سيٺ پونجا جو قتل. سنڌ جي فوج جڏهين ڪڇ مان هلي
ويئي، ۽ فوري خطرو ٽري ويو، تڏهن راءُ شرطن جي
بجاوريءَ متعلق ٻڌ-تر ۾ پئجي ويو. سخت واعدي خلافي
ڪندڙ ۽ فسادي حڪمران هو، ۽ واعدو پاڙڻ جي سندس
اڳيان ڪابه اهميت نه هوندي هئي. پونجا سيٺ شرطن
پوري ڪرڻ جي خيال سان ڪڇ ۾ رهيو پيو هو. هن راءُ
کي گهڻوئي سمجهايو ته واعدي خلافي نه ڪر، انهيءَ
جو نتيجو چڱو نه نڪرندو. راءَ کي هن خيرخواهيءَ جي
مشوري تي ايتري ڪاوڙ آئي، جو پونجا سيٺ کي پاڻ وٽ
گهرائي، پنهنجي هٿ سان کيس زهر جو پيالو ڏنو، ۽
مجبور ڪيو ته فوراً پي وڃي. اهڙيءَ طرح، ويچارو
پونجو خيرخواهيءَ جي پاداش ۾ ناحق ماريو ويو، ۽
ميان غلام شاهه سان جيڪو عهدنامو ڪيو ويو هو، اهو
پورو نه ٿي سگهيو.
ٻي چڙهائي. ميان صاحب کي جڏهن هي حالات معلوم ٿيا،
تڏهن وري نئين سر ڪڇ تي حملي جي تياري ڪيائين. ڪن
روايتن مان معلوم ٿئي ٿو ته هو ٿوري دير انهيءَ
ڪري ترسي پيو، جو افغانن طرفان سنڌ تي حملي جو
خطرو پيدا ٿي ويو هو، انهيءَ ڪري رقم جو مطالبو
پورو ٿي نه سگهيو هو. جڏهن هيءُ خطرو ٽري ويو،
تڏهن 1178 هه(66-1765ع) ۾، ٻيهر ڪڇ تي چڙهائي ڪئي.
هن دفعي فقط پنجاهه هزار فوج ساڻ هئي. هيءَ فوج
پنهنجي مرڪز ڪوٽ لکپت کان اڳتي وڌي، تڏهن ناڙو
خالي ٿي ويو- مورو جي قلعي تي حملو ڪيو ويو، ڪيترا
ڪڇي مارجي ويا ۽ قلعو فتح ٿي ويو.
راءَ هن دفعي رستي جي کوهن ۾ زهر وجهرايو هو، ميان
صاحب کي انهيءَ ڪري، ڦيرو ڪري ڀُڄ جي طرف کان
پيشقدمي ڪرڻي پيئي. جڏهن ڀُڄ سنڌي فوج کان فقط
پنجن ڪوهن تي هو، تڏهن ڪڇ جي راءُ ٻيهر صلح جي
درخواست ڪرڻ سان گڏ؛ پنهنجي سوٽ جي ڌيءُ، ميان
صاحب جي نڪاح ۾ ڏني[1].
ميان صاحب هن حرم کي ”سنڌ راڻي“ جو خطاب ڏنو.
مختلف روايتن مان معلوم ٿئي ٿو، ته هيءُ شادي وڏي
شان شوڪت سان ٿي، ٻنهي طرفن کان مناسب تڪلفات عمل
۾ آيا.
پهرئين حملي جي موقعي تي ميان غلام شاهه سنڌونديءَ
جي اولاهين شاخ جي مُنهن بدلائڻ جو، حڪم ڏيئي ڇڏيو
هو. هيءَ شاخ لکپت بندر وٽان لنگهندي هئي، ميان
صاحب مناسب هنڌ تي ان کي بند ڏيارائي ڇڏيو. انهيءَ
ڪري ميان صاحب جي حڪومت جي حد کان لکپت بندر
تائين، سارو علائقو ويران ٿي ويو. چون ٿا ته هن
حصي ۾ چانورن جي پيدائش نهايت جهجهي ٿيندي هئي، ۽
ان کان پوءِ، اتي آباديءَ جو نشان ئي نه رهيو[2].
انهيءَ زماني ۾ علي بندر جي تعمير عمل ۾ آئي.
ڪڇين جي اڳرائي. انگريزن جي واپاري ڪوٺيءَ جي
ڪاغذن مان معلوم ٿئي ٿو، ته ميان صاحب جي ڪڇ تي
ٻيءَ ڪاهه کان اڳ، خود ڪڇ جي ڏکڻ سنڌ تي حملا شروع
ڪري ڏنا هئا. جيئن هڪ تحرير ظاهر مان آهي ته
”آڪٽوبر 1764ع جو هڪ وڏو حصو، انهن متواتر حملن ۾
گذريو، جو ڪڇ جي راجا جي ماڻهن سنڌ جي ڏاکڻئي ڀاڱي
تي ڪيا. هو، ننڍين ڊونڊين جا ٻيڙا وٺي آيا ۽ ڪيترن
ننڍن ڳوٺن ۽ شهرن کي بريءَ طرح لٽيو. هينئر حاڪم
هڪ چڱي وڏي فوج، انهن جي آئنده حملن کي روڪڻ لاءِ
موڪلي آهي، انهيءَ ڪري هاڻ، ملڪ جي هن حصي ۾ امن
بحال ٿي ويو آهي، ۽ وڌيڪ شرارت جو انديشو نه رهيو
آهي.
وڌيڪ تفصيلات. پهرئين حملي جي ڪيفيت، جيمس برگس هن
ريت بيان ڪئي آهي:
”راءِ گوڙجي دور ۾ سنڌين ڪڇ تي حملا ڪيا. هيءُ
1762ع جو واقعو آهي. سنڌي فوج اسي هزار هئي، ۽
ميان غلام شاهه ڪلهوڙو انهن جو سردار هو. جاره وٽ
هڪ خونريز لڙائي ٿي، جو لکپت کان ارڙهن ميلن جي
پنڌ تي آهي. ان کان فوراً پوءِ غلام شاهه واپس
هليو ويو. هن، ڪڇ جي رڻ جي اتر طرف، مورا ڳوٺ وٽ،
سنڌونديءَ جي هڪ شاخ، جنهن جو نالو ڦرن هو، ان کي
بند ڏياري ڇڏيو. جنهنڪري رڻ ۾ ۽ ان ملڪ ۾
سنڌونديءَ جي پاڻيءَ جو وهڪرو بند ٿي ويو... ۽ هڪ
نهايت وڏو حصو، جو اڳ سرسبز ۽ شاداب هو، نهايت
خوفناڪ ڪلر ۽ ويران رڻ پٽ ۾ بدلجي ويو. هتي اڳ
سارين جي پوکي ڪئي ويندي هئي، جنهن مان ڪڇ جي حاڪم
کي ويهه هزار پائونڊ سالياني ڍل وصول ٿيندي هئي.
هيگ جو بيان. هيگ، ٻنهي ڪاهَن جي اجمالي ڪيفيت
بيان ڪندي لکيو آهي ته، غلام شاهه جو شروع ۾ برابر
اهوئي ارادو هو ته ڪڇ کي فتح ڪري، پنهنجي ملڪ سان
ملائي ڇڏي. ليڪن هو، مدافعين جي بيپناهه استقامت
کان بيپرواهه رهڻ لاءِ تيار نه هو. مدافعين راجپوت
هئا؛ ۽ جڏهن معاملات نزاڪت جي آخريءَ حد تائين
پهچي وڃن ها. انهيءَ ڪري، غلام شاهه فتوحات جي
اعزاز تي قناعت ڪئي، جي هڪ وڏي نقصان سهڻ کان پوءِ
حاصل ڪيون ويون هيون. بهرحال، ٻاهرين لڙائين ۾، هن
جي طاقت چڱيءَ طرح نمايان ٿي.
”صمصام الدولہ“ جو خطاب. ميان صاحب، ڪڇ کان
فاتحانہ انداز ۾ واپس موٽيا، تڏهن افغاني درٻار ان
جي اڳوڻن خطابن ۾ ”صمصام الدولہ“ جو واڌارو ڪيو.
خاندان مان ”جنگ“ جو خطاب سڀني کان اول ميان يار
محمد کي مليو هو؛ ميان غلام شاهه کي ”جنگ“ کان
سواءِ ”دولت“ جو خطاب به مليو. شاهپور جو شهر ميان
غلام شاهه آباد ڪرايو هو، ليڪن اتي تيز هوائن لڳڻ
ڪري مٽي ۽ دز تمام گهڻي اڏامندي هئي، انهيءَ ڪري
اهو شهر ڇڏي ڏنائين، ۽ هڪ ٻيو نئون شهر شاهپور
نالي آباد ڪرايائين. هيءُ شهر هن وقت سڪرنڊ تعلقي
۾ هڪ معمولي ڳوٺ جي صورت ۾ آهي.
”سنڌ راڻيءَ“ سان شادي جي تاريخ. ڪتاب مڪمل ٿي چڪو
هو، ميان سرفراز جا ڪجهه شعر سنڌي زبان جي ”نئين
زندگي“ رسالي ۾ شايع ٿيا. انهن ۾ ”سنڌ راڻي“ سان
ميان غلام شاهه جي شاديءَ جي تاريخ هن ريت لکيل
آهي:
گشت اڳ فضل ايزدِ دوار روي گيتي چون
آسمان نور[3]
شاهِ دوارن غلام شاهه نجف مظهرِ لطفِ
ايزدِ داور
حضرتِ دادگر ميان صاحب آن شہِ پاڪ زاد
پاڪ گهر
راجہ ڪڇ ڪہ همچو او درجاه نهود هيچ راجہ
ديگر
”ڊولہ“ آمد چو ازانواحيء ڪچ بهزار احترام و صد
مخفر
چون شبِ بسند و هشت از شعبان بود اين
شاديء خجستہ تر
لاجرم گشت سال تاريخش
بہ بود اين قرآن شمس و قمر[4]
1176هه
باب پنجون
سنڌ ۾ انگريزن جون واپاري ڪوٺيون
پورچوگيز ۽ سنڌ. هندستان سان يورپي قومن جي بحري
تجارت جي شروعات واسڪو ڊيگاما جي ڪئليڪٽ پهچڻ سان
ٿي. پورچوگيز تمام ٿوري ئي عرصي اندر هندي وڏي
سمنڊ ۾ عام مختار بڻجي ويا. ۽ ساري تجارت سندن ئي
هٿ ۾ اچي ويئي. هنن جي ٺٽي ۾ به آمدرفت جاري رهي.
سن 1555ع ۾، مرزا عيسى ترخان ۽ سلطان محمود بکر جي
حاڪم جي وچ ۾ ڪشمڪش شروع ٿي ويئي. مرزا عيسى ترخان
پورچوگيزن کان مدد طلب ڪئي، انهيءَ ڪري پيڊرو
بيريٽو رولن (Pedro
Borrato Rolin)
اٺاويهن جهازن سان ٺٽي پهچي ويو. انهيءَ وچ ۾ مرزا
عيسى خان ۽ سلطان محمود وچ ۾ صلح ٿي چڪو هو.
پورچوگيزن معاوضو طلب ڪيو، جواب مليو ته جڏهين
اوهان ڪو ڪم ئي نه ڪيو آهي ته پوءِ معاوضو ڇا جو؟
پورچوگيز موقعو ڏسي ٺٽي ۾ داخل ٿي ويا. اٺ هزار
ماڻهن کي قتل ڪيائيون، ۽ ايترو مال اسباب پاڻ سان
کڻي ويا، جو سندن ئي اندازي مطابق ايشيا ۾ کين
ڪڏهن به حاصل نه ٿيو هو[5].
سنڌ واسين سان فرنگين جي تعلق جو هي خونچڪان ۽
دردانگيز واقعو انهيءَ زماني ۾ پيش آيو، جڏهن مرڪز
هندستان ۾ سورين ۽ مغلن جي درميان تقدير جي فيصلي
جي آخري بازي لڳي چڪي هئي. مغل هندستان مان هڪ
دفعي نڪري وڃڻ کان پوءِ ٻيهر قدم ڄمائڻ جي ڪوشش ۾
هئا، ۽ شير شاهه جي قائم ڪيل افغان سلطنت جو نقشو
مٽجي رهيو هو.
”تحفته الڪرام“ جو بيان. ”تحفته الڪرام“ مان معلوم
ٿئي ٿو ته سنڌ جي حڪومت مرزا عيسى خان ۽ سلطان
محمود جي وچ ۾ تقسيم ٿي چڪي هئي. جڏهن مرزا، محمد
باقيءَ کي وليعهد بنايو، تڏهين ظاهريءَ طرح هن
ارادي سان بکر طرف روانو ٿيو ته باقيءَ جي لاءِ
سلطان محمود کان وفاداريءَ جي حلف جي تجديد ڪرائي،
مگر حقيقت ۾ سندس مقصد هيءُ هو ته درٻيلي جي پرڳڻي
کي به سيوستان ۾ شامل ڪري:
”انهيءَ عرصي ۾ فرنگي گوئا بند کان لاهريءَ پهتا.
ملڪ کي جڏهين مالڪ کان خالي ڏٺائون، تڏهن ٺٽي تي
حملو ڪيائون. جمعي جي ڏينهن جامع فرخ ۽ ٻين هنڌن
تي هنن تمام گهڻن ماڻهن کي قتل ڪيو. گنج شهيدان
کان سواءِ، بازار امير بيگ ۽ جامع فرخ جي آسپاس ۽
ٻين هنڌن تي جن شهيدن جون تربتون آهن، اهي فرنگين
جي ئي هٿان قتل ٿيل آهن. مرزا عيسى خان جڏهن هيءَ
خبر ٻڌي، تڏهن فوراً سلطان محمود سان ملڪي حدن جو
فيصلو ڪيائين، ۽ ٺٽي پهچي ويو. بيان ڪيو وڃي ٿو ته
مرزا فرنگين کي مدد جي خيال سان گهرايو هو، مگر
جڏهن مرزا کين ٺٽي ۾ نه مليو، تڏهن هنن هيءُ
خوفناڪ قدم کنيو. بهرحال فرنگين جڏهن مرزا عيسى
خان جي اچڻ جي خبر ٻڌي، تڏهن ٺٽي جي ڳلين ۽
بازارين ۾ بارود پکيڙي باهه ڏيئي، پاڻ رفوچڪر ٿي
هليا ويا[6].
وڌيڪ روايتون. هيگ جي خيال موجب سنڌي مؤرخن هن
واقعي جي اهميت جو پورو اندازو نه ڪيو آهي. هن
پورچوگيزن ۽ فرانسي مؤرخن جي بيانن مان پورا
تفصيلات پنهنجي ڪتاب ۾ درج ڪيا آهن، جن جو مفاد
هيءُ آهي:
پورچوگيزن جو گورنر بسين ۾ هو، ۽ جڏهن مرزا عيسى
جي طرفان مدد جي درخواست پهتي، تڏهن ن پيڊرو
بيريٽو رولن کي ست سؤ ماڻهن سان روانو ڪيو. جي
اٺاويهن جهازن ۾ سوار هئا.
هيءُ ٻيڙو جڏهن ٺٽي پهتو، تڏهن وليعهد پورچوگيزن
جي امير البحر سان ملاقات ڪئي، ۽ پنهنجي والد کي
ٻيڙي جي اچڻ جو اطلاع ڏنو.
چند ڏينهن بعد پورچوگيزن جي امير البحر خبر ٻڌي ته
مرزا عيسى خان دشمن سان صلح ڪيو آهي. هن اهو
اندازو ڪيو ته هاڻ امداد جي ضرورت نه آهي، ۽
وليعهد کي چيائين ته مان واپس وڃڻ چاهيان ٿو، جيڪا
رقم مون کي ڏيڻ جو وعدو ڪيو ويو هو سا ڏني وڃي.
جيئن ته وليعهد جو بيان اطمينان بخش نه هو، انهيءَ
ڪري اميرالبحر شهر ۾ ڪاهي پيو، هن غضب جي جوش ۾
اچي، اٺن هزارن کان وڌيڪ ماڻهن کي ماري ڇڏيو، ويهن
لکن پائونڊن کان زياده قيمت جو سامان باهه جي نذر
ڪيو، ۽ انهيءَ غنيمت جي مال مان جهاز ڀريا، جي
ايشيا جو نهايت قيمتي خزانن مان هو.
هن سموري ڪارروائيءَ ۾ هن هڪ ماڻهوءَ کي به رهڙ
ڪانه رسي.
لاهوري بندر جي قلعي وارن مقابلو ڪيو، مگر
پورچوگيزن قلعو فتح ڪري پوءِ ان کي ڊهرائي ڇڏيو[7].
هڪ فرانسيسي مؤرخ لکيو آهي ته شروع ۾ پورچوگيزن جي
اميرالبحر کي حملي ڪرڻ ۾ هٻڪ هئي؛ پوءِ هن سڀ کان
اول هڪ مسجد تي قبضو ڪيو، ۽ ان بعد ساري شهر تي
پنهنجو قبضو ڄمايو ۽ ماڻهن کي ناقابل تصور
بيدرديءَ سان لٽيو. بيزبان جانورن کي به نه ڇڏيو
ويو. ٺٽي کان واپسيءَ وقت پورچوگيزن درياهه جي
ٻنهي ڪنارن جي آبادين تي حملا ڪيا ۽ هر ڳوٺ کي
تباهه ڪيو:
”بيشمار مقتولن ۽ وسيع لٽمار جو بدلو هڪ خوفناڪ
طوفان ورتو: بيريٽو هرهنڌان جو مال لٽمار ڪري هٿ
ڪيو هو، اهو سمورو سمنڊ ۾ اڇلڻو پيس ۽ وڏيءَ
مشڪلات سان درياهه مان هلندو بندرگاهه تي پهتو.[8]“
انگريزن جو اچڻ. انگريزن جي سنڌ پهچڻ جو قصو هيءُ
آهي ته پهرين پهرين ٻه انگريز ٺٽي ۾ آيا؛ انهن کي
هڪ پورچوگيز پادريءَ زهر ڏيئي ماري ڇڏيو. ايسٽ
انڊيا ڪمپنيءَ پنهنجن ڪارڪنن کي هدايت ڪئي هئي ته
سنڌ کي به پنهنجي تجارتي سرگرمين جي حلقي ۾ آندو
وڃي. انهيءَ ڪري انگريز جهاز ران ٺٽي پهچڻ جون
مسلسل ڪوششون ڪندا رهيا. 26 سيپٽمبر 1613ع ۾،
پهريون انگريزي جهاز ديبل جي بندرگاهه ۾ داخل ٿيو.
پوءِ جيمس اول انگلستان جي بادشاهه جو سرٽامس رو
نالي ايلچي سنڌ ۾ آيو. سال 1635ع ۾ انگريزن ٺٽي ۾
پهرين واپاري ڪوٺي قائم ڪئي. هو قلمي شورو خريد
ڪري يورپ موڪليندا هئا. هيءَ ڪوٺي 1662ع ۾ بند
ڪرڻي پين.
خدا ڄاڻي ڊاڪٽر سورلي ڪهڙي بنياد تي هيءَ راءِ
قائم ڪئي ته هيءَ ڪوٺي انهيءَ زماني ۾ بند ٿي،
جڏهن اورنگزيب جي تخت نشينيءَ کان پوءِ ملڪ ۾
هنگامي حالتون پيدا ٿي ويئون[9].
شاهجهان جي پٽن ۾ تخت نشينيءَ کان جيڪي لڙائيون
ٿيون هيون، انهيءَ ڪوٺي جي بند ٿيڻ کان گهٽ وڌ چار
سال اڳ ختم ٿي چڪيون هيون. ان کان پوءِ ملڪ جي اڌ
صديءَ تائين اهڙو امن قائم رهيو، جو 1635ع کان
1662ع تائين جو دور امن جي لحاظ کان ان کان بهتر
نه هو. پوءِ بندش جي انهيءَ سبب کي ڪهڙي بنياد تي
قبول ڪري سگهجي ٿو؟
ڊاڪٽر سورلي پنهنجي ڪتاب ۾ ٻئي هنڌ لکيو آهي ته،
1659ع ۾ اورنگزيب ۽ ان جي ڀائرن جي وچ ۾ جيڪي
لڙائيون شروع ٿيون، تڏهين ان مان پيدا ٿيل
بدانتظاميءَ سنڌ ۾ به واضع طور اثر وڌو. انهيءَ
سال ۾ ۽ ايندڙ سال سنڌ ۾ ڏڪار ۽ پليگ تباهي مچائي[10]؛
ليڪن هيءُ معلوم نه ٿي سگهيو ته تاج ۽ تخت جي
لڙائين ڪري سنڌ ۾ ڪهڙي بدانتظامي پيدا ٿي؟ جيڪڏهن
1659ع ۽ 1660ع ۾ ڏڪار ۽ پليگ سنڌ کي تباهه ڪيو، ته
انگريزن جي تجارتي ڪوٺي ٻن سالن بعد ڇو بند ٿي؟
1699ع ۾ ڪپتان هيملٽن ٺٽي پهتو؛ ان وقت اتي پليگ
جي بيماري پيئي، جنهن ۾ اسي هزار ماڻهو مري ويا.
ٺٽي ۾ ان وقت چار سو درسگاهه هئا. قلعو ايترو وڏو
هو، جو پنج هزار ماڻهو آسانيءَ سان رهي سگهيا ٿي.
تجارت جو نئون فرمان. پهرينءَ ڪوٺي جي بند ٿيڻ کان
پنجانوي سالن بعد انگريزن کي وري خيال آيو ته سنڌ
سان تجارتي تعلقاتن ڳنڍيا وڃن. هيءُ انهيءَ سال جو
واقعو آهي، جنهن سال انگريزن مير جعفر کي حڪومت جو
جي لالچ ڏيئي پلاسيءَ جي جنگ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي
هئي، ۽ بهار، بنگال ۽ اوڙيسا ۾ سندن قدم ڄمي ويا
هئا.
22 سيپٽمبر 1758ع جو، غلام شاهه ڪلهوڙي جي درٻار
مان کين واپار ڪرڻ جو پروانو مليو. رابرٽ سمپٽن
پرواني حاصل ڪرڻ لاءِ ڳالهه ٻولهه هلائي هئي. جارج
بوشيئر، جو بمبئيءَ جي ضرب خاني جو آفيسر هو، سو
سنڌ ۾ واپاري ڪوٺيءَ جو انتظام سنڀاليندڙ مقرر
ٿيو، ۽ سيموئل بيون کي سندن نائب مقرر ڪيو ويو[11].
ان وقت انگريزن جي سامهون قلمي شوري جي تجارت هئي،
جو سنڌ ۾ نهايت گهڻي انداز ۾ هٿ ايندو هو، ۽ هر
ملڪ کي بارود ٺاهڻ لاءِ ان جي ضرورت هئي. 22 اپريل
1761ع جو، انگريز ڪارندي مسٽر ارسڪن هڪ ٻيو به
پروانو حاصل ڪيو، جنهن مطابق ڪمپنيءَ کي قلمي شوري
جي واپار جو ٺيڪو ملي ويو.
انگريزن ظاهري طرح واپار کي فروغ ڏيڻ چاهيو ٿي،
ليڪن اهو نه سمجهڻ کپي ته سندن دل ۽ دماغ سياسي
مقصدن کان يڪسر خالي هئا. ڪرناٽڪ ۽ بنگال ۾ انهيءَ
تجارت جيڪي گل ڪڍيا هئا، اهي ڪنهن کان لڪل نه هئا.
تنهن هوندي به، سنڌ ۾ کين تجارت جي اجازت ملي
ويئي. هنن شاهبندر کي پنهنجو واپاري مرڪز بنايو ۽
پريتم داس روپچند کي، جو مقامي واپاري هو، قلمي
شوري پهچائڻ جو ٺيڪو ڏنو.
واپاري اجازت ناما. واپاري اجازت نامن جي سرسري
ڪيفيت هيٺ درج ڪجي ٿي:
پهريون پروانو 22 سپٽمبر 1758ع ع تي حاصل ڪيو ويو.
ٻيو پروانو 11 آڪٽوبر 1758ع تي مليو. هن پرواني ۾
انگريزن لاءِ خاص رعايتون تجويزون ٿيون. مثلاً حڪم
ڏنو ويو ته انهن کان فقط ڏيڍ سيڪڙو محصول ورتو
وڃي، ۽ ٻين کان آمدني مال تي جيڪو محصول ورتو وڃي
ٿو، انگريزن کان ان جو اڌ ورتو وڃي؛ جيڪو مال
وڪامي نه سگهي، اهو واپس کڻي وڃن ته ان تي ڪوبه
محصول نه ورتو وڃي؛ جهازن لاءِ سامان سڙو بنا
محصول جي خريد ڪن؛ مسٽر سمپٽن جيڪڏهن چاهي ته ٺٽي
۾ يا بندرگاهه ۾ پنهنجي رهڻ لاءِ مڪان ٺهرائي،
باقي ٻئي ڪنهن به انگريز کي گهر ٺهرائڻ جي اجازت
نه رهندي.
مسٽر ارسڪن کي جيڪو پروانو مليو هو، ان ۾ واضع ڪيو
ويو هو ته انگريزن کان سواءِ ٻيءَ ڪنهن به فرنگي
قوم کي سنڌ ۾ قلمي شوري خريدڻ جي اجازت نه هوندي،
۽ ان جو ڪوبه جهاز ٻڏي وڃي يا مال کي نقصان پهچي
ته سرڪاري ماڻهو جهاز ڪڍڻ ۾ مدد ڏين، ۽ رواج مطابق
پنهنجو اجورو وٺي، مال يا جهاز انگريزن جي حوالي
ڪن.
اوني ڪپڙي جو واپار. انگريز آهستي آهستي پنهنجي
وطن مان اوني ڪپڙو آڻي وڪڻڻ لڳا. سنڌ ۾ هن جنس جي
ڪا اهڙي گهرج ڪانه هئي. افغان ۽ ايراني واپاري
هيءُ ڪپڙو خريد ڪندا هئا. ٿوريءَ مدت ۾ سنڌ جي
حڪومت ۽ انگريزن جي وچ ۾ ڪي قدر ڪشمڪش جي صورت
پيدا ٿي ويئي. هن جي اجمالي ڪيفيت هيءَ آهي ته
سنڌ، افغانستان کي خراج پهچائيندڙ هئي. افغان
واپارين کي ڪابل کان پروانو ملي ويندو هو، ۽ هو
محصول ڏيڻ کان سواءِ مال خريدڻ جا حقدار بنجي
ويندا هئا. سنڌ جي حڪومت حڪم ڏيئي ڇڏيو هو ته ڪوبه
افغان واپاري مال خريدڻ لاءِ شاهبندر نه وڃي.
انگريز پنهنجو سامان شاهبندر کان ٺٽي آڻيندا هئا
ته محصول ڀريندا هئا. افغان شاهبندر نه ٿي وڃي
سگهيا ۽ انگريز محصول ڀرڻ کان سواءِ ٺٽي ۾ مال آڻي
نه ٿي سگهيا. اوني ڪپڙي جو واپار دلالن ذريعي
ٿيندو هو. سنڌ حڪومت دلالن کان پورو محصول وصول
ڪندي هئي. انگريزن هڪ دفعو درخواست ڪئي ته افغان
واپارين کي شاهبندر اچڻ جي اجازت ڏني وڃي، اسين سؤ
تي اڍائي رپيا محصول ظاهر ظهور خزاني ۾ داخل ڪندا
رهنداسين. هيءُ درخواست منظور نه ٿي.
صورتحال جو نقشو. مطلب ته صورتحال هيءَ هئي:
انگريزن چاهيو ٿي ته دلالن جو واسطو ختم ٿي وڃي، ۽
هو هٿون هٿ افغان واپارين کي مال وڪڻي سگهن.
انهيءَ ۾ هنن کي زياده فائدو نظر آيو ٿي.
افغان واپارين جي هيءَ خواهش هئي ته کين محصول ۽
دلالي ادا ڪرڻ کان سواءِ مال وڃي ته جيئن نفعي ۾
واڌارو حاصل ٿئي.
سنڌ حڪومت جي مفاد جي طبعي تقاضا هيءَ هئي ته
واپار فروغ حاصل ڪري، ۽ واپاري پنهنجيءَ محنت ۽
مشقت سان برابر فائدو حاصل ڪن؛ مگر حڪومت جي جائز
منافعي کي نقصان نه رسڻ گهرجي.
سنڌ حڪومت لاءِ اوني ڪپڙي جي واپار ۾ مداخلت ڪرڻ
جو هڪ سبب هيءَ به هو ته هو سالياني خراج جي رقم
جو هڪ حصو اوني ڪپڙي جي صورت ۾ افغانستان موڪليندي
هئي؛ انهيءَ ڪري هوءَ هن تجارت تي پنهنجي ڪنٽرول
کان دستبردار ٿي نٿي سگهي.
اهڙيءَ ريت هن ڪشمڪش جي شروعات ٿي. انگريزن کي
پنهنجي جائز نفعي سان گڏ حڪومت جي جائز نفعي جو به
خيال رکڻ گهربو هو، جنهن کين تجارت ۾ خاص رعايتون
ڏيئي ڇڏيون هيون؛ ۽ افغانن کي به هن ڳالهه جو
احساس ٿيڻ گهربو هو ته جنهن حڪومت کان هو خراج
وصول ڪن ٿا، ان جي مالي وسيلن جي ڪمزوري خود سندن
دولت حاصل ڪرڻ واري مقصد ۾ رڪاوٽ ٿيندي. جيڪڏهن هي
ٻئي ڌريون حق ۽ انصاف تي ڪاربند رهن ها ته ڪشمڪش
پيدا نه ٿئي ها. ائين نه ٿيو، ۽ اڳتي هلي وڌيڪ
سببن ڪشمڪش ۾ واڌارو آندو. تنهن هوندي به، انگريزن
جي لاءِ هيءَ تجارت ايتريقدر ته نفعي بخش هئي، جو
هو گوناگون تڪليفن جي باوجود انهيءَ لڳا رهيا.
گلاب راءِ. انگريزن جي بيانن مان معلوم ٿئي ٿو ته
ڪن سرڪاري ڪارڪنن کي انهن فرنگي تاجرن جي روش سخت
ناپسند هئي، ۽ هنن چاهيو ٿي ته هي ماڻهو تنگ ٿي
ملڪ مان نڪري وڃن. انهن ماڻهن مان انگريزن
گلابراءِ جو نالو بار بار ورتو آهي، جو ٺٽي م
محصول وصول ڪرڻ تي آفيسر مقرر هو. انگريزن جي
بيانن مطابق، هو هر موقعي تي انگريزن جي ڪاروبار ۾
ڪانه ڪا رڪاوٽ پيدا ڪندو هو. ڪڏهن مال روڪي ڇڏيندو
هو، ته ڪڏهن محصول جي رقم جي فيصلي ڪرڻ ۾ دير
لڳائيندو هو، مگر جيئن ته تجارت تمام نفعي بخش
هئي، انهيءَ ڪري انگريز سڀني تڪليفن کي برداشت
ڪندا پئي رهيا. هنن ڪن وقتن تي پنهنجون شڪايتون
درٻار ۾ پهچايون ۽ اتان تاڪيدي حڪم پڻ حاصل ڪيا؛
مگر انگريز جن حالتن پيدا ڪرڻ جا خواهان هئا، اهي
پيدا ٿي نه ٿي سگهيون، انهيءَ جو وڏو سبب هيءُ هو
ته خود انگريزن جي دل ۾ دغا هئي: هنن تجارت ۾
زياده کان زياده نفعو حاصل ڪرڻ چاهيو ٿي، ۽ اهو
خيال نه هون ته حڪومت کي به سندس جائز حق ملندو
رهي.
هڪ دفعي ڪوٺيءَ جي هڪ انگريز اعليٰ انتظامي آفيسر
سان گڏ، پريتمداس، ميان غلام شاهه جي درٻار ۾
شاهپور پهتو. اتي سندس جي وڏي عزت ڪئي وئي.
پريتمداس ملڪي ماڻهو هو ۽ درٻارين سان بنا تڪلف
ملندو رهيو هوندو. هن مختلف درٻارين کان جيڪي
ڳالهيون ٻڌيون، انهن جي بنياد تي انگريزن کي صاف
صاف چئي ڏنائين ته اوهان ماڻهن جي نفعي اندوزيءَ
متعلق ميان صاحب وٽ مبالغي آميز اطلاع پهچي چڪا
آهن، انهيءَ ڪري سرڪاري ڪارڪن اوهان کي تنگ ڪري
رهيا آهن.
مسقط جي لاءِ قلمي شورو. انگريز قلمي شوري جو
مقاطعو کڻي چڪا هئا. انهيءَ عرصي ۾ مسقط جي امام
طرفان هڪ وڪيل قلمي شوري خريدڻ لاءِ سنڌ پهچي ويو.
ميان غلام شاهه کي ان جو خيال رکڻ ضروري هو، ڇو جو
محمد مرادياب خان جڏهن ملڪ مان نڪري وڃڻ جو ارادو
ڪيو هو، تڏهن پنهنجو سمورو خزانو مسقط موڪلي ڏنو
هئائين.۽ پوءِ جڏهن هو اوچتو معزول ٿي ويو، تڏهن
مسقط جي امام، محمد مراد ياب خان جي موڪليل خزاني
جو وڏو حصو غلام شاهه کي واپس ڏياري موڪليو، ۽
باقي رهيل خزاني موڪلڻ جو واعدو ڪيو هئائين. عام
حالات کان سواءِ، انهيءَ خاص ضرورت کي سامهون
رکندي، ميان صاحب امام موصوف سان دوستانا تعلقات
قائم رکڻ چاهيا ٿي؛ چناچه حڪم ڏنو ويو ته ’مسقط جي
امام جو وڪيل، جنهن به هنڌان کيس جيترو به قلمي
شورو گهرجي، خريد ڪري‘.
انگريزي ڪمپنيءَ جي سنڌي شاخ جي ڪارڪنن لاءِ هيءُ
فرمان وڏيءَ پريشانيءَ وارو هو، حالانڪ انهيءَ ۾
هنن جي مقاطعي جي حقن کي ڪوبه نقصان نه پهتو هو.
هنن سنڌ مان قلمي شوري جي خريداريءَ کي پنهنجي
پنهنجي واپاري مصلحت جي خلاف ڄاتو، انهيءَ ڪري
پنهنجي صدر دفتر بمبئيءَ ڏانهن لکي موڪليائون ته
’مسقط جي امام ڏانهن پنج سؤ مڻ قلمي شوري جا
معمولي اگهه تي اوهين پاڻ موڪلي ڏيو ته جيئن وڪيل
هتان واپس هليو وڃي‘.
انگريزن جون خودغرضيون. ميان صاحب انگريزن کي هڪ
نفعي بخش تجارت جي اجازت ڏئي ڇڏي هئي، ۽ کيس بجا
طور اميد هئي ته هي ماڻهو ضرورت جي وقت ڪم ايندا.
پهرئين دفعي، ڪڇ تي حملي ڪرڻ وقت، ميان صاحب
انگريزن کي چيو ته هڪ مسلح جهاز مدد لاءِ ڏياري
موڪليو. هنن هيءُ چئي انڪار ڪيو ته ڪڇ جي راءَ سان
اسان جي دوستاڻا تعلقات آهن، ۽ انهن کي بگاڙڻ
مناسب نه آهي.
انهيءَ وچ ۾ هڪ ٻيو واقعو پيش آيو. ميان صاحب جو
هڪ ماڻهو- جنهن جو علينواز خان نالو هو. ويهه هزار
رپيا، ست واچو، چند گرجستاني غلام، حبشي ڪنيزون ۽
ٻيو مختلف سامان کڻي سورت ڏانهن ڀڄي ويو. انگريزن
جو فرض هو ته انهيءَ ڀاڳيلي کي گرفتار ڪرائين ها،
يا گهٽ ۾ گهٽ پيسا ۽ سامان واپس ڏيارائين ها. ميان
مطالبو ڪيو، مگر انگريزن ڪابه مدد نه ڪئي[12].
هڪ دفعي ميان صاحب چيو ته ڏهه هزار گولا ٺهرائي
ڏيو ۽ مناسب اگهه اسان کان وٺو. انگريزن ميان صاحب
جي اها طلب پوري نه ڪئي. وري ميان صاحب جي اها طلب
به پوري نه ڪئي. ميان صاحب ٻن ماهر توبچين جي گهُر
ڪئي. تجارتي ڪوٺيءَ جي ڪارڪنن پنهنجي طرفان
بمبئيءَ لکي موڪليو ته ’هن طلب جي پوري ڪرڻ مان
جيتوڻيڪ اسان جي ڪاروبار کي فائدو رسندو، ليڪن
دورانديشيءَ جي اهائي تقاضا آهي ته هن گهُر کي
پورو نه ڪيو وڃي ۽ ميان صاحب کي ابتو سبتو جواب
ڏيئي، انهيءَ ڳالهه تان ٽاري ڇڏڻ گهرجي‘.
”دورانديشي“ ڪهڙي هئي؟. سوال پيدا ٿو ٿئي ته
انگريزن جي نزديڪ دورانديشي ڪهڙي هئي؟ اها هيءَ
هئي:
جيڪڏهن ميان غلام شاهه کي ماهر توبچي ملي ويا ته
هو طاقتور حڪمران بنجي ويندو.
جيڪڏهن هن کي طاقت حاصل ٿي ويئي ته افغانستان کي
خراج ڏيڻ کان آزاد ٿي ويندو.
جيڪڏهن هن آزادي حاصل ڪري ورتي ته سنڌ ۾ افغانن جي
اچڻ وڃڻ ۽ واپار ڪرڻ جو سلسلو ختم ٿي ويندو.
جيڪڏهن افغانن جي اچ وڃ روڪجي ويئي، ته سنڌ ۾ اسان
جي اوني ڪپڙي جي واپار کي سخت نقصان رسندو.
هيءَ هئي انگريزن جي دورانديشي، ۽ اهو هو نقطہء
نظر: هنن فقط اوني ڪپڙي جي واپار خاطر سنڌ کي
ڪمزور ۽ افغانستان جو محڪوم رکڻ چاهيو ٿي!
ميان غلام شاهه کين قلمي شوري جي واپار جو مقاطعو
ڏئي ڇڏيو هو، ۽ رعايتن ۾ به وڏي حوصلي ۽ فراخ
دليءَ کان ڪم ورتو هو؛ ڇا، انهيءَ عظيم احسان جو
بدلو انگريزن جي نزديڪ اهو هو ته سنڌ جي پير ۾
محڪوميءَ جي زنجيرن قائم رهڻ جي تائيد ۽ حمايت ۾
سرگرم رهن؟
ميان صاحب جو حقيقت کي ظاهر ڪرڻ. انگريزن جڏهين
بار بار سرڪاري ڪامورن جي خلاف ميان صاحب وٽ
شڪايتون ڪيون، تڏهن هڪ موقعي تي ميان صاحب کين
جواب ڏنو ته ’اوهين واپاري آهيو، ۽ پنهنجي تجارتي
فائدي لاءِ منهنجي ملڪ ۾ آيا آهيو؛ مون اوهان کي
زياده کان زياده رعايتون ڏنيون، ليڪن اوهان چئن
سالن ۾ منهنجي هڪ به گهُر پوري نه ڪئي، ۽ جڏهن به
مون کي ڪا ضرورت ٿي پيئي ته اوهين هميشہ ٽال مٽول
ڪندا رهيا. اوهين رڳو نفعي جا اميدوار آهيو.
انهيءَ سلسلي ۾ اوهان کي پنهنجي فرضن جو ڪڏهن به
احساس نه ٿيو. اهو خيال ڪڏهن نه آيو ته جنهن جي
ملڪ ۾ ويهي ۽ رعايتون حاصل ڪري، هٿ رنڱي رهيا
آهيو، ضرورت جي وقت ان جي خدمت اوهان تي واجب آهي.
شڪايت جو حق ٻنهي ڌرين مان جيڪڏهن ڪنهن کي آهي ته
فقط مون کي آهي.‘
|