شادي ـ
شاهه عبداللطيف جو پيارو دوست مرزا مغل بيگ هو ـ
هو 1713ع ۾ چورن هٿان مارجي ويو، شاهه صاحب ان جي
صاحبزاديءَ سان نڪاح ڪيو ـ اولاد ڪو به نه ٿيوـ هڪ
افسانو مشهور آهي ته شاهه صاحب جي اهليه جڏهن
حامله هئي، تڏهن پلي کائڻ جي خواهش ظاهر ڪيائين ـ
نوڪرياڻيءَ شاهه صاحب جي هڪڙي مريد کي پلي آڻڻ
لاءِ موڪليوـ شاهه صاحب کي جڏهن انهيءَ ڳالهه جي
خبر پئي تڏهن چيائين ته ”جيڪو ٻار هينئر پنهنجي
ماءُ جي پيٽ ۾ ئي منهنجن فقيرن لاءِ تڪليف جو سبب
بنيو آهي، سو جڏهن ڄمي جوان ٿيندو، تڏهن خدا ڄاڻي
ڪهڙا گل ڪڍندو: خدا ڪري هي مکڙي ٽڙڻ کان سواءِ
ڪومائجي وڃي!“ انهيءَ ڪري ٻار مئل پيدا ٿيوــ
ظاهر آهي ته
انهيءَ قسم جا افسانا شاهه صاحب جي ڪرامت جو ثبوت
ته بنجي سگهن ٿا، پر سندس علمگير شفقت ۽ محبت جو
ڪو چڱو اظهار نه آهن، ۽ انهن کي صحيح مڃڻ مشڪل
آهي.
علم وفضل
ـ
عام طور ائين سمجهيو وڃي ٿو ته شاهه صاحب ڪتابي
علم کان بنهه بي نياز هو. ”تحفته الڪرام“ جو بيان
آهي:
با آنڪہ
اُمي بود، حق تعاليٰ تمام علوم بر لوح سينہ اش
مشبت داشتہ ـ
(جيتوڻيڪ هو
اڻ پڙهيل هو، پر خدا تعاليٰ سڀئي علم سندس سيني تي
نقش ڪري ڇڏيا هئا.)
ڊاڪٽر سورلي
لکيو آهي:
شاهه صاحب
جي ڪلام مان ظاهر ٿئي ٿو ته کيس عربي ۽ فارسي جي
اهڙي ڄاڻ هئي، جيڪا ان وقت جي عام پڙهيل ماڻهن کان
گهڻو وڌيڪ هئي. هي ڳالهه يقيني آهي ته هو مولانا
روم جي مثنوي چڱيءَ طرح ڄاڻيندو هو: بلڪ بيان ڪيو
وڃي ٿو ته ميان نور محمد ڪلهوڙي جو تعلق شاهه صاحب
سان قائم نه رهيو هو، ۽ ان ڪري هن مثنويءَ جو هڪ
نهايت عمدو نسخو شاهه صاحب جي خدمت ۾ پيش ڪري،
سندس مهرباني جي نظر حاصل ڪئي هئي.
ليلا رام
وطڻمل جو بيان آهي ته قرآن مجيد، مثنويءَ مولانا
روم ۽ شاهه ڪريم جا سنڌي بيت هر وقت وٽس موجود
رهندا آهن. جيڪڏهن انهي ڳالهه ۾ سچائي جو ٿورو به
گمان موجود آهي ــــــــ ۽ غالباً هڪ حد تائين سچي
آهي ـــــ ته پوءِ هي دعوا سراسر باطل ٿي وڃي ٿي
ته شاهه صاحب خاصو پڙهيل لکيل ماڻهو نه هوــ
مٿئين
اقتباس ۾ ڪنهن اضافي جي ضرورت ناهي. حقيقت هي آهي
ته خوش اعتقاد ماڻهو، پنهنجي ”عقيدت جي مرڪز“ کي
قدرت جي هڪ خاص ڪرشمي قرار ڏيڻ جي غرض سان اهڙا
داستان تيار ڪري وٺندا آهن؛ پر شاهه صاحب جي ڪتابي
تعليم ۽ تربيت جو پيمانو ڀل ڪيتروئي مٿانهون فرض
ڪيو وڃي، ان جي باوجود هو قدرت جي لطف ۽ ڪرم جو هڪ
خاص ڪرشمو رهي ٿو. جيڪي ڪتاب شاهه صاحب مطالع ڪيا،
اهي هر دور ۾ هزارن ماڻهن پڙهيا هوندا، بلڪ گهڻن
جو مطالعو ته شاهه صاحب کان يقيناً گهڻو وسيع هو،
پر تنهن هوندي به انهن مان ڪو به شخص حق گوئي جي
تاثير ۾ شاهه عبداللطيف نه بنجي سگهيو:
هزار نڪتہء باريڪ تر ز مو اين جا
است
نہ هرڪ لہ سو بترا شد قلندري
داند.
حليو ۽
اخلاق ـ
سورلي جي بيان مطابق، بيشمار ماڻهن شاهه صاحب جي
حليي بابت جيڪا معلومات بيان ڪئي، تنهن مان معلوم
ٿئي ٿو ته هو بت جو مظبوط، شڪل جو سهڻو ۽ وچولي قد
جو هو، ڏاڙهي ڇڏي ڏني هئائين. اکيون تمام خوبصورت
۽ ڪاري رنگ جون هيس. چهري مان ڏاهپ پئي بکندي هئي،
۽ پيشاني وڏي ۽ ويڪري هئي. چهري تي سنجيدگي هيس، ۽
معلوم ٿيندو هو ته ڳُوڙهن خيالن ۾ ٻڏل آهي. دل
حقيقت شناس هيس، ۽ سمورو وقت سوچ ويچار ۾ رهندو هو
ـ
شاهه صاحب
جي اخلاق بابت سورلي لکيو آهي ته سندس هلت چلت
حليمائي واري، ۽ گفتگو سنجيدگي واري هئي. لطف ۽
رحم، همدردي ۽ سخا سندس طبيعت ۾ فطري طرح موجود
هيون. انهن گڻن ۽ خوبين سببان سندس شخصيت بيحد
احترام جي لائق بنجي پئي هئي. هو ڪـٺورتا ۽
سختي کان بيحد نفرت ڪندو هو، ايتريقدر جو ڪنهن
انسان يا حيوان کي ڪا معمولي جسماني تڪليف پهچائڻ
به برداشت ڪري نه سگهندو هوـ
اهڙي بلند
پايي، حساس ۽ حقيقت کي پهتل شاعر جي سيرت اهڙي ٿي
سگهي ٿي. مولانا عبدالحق خواجا حاليءَ جي باري ۾
لکيو آهي ته هو هڪ دفعي حيدرآباد(دکن) ويو، اتي
رياست جو هڪ وڏو آفيسر ساڻس ملڻ آيوـ ڪوچوان، گاڏي
کي ڪجهه اڳتي وڌائي بيهاريو، انهيءَ تي آفيسر صاحب
چهبڪ سان ڪوچوان کي مار ڏني. خواجه حالي، مٿان
ماڙي تان اهو نظارو ڏسي رهيو هو. پوءِ هن ٻڌايو ته
آئون سمجهان ٿو ته اڃا تائين مون کي چهبڪن جو آواز
ٻڌڻ ۾ اچي ٿو!،
ڪلهوڙن
سان تعلق ـ
ڪن روايتن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته شاهه عبداللطيف جي
آزاد ۽ قلندرانه هلت چلت ڏسي، مٽيارين جي سيدن
ميان نور محمد ڪلهوڙي وٽ شڪايتون ڪيون؛ ۽ سيدن جي
اثر رسوخ سببان ميان صاحب جي دل ۾ شاهه صاحب خلاف
البت مخالفت پيدا ٿي پئي. ٿي سگهي ٿو ته هن داستان
۾ سچائي جو ڪو پهلو موجود هجي؛ ۽ جڏهن خاندان جا
ئي اڪثر فرد پنهنجي ڪنهن ڀاءُ جي خلاف اُبتيون
سبتيون ڳالهيون ڪن ته ڪنهن شخص جو انهن کان متاثڙ
ٿيڻ غير يقيني نه آهي. سورلي لکيو آهي ته آخر ۾
نور محمد کي شاهه عبداللطيف جي خلوص ۽ اعليٰ رتبي
جو يقين ٿي ويو هو، ۽ پوءِ هن شاهه صاحب سان دوستي
پيدا ڪئي هئي ـــ بلڪه عام روايتن مطابق، ميان
غلام شاهه جي پيدائش شاهه صاحب جي ئي دعا ۽ برڪت
جو نتيجو هئي ـ
وفات ـ
شاهه عبداللطيف ميان نور محمد کان ٻه سال اڳ
1165هه (1752ع) ۾ وفات ڪئي. سندس مريدن مان ڪنهن
شخص هيٺين تاريخ چئي:
ٻه تاريخون
شيخ محمد پناهه ”رجا“ چيون:
شاهه صاحب، ذوالمواهب سيد عبدالطيف،
آنڪه قطب وقت خود از مردان حق،
چون ز جام ارجعي مخمور نوش وصل شد،
گفت ملهم غيب سال رحلتش رضوان حق.“ ـــــ 1165هه
1. گرديده محو عشق وجود لطيف مير،
2.شد محو در مراقبہ جسم لطيف پاڪ ـ
ٻنهي تاريخن مان ”1165هه“ تاريخ نڪري ٿي ـ
شاهه صاحب
کي ڀٽ تي ئي دفن ڪيو ويوـ 1754ع ۾ ميان غلام شاهه،
شاهه صاحب جو مقبرو ٺهرايوـ ”تحفته الڪرام“ جي
مصنف لکيو آهي:
روزي ڪہ ازين سرا نقل فرموده در ماتمش جمعي
از مريدان جان دادند ــــ مزار متبر ڪہ اش بر آن
بہ
هيئت عجيب جاي با روح وصفا ست ــــ گنبد عالي بر
مرقد ش بنا يافتہ و راجا جيسلمير نوبت نذر نموده
ـــ صبح
و شام درگاهش عجيب روح و سرور غريب صفا و
حصور دارد ـــ و اڪينون سيد جمال شاهه قائم مقام
آن ولي
مخصوص بہ ڪرامات خفي و جلي است ـــ و سلسلہ فقرا
چند خليفہ نامور دارد ـ
(جنهن ڏينهن
شاهه صاحب جو انتقال ٿيو ان ڏينهن سندس ماتم ۽
ڪيترن ئي مريدن پنهنجون جانيون ڏنيون. هن جي مزار
مبارڪ عجيب جڳهه آهي، جا روحاني فيض سان معمور
آهي. مٿائنس عاليشان گنبذ ٺهرايو ويو آهي. جيسلمير
جي راجا به نذرانه روانا ڪيا. صبح شام درگاهه تي
عجيب روح ۽ سرور، صفا ۽ حضور رهي ٿوـ هن وقت سيد
جمال شاهه شاهه صاحب جي وڏي ڀاءُ جو پوٽو هن صاحب
ڪرامت وليءَ جو سجاده نشين آهي. شاهه صاحب جي
فقيري سلسلي مان ڪجهه ناليرا فقير خليفا آهن )
شاهه جو
رسالو ـ
”تحفته الڪرام“ جي مٿئين عبارت مان ظاهر آهي ته
شاهه صاحب پنهنجي زندگي ۾ شاعري جي ڪري نه،بلڪ
پنهنجي بزرگيءَ ۽ روحاني فيض جي ڪري مشهور هو ـ
سندس بزرگي جو اندازو هن واقعي مان ٿي سگهي ٿو ته
ڪيترائي مريد سندس جدائي جو غم نه سهيءَ سگهيا ۽
فوت ٿي وياـ
معلوم ٿئي
ٿو ته شاهه صاحب بيخوديءَ جي عالم ۾ شعر چوندو هو.
ڪن روايتن مان ظاهر ٿئي ٿو ته کيس پنهنجي ڪلام کي
گڏ ڪرڻ جو ڪوبه خيال ڪو نه هوـ سندس ٻن عقيدتمند
فقيرن سڄي ڪلام کي گڏ ڪيو: جڏهن شاهه صاحب اهو
ڏٺو، تڏهن سمورو دفتر ڍنڍ ۾ اڇلائي ڇڏيائين. آخر
انهن عقيدتمندن، شاهه صاحب کي راضي ڪري، ٻيهر ڪلام
جو مجموعو مرتب ڪيو: اهو مجموعو ”شاهه جو رسالو“
جي نالي سان مشهور آهي ـ
شاهه جو
رسالو اڄ تائين مڪمل شايع نه ٿيو آهي. سنڌ ۾ هن جا
ڪيترا ئي قلمي نسخا موجود آهن. اڄ ڪلهه ڊاڪٽر
دائوپوٽو صاحب رسالي جي ترتيب ۾ مشغول آهي *ـ
رسالي جي بيتن جو ترجمو ڊاڪٽر سورلي انگريزي ۾ ڪيو
هو ـ شاهه صاحب توڙي سندس رسالي بابت سنڌي ۾ سوين
ڪتاب لکجي چڪا آهن ـ سنڌي کان سواءِ انگريزيءَ ۾
ڊاڪٽر سورلي جو ڪتاب گهڻو مشهور آهي ـ
سنڌي
زبان جي ارتقا ـ
آخر ۾ سنڌي زبان بابت هڪ تازي بيان جو اختصار درج
ڪرڻ ضروري آهي:
1.
ڪلهوڙن جو دور سنڌي زبان جي اوسر ۽ ارتقا لاءِ
سنهري دور هو ـ
2.
ميان سرفراز خان ڪلهوڙي سنڌي زبان ۾ نعت ۽ مناجات
جو آغاز ڪيو ـ
3.
شاهه عبدالطيف سنڌي زبان ۽ ادب ۾ زندگيءَ جو نئون
روح ڦوڪيو ـ
باب اٺٽيهون
تعميرات
تعميرات
ـ
سنڌ ۾ ڪلهوڙن جي دور جي باري ۾ مونکي جيتري
معلومات درڪار هئي، سان باوجود سعيي ۽ ڪوششن جي
ميسر ٿي ڪانه سگهي. هن مقصد لاءِ ساري سنڌ جي چپي
ڇپي جو دورو ڪرڻ ضروري هوـ ان لاءِ ٻه دفعا ڪوشش
ڪيم، پر دوري لاءِ جيڪي اسباب ۽ وسيلا ضروري هئا.
اهي مهيا نه ٿيا، ۽ ان ڪري آءُ هر هنڌ پهچي گهربل
تحقيقات ڪري نه سگهيس، ۽ نڪي آثار قديمه کي روبرو
وڃي جاچي سگهيس ـ آخر ڪار ان کان سواءِ ٻيو ڪو به
چارو نه رهيو ته مختلف ڪتابن ۾ جيڪي احوال درج ٿي
چڪا آهن، تن کي هڪ هنڌ گڏ ڪري مرتب ڪيو وڃي ـ هيٺ
ڏنل بيان انهيءَ طرح جي تحقيق ۽ ڇنڊڇاڻ جو نتيجو
آهن ـ
ڪلهوڙن جا مرڪز ـ
ڪلهوڙن
مختلف وقتن تي مختلف مرڪز بناياـ ميان آدم شاهه
کان ميان دين محمد تائين مرڪزن جي سرسري ذڪر، سندن
احوال ۾ اڳي ئي اچي چڪو آهي ـ جيئن ته ان وقت
تائين باقاعدي حڪومت جو شان اڃا پيدا نه ٿيو هو،
تنهن ڪري انهن کي اها حيثيت نٿي ڏئي سگهي، جا پوءِ
وارن مرڪزن کي گهٽ يا زياده مدت تائين حاصل رهي.
ميان يار محمد جي دور کان ڪلهوڙن جي مختلف مرڪزن
جي مجموعي ڪيفيت هيءُ آهي:
1. خداآباد،
جنهن کي ٻي خداآباد کان الڳ سمجهڻ لاءِ ”خداآباد
پراڻي“ چوڻ زياده مناسب ٿيندو ـ
2.
محمدآباد.
3.مرادآباد.
4. الهه
آباد، جنهن کي پوءِ ”شاهپور“ جو نالو ڏنو ويو.
5. شاهڳڙهه
6. خداآباد
نئين
7. حيدرآباد
هاڻي انهن
جي سرسري ڪيفيت ملاحظه ڪريو:
خداآباد
ـ
جيئن اڳ ۾ ٻڌائجي چڪو آهي، هن مرڪز جو باني يار
محمد خان هو، جنهن کي مغل درٻار کان ”خدايار خان“
ثابت جنگ جو خطاب مليو هو، ۽ غالبً ”خدايار خان“
جي خطاب جي ئي مناسبت کي سامهون رکندي، مرڪز جو
نالو”خداآباد“ رکيو ويو ـ ڪن روايتن مان معلوم ٿئي
ٿو ته پهريائين انهيءَ جاءِ تي جيڪا بستيءَ هئي،
تنهن کي عام طور تي ”شڪارپور پنهواري“ چيو ويندو
هو، جڏهن اها ميان يار محمد خان جي هٿ ۾ آئي، ته
هن ان جو نالو بدلي ڇڏيو، ۽ جيئن جيئن ڪلهوڙا ترقي
ڪندا رهيا، تيئن تيئن هن مرڪز جي رونق آرائش ۽ حسن
۾ به اضافو ٿيندو رهيو ـ ميان غلام شاهه جي دور
تائين خداآباد جي عظمت ۾ ڪوبه فرق نه آيو؛ جڏهن
ميان صاحب حڪومت جو مرڪز حيدرآباد منتقل ڪيو، تڏهن
ساڻس گڏ درٻاري ۽ گهڻا واپاري به اتان هليا ويا، ۽
خداآباد جي رونق گهٽجڻ لڳي ـ عبدالنبي جڏهن مير
عبدالله خان ٽالپر ۽ مير فتح خان ٽالپر کي قتل
ڪرايو، تڏهن ٽالپرن انتقام جي جوش ۾ اچي خداآباد
تي حملو ڪيو ـ هن شهر کي لٽيو ۽ جاين کي باهه ڏئي
ڇڏي ـ اهڙي طرح 1781ع ۾، خداآباد جو شهر تباهه ٿي
ويو.
موجوده
حالت .
هيئر خداآباد ۾ فقط ٻه جايون بچيل آهن ـــــــ
هڪڙي جامع مسجد، ۽ ٻيو ميان يار محمد خان جو
مقبرو. عام روايتن موجب، اهي جڳهيون به چڱيءَ حالت
۾ ڪونهن. 1701ع کان 1768ع تائين هن شهر جي حسن ۽
عظمت ۾ اضافي ٿيندو رهيو؛ 1768ع کان 1781ع تائين
ان جي رونق گهٽبي رهي، پر ان جو وجود قائم هو، ۽
چڱيءَ حالت ۾ هوندو؛ آخر 1781ع ۾ برباد ٿي ويو ـ
چون ٿا ته
هن شهر جا کنڊر لڳ ڀڳ پنجاهه ايڪڙ زمين ۾ ڦهليل
آهن؛ ليڪن يقين آهي ته اصل شهر پنهنجن باغن وغيره
سان زياده وسيع ايراضي ۾ پکڙيل هوندو، جيتوڻيڪ
هيئر ان جي اها ڪيفيت پيش ڪرڻ مشڪل آهي.
خائف جو
بيان .
اسان جي اڳيان خداآباد بابت پهريون بيان باغ علي
”خائف“، ”نامہء نغز“ جي مصنف، جو آهي هو لکي ٿو:
هوا
خوشدل و باغبان دلپذير،
خداآباد شهر است جنت نظير .
(هن جي هوا
دل کي خوش ڪري ٿي، ۽ هن جا باغ دل وندرائيندڙ آهن؛
خداآباد سچ پڇ ته جنت جو نمونو آهي.)
”خائف“ جي بيان مطابق، اتي سروء، ترنچ، صنوبر،
انگور، ناسپاتي، وغيره جا وڻ هئا. گلن مان گلاب،
چنبيلي، نرگس، نسرين، نسترن، نيلوفر، سوسن، سنبل،
هزاري ۽ گل خيري جو ذڪر ڪيل آهي. پکين مان ڪبوتر،
مور ۽ بلبل جا نالا خاص طور ورتا اٿس. ”خائف“ هي
به لکيو آهي ته هن ۾ واهه وهندا هئا، ۽ ڀر ۾
شڪارگاهه هو. هي ميان نور محمد خان جي دور جو نقشو
هو.
”شائق“
جو بيان .
مير علي شاهه ”شائق“، ميان عبدالنبي جي دور جو
نقشو هن طرح پيش ڪيو آهي:
وين
خدابادي ڪہ اندر وي خداآباد ڪرد،
هم چو نام خود خداباد است شهر
جانفزا؛
باد
خداآباد چون در سينہ اقليم سند،
راحت دلهاي پيچان چون دم روحِ
خدا؛
خانہ هايش چون جنان، جانانہ هايش جان ستان،
دلبراش دلربا، دلداد، گانش در
عزا؛
گلعذار رانش
بہ زيبا چهرا چون لالہ زار،
خوش
مقال و رمز فهم ونڪتہ دان و آشنا،
قصر سلطان
درميان و درميانش گلستان،
دست
دولت رانگار و پاي قدرت را حنا.
آخري شعر
مان ظاهر ٿئي ٿو ته ڪلهوڙا حاڪمن جو محل شهر جي وچ
۾ هو، ۽ ان محل جي اندر باغ هو. محل حڪومت سلطنت
جي هٿ لاءِ زيبائش جو سبب هو، ۽ باغ قدرت جي پير
لاءِ ميندي. محل جي تعريف ”شائق“ هنن لفظن ۾ بيان
ڪئي آهي ــ
ارتفاعش را فلڪ بيند اصطرلاب شمس،
قدر مقدارش خداوندا چہ جاي عقل
ما!
(محل ايترو
بلند هو جو ان کي ماپڻ لاءِ آسمان سج جو اصطرلاب
(ستارن جي مفاصلن ماپڻ جو اوزار)استعمال ڪندو هو:
اهڙي حالت ۾ اسان ماڻهن جا عقل ان جي قدر ۽ منزلت
جو ڪهڙو اندازو ڪري سگهن ٿا.)
بازار جي
تعريف ۾ شائق چوي ٿو ته ”جيڪڏهن سير ڪرڻ جو ارادو
آهي ته دل کي هٿ جي تريءَ تي ڪڍي رک هن جي گهٽين ۾
هر طرف سوين يوسف قطارون ٻڌيو ٻيٺا آهن. هن جو هر
دڪان ڪنعان جو نمونو آهي. شهر جهان جي جان آهي.
خداوند هن کي هميشه آباد رک !،
شائق ان باغ
جو نالو ”علي باغ ٻڌايو آهي. ان ۾ حاڪم جي سير
لاءِ هڪ ٻيڙي هئي. ”شائق“ لکي ٿو ته ان کي پاڻي تي
ڪشمير جي حيثيت حاصل هئي، يا چئجي ته سندس شان
ائين هو، جيئن نيل نديءَ جي ڪناري تي مصر ـ
”خائف“ ۽
”شائق“ ٻنهي جي مٿي پيش ڪيل نقشن مان ظاهر ٿو ٿئي
ته شهر ڪافي خوبصورت ۽ دلڪش هو، جيتوڻيڪ ان جي
تفصيلي حيثيت جو ڪو اندازو ٿي نه ٿو سگهي.
جامع
مسجد ـ
جامع مسجد اڄ به موجود آهي، جيتوڻيڪ پوڻا ٻه سئو
سال گذري چڪا آهن. خائف لکيو آهي ته ”جڏهن هي مسجد
جوڙي وئي، ته منجهس نقاشي جو ڪم نهايت عمدو ڪيو
ويو. قبو ايترو بلند ٺهرايو ويو، جو آسمان سان وڃي
مليو. چٽساليءَ جي ڪم ۾ شنگرف گهڻو استعمال ڪيو
ويو. هن کي بيت المقدس ته نٿو چئي سگهجي، پر اتي
هر وقت ذڪر ٿيندو رهي ٿو. نحو ۽ صرف جا استاد،
عربي جي تعليم ۽ تدريس ۾ مشغول آهن. ”صحيح بخاري“
پڙهائي وڃي ٿي. حافظ قرآن جي تلاوت ڪندا رهن ٿا، ۽
ذاڪر تسبيح ۾ مصروف آهن“ . ڪوزنس جي بيان مطابق هي
مسجد ميان يار محمد خان ٺهرائي هئي. هن جا ٻه حصا
هئا: هڪڙو 80 فوٽ ڊگهو ۽ 21 فوٽ ويڪرو ۽ ٻيو 80
فوٽ ڊگهو ۽ 25 فوٽ ويڪرو. اُچائي 34 فوٽ هئي.
ٻاهرئين دروازي تي ٻنهي پاسن، ڪاشيءَ جو نهايت دل
آويز ڪم ٿيل هو. چٽساليءَ جي ڪم ۾ هن کان اڳ تڪلف
۽ بناوت کان ڪم ورتو ويندو هو؛ ميان صاحب انهيءَ
پراڻي طريقي کي ترڪ ڪري نئون طريقو اختيار ڪيو، ۽
مسجد ۾ جيترو به ڪاشيءَ جو ڪم ڪرايو، ان ۾ اصليت
جي شان کي قائم رکيو:
ڪاشيءَ جي هر هڪ سر تي ڪنول جي گل آهي، جو مرڪزي
ڏانڊيءَ مان نڪتل آهي. ان جا سليقي سان سجايل سهڻا
پن، ٻنهي پاسن ڏانهن ڦهلجي رهيا آهن ـ غور سان ڏٺو
وڃي، ته ان جي اندر به بيشمار گل نظر اينداـ منجهس
سختي ۽ اڍانگيءَ جو ذرو به ڪونهي، بلڪ سندس
سموريون ليڪون ملائمت سان لبريز آهن، ۽ ڏسڻ واري
تي ان جو نهايت دلڪش اثر پوي ٿوـ هي جامع مسجد ٻئي
ڪنهن سبب جي ڪري نه، ته گهٽ ۾ گهٽ ڪاشيءَ جي
چترڪاريءَ سببان حفاظت لهڻي.
افسوس جو زائرن ۽ سياحن مسجد جي ڪاشيءَ کي نقصان
رسائڻ ۾ ڪابه ڪسر ڪانه ڇڏي آهي. ڪيترن زورآورن ته
سرن کي اکيڙي کڻي وڃڻ جون ڪوششون ڪيون، پر اهي
ايتريون مظبوط هيون جو اکڙي نه سگهيون، ۽ هنڌان
هنڌان ڀڄي پيون ـ
مقبرو ـ
خداآباد کان هڪ ميل پري ميان يار محمد خان جو
مقبرو آهي ـ هي چورس عمارت آهي، ۽ مٿان گنبذ اٿس ـ
هن تي به ڪاشيءَ جو ڪم ٿيل آهي، جنهن ۾ سنڌ ايران
کي مات ڪري ڇڏيو هو ـ هي مقبرو ميان نور محمد
ٺهرايو هو، جنهن کي تعمير جي شوق ۽ قديم آثارن جي
حفاظت ۾، نه فقط ڪلهوڙا حاڪمن ۾، بلڪ سنڌ جي سڀني
حاڪمن ۾ يگاني حيثيت حاصل هئي ـ اڪثر مقبرا ۽
مسجدون انهيءَ حڪمران ٺهرايون هيون ـ
محمدآباد
ـ
محمد آباد جو بنياد ميان غلام شاهه رکيو هو. ڪتاب
۾ هر هنڌ ان جو ذڪر اچي چڪو آهي ـــــ مثلاً جڏهن
ميان محمد مرادياب خان کي ملڪي انتظام جو مختيار
بنايو ويو، تڏهن ميان نور محمد خان خود محمد آباد
۾ رهائش اختيار ڪئي هئي ـ هن شهر جي موجوده حالت
جي باري ۾ ڪجهه به معلوم ٿي نه سگهبوـ
مرادآباد
ـ
جڏهن ميان نور محمد خان جي وفات کان پوءِ ميان
محمد مرادياب خان جي نالي حڪومت جو پروانو جاري
ٿيو، ۽ هو عمرڪوٽ کان موٽيو، ته نصرپور لڳ درياهه
جي ٻئي ڪناري تي خيما کوڙيا ويا، ۽ اتي ئي ميان
صاحب جي جلوس جي رسم ادا ٿي هئي: انهيءَ هنڌ ـ
1754ع ۾ هڪ شهر آباد ٿيو، جنهن جو نالو ”مرادآباد“
رکيو ويو ـ ڪجهه مدت کان پوءِ درياهه جي ٻوڏ سببان
اهو شهر ناس ٿي ويو ـ هن وقت ان جو ڪو به نشان
باقي نه آهي ـ درياهه جڏهن پنهنجو وهڪرو بدلايو،
نه نصرپور جي به اها اڳوڻي حيثيت باقي نه رهي ـ
الهه
آباد ـ
مرادآباد جو شهر تباهه ٿي ويو، ته ميان غلام شاهه
محمد آباد جي ڀر ۾ هڪ نئون شهر ”الهه آباد“ جي
نالي سان تعمير ڪرايو، پوءِ ان جو نالو مٽائي
”شاهپور“ رکيو ويو ـ ليڪن هي شهر زياده عرصي تائين
مرڪز نه رهيو، ۽ جلدئي ان کي ترڪ ڪيو ويو ـ هيئر
هي هڪ معمولي ڳوٺ آهي ـ شاهپور نالي هڪ ٻيو شهر به
ميان غلام شاهه آباد ڪرايو ـ
شاهه
ڳڙهه ۽ شاهبندر ـ
جنهن زماني ۾ ميان عطر خان ۽ ميان احمديار خان،
عطائي خان کي پاڻ سان وٺي، سنڌ تي چڙهائي ڪئي هئي،
تڏهن ميان غلام شاهه ڏکڻ علائقي طرف هٽي ويو هو ـ
هن گُجي کي مرڪز کي مرڪز بنائي، ان جو نالو ”شاهه
ڳڙهه“ رکيو هو ـ اورنگا بندر مان ماڻهن کي لڏائي
اچي هن نئين شهر ۾ کين آباد ڪيو ـ ميان صاحب هن
شهر جي لاءِ ڀر ۾ ئي هڪ بندرگاهه جو پڻ بندوبست
ڪيو، جنهن تي ”شاهه بندر“ نالو پيو ـ جڏهن خانه
جنگي ختم ٿي وئي، ۽ ساري سنڌ ميان غلام شاهه جي
قبضي ۾ آئي، تڏهن هن مرڪز کي ترڪ ڪيو ويو ـ
حيدرآباد
ـ
ميان غلام شاهه جي پايي وڌل شهرن مان سڀني کان
وڌيڪ حيدرآباد جو شهر آهي، جنهن کي پوءِ حڪومت جي
مرڪز جي حيثيت حاصل ٿي، ۽ ٽالپرن جي زماني ۾ به
اهوئي حڪومت جو مرڪز هو ـ هن شهر جو بنياد 1768ع ۾
رکيو ويو ـ والٽر هئملٽن هن شهر بابت 1820ع ۾ جيڪي
ڪجهه لکيو هو، ان جو نچوڙ هي آهي ته ” هي قلعو هڪ
ٽڪر تي آهي، جو هڪ هزار قدم ڊگهو آهي؛ هن جي هڪ
طرف ڦليلي آهي، ۽ ٻئي طرف ٽن ميلن جي مفاصلي تي
سنڌو نديءَ آهي؛ قلعو پنج ڪنڊو آهي، ۽ ٽڪر جي بيهڪ
مطابق تعمير ٿيل آهي؛ قلعي جون ديوارون سرن جون
آهن، ۽ منجهن بندوقن لاءِ سوراخ؛ ڪيترن هنڌن تي
ٽڪر جو لاهه ايڏو ته اُتانهون آهي، جو جيڪڏهن ڀت
کي ٽوڙي ڇڏجي، تڏهن به قلعي تي چڙهڻ نهايت مشڪل
آهي“:
قلعي جي اندر ڪيتريون ئي خوبصورت مسجدون آهن، پر
ان جي آس پاس ميان غلام شاهه جي مقبري کان سواءِ
ٻي ڪابه ذڪر لائق عمارت ڪانهي، جيڪو قلعي جي ڏکڻ
طرف هڪ ٽڪري تي ٺهيل آهي ـ بازار جي دڪانن تي هر
قسم جون جنسون ڪثرت سان موجود آهن، ۽ گهڻو ڪري
هندو ئي دڪانداري جو ڌنڌو ڪندڙ آهن ــ
پوسٽنز
جو بيان ـ
پوسٽنز لکيو آهي ته حيدرآباد جو شهر هڪ ٽڪريءَ تي
اڏيل آهي، جنهن جي اوڀر طرف سان لڳو لڳ، پري تائين
درياهه وهندڙ آهي ـ هن جي بچاءَ تمام وسيع آهي ـ
هڪ بازار آهي، جا هڪ ميل تائين ڊگهي آهي ـ سامونڊي
هوائون حيدرآباد تائين پهچن ٿيون ـ هي شهر سنڌ جي
پوري وچ تي آهي؛ انهي ڪري غالباً حڪومت جي مرڪز
لاءِ هن شهر جو انتخاب ڪيو ويو ـ ميان غلام شاهه
هن شهر کي قديمي شهر نيرون ڪوٽ واري هنڌ تي آباد
ڪرايو.
ايشيائي
جنگين ۾ غالباً حيدرآباد کي ناقابلِ تسخير سمجهيو
وڃي، پر هن جو هيءُ دهشت وارو ڏيک اصلي طاقت متعلق
غلط تصور پيدا ڪري ٿو.
هي بيان
ٽالپرن جي دور سان تعلق رکندڙ آهن، پر يقين آهي ته
ڪلهوڙن جي دور ۾ به عام حالت انهيءَ کان مختلف نه
هوندي. بعد ۾ هتي ڪيترائي مقبرا ٺهيا. ڪلهوڙن جي
دور جا ٻه مقبرا آهن: هڪ ميان غلام شاهه جو ۽ ٻيو
ميان سرفراز خان جو.
شاهه
بهاري جو مقبرو ـ
هي مقبرو لاڙڪاڻي ۾ آهي، جتي شاهه بهارو مدت تائين
حاڪم رهيو، ۽ پنهنجي انتظام هيٺ آيل علائقي کي
آبادي جي لحاظ سان ڪمال درجي تائين پهچايائين ـ هي
مقبرو ميان غلام شاهه ٺهرايو هوـ چبوتڙو 75 چورس
فوٽ، ۽ ان تي 39 چورس فوٽ مقبري جي عمارت اڏيل
آهي، جا 47 فوٽ اوچي آهي ـ ڪلهوڙن جي دور ۾
لاڙڪاڻي جي رونق گهڻي وڌي وئي هئي ـ شڪارپور جو
شهر سندن هٿن مان نڪري ويو هو، تڏهن لاڙڪاڻو اتر
سرحد تي ڪلهوڙن جو سڀ کان وڏو شهر وڃي رهيو هو ـ
منجهس ريشمي ۽ سوٽي ڪپڙو تمام سٺو ٺهندو هو ـ
متفرق
عمارتون ـ
ڪلهوڙن جي دور جي ٻين عمارتن جو مختصر احوال هيٺ
درج ڪجي ٿو:
1، ميان آدم
شاهه جو مقبرو، جو سکر ۾ آهي ـ ۽ ميان غلام شاهه
ٺهرايو هوـ
2ـ شاهل
محمد جو مقبرو، جو قنبر کان ڇهن ميلن جي پنڌ تي
آهي ـ ميان غلام شاهه ٺهرايو هو ـ ساڍا پندرهن
چورس فوٽ چبوتڙو، ۽ ان تي ساڍا پنجٽيهه فوٽ اوچو
مقبرو آهي ـ
3. ميان
نصير محمد خان جو مقبرو ميان يار محمد خان جوڙايو
هو ـ
4. لاڙڪاڻي
جو قلعو، جنهن جا رڳو هيئر نشان وڃي رهيا آهن ـ
5. پير رڪن
شاهه جي درگاهه، جا 1179هه ۾ تعمير ٿي؛ ۽ پير
شهنشاهه جي درگاهه، جا 1175هه ۾ تعمير ٿي ـ
6. بدين جو
شهر، جو 1750ع ۾ تعمير ٿيو؛ ان کي مدد خان پٺاڻ
تباهه ڪري ڇڏيو هوـ [ٽٽل شهر جا دڙا ظاهر آهن، ۽
اوڀر طرف نئين سر شهر آباد آهي.]
7.شاهه
عبداللطيف جو مقبرو، جو ميان غلام شاهه جوڙايو هو
ـ
8. نوشهرو
فيروز، جو فيروز برگ اڏايو هو ـ
9. خيرو
ديرو، ٽنڊو باگو ـ
10. ميان
نور محمد خان جو مقبرو، جو عالباً ميان محمد
مرادياب خان جي دور ۾ ٺهيو ـ
باب اوڻيتاليهون
پڄاڻي
عام
تبصرو ـ
سمن حاڪمن کان پوءِ سنڌ جي جيڪا پهرين ملڪي حڪومت
قائم ٿي، ان جي سرگشت اسين پڄاڻي تي پهچائي چڪا
آهيون ـ جيتوڻيڪ ڪلهوڙا مجموعي حيثيت سان فقط اسي
ورهيه حڪمران رهيا، ۽ ان مدت جو به وڏو حصو اهڙو
آهي، جنهن ۾ سموري سنڌ سندن قبضي نه رهي ـــــــ
مثلاً ميان يار محمد خان جي ابتدائي دور ۾ سنڌ جو
فقط هڪ حصو سندن انتظام هيٺ هو ـ ميان نور محمد
خان 1739ع ۾ سڄي سنڌ کي پنهنجي انتظامي دائري اندر
آڻڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي ـ چند مهينن کان پوءِ نادر
شاهه سهڙي آيو، ظلم ۽ جبر جي ٻهاريءَ سان پهريائين
هن سنڌ جي سموري دولت جي صفائي ڪري ڇڏي، پوءِ
استبداد جي ڪينچي سان متحده سنڌ جي دامن کي ٽڪرا
ٽڪرا ڪري ڇڏيو ـ ميان نور محمد خان، آهستي آهستي
ملڪي انتظام کي وري نئين سر پنهنجيءَ حالت تي
اندو، ته مٿان احمد شاهه ابدالي اچي ڪڙڪيو، سنڌ
ويچاري وري به خوفناڪ مصيبتن ۾ مبتلا ٿي وئي ـ
ميان نور محمد خان کان پوءِ، ڪيترن سالن تائين
گهرو لڙائين جي باهه ڀڙڪندي رهي ـ ميان غلام شاهه
ٻارهن ـــ تيرهن سال اطمينان سان حڪومت ڪئي ـ
جيتوڻيڪ ان تي به ابدالين جي تلوار لٽڪندي رهي
ــــ ان کان پوءِ وري به بار بار اندروني ڪشمڪشيون
اُڀريون ۽ بار بار افغاني لشڪر سنڌ ۾ آيا، جن مان
مدد خان جي چڙهائي تمام وڏي آفت هئي ـ
انهن بي
اطمنيانن پريشانين جي باوجود ڪلهوڙن جي حڪومت ملڪ
واسين لاءِ راحت ۽ آسائش، واڌاري سڌاري جا اهي
سمورا سامان ڪٺا ڪيا، جيڪي سندن وس ۾ هئا ـ واهه
کوٽائون، غير آباد زمينن کي آباد ڪرايائون، صنعت ۽
حرفت کي ترقي ڏياريائون، ۽ رستا ٺهرائي، مسافريءِ
جو امن قائم ڪري تجارت کي فروغ ڏيارائون:مطلب ته
عوام جي اقتصادي، اخلاقي ۽ انتظامي ضرورتن کي حتي
الا مڪان پورو ڪيائون، ۽ علم ۽ فضل جي سرپرستيءَ ۾
وس آهر ڪا به ڪسر ڪانه ڇڏيائون ـ سنڌي زبان ۽ سنڌي
ادب به انهن جي ئي دور ۾ نئين سر زنده ٿياـ
بي تعصبي
ـ
هي ڳالهه ذڪر ڪرڻ لائق آهي ته ڪلهوڙن جي حڪومت هن
لحاظ سان اسلامي مقصدن جو بهتر اندازو لڳائيندڙ
هئي، جو انهن جي دور ۾ غير مسلمانن ڪڏهن به تعصب
وارو سلوڪ نه ڪيو ويو ـ مٿي بيان ٿي چڪو آهي ته
ميان يار محمد خان جي دور کان هندو ڪارڪنن کي
ڪلهوڙن وٽ خاص اعتماد جو درجو حاصل هوـ ڪيترن هندو
ڪارڪنن جا نالا مختلف هنڌن تي، هن ڪتاب ۾ پيش ٿي
چڪا آهن ـ
ميان يار
محمد خان ۽ ميان نور محمد خان جي زماني ۾ مهتي
موٽو مل حد درجي جو اعتماد حاصل ڪيوـ ان بعد ديوان
گدو مل بلند ترين درجو حاصل ڪيوـ هي ماڻهو نهايت
قابل هئا، ۽ خلوص ۽ ايمانداري سان پنهنجن آقائن
جون خدمتون ڪندا رهندا هئا، انهي ڪري مٿن شفقت ۽
نوازش ۽ ۾ ڪڏهن به بخل نه ڪيو ويوـ مهتي موٽو مل
کي ”برخوادر“ جو لقب حاصل هو، جو ڪلهوڙن جي دور ۾
فقط انهن ماڻهن کي ملندو هو، جن کي هو حڪومت جي
انتظامي ڪاروبار ۾ پنهنجو لازمي جزو سمجهندا هئاـ
جيئن مسلمانن ميان شيخ شڪرالله، شيخ غلام محمد،
مير شهداد ٽالپر ۽ شاهه بهاروـ جيڪڏهن غير مسلمانن
سان عزت ۽ قدر شناسي جو بهترين برتاءُ نه ٿئي ها،
ته هو جيڪر پاڻ کي حڪومت سان ايترو مخلص بنجيه
وابسته ڪن ها، ۽ اعتماد جي اعليٰ درجي تي نه پهچن
هاـ هو سنڌي هئا، پنهنجي صلاحيتن سببان اعليٰ کان
اعليٰ درجن تي فائز ٿياـ صحيح قومي ۽ ملڪي حڪومت
جون تقاضائون انهيءَ صورت ۾ پوريون ٿي سگهيون ٿي ـ
هر شخص کي ملڪ جي باشندي هجڻ جي حيثيت سان، ڪنهن
به قسم جي فرق ۽ ڀيد ڀاءُ کان سواءِ، سندس صلاحيت
۽ ڪارڪردگيءَ جي بنياد تي عزت ۽ رتبو حاصل ٿيڻ
گهرجي ـ ڪلهوڙن جي دور کان پوءِ اها حالت قائم نه
رهي، ۽ ان جي نتيجي ۾، اسان کي معلوم آهي ته هندن
مان ڪيترا ماڻهو اجنبي انگريزن جا ڳجهي طرح ڇاڙتا
بنجي وياـ ملڪ جي آزادي کي جيڪو نقصان پهتو، تنهن
جي سببن مان هڪ اهم سبب اهو به هوـ
وڌيڪ
شهادتون ـ
ڪلهوڙن جي بي تعصبيءَ جو هي نقشو سندن سموري دور ۾
قائم رهيو:
مثلاً ميان
غلام شاهه جي دور جنهن ۾ ڪيترا هندو ذميواريءَ جي
عهدن تي مقرر هئا؛ ميان عبدالنبيءَ جي دور ۾ راءِ
ٻالڪرام۽ گلابراءِ مصدين ۾ شامل هئا، جيئن ”شائق“
جي قصيدي مان واضح ٿئي ٿوـ انهيءَ قصيدي جون وڌيڪ
شهادتون ملاحظه ڪريو:
1.
لائق تحسين بود گدومل ــــ روشن دماغ
2.
دفتر از ديوان اجو مل شد بہ نطم و انتظام
3.ڪرد تار اچند تاراج متارع ــــــ صبر وهوش
با
لب شرين و گفتار خوش و چشم سياه
انهن کان
سواءِ هر راءِ، سهجرام، ماڻڪ ۽ مولچند جا نالا پڻ
ڄاڻايل آهن ـ
اڃا ڪجهه
وڌيڪ ـ
ارڙهين صدي جي ملڪي حڪومت جو هي پهريون مفصل نقشو
آهي، جو ترتيب هيٺ اچي چڪو آهي ـ هن کي سامهون رکي
نئين سر اندازو ڪرڻ گهرجي ته جيڪي شخصيتون اڄ کان
ٻه سئو سال اڳ موجود هيون انهن جي سامهون ملڪ ۽
قوم جا ڪهڙا پيمانا هئا ــــــــــ هنن ڪهڙي
دردناڪ حالات ۽ مشڪلات جي هجوم ۾ ملڪي انتظام ۾
بندوبست جو واڳون سنڀاليون، ڪهڙي طرح مسلسل محنت ۽
مشقت کان ڪم ورتو، ڪهڙي همت ۽ جانفاشي سان اهي
سمورا سامان گڏ ڪيا، جي انهن جي دور ۾ ملڪ واسين
جي آرام خوشحالي ۽ ترقيءَ لاءِ ضروري هئاـ تاريخون
انهي مقصد سان مرتب ڪيون وڃن ٿيون ته ايندڙ نسل
پنهنجن وڏن جي ڪارنامن سان چڱا سبق حاصل ڪن، انهن
جي لغزشن ۽ غلطين کان بچيل رهن ۽ هر قدم اڳتي
وڌائيندا رهن ـ سنڌ جي هڪ قومي حڪومت جي سرگرمين ۽
جانفشانين جو هي نقشو، هڪ آئينو آهي، جنهن کي
سامهون رکي موجوده نسل ۽ ايندڙ نسل پنهنجي عملي
صلاحيت جي خط و خال درست ڪري سگهن ٿا، يا چوڻ
گهرجي ته وڏا پنهنجي اولاد کي اڄ جي زبان ۾ چئي
رهيا آهن:
داديم نشان ز گنج
مقصود ترا ـ
گر ما نر سيديم
تو شايد برسي ـ
|