پهريائين ٻنهي لشڪرن جي وچ ۾ توبون هلنديون رهيون؛
پوءِ بندوقن جون گوليون باهه جي اُلن وانگر وسڻ
شروع ٿيون، ۽ آخر مير فتح علي خان پنهنجي جانبازن
کي حڪم ڏنو ته تلوارون کڻي واهه ۾ ٽپي پئو، ۽
دشمنن کي ماري ڀڄائي ڪڍو. بلوچ وڏي مردانگيءَ سان
اڳتي وڌيا. هو، پاڻيءَ مان تري، واهه جي ٻيءَ ڀر
وڃي رسيا، ۽ دشمنن جي لشڪر کي واريءَ جي ذرن وانگر
ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيائون. عبدالنبيءَ، احمد خان نورزئي ۽
بوستان خان، فوج جي ڇڙوڇڙ ٿيندو ڏسي، پاڻ به ڀڄڻ
جو رستو اختيار ڪيو. ٽيئي ڄڻا اتا ڀڄي وڃي ٽن ڪوهن
تي ترسيا. عبدالنبي احمد خان کي چيو ته ’لشڪر کي
ٻيهر ترتيب ڏئي، هتي ترسڻ گهرجي؛ ۽ پوءِ رات جو
مير فتح علي خان تي ڇاپو هڻنداسين‘ احمد خان، خوف
۽ هراس جي حالت ۾، جواب ڏنو ته ’هيءُ ڪم اسان کان
ته ڇا، بلڪ تيمور شاهه کان به ٿي نه سگهندو!‘
شاندار ڪاميابي.مطلب ته مير فتح علي خان کي نهايت
شاندار ڪاميابي حاصل ٿي. مير عظيم الدين ٺٽويءَ
لکيو آهي ته
بحمد الله ڪاوزهء فتح مِير،
در آفاق گرديد شهرت پذير.
(خدا جو شڪر آهي، جو مير جي فتح جو آواز دنيا ڪنڊ
- ڪڙڇ ۾ ڦهلجي ويو.)
چنين فتح گوشِ فلڪ ڪم شنيد،
بحمدالله ڪامروز عالم شنيد.
(اهڙي فتح آسمان جي ڪنن به تمام گهٽ ٻڌي؛ خدا جو
شڪر آهي جو اڄ ساريءَ دنيا ٻڌي ورتي.)
سہ تاريخ اين تازه فتح عظيم،
دو من گفتم و يڪ خداي عليم.
(هن تازيءَ عظيم فتح جون ٽي تاريخون ٿيون، ٻه مون
چيون، ۽ هڪ الله پاڻ:)
بفرمود حق سالءِ نصرت قرين،
ڪہ انّا فتحناڪ فتح المبين.
1204هه
(هن فتح جي سال متعلق خدا فرمايو. اسان توکي فتح
عطا ڪئي. فتح روشن!)
ز دل سال اين فتح شد منجلي:
بحڪمِ ازل فتح فتح علي.
1204هه
(منهنجيءَ دل ۾ هن فتح جو سوال هن طرح روشن ٿيو ته
ازل جي حڪم سان هيءَ فتح عليءَ جي فتح آهي.)
همين سالِ فتح مبارڪ عمل؛
بہ فتح علي حڪمِ فتح ازل.
1204هه
(هن برڪت ڀريءَ فتح جو سال هن طرح به نڪري ٿو ته
’فتح عليءَ کي ازل کان فتح جو حڪم مليو.‘)
عبدالنبيءَ جون وڌيڪ ڪوششون.احمد خان نورزئيءَ جي
شڪست جو حال ٻڌي، تيمور شاهه جي دل ۾ سخت جوش پيدا
ٿيو، ۽ مدد خان کي پاڻ سان وٺي بهاولپور پهتو. هن
دفعي به بهاولپور کي سخت تڪليفون درپيش آيون.
تيمور واپس موٽي ويو. پوءِ پاينده خان بارڪ زئيءَ
کي عبدالنبيءَ سان گڏي، سنڌ ڏانهن روانو ڪيائين.
پاينده خان بارڪ زئيءَ کي عبدالنبيءَ سان گڏي، سنڌ
ڏانهن روانو ڪيائين. پاينده خان، ديري اسماعيل خان
۽ ديري غازي خان مان ٿيندو، مٺڻ ڪوٽ جي ويجهو
درياءُ اڪري، سنڌ پهتو. نصير خان بروهي به شاهي
حڪم مطابق، پايند خان سان اچي مليو. مير فتح علي
خان جا وڪيل شاهي درٻار ۾ انهيءَ ڪوشش ۾ مصروف هئا
ته ڪنهن طريقي سان فيصلو سندن فائدي ۾ ٿئي. قاضي
فيض الله جي ڪوششن سان، شاهه تاڪيدي فرمان جاري
ڪيو ته پانيده خان ۽ نصير خان هڪدم واپس موٽي اچن.
ميان عبدالنبيءَ جڏهن اڪيلو رهجي ويو، تڏهن
پريشانيءَ جي حالت ۾ وٺي ڀڳو. پريشانيءَ جي هيءُ
حالت هئي، جو ٻه گهوڙا سندس سواري ۾ مري ويا. آخر
ٽئين گهوڙي کيس حاجي پور تائين رسايو. سندس وڪيل
لال عزتراءِ ملتان ۾ هو، تنهن کي به اتان واپس
گهرائي ورتائين.
عبدالنبيءَ جي پڇاڙي
ديدي ڪہ خونِ ناحقِ پروانہ، شمع را،
چندان امان نہ داد ڪہ شب را سحر ڪند.
بکر ۽ ليهه جي حڪومت. ميان عبدالنبيءَ جو پٽ، محمد
عارف مدت کان جوڌپور جي مهاراجا طرفان مدد جي اميد
تي ويٺو هو. ته شايد مهاراجا طرفان مدد جو ڪو گس
نڪري پوي، ۽ انهيءَ جي آڌار تي سنڌ جي حڪومت وري
ٻيهر حاصل ڪري سگهجي. مگر جڏهن اميد برصواب ٿيڻ جي
ڪا صورت نظر نه آئي، تڏهن صاحبزادو جوڌپور کان
روانو ٿي بهالپور جي مشهور شهر ديراوڙ ۾ پهچي ويو.
بهاولپور جي واليءَ سندس وڏي عزت ۽ مرحبا ڪئي.
عزتراءِ وڪيل، صاحبزادي جو اُچ ۾ استقبال ڪيو. ان
کان پوءِ، عبدالنبيءَ جي درخواست ۽ نواب امين
الملڪ جي سفارش تي بکر ۽ ليهه جا علائقا جاگير طور
کيس مليا، ۽ چاليهه هزار روپيا پڻ امداد طور عطا
ٿيا.
هي ٻئي علائقا جسڪاڻي بلوچن آباد ڪيا هئا. ’نيڪره‘
انهن جو مرڪز هو
.
عبدالنبيءَ کي انهن علائقن تي قبضي حاصل ڪرڻ لاءِ
جسڪاڻي بلوچن سان جنگ ڪرڻي پيئي. انهن جو سردار
حيات خان وفات ڪري چڪو هو. حيات خان جي ڀاءُ، محمد
خان، زبردست مقابلو ڪيو. جڏهن ڪاميابيءَ سان بچاءَ
ڪرڻ کان نراس ٿي ويو، تڏهن ماڻڪراءِ کي قلعي ۾
ويهاري پاڻ نڪري ڀڄي ويو. اهڙيءَ طرح ’نيڪره‘ ميان
عبدالنبيءَ جي قبضي ۾ آيو
.
سرڪاري خراج جو جهڳڙو. سن 1207هه، مطابق 1793ع، ۾
تيمور شاهه وفات ڪئي، ۽ ان جو پٽ زمان شاهه تخت
نشين ٿيو. ان وقت تائين ميان عبدالنبيءَ ڏانهن
سرڪاري خراج مان هڪ لک رپين جي وڏي رقم رهيل هئي.
انهي رقم جو مطالبو اڳ به ٿيندو رهيو هوندو- نئين
بادشاهه جي ڪارندن بقايا وصول ڪرڻ ۾ زياده چُستي
کان ڪم ورتو ۽ ميان صاحب لاءِ مطالبا ٽارڻ غير
ممڪن ٿي پيو، تڏهن وڃي امين الملڪ جو دامن
پڪڙيائين، جنهن جي سفارش سان کيس هي علائقا حاصل
ٿيا هئا. امين الملڪ جي سعي ۽ ڪوشش سان هيءُ فيصلو
ٿيو ته ميان عبدالنبي پنج سؤ اُٺ پيش ڪري، ۽
جيستائين اٺ حاضر نه ٿين، تيستائين ان جو پوٽو
غلام علي، جنهن جي عمر ان وقت صرف ڏهه سال هئي،
يرغمال ۾ رهي. لالا عزتراءِ کي غلام عليءَ جي
نگرانيءَ ۽ تعليم لاءِ مقرر ڪيو ويو.
لالا عزتراءِ سوچيو ته هيءُ معصوم ٻار ڪابل تائين
سفر جي تڪليف برداشت ڪري نه سگهندو، ان ڪري ان جي
ڇڏائڻ جي تدبير سوچيائين. ٻار کي سيکاريائين ته
جڏهن نواب امين الملڪ وٽ نذرانا پيش ڪرين، تڏهن
حرمسراءِ ۾ وڃي پيش ڪجئين، ۽ ان سان گڏ روئي
پنهنجو حال پڻ بيان ڪجئين. ڇوڪري ائين ئي ڪيو. حرم
جي عورتن کي هن تي رحم آيو، ۽ هنن نواب کي سفارش
ڪري کيس يرغماليءَ جي مصيبت کان آزاد ڪرايو
.
جاگير جو ڦرجڻ. جيتوڻيڪ ميان عبدالنبيءَ سان باقي
رقم جي معاملي ۾ نرميءَ جو برتاءُ ڪيو ويو هو،
ليڪن هو ان رقم جو اڌ به ڏيئي نه سگهيو. جڏهن زمان
شاهه کيس حڪم ڪيو ته پنهنجو فوجي دستو وٺي قنڌار
جي مهم ۾ شامل ٿي وڃ، تڏهن ميان هيءُ حڪم به نه
مڃيو. زمان شاهه کي ايتري ڪاوڙ آئي جو ميان کان
جاگير ڦري ورتائين، ۽ نواب محمد خان کي ان جاگير
جو ناظم مقرر ڪيائين. نواب جڏهن جاگير جي قبضي وٺڻ
لاءِ پهتو، تڏهن ميان مقابلي لاءِ تيار ٿي ويو.
ميان جو پٽ محمد عارف ميدان ۾ نڪتو، ۽ نواب محمد
خان جي سپاهين کي ڀڄڻ تي مجبور ڪري وڌائين. انهن
مان ڪجهه ماڻهو سارين جي پوک ۾ لڪي ويا هئا. محمد
عارف پنهنجن ساٿين سان پيڇو ڪندو پوک جي ويجهو
پهتو، تڏهن انهن ماڻهن انڌا ڌنڌ گوليون هلائڻ شروع
ڪري ڏنيون. اتفاق سان هڪ گولي محمد عارف کي لڳي، ۽
هو اتي ئي مريو پيو. تاجي ليکيءَ جو پٽ راڄو به
انهيءَ لڙائيءَ ۾ مارجي ويو. ميان کي جڏهن پنهنجي
جگر بند جي موت جو پيغام پهتو، تڏهن همت هاري
ويٺو، ۽ علائقو نواب خان جي حوالي ڪري ڇڏيائين. پٽ
کي ”ليهه“ ۾ دفن ڪيائين؛ ۽ پاڻ اهل عيال ۽ مال
اسباب سميت جوڌپور ڏانهن روانو ٿيو. ڳچ ڏينهن مکڻ
ٻيلي ۾ ترسي، پوءِ جيسلمير جي رستي اڳتي روانو ٿيو
۽ پنهنجو هاٿي فضل خان هالاڻيءَ جي حوالي ڪري ويو.
بجي سنگ جي پوٽي راجا ڀيم سنگ ٻه وڏا شهر ميان جي
گذاري لاءِ مقرر ڪيا.
آسماني آفت. سن 1214 هه (1799ع) ۾، ميان عبدالنبي،
جوڌپورين کان ناراض ٿي، بهاولپور هليو ويو. خواجه
لطافت علي، ناظر، هن جي خاندان جو زرخريد غلام هو.
جڏهن ليهه جو علائقو ڦرج ويو، تڏهن هو، ميان صاحب
کي ڇڏي، حج تي روانو ٿي ويو هو. هينئر هن جي ڪوشش
سان راجن پور ضلعي ديري غازي خان جو علائقو ميان
کي ملي ويو.
رنجيت سنگ هيءَ جاگير انهيءَ خيال سان بحال رکي ته
جيئن ضرورت جي موقعي تي ميان صاحب يا سندس خاندان
کي سنڌ تي حملي جي سلسلي ۾ استعمال ڪري سگهجي.
ميان راجن پور پهتو، قضا الاهي سندس گهر کي باهه
لڳي ويئي. سمورو زور جواهر، ريشم ۽ پيشميني جا
ڪپڙا ۽ ٻيون قيمتي شيون سڙي خاڪ ٿي وييون. هڪڙو
موتي وڃي بچيو، جنهن جي به باهه جي لوساٽ سبب اها
چمڪ ڌمڪ گهٽجي ويئي هئي؛ اهو بڪانير جي شاهوڪارن
وٽ چئن پنجن هزارن رپين ۾ گروي رکي، گهر جي ضروري
سامان جو بندوبست ڪيائين.
اميد جي آخري جهلڪ. افغانستان ۾ ڪيترائي انقلاب
آيا: زمان شاهه معزول ٿيو، ۽ بينائي پڻ وڃائي
ويـٺو؛ ان جو ڀاءُ محمود بادشاهه ٿيو، ان شاهه
شجاع کان شڪست کاڌي؛ ۽ شاهه شجاع سنڌ فتح ڪرڻ جو
ارادو ڪيو، ۽ 1318 هه (1803ع) ۾ شڪاپور پهتو: ميان
عبدالنبيءَ جي دل ۾ هينئر وري اميد جي جهلڪ پيدا
ٿي، ۽ راجن پور کان ستن ڏينهن ۾ بادشاهه وٽ
شڪارپور پهچي ويو. انهيءَ وچ ۾ شاهه شجاع ٽالپرن
سان ٺاهه ڪري ڇڏيو، ۽ واپس موٽي هليو ويو. ميان
عبدالنبيءَ کي به ناڪام ٿي واپس ورڻو پيو. هيءَ ان
جي لاءِ اميد جي آخري جهلڪ هئي.
وفات. سن 1220ع (سن 1805ع) ۾، ميان راجن پور ۾
وفات ڪئي. هن جي وفات جون ٻه تاريخون مشهور آهن:
1.
دوش هاتف بود گريان باهزاران چشم درد،
بر يتيم حال عباسي فلڪ ڪو ظلم ڪرد.
2.
آه هاتف ڪرد عباسيست صاحب بي نظير،
سِند را برده بلوچان جاي ما فردوس گير.
انهن ٻنهي شعرن جو مطلب ۽ اعداد، مؤلف جي سمجهه
کان مٿي آهن.
اولاد. ميان صاحب جي ٽن پٽن جو پتو پئجي سگهيو-
پهريون محمد عارف، جو ليهه جي لڙائيءَ ۾ مارجي ويو
۽ اتي ئي دفن ٿيو؛ هن جو هڪڙو پٽ محمد علي جوڌپور
۾ رهيو، ۽ ٻئي پٽ غلام عليءَ متعلق ڪجهه به معلوم
ٿي نه سگهيو. ميان جو ٻيو پٽ تاج محمد خان هو، جو
راجن پور جي جاگير جو وارث بنيو. هو سن 1231هه (سن
1816ع) ۾ فوت ٿيو. هن جا ٻه پٽ هئا- احمد يار خان
عرف شاهنواز خان
۽ ايزد
يار خان. هن جو اولاد اڃا تائين راجن پور ۾ موجود
اهي. ٽئين فرزند، فضل علي خان، حاجي پور ۾ رهائش
اختيار ڪئي.
حرف آخر. اهڙيءَ ريت ڪلهوڙا خاندان جو آخري
تاجدار، پنهنجي غلطين سببان سلطنت کي وڃائي، ويهن
پنجويهن سالن جي رولڙن ۽ پريشانين کان پوءِ، راجن
پور جي خاڪ ۾ وڃي هميشہ لاءِ آرامي ٿيو. ڪلهوڙن
جيڪي سنڌ جون عظيم الشان خذمتون ڪيون، انهن جو
نظير ملڻ لاءِ سنڌ جي تاريخ جا ڪيترائي دور خالي
آهن. ڪيتريقدر نه افسوس ۽ ارمان جي جاءِ آهي، جو
هن خاندان جي آخري حاڪم انهن سڀني خدمتن تي پاڻي
ڦيري ڇڏيو، ۽ سنڌ کي انهن خوفناڪ مصيبتن ۾ ڦاسايو،
جن جا مثال دنيا جي تاريخ ۾ مشڪل سان هٿ اچي
سگهندا. وڏا، ملڪي تعمير ۽ انتظامي سڌارن ۾ يگانيت
جي درجي تي پهتا؛ ۽ اولاد، خاص ڪري آخري حاڪم،
تخريب ۽ ملڪي برباديءَ ۾ يگانو درجو حاصل ڪيو:
آگ تهي ابتدائ عشق مين هم،
هو گئي خاڪ، انتها هي يہ.
باب ٽيويهون
سنڌ جو پس نظر
هڪ ضروري نُڪتو. ڪلهوڙن جي دور انتظامي، تمدني،
سياسي، علمي ۽ ادبي حالات جو نقشو پيش ڪرڻ کان اڳ
مناسب معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ جي انهيءَ پس منظر تي
اجمالي روشني وڌي وڃي، جنهن ۾ هن خاندان ملڪي ۽
قومي خدمتن جو ٻيڙو کنيو، ۽ پنهنجي اسي سالن جي
دور حڪومت ۾ انهن مقصدن لاءِ سرگرميءَ سان ڪم ڪيو،
جي شروعات کان سندن پيش نظر هئا- يا ائين سمجهڻ
گهرجي ته انهن جي سرگرمين مان جن مقصدن جو اندازو
ٿئي ٿو، انهن جي تڪميل ۾ هو پنهنجي وس ۽ همت مطابق
ڪم ڪندا رهيا.
سنڌ وڏي عرصي کان انهن طاقتن جي هٿ هيٺ هلندي ٿي
آئي، جي ان معنيٰ ۾ ملڪي نه هيون، جو هو اُتي جي
ملڪي وسائل کي سنڌ واسين جي بهتريءَ ۽ بهبوديءَ
لاءِ استعمال ڪن ها. انهن قوتن جي نظر ۾ فقط مالي
حاصلات جو مفاد هو، ۽، امن امان قائم ڪرڻ ۾ به
انهن جي فقط انهيءَ ڪري دلچسپي هئي ته جيئن مال
ميڙڻ ۾ ڪو خلل پيدا نه ٿئي. هتي انهيءَ سوال سان
ڪوبه بحث نه آهي ته اهي طاقتون چڱيون هيون يا
بريون. تاريخ اهڙن مثالن کان خالي نه آهي ته بعضي
ملڪي حڪومتون ملڪواسين لاءِ ڌارين حڪومتن جي
مقابلي م نهايت بهتر ثابت ٿيون- مقصد هي آهي ته
ملڪي حڪومتون انهيءَ ڪري ترجيح جو باعث ٿين ٿيون،
جو انهن مان ڪنهن به طرح، ملڪواين جي خيرخواهيءَ
جي زياده اميد هوندي آهي، انهن کي ملڪي ضرورتن جو
پورو اندازو هوندو آهي، ۽ ملڪ جي دولت کان ٻاهر نه
ڪڍنديون آهن. انهيءَ سلسلي ۾ جيڪڏهن ڪي ابتڙ مثالن
جون حڪومتون نظر اچن، ته انهيءَ سببان ڪو بنيادي
اصول کي غلط ٺهرائي نٿو سگهجي.
’آئين اڪبري‘ جو بيان. مغلن جي زماني ۾ سنڌ ٻن حصن
۾ ورهايل هئي: اتريون حصو، جنهن کي ’بکر جي سرڪار‘
چيو ويندو هو، ملتان صوبي ۾ شامل هو؛ ۽ ٻيو
ڏاکڻيون حصو، جنهن جو مرڪز ’ٺٽو‘ هو، هڪ علحدو
صوبو هو، جنهن ۾ پنج سرڪاريون هيون- سرڪار ٺٽو،
سرڪار چاچڪان، سرڪار سيوستان، سرڪار نصرپور ۽
سرڪار چاڪر هالہ. سرڪار بکر ۾ هيٺيان پرڳڻا شامل
هئا.: الور، سکر، چانڊڪي، جتوئي، درٻيلو، سنگهر،
سيوي، فتحپور گنجابو، کهڙي جو ڪُن، ڪالري، ۽
ماٿيلو.
ٻنهي حصن جي سرڪاري آمدني، سرسري اندازي مطابق،
ٿوري گهٽ ساڍا اٺ ڪروڙ دام، يا قريباً ايڪهه لک
رپيا هئي. ٺٽي جي ڪيفيت هن طرح بيان ڪئي ويئي آهي
ته ’سياري جي موسم ۾ پوستينن جي ضرورت نٿي پوي؛
گرميءَ ۾ سيوستان جي هوا معتدل رهي ٿي؛ قسمين
قسمين ميوا پيدا ٿين ٿا، خصوصاً انب تمام گهڻو ٿئي
ٿو: هن ولايت ۾ اناج تمام گهڻو ٿئي ٿو؛ آبادگارن
کان پيدائش جون ٽيون حصو ورتو وڃي ٿو؛ لوڻ ۽ لوهه
جي کاڻ آهي؛ چانور سٺا ۽ تمام گهڻي انداز ۾ ٿين
ٿا؛ هر قسم جا گل موجود آهن؛ ننڍيون وڏيون، چاليهه
هزار ٻِڙيون ٿينديون.
انتظامي حالات. انتظامي حالات متعلق زياده تفصيل
ڪٿي به نٿو ملي؛ ليڪن قياس هيءُ آهي ته ملڪي
انتظام جو ڍانچو اهو ئي هوندو جو ان وقت ملڪ جي
ٻين حصن ۾ رائج هو: يعني سڀ کان ننڍو انتظامي حلقو
’ڳوٺ؛ ان کان پوءِ پرڳڻو، جنهن کي اسان جي دور جي
تحصيل يا تعلقي جي برابر سمجهڻ گهرجي؛ پرڳڻي جي
وڏي سرڪار، جا ڪيترن پرڳڻن تي ٻڌل هوندي هئي، ان
کي، اسان جي دور جي ضلعي جي برابر سمجهڻ گهرجي، ۽
سڀ کان آخر ۾ صوبو. ڪڏهن ڪڏهن صوبي ۽ سرڪار کي
ساڳي ڳالهه ڄاتو ويندو هو- جيئن ”آئين اڪبري“ ۾
ٺٽي کي سرڪار چيو ويو، جو اصل ۾ هن جي حيثيت عملي
طرح صوبي جي هئي، جيتوڻيڪ وڏو صوبو نه هو. هر
انتظامي يونٽ ۾ مختلف سرڪاري ڪارڪن مقرر هوندا
هئا، مثلاً زمين جي حساب رکڻ وارا، ڍلن وصول ڪرڻ
وارا، حسا چڪاسيندڙ ۽ خزانچي. هر صوبي ۾ امن قائم
رکڻ لاءِ ٿاڻيدار موجود رهندو هو، هيٺان کان وٺي
مٿي تائين هر انتظامي حلقي ۾، عام طور اهوئي
انتظام هوندو هو، البت آفيسرن جا عهدا الڳ الڳ
هوندا هئا. عدالتي ڪاروبار قاضين جي حوالي هوندو
هو. جيل به موجود هئا، انهن ۾ کائيندڙ پيندڙ ماڻهو
کاڌي ۽ پوشاڪ جو انتظام پاڻ ڪندا هئا. عالمگير جي
دؤر ۾ غريبن کي ضرورت مطابق کاڌي ڪپڙي ڏيڻ جو حڪم
جاري ٿي ويو هو.
|