طور جاري رهيو. اهو سندس
زندگي جو خاص الخاص طلب ۽ تلاش، پرجهه ۽ پروڙ وارو
دور هو، جيتوڻيڪ سندس عارفانه تحقيق جو سلسلو سڄي
عمر تائين هلندو رهيو. زمان ۽ مڪان جي لحاظ سان،
هيءُ دور ٻن حصن ۾ وراهيل نظر اچي ٿو: هڪ پهرين
پنڌرهن سالن (1120-1135هه) وارو دور جنهن ۾ سندس
سلوڪي طلب ۽ تحقيق وارا پنڌ نسبتاً ڪجهه پراهان
هئا، ۽ ٻيو پوين پنجن- ستن سالن کن وارو دور
(1135-1142هه) جنهن ۾ سندس ٻاهرين پنڌن سنا گڏ ’ڀٽ
واري ڀيڻي‘ تي پڻ توجهه ٿيو. انهن ٻنهي دورن ۾ حق
۽ حقيقت جي مسلسل طلب ۽ تلاش جا اڳتي هلي جيڪي
نتيجا نڪتا، ۽ جن جا اهڃاڻ شاهه عبداللطيف جي
پوئين دور واري زندگي ۾ نمايان ٿيا، تن جي بناءَ
تي ڪافي وثوق سان چئي سگهجي ٿو ته هن عرصي ۾ سندس
عملي ۽ فڪري ڪشالي جو رخ خاص طرح چئن قبلن طرف
رهيو: (1) ڏسڻ پسڻ ۽ پرجهڻ پروڙڻ خاطر سير سفر جو
سلسلو شروع ڪيائين، (2) شاديءَ جي رسم پوري
ڪيائين، (3) عارفانه زندگي جي عملي راهه رسم جي
ڄاڻ لاءِ پنهنجي وڏي ڏاڏي ميين شاهه ڪريم جي سوانح
۽ طور طريقي کي سمجهڻ جي ڪوشش (3) سلوڪ ۽ معرفت جي
اعلى معنوي فڪر ۽ ڄاڻ لاءِ ميين شاهه ڪريم جي
ننڪتن ۽ حقيقتن توڙي مولانا رومي جي مثنوي ۾ سمايل
رازن کي پردو... ڪيائين، (5) ٻين جي تلقين لاءِ
پنهنجي فڪر کي سنڌي بيتن ۽ واين ذريعي ... پهه
ڪيائين.
پنهنجي سر، شاهه لطيف جي بامقصد مسافرين ۽ ملاقاتن جي... ماڳن
سان ٿي جتي اڳ هو پنهنجي والد سان گڏجي ويندو هو.
انهن ۾ مٽياري، گنجو ٽڪر ۽ اڳتي بلڙي ۽ ٺٽو هئا.
بلڙي سندس ڏاڏاڻو.. سندس وڏي ڏاڏي ميين شاهه ڪريم
توڙي ڏاڏي عبدالقدوس شاهه جون قبرون اُتر طرف
(پراڻن) هالن جي تاريخي شهر ڪوٽڙي کي ويجهو هو ۽
... ماڳ هو. شاهه لطيف جي وقت ۾ به عالمن ۽ درويشن
جو گهر هو... اوڀر طرف ’گولي پير جو مقام‘ سندس
واسطي اهميت وارو هو، پڙڏاڏي جلال شاهه (جمال
شاهه) شهيد جو مزار هو. اتان اوڀر- ڏکڻ طرف...
ڪناري وارن درويشن جا ماڳ مڪان ديدار لاءِ اهميت
وارا هئا. خاص... ۽ اڳتي شاهپور ۽ نصرپور وارو
ڀاڱو ويجهو هو، جتي وڏو شاعر ۽ درويش.. اڃان زنده
هو، ۽ شاهه لطيف وٽس وڃڻ شروع ڪيو. ساڱري... طرفن
۽ پوءِ اڳتي هيٺ لاڙ ۾ ويندي بدين تائين ڪي اهڙا
ماڳ هئا... فيض وارا فقير ۽ عالم موجود هئا؛ پڻ ڪن
ماڳن تي اڳين مشائخن جون خانقاهون ۽ درگاهون هيون،
جن منا گهڻا سندن وقت ۾ ميين شاهه ڪريم جا صحبتي
هئا. انهيءَ ڪري انهن ڏانهن شاهه لطيف جو لاڙو
فطري هو.... ڪنار سان، اتران پهريائين مشائخ هوٿي
جي درگاهه هئي، جيڪو... کانئس پوءِ سندس ٻه پهتل
فرزند احمد ۽ محمد ميين شاهه ڪريم... ان کان ڏکڻ
طرف ڪن ٻين اهل مماتي وارن بزرگن جون مزارون... پڻ
ميين شاهه ڪريم جي وقت جا هئا ۽ شايد ساڻس مليا
هئاـــ مثلاً... ڀرڪيو ڪاتيار، درويش پلي، پنيو
سهاڙ، مخدوم محمد اسماعيل سومر... شيخ موسو، رڪن
الدين ولد رتو (جُنوڻ جي علائقي جو)؛... مهراڻ
فقير نهڙيو، مخدوم صابر ولهاري، مٽياروي سيد ساجن
سوائي... (ولهار ۽ ونگي علائقن جا). ميين شاهه
ڪرين جي ناتي سان،... انهن درويشن جي ماڳن مڪانن
کي ڏوري ڏسڻ فطري هو، جيتوڻيڪ ٻين جي تلاش ۾ ڪن
ٻين جاين تي به ويو هوندو. اڳتي تلهار ۽ بدين
طرف... وڏن عزيزن بزرگن جون مزارون ۽ خانقاهون
هيون. ميين شاهه ڪريم ۽ ٻئي وڏا لائق ۽ سالڪ هئا.
اڃان اڳتي بدين لڳ، ’شهاب الدين سهروردي جي مقام‘
۾ (جيڪو عوام ۾ ’شاهه بَدِي جو مقام‘ سڏجي) خود
ميين شاهه ڪريم جو... ’شاهه للو‘ مدفعون هو.
انهيءَ ڪري ساڱري جي ولين جي ماڳن مڪانن، کان پوءِ
اڳتي ويندي بدين تائين شاهه لطيف جو وڃڻ بلڪل قرين
قياس نظر اچي ٿو.
سندس هن سير سفر واري دور جا پهريان پنج ڇهه سال غالباً گهڻي حد
تائين سنڌ جي ماڳن مڪانن کي ڏسڻ، درويشن جي
خانقاهن ۽ درگاهن جو ديدار ڪرڻ، مختلف ڌنڌي پيشي
وارن وٽ ويهڻ ۽ عوامي زندگي جي مطالعي ۾ گذريا. هن
عرصي اندر گهڻي ۾ گهڻا گهمرا پنهنجي وڏي ڏاڏي ميين
شاهه ڪريم جي درگاهه تي ڪيائين ۽ گهڻو ڪجهه
پرايائين. هاڻي هو وڌيڪ وڏا ڏيهه ڏورڻ وارو هو
يعني ته پڪن اُڀرندڙ... سان مالامال ٿي ڪماليت طرف
قدم وڌائڻ وارو هو، جو کيس زميني زندگيءَ... هڪ
اهم منزل مان مٽڻو پيو، ۽ اها هئي سندس شادي جنهن
۾ سندس شفيق... جي رضا ۽ رغبت اثرانداز ٿي. هن وقت
سندس عمر 24 سال کن هئي.
شاديءَ جي رسم: شاهه عبداللطيف جي ڳڀورائي ۽ بلوغت وارو دور اڳ
ختم ٿي چڪو هو، پر فهم ۽ فڪر جي ڪمال ۽ عروج طرف
وڌڻ جي اڃان ابتدا هئي: سندس توجهه ڪماليت جي راهه
۾ مسلسل ڪوشش ۽ ڪشالي ۽ قدم اڳتي وڌائڻ طرف هو، جو
ڄاتائين ٿي ته ويهڻ جو وقت ڪونهي ۽ تتيءَ ٿڌيءَ
ڪاهڻو آهي. شادي ۽ گهر ٻار ڪري ويهي رهڻ سندس
سالڪانه جدوجهد ۽ جستجو جي خلاف هو. شاديءَ بابت
سندس خيال ساڳيا وڏي ڏاڏي ميين شاهه ڪريم وارا
هئا، جنهن شاديءَ کي رنج ۽ آزار ٿي سمجهيو ۽ رڳو
’لوڪ لڄا جي ڪري شادي ڪئي هئائين‘(1)
. شاهه عبداللطيف جو پنهنجو چوڻ هو ته جيستائين حق
جو طالب مطلوب سان نه ملي، ... سالڪ الاهي وصال نه
ماڻي تيستائين شادي نه ڪري، ڇاڪاڻ جو سلوڪ جي راهه
۾ ڪاميابي آزادي ۽ يگانگي ۾ آهي(2)
. باوجود انهيءَ جي جو سندس سڄو توجهه اخلاق ۽
ڪردار جي معراج طرف هو، زندگي جي هن مرحلي تي هڪ
اهڙو واقعو پيش آيو جو کيس شادي ڪرڻي پئي.
ڀٽ تي ميين نورمحمد واري اوطاق 1954ع تائين
موجود هئي ۽ ان سال مٿي درگاهه ڏانهن ويندڙ
رستي کي سرڪاري طور ڪشادي ڪرڻ وقت اها ’ميين
جي اوطاق‘ رستي جي وچ ۾ اچي ٿي وئي ۽ ’بل ڊوز‘
ڪري ڊاٺي وئي. پوءِ فقط هڪ کوهي باقي وڃي رهي
هئي، جيڪا رستي جي پوري وچ تي مٿان ڪنهن شيءِ
سان ڍڪي ڇڏي هئائون، جيڪا راقم پاڻ ڏٺي هئي.
’ميين جي اوطاق‘ ۾ هڪ ’دڪي‘ ٺهيل هئي، اها چُن
سان لتل هئي.... ميان ان جي خاص سنڀال ڪندا
هئا ۽ روزانو ڇنڊ ڦوڪ ڪندا هئا جو شايد بعضي
شاهه جڏهن پنهنجي استاد وٽ ايندو هو ته ان دڪي
تي ويهندو هو. ميين نورمحمد جي پٽ ميين ولي
محمد جي شاهه صاحب وٽ وڏي عزت هئي، ايتري قدر
جو وفات بعد ميين ولي محمد... شاهه صاحب کي
غسل ڏياريو ۽ جنازي نماز پڙهائي.
”مير حبيب الله که همانا ذات اقد سيش ناموس
سلسلہ کريميہ و بکرامات ظاهره اظهر ست“
(مقالات الشعراءِ، ص 357) ”هميشہ صاحب وجد و
حال بوده و استغراق ڪما... (تحفة الڪرام، مطبع
ناصري دهلي، 3X173).
اهڙو اشارو سانگي جي نظم ۾ آهي. (لطائف لطيفي،
ص 61).
|