سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: تاريخ سنڌ ڪلهوڙا دور حصو ڇهون-(جلد-2)

باب:

صفحو: 10

ميان صاحب هن هنڌ تي پنهنجي دارالحڪومت بنائڻ جو پڪو ارادو ڪيو. ذي القعد 1182هه، مطابق مارچ 1769ع ۾، هن هنڌ تي قلعي جي تعمير جو حڪم ڏنو ويو. پوءِ مهاجنن ۽ هندو عاملن کي آسپاس ۾ زمين ڏني ويئي، ٿوري ئي وقت ۾ هن هنڌ تي هڪ نهايت شاندار شهر بنجي ويو، ۽ سندس نالو حيدرآباد رکيو ويو. هڪ سال کان پوءِ، ميان صاحب هن شهر ۾ اچي سڪونت اختيار ڪئي. قلعي ۾ پنهنجي رهائش لاءِ هڪ محلات ٺهرايو، جنهن جو نقشو شيش محل جهڙو هو. حرمسراءِ کان سواءِ، هن محل ۾ ديوان عام ۽ ديوان خاص به ٺهرايل هئا.

هيگ جو بيان. بهرحال دارلحڪومت سنڌونديءَ جي ڪناري يا ان جي ڀر ۾ ئي ٺهي سگهيو ٿي، جهڙيءَ طرح مراد آباد، شاهپور ۽ ان کان اڳ الور، برهمڻ آباد، ٺٽو ۽ منصوره وغيره به درياءَ جي ڪناري تي هئا. انهن شهرن مان ڪي شهر درياءَ جي اُٿل سبب ناس ٿي ويا، ۽ ڪي شهر درياءَ جي رخ بدلائڻ سببان ناس ٿي ويا. هيگ لکيو آهي ته ميان صاحب کي هڪ اهڙي هنڌ جي تلاش هئي، جو درياءَ جي هٿ-چراند کان محفوظ هجي. درياءَ جو وهڪرو بدلجي چڪو هو ۽ حفاظت وارو هنڌ اهوئي هو، جتي ڪنهن زماني ۾ نيرون شهر آباد هو. سنڌ واسي هن کي ’نيرون ڪوٽ‘ چون ٿا:

”پراڻي قلعي جا باقي فقط کنڊر رهجي ويا هئا. جن جون ديوارون زبون ٿيندي ٿيندي، هڪ مٽيءَ جو دڙو بنجي چڪيون هيون. آسپاس جي وڏي مرتبي وارن پيرن يا بزرگن جي شهرت رکڻ وارن ماڻهن جي آخري آرامگاهه لاءِ هن هنڌ جو انتخاب ٿي چڪو هو. عام مسلمان حسن عقيدت سببان هن هنڌ تي دفن ٿيڻ کي نهايت چڱو سمجهندا هئا. غلام شاهه انهيءَ هنڌ کي صاف ڪرائي ڇڏيو: هن مقدس پيرن جي خاڪ جو ڪوبه احترام نه ڪيو، ۽ نڪي وري قديم نيرون جي باقي نشانن جو ڪجهه خيال رکيو. هن هنڌ تي هڪ قلعو تعمير ٿيو، جنهن جو نالو حيدرآباد رکيو ويو. ڪلهوڙن جو هيءُ آخري ۽ سڀ کان وڏو تعميري ڪارنامو 1768ع ۾ شروع ٿيو، ۽ 1770ع ۾ سنڌ جي حاڪم هتي سڪونت اختيار ڪئي“. [1]

حيدرآباد جي سنگ بنياد جون تاريخون. ميان سرفراز خان کان حيدرآباد جي پايي پوڻ جون هيٺيون تاريخون نقل ٿيل آهن:

از عطاها واهب منان،   حيدرآباد گشت آبادان.

------------------------

1182 هه

يا رب اجل هذا البلد آمنا. [2]

----------------------------

1182 هه

 

باب ستون

ميان غلام شاهه جي وفات

ميان غلام شاهه ڪاميابيءَ سان حڪومت ڪرڻ بعد، مستند روايت مطابق، 3 جمادي الاول 1182هه مطابق (2 آگسٽ 1772ع) جو وفات ڪئي. هن روايت ۾ وفات جو ڏينهن ’پنج شنبه‘ (خميس) ٻڌايو ويو آهي، ليڪن ان ۾ دقت هيءَ آهي ته 3 جمادي الاول خميس جو ڏينهن نه هو. سومر يا اڱاري جو ڏينهن هو. روايت جي نقل يا ڪتابت ڪرڻ ۾ جيڪڏهن ڪا غلطي ٿي سگهي ٿي ته ڏينهن جي غلطي نه ٿئي ها، ۽ نه تاريخ جي. انهيءَ بناء تي قياس هي چوي ٿو ته وفات 3 تاريخ جي بجاءِ 13 تاريخ جمادي الاول مطابق 12 آگسٽ هجڻ گهرجي، ۽ اهوئي ڏينهن خميس جو هو. هيگ لکيو آهي ته ’ميان صاحب پهرين آگسٽ جو وفات ڪئي‘؛ مگر اهو ڏينهن آچر جو هو[3]. هڪ ٻي روايت آهي ته جمادي الاول جي پهرين تاريخ لقوي ۽ فالج جي مرض مٿس حملو ڪيو، ۽ ٻيءَ تاريخ جو فوت ٿي ويو. يعني پهرين آگسٽ 1772ع. عبدالمجيد جوکئي لکيو آهي ته ”ميان ڪڏهن ڪڏهن بهادريءَ جي جوش ۾ اچي چوندو هو، ’مان احمد شاهه جي شهر، يعني قنڌار کي فتح ڪندس؛ سڀني اميرن کي تيار رهڻ گهرجي.‘ اوچتو ئي فالج جي مرض حملو ڪيو، ۽ ڳالهائڻ کان به معذور ٿي ويو. ميان سرفراز کي خبر پهچائي ويئي. پٽ، عزيز، سياستدان، ۽ طبيب گڏ ٿي ويا. گهڻوئي علاج ڪيو ويو، ليڪن ڪابه دوا فائديمند ثابت نه ٿي ۽ جان وڃي حق جي حوالي ٿي[4].

وفات جون تاريخون. وفات جون ڪيتريون ئي تاريخون چيون ويون هونديون، ليڪن مؤلف کي فقط پنجن جي خبر پئجي سگهي، جي هيٺ ڏجن ٿيون. انهن ۾ سڀني کان پهرين ۽ توجهه جوڳي تاريخ ميان صاحب جي فرزند ميان محمد سرفراز خان جي آهي.

آه از بلآ مهريء گردون دون.

آه از نيرنگ چرخ نيلگون،

        خسروِ دوران، غلامِ شاهه دين.

                آن ڪہ بوسيده فلڪ او را زمين!

        روضہء پرنور چون قصر بهشت،

                دلڪشا چون جنتِ مينو سرشت،

        سال تاريخش ’سرفراز‘ از خيال،

                جستجو مي ڪرد باصد اختلال،

           ناگہ از تنزيل در داد اين ندا،

           هاتفي:”جنات فيها خالدا“. [5]

           ----------------------------

                1186هه (1772ع)

هاتف فريا ڪرد ”رفعت بجنت ولي.“ (1186)

”ميان خفتہ.“ (1186)

غلام شاه ڪہ بودہ غلام شاه نجف،  مقام ڪرده ارم همدمي بہ شاه نجف.

عبدالمجيد جوکئي ”تاريخ ڪلهوڙا و استقرار حڪومت ٽالپران“ [6]۾ هڪ تاريخ چئي آهي:

دلا، آه از قضيہ شاه ما،

        ڪہ گرديد ناگاه جان ڪاه ما؛

زهي بود مسند نشين شاهِ سند،

        ز تابش نَخوابيده حڪام هند؛

بهمت هميشہ قوي حال بود،

        بجرات جوان مرد را جان ربود؛

چو نوشيروان عدل بسيار ڪرد،

        چو رستم ز گردان براورد گرد؛

اگر بيوه زن ره رو از دور بود،

        ز صيتِ امانش بمستور بود؛

بنا قلعہء حيدرآباد زو،

        نشان مانده زو تاجهان ياد او؛

جهان در حياتي اگر شاد ڪرد،

        ڪنون ملڪ مرحومي آباد ڪرد؛

        چو جستيم تاريخ آن شہ جلي،

خرد، گفت ”رفتہ بجنت ولي.“(1186)

شعر جيتوڻيڪ هر لحاظ کان چڱا هجن يا نه، مگر انهن مان به ميان غلام شاهه جي سيرت ۽ ان بابت تاثرات چڱيءَ ريت واضع ٿين ٿا.

هڪ سنڌي تاريخ ۾ نقل آهي:”حاڪم غلام مئو“ (1186هه)

وفات جي ڪيفيت. ميان صاحب جو عام طريقو هيءُ هوندو هو، جو صبح جو تمام سوير اٿندو هو ۽ لازمي طرح غسل ڪندو هو. نماز ۽ ٻئي مشغلي کان فارغ ٿي، ڪچهريءَ ۾ وڃي ويهندو هو. اتي ملڪ جون اندريون ۽ ٻاهريون خبرون ٻڌندو هو. ٻالڪرام، جو سندس خاص منشي هو، کيس خبرون ٻڌائيندو هو. معلوم ٿئي ٿو ته غسلخاني ۾ اوچتو مٿس فالج ۽ لقوي جو حملو ٿيو، ۽ هو بيوس ٿي ڪري پيو. فالج جو اثر زبان تي به پيو. ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪيائين ٿي، مگر سمجهه ۾ ڪجهه به نٿي آيو. وات مان گجي اچي رهي هئي. انهيءَ ڏينهن، يا هڪ-ٻه ڏينهن پوءِ، بيهوشيءَ جي حالت م وفات ڪيائين. حيدرآباد ۾ دفن ٿيو، ۽ سندس قبر تي نهايت خوبصورت قبو بڻايو ويو. ڪلهوڙا دور جي ٻين عمارتن سان گڏ، هن قبي جو تفصيلي ذڪر پڻ تعميرات جي باب ۾ ايندو.

هڪ عجيب روايت. هڪ روايت آهي ته ميان غلام شاهه حيدرآباد جي قلعي جي تعمير لاءِ، راجا ليکي جي صلاح مطابق، شيخ محمود انصاري عرف ”پير مڪي“ جو قبرستان ڊهرائي ڇڏيو. هيءُ قبرستان نيرون ڪوٽ جي هڪ دڙي تي هو. اتان مُردن جا هڏا نهايت بيحرمتيءَ سان ڪڍرايا ويا. انهيءَ ڪري غسلخاني ۾ کيس هڪ غيبي ٿڦڙ لڳو، ۽ سندس روح خاڪي پڃري مان پرواز ڪري ويو. [7]

مرزا قليچ بيگ به لکيو آهي ته 1772ع ۾، حيدرآباد جي قلعي جي ڏکڻ اولهه ۾ هڪ دڙي تي هڪ ڪچي قلعي جو بنياد رکيو ويو، ته جيئن وڏي قلعي جي حفاظت لاءِ چونڪيءَ جو ڪم ڏيئي سگهي. هن دڙي تي پير ’محمد مڪي‘ جي تربت جي آسپاس هڪ وڏو قبرستان هو. ڪيتريون ئي قبرون قلعي ٺهرائڻ جي خيال سان ڊهرايون وييون. انهيءَ واقعي کان ٿوريءَ دير بعد ميان صاحب فالج جي مرض سبب فوت ٿي ويو[8].

اولياي ڪرام جون ڪرامتون پنهنجيءَ جڳهه تي مسلم آهن، مگر مٿي ذڪر ڪيل روايت فقط خوش اعتقاديءَ جو ڪرشمو آهي. حقيقت هيءَ آهي ته ميان صاحب تي اوچتو فالج جو حملو ٿيو، ۽ هو فوت ٿي ويو، ان ڪري عجائبات پسند ماڻهن ان کي حضرت پير مڪيءَ جي ڪرامت مشهور ڪري ڇڏيو. جيڪڏهن اها حقيقت هجي ها ته غيب جو ٿڦڙ انهيءَ وقت لڳڻ گهربو هو، جنهن وقت قبرن جي بيحرمتي ٿي رهي هئي، ۽ راجا ليکي يا قبرستان کي ڊاهڻ وارا ماڻهو انهيءَ غيبي سزا کان محفوظ رهڻ نه گهربا هئا.

شخصيت. ميان صاحب ڪلهوڙا خاندان جو آخري جليل القدر حڪمران هو. ڪن ماڻهن کيس پنهنجي خاندان جو سڀني کان وڏو حاڪم ٺهرايو آهي. بنا شبهي سندس ڪي ڪارناما وڏي قدر لائق ۽ حيرت انگيز آهن. مثلاً، ملڪ نيڪالي ملڻ کان پوءِ ٻيهر حڪومت هٿ ڪيائين، ۽ پوءِ انتظام سنڀاليندي ئي عوام کي امن امان جي دولت سان مالامال ڪيائين، ۽ انهيءَ سبب سڀئي ماڻهو سندس ڳڻ ڳائڻ لڳا. افغانستان کي باقاعدي خراج جي رقم ادا ڪرڻ سان گڏوگڏ هن ملڪ جي ترقي، ملڪ واسين جي خوشحالي، نون شهرن ۽ جاين ٺهرائڻ جو بندوبست ڪيو، ۽ ان سان گڏ ڪڇ تي نهايت ٻه ڪامياب حملا ڪيا ۽ ملڪ ۾ اها حالت پيدا ڪئي، جا نادر جي حملي کان اڳ موجود هئي. هي سڀ هڪ غير معمولي شخصيت جا ڪارناما هئا، پر صحيح ائين آهي ته هن خاندان ۾ ميان يار محمد اخلاق ۽ فضيلت ۾ بهترين شخص هو؛ ٻئي درجي تي ميان نور محمد خان، ۽ ٽئين درجي تي ميان غلام شاهه هو. ميان صاحب جيتوڻيڪ لکي پڙهي نه ڄاڻندو هو، پر پوءِ به ملڪي انتظام رکڻ جون صلاحيتون منجهس جيڪي موجود هيون، اهي جڏهن عمليءَ طرح ميدان ۾ آيون، تڏهن وڏا وڏا عالم سندس عظمت اڳيان هيچ رهجي ويا.

ڪارڪنن جي سرسري ڪيفيت: ديوان چيلارام سيوهاڻي ماليات جو وزير هو. ڪن روايتن ۾ ديوان گهنشام جو به ذڪر آيو آهي. ٻالڪرام خاص منشي هو، جو تحرير ۽ نگارش سان گڏ ضروري خبرون گڏ ڪري ٻڌائيندو هو. مرزا احمد خراساني لشڪر جو مهندار هو، جنهن جي نگرانيءَ ۾ حيدرآباد جو قلعو چوني ۽ گچ سان تيار ڪرايو ويو. ميان صاحب جي خاص فوجي دستي ۾ ٻارهن هزار سوار ۽ پيادل شامل هئا. هن کي گهوڙن جو حد کان وڌيڪ شوق هوندو هو. هڪ چڱي گهوڙي جي خريداريءَ ۾ زياده کان زياده رقم ڏيئي به ضرور خريد ڪندو هو.

ميان صاحب جي والده: مشهور آهي ته ميان صاحب جي والده جو نالو مائي گُلان هو، جا شروع ۾ طوائف هئي، ۽ پوءِ ميان نور محمد خان ساڻس نڪاح ڪيو. هڪ ڪهاڻي مشهور آهي ته مائي گلان کي ناچ ۾ وڏو ڪمال حاصل هو، ۽ هر جمعي رات تي شاهه عبداللطيف وٽ ناچ ڪندي هئي. هڪ دفعي شاهه صاحب ايترو خوش ٿيو، جو چيائين ته ’جيڪي گهرڻو هجيئي، سو گهُرا!‘ مائيءَ عرض ڪيو ته ’هڪ پٽ جي آرزو آهي‘. شاهه صاحب دعا ڪئي. مائي گلان جو نڪاح ميان نور محمد خان سان ٿيو ۽ منجهانئس ميان غلام شاهه نالي پٽ ڄائو.

چون ٿا ته شاهه صاحب، ميان غلام شاهه جي ننڍيءَ عمر ۾ ئي سندس عظمت متعلق هنن لفظن ۾ پيشنگوئي ڪئي هئي:

”گلان مان گل پيدا ٿيو، ڪي ٽڙيو، ڪي ٽڙندو“. هيءُ واقعو ۽ پيشنگوئي صحيح هجن يا نه، مگر ميان صاحب جي عظمت جي باري ۾ تاريخ جا صفحا ضرور شاهد آهن.

افغانستان جو خراج: قطعي طور معلوم نه آهي ته ميان صاحب ڪابل کي ساليانو خراج ڪيترو موڪليندو هو. انگريزن جي واپاري ڪوٺيءَ جي ڪاغذن مان معلوم ٿئي ٿو ته باقاعدگيءَ سان خراج ادا نه ڪيو ويندو هو. جڏهن خراج متعلق تقاضائن جي ڀرمار ٿيندي هئي، تڏهن ميان صاحب رقم موڪلي ڏيندو هو. افغاني درٻار کان گهڻو ڪري اوني ڪپڙي جي فرمائش ٿيندي هئي؛ ميان صاحب خريد ڪري ڏياري موڪليندو هو، ۽ اها رقم خراج جي حساب ۾ جمع ڪئي ويندي هئي [9]. ڪن روايتن مان معلوم ٿئي ٿو ته ميان صاحب خراج جي رقم گهٽائي يارهن لکن تي آندي هئي.

1768ع جي حالات ۾ بيان ڪيو ويو آهي ته افغانستان جي طرفان ايلچي آيا، جن ظاهر ڪيو آهي ته ’اسين دهليءَ طرف وڃي رهيا آهيون، هڪ هزار ماڻهو افغاني فوج سان گڏي ڏيو ۽ خراج جي رقم جو پڻ اڌ ڏيو.‘. ميان صاحب ست لک رپيا ادا ڪيا، ۽ هڪ هزار ماڻهو فوج سان گڏي ڏنا.

آزاديءَ جي تڙپ: حالات اهڙا پيدا ٿي چڪا هئا جو ميان صاحب جي حڪومت جي واڳن سنڀالڻ کان اڳ سنڌ غلاميءَ جي زنجيرن ۾ پوريءَ طرح جڪڙجي چڪي هئي، ۽ ميان صاحب کي مجبوراً اها صورت قبول ڪرڻي پيئي. انگريزي ڪوٺيءَ جي ڪارڪنن جي شهادتن مان معلوم ٿئي ٿو ته ميان صاحب هر وقت انهن زنجيرن ٽوڙڻ لاءِ بيتاب رهندو هو. ميان صاحب انگريزن کان ٻه هوشيار توبچي گهريا، تڏهن انهيءَ سلسلي ۾ انگريزي ڪوٺيءَ جي ڪارڪنن بمبئيءَ خط لکيو ته ميان کي جيڪڏهن توبچي ملي ويا ۽ هن ڪڇ فتح ڪري ورتو ته وڏو طاقتور حڪمران بنجي ويندو: ” هو هڪدم محڪوميءَ جا زنجير ٽوڙي ڇڏيندو؛ خراج جي ادائگي بند ڪري ڇڏيندو؛ پٺاڻن کان پوري آزادي حاصل ڪري وٺندو، ۽ پوءِ کين سنڌ جي سرزمين تي پير رکڻ جي به اجازت نه ڏيندو..... انهيءَ ڪري اسان جي اوني ڪپڙي جي تجارت کي سخت ڌڪ لڳندو- غلام شاهه آزاديءَ جي هر موقعي مان فائدي وٺڻ لاءِ ڪوشان رهي ٿو. پٺاڻن ۽ اتر طرف جي ٻين واپارين سان اسان جي (انگريزن جي) تجارتي تعلقات جي جيڪا اڳ مخالفت ڪئي ويئي هئي، ان جو سبب به اهو ئي هو. هو سنڌ ۾ افغانن  جي اچڻ کي نهايت برو ڄاڻي ٿو، ۽ سمجهي ٿو ته هي ماڻهو ملڪ ۾ جاسوسن جي حيثيت رکن ٿا ۽ سندس سرگرمين جون خبرون مٿي پهچائين ٿا.“ [10]

شاديون ۽ اولاد: ميان صاحب ڪيتريون ئي شاديون ڪيون. سندس هڪڙي بيگم ڪڇ جي راءَ جي خاندان مان هئي. اسان کي فقط هڪ بيگم، مائي بهوبيگم جو احوال معلوم آهي، ۽ جنهن متعلق گمان آهي ته سڀني کان وڏي هئي. هن بيگم کي عام ماڻهو مائي ”صاحب دولت“ سڏيندا هئا. هيءَ جان نثار خان گوجر جي صاحبزادي ۽ نواب الهداد خان جي سڳي ڀيڻ هئي.

ميان صاحب جي ٻن صاحبزادن جو ذڪر عام طرح سان ڪيو ويندو آهي [11]- وڏو ميان محمد سرفراز خان جو ميان غلام شاهه جي وفات کان پوءِ گاديءَ تي ويٺو، ۽ ننڍو ميان محمود خان جو پڻ چند مهينا نالي ماتر حڪمران رهيو. حڪيم محمد صادق عباسيءَ جيڪو شجرو مون کي عنايت فرمايو، ان ۾ ٽئين صاحبزادي جو به ذڪر آهي. حڪيم صاحب ان جو نالو ميان محمد خان ٻڌايو آهي.

”فتحنامي“ جو بيان: هاڻ ميان صاحب متعلق ميرعظيم الدين ٺٽويءَ جو بيان ٻڌو:

غلام شاه آن سرورِ خوش خطاب،

ڪہ از مسڪنت بود حالش خراب،

(غلام شاهه جو حال مفلسيءَ سبب نهايت خراب هو.)

چو نشست بر مسند خسروري،

شد از قوتِ بخت حڪمش قوي.

(مگر جڏهن حڪومت جي گاديءَ تي ويٺو، تڏهن نصيحت جي ياوريءَ سان هن جي حڪومت جو بنياد مضبوط ٿي ويو.)

چو حڪم آمد از احڪم الحاڪمين،

زمين آسمان، آسمان شد زمين.

(حاڪمن جي حاڪم ]خدا[ جو حڪم آيو، ته زمين آسمان بنجي وئي ۽ آسمان زمين بنجي ويو: مطلب هي آهي ته محمد مرادياب خان قيد ٿي ويو ۽ غلام شاهه کي حڪومت جي گادي ملي ويئي.)

نستي نہ چو مردان دلير،

ستادي بدميدان چو غرنده شير.

(بهادرن وانگر تخت تي ويهندو، ۽ گجندڙ شينهن وانگر ميدان ۾ بيهندو هو.)

بہ مردانگي در جهان سرفراز،

بہ همت بلندي مسافر نواز.

(مردانگيءَ سبب دنيا ۾ عزت وارو هو، وڏيءَ همت سان مسافرن کي نوازيندو هو.)

جفاڪار و بيرحم و ظالم نود،

همين عيب بودش ڪہ عالم نبود.

(هو جفاڪار ۽ بيرحم ۽ ظالم نه هو، هن ۾ فقط هيءُ عيب هو جو عالم نه هو.)

بهر رنگ عشرت سر تازه احت،

وليڪن بہ هر امر انداره داشت [12].

(هو عيش عشرت جي هر رنگ ۾ مصروف ڏسڻ ۾ ايندو هو، پر هر ڪم اندازي سان ڪندو هو.)

هڪ اکين ڏٺي شهادت. هڪ اکين ڏٺي شهادت مان ظاهر آهي ته ”ميان غلام شاهه عباسي جهاندديده، آزمودگار، سخي ۽ مسافر نواز هو. هو بهادري ۽ جوانمرديءَ جي تصوير هو. هن ڪيتريون ئي جنگيون ڏٺيون. سندس نصيب جي باوريءَ ۾ ڪوبه شبهو نٿو ٿي سگهي. گهوڙن کي داڻو ۽ گاهه پنهنجين اکين اڳيان ڏيارائيندو هو. جنهن شخص کي جوانمرد ۽ ڳالهه ٻولهه ۾ دلير ڏسندو هو، هڪدم پاڻ وٽ ملازم رکندو هو. هر ٻاهرئين ملڪ سان واپاري ۽ مسافر سنڌ ۾ ايندا هئا، ميان انهن جي پرورش ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏيندو هو. جواهرن، قيمتي ڪپڙن ۽ گهوڙن وڪڻڻ وارا ايندا هئا ته زياده قيمت ڏيئي کانئن خريد ڪندو هو. ملڪي ماڻهو توڙي مسافر سندس دور حڪومت ۾ نهايت خوش ۽ راضي هئا.“ [13]

هيگ جو بيان. هيگ، ميان غلام شاهه جي متعلق لکيو آهي ته هو ڪلهوڙن ۾ سڀني کان وڌيڪ قابل، همت وارو ۽ چست هو؛ انهيءَ کان سواءِ خاندان ۽ قبيلي جي خود داري، عزم ۽ جنگي جوهر منجهس وڏي پيماني جا موجود هئا.... حيرت جي پختگيءَ ۽ ملڪي ڪاروبار جي صلاحيت جي اعتبار هو کان خاندان جو آخري نمائندو هو. ڪلهوڙن جي بدانتظاميءَ ۽ بيرحميءَ مان به کيس چڱو حصو مليو هو. هن جو مضبوط هٿ ساري ملڪ ۾ محسوس ٿيندو هو. هن جڏهن وفات ڪئي، تڏهن حاڪم جي قوت گهٽجي ويئي ۽ سنڌ جو علائقو نئين سر بدانتظاميءَ جي خوفناڪ طوفان ۾ غرق ٿي ويو [14].

ڪلهوڙن جي بدانتظاميءَ ۽ بيرحميءَ متعلق هيگ جيڪي لکيو آهي، تنهن جي مستند تاريخي واقعن مان ڪابه شهادت نٿي ملي.

عبدالمجيد جوکيي جو بيان. منهنجو هيءُ تاريخي مسودو مڪمل ٿي ڇپجڻ لاءِ وڃي رهيو هو ته عبدالمجيد جوکيي جي ”تاريخ ڪلهوڙا و استقرار حڪومت ٽالپران“ جو قلمي نسخو مليو. ان مان ميان غلام شاهه جي باري ۾ ڪي نيون ڳالهيون معلوم ٿيون مثلاً:

ميان جي سخاوت ۽ قدرشناسيءَ سبب هر هنڌ ماڻهو فوج ۾ ڀرتي ٿيڻ لڳا.

ميان سنڌ جي سرحد جي سڀني زميندارن کي پنهنجو فرمانبردار بنايو- مثلا، ديرن جا بلوچ، سيتپور جو قاضي نور محمد، پوڇ ڪاڇي، ڄام راڻو، ڄام بجار جوکيو ۽ ملڪ عزت خان نومڙيو، وغيره. معمولي ماڻهن کي نوازشن سان وڏي بخشيائين، مثلاً- محمد صديق ويس ۽ محراب جتوئي [15].

افغانستان کان گهوڙن جو هڪ سوداگر آيو. هن فقط هڪ گهوڙي جي قيمت سٺ هزار رپيا ٻڌائي ۽ چيو ته ’انهيءَ ملهه کان گهٽ نه  ڏيندس.‘ ميان سوچيو ته جيڪڏهن اهو گهوڙو آءٌ خريد نه ڪندس ته منهنجي جوانمرديءَ ۽ ناموس جي گهٽتائي ٿيندي، ۽ سوداگر سمجهندو ته ايتريءَ عزت ۽ دٻدٻي جي باوجود هڪ گهوڙو به خريد ڪري نه سگهيو. سو، پنهنجي گهوڙن جي سيسن جي سردار مرزا فولاد کي حڪم ڏنائين ته گهوڙي کي طبيلي ۾ ٻڌي، سٺ هزار رپيا خزاني مان سوداگر جي حوالي ڪر؛ ۽ جڏهن سوداگر وڃڻ لڳو، تڏهن کيس انعام پڻ ڏنائين [16].

راجا ليکي ۽ مير بهرام. منور، خوش چشم ۽ دولت افزون ميان جا خاص ناظر هئا. هڪ دفعي کانئن پڇائين ته راجا ليکي ۽ ميربهرام اسان جا خاص معزز سردار آهن، انهن مان اوهان جي خيال ۾ اسان جا خاص معزز سردار آهن، انهن مان اوهان جي خيال ۾ اسان جو وڌيڪ خيرخواهه ڪهڙو آهي؟‘ منور، جو ٻين ناظرن ۾ سڀني کان وڏو هو، تنهن مير بهرام کي راجا ليکيءَ تي ترجيح ڏني. ميان فوراً ئي هڪ خدمتگار کي موڪلي راجا ليکيءَ کي گهرايو. هو جڏهن آيو، تڏهن کيس چيائين ته ’رڍون ۽ ٻڪريون پشم لاءِ خريديون وينديون آهن، نه چارڻ لاءِ: مان سمجهان ٿو ته مير بهرام منهنجا چيل ڪم پوريءَ طرح سرانجام نٿو ڪري، انهيءَ ڪري بيفائدو سندس پرورش ڇو ڪئي وڃي؟‘ راجا جواب ڏنو ته ’منهنجو به اهو ئي خيال آهي.‘ ميان اهو ٻڌي راجا کي اجازت ڏني ۽ ميربهرام کي پاڻ وٽ گهرايو؛ ۽ ان کي چيائين ته ’راجا هر وقت فتني انگيزي ۽ شرارت ۾ لڳو رهي ٿو: منهنجي دل چوي ٿي ته کيس شرارت جي سزا ڏني وڃي.‘

مير فوراً ئي عرض ڪيو ته ’اي حڪومت جا مالڪ راجا کي ڪيئن اهڙي همت ٿي سگهي ٿي، جو حڪومت جي مالڪ جي خلاف شرارت ڪري! اهو سڀني سرائين ۾ خيرخواهيءَ ۾ وڌيڪ آهي. هو حڪمران خاندان سان بدخواهي نٿو ڪري سگهي. ان جي سرفرازي مناسب آهي‘.

ميان هي جواب ٻڌي نهايت خوش ٿيو ۽ حڪم ڏنائين ته مير کي خلعت ڏني وڃي. مير عرض ڪيو ته اي حاڪم، خيرخواهه لاءِ مناسب ائين ٿيندو ته سڀاڻي صبح جو پهريائين راجا کي خلعت عطا ڪئي وڃي، ۽ پوءِ بندي کي سرفراز فرمايو وڃي؛ اهو ٻڌي ميان صاحب گاڏيءَ تي آڱر رکي چيو ته ’ڏٺئه‘ اسان جي اميرن ۾ نيڪ نيتي ۽ ملڪي تدبير ۾ بهرام جهڙو ڪوبه ڪونه آهي!‘[17].

حيدرآباد جو بنياد. حيدرآباد جي بنياد متعلق ضروري ڳالهيون پهريائين ٿي چڪيون آهن. عبدالمجيد جوکيي جو بيان آهي ته ’ميان هڪ دفعي فرمايو ته سنڌ جي حڪومت پيڙهين کان اسان جي خاندان ۾ آهي، ليڪن اڃا تائين ڪابه اهڙي جاءِ نه ٺهرائي ويئي آهي، جا اسان جي حڪومت جو يادگار بنجي. مان هڪ اهڙو قلعو ٺهرائڻ گهران ٿو، جو هميشہ جي لاءِ يادگار طور قائم رهي. اهڙيءَ ريت اهو هنڌ مقرر ٿيو، جتي قديم زماني ۾ نيرون ڪوٽ هو. ميان هڪ دفعي شڪار جي خيال سان نڪتو ۽ جڏهن انهيءَ هنڌ وٽان لنگهيو، تڏهن ڏٺائين ته اتي پاڻيءَ جي ڪمي نه آهي، آسپاس جي زمين سيراب آهي، گاهه تمام گهڻو ٿئي ٿو، ۽ قلعي جي ٺهرائڻ لاءِ هڪ مضبوط ٽڪر آهي: اهڙيءَ ريت هن انهيءَ هنڌ تي قلعي ٺهرائڻ جو حڪم ڏنو ۽ وچ ۾ هڪ منارو پڻ ٺهرايو [18].

 

باب اٺون

ميان محمد سرفراز خان

سرفراز جي سيرت. ميان غلام شاهه جي وفات جي ٻئي ڏينهن، ٻيا هڪ روايت مطابق ٽئين ڏينهن، محمد سرفراز خان حڪومت جي گاديءَ تي ويٺو. هو وڏو عالم، سمجهُو ۽ خوش ذوق ماڻهو هو. سندس ڪچهريءَ جي ڌاڪ ايران جي درٻآر تائين وڃي پهتي هئي. هر طرف کان مشهور شاعر ۽ عالم سندس درٻار ۾ ايندا هئا. هو هر هڪ عالم جي علم ۽ فضل جو اندازو لڳائيندو هو. سندس ڪمالات جو امتحان وٺندو هو، ۽ پوءِ هرهڪ کي حيثيت مطابق انعام ڏيندو هو- ڪنهن کي پيسا، ڪنهن کي خلعت، ڪنهن کي گهوڙو، ڪنهن کي خنجر، وغيره. عظيم الدين ٺٽوي به سندس درٻار سان وابسته هو، جو خود چوي ٿو:

من از بزم آن خان صاحب ڪمال،

همي يافتم ڪام، دل چند سال. [19]

(آءٌ به هن ڪمال جي صاحب حڪام جي ڪچهريءَ مان ڪجهه سالن تائين دل جو مقصد ماڻيندو رهيس.)

احمد شاهه ابداليءَ جي وفات. ميان محمد سرفراز خان جي تخت نشينيءَ کان اٽڪل ٻه مهينا پوءِ، احمد شاهه ابداليءَ 20- رجب 1186هه (17- آڪٽوبر 1772ع) تي، قنڌار ۾ وفات ڪئي، ۽ فوراً ئي تخت نشينيءَ جي سلسلي ۾ تنازعو شروع ٿي ويو. احمد شاهه جو وليعهد، تيمور، هرات ۾ هو. شاهه ولي خان وزيراعظم ابداليءَ جي ٻئي پٽ شهزادي سليمان کي، جو سندس نياڻو به هو، تخت تي ويهاريو. تيمور لشڪر وٺي آيو، ۽ بادشاهه بنجي ويو. شاهه ولي خان وزير ۽ سندس ٻه پٽ لڙائيءَ ۾ مارجي ويا. تيمور جي تخت نشينيءَ جي سلسلي ۾ پائنده خان بارڪزئيءَ ۽ دلاور خان اسحاقزئيءَ نمايان خدمتون بجا آنديون هيون. بادشاهه، پائنده خان کي ’سرفراز خان‘ ۽ دلاور خان کي ’مدد خان‘ جو خطاب ڏنو. پائنده خان جو اولاد اڳتي هلي افغانستان جو حڪمران ٿيو. مدد خان جو نالو انهيءَ ڪري ياد رکڻ گهرجي ته هن سنڌ کي نهايت بريءَ طرح برباد ڪيو. سنڌ جي هن تباهيءَ جا درد انگيز حالت موقعي تي بيان ٿيندا.

سنڌ افغانستان جي هٿ هيٺ هئي، ان ڪري ميان محمد سرفراز خان، مير بهرام خان ٽالپر کي عذرخواهيءَ لاءِ قنڌار روانو ڪيو، جتان ميان صاحب کي خلعت ۽ حڪمرانيءَ جي سند سان گڏ ’خدايارخان‘ جو خطاب عطا ٿيو.

ديرن ڏانهن روانگي. مرزا قليچ بيگ جي بيان مطابق ديرن جي حۡومت به ميان صاحب کي ئي ملي هئي. هو پاڻ ذوالحج 1186هه (مارچ، 1773ع) ۾ اوڏانهن ويو، ۽ اٽڪل چئن مهينن تائين اتي رهي انتظام درست ڪيائين؛ ۽ پوءِ تاريخ 12- ربيع الاخر 1187هه (3- جولاءِ، 1773ع) جو حيدرآباد موٽي آيو.

دائود پوٽن سان تعلقات. ”جواهر عباسيه“ جو بيان آهي ته سرفراز خان پهريائين پنهنجي وڪيل گلراج کي بهاولپور روانو ڪيو. ظاهريءَ طرح مقصد هيءُ هو ته هو وڪالت جا فرائض بجا آڻي؛ ليڪن حقيقت ۾ هن دائود پوٽن جا حالات معلوم ڪري پنهنجي آقا کي آگاهه ڪرڻ چاهيو ٿي. ميان ديرن جي سفر ۾ مخدوم حامد گنج بخش سان به انهيءَ ڪري ملاقات ڪئي هئي ته دائود پوٽن جي رئيسن کي طرفدار بنائڻ ۾ مدد ڪري. مخدوم پنهنجي دطرفان انتهائي ڪوشش جو وعدو ڪيو، ۽ ميان هڪ لک رپيا مخدوم جي لاءِ ۽ هڪ لک رپيا اُچ جي قلعي جي تعمير لاءِ ڏنا.

مخدوم خانن کي پيسا ڏيئي بهاولپور جي امير کان باغي بنائڻ چاهيو. خانن پيسا ورتا، مگر پنهنجي سردار جي خلاف ميان سان ساٿ ڏيڻ تي آماده نه ٿيا. ميان ديري غازي خان جي ناظم، نواب قمر الدين خان، گلراج وڪيل ۽ سيتپور جي اهلڪارن کي به حڪم ڏيئي ڇڏيو هو ته مخدوم صاحب جيترا به پئسا طلب ڪري، کيس ڏيندا رهجو [20]. گمان آهي ته اهو ئي موقعو آهي، جنهن تان اُچ جي گيلاني مخدومن ۽ بهالپور جي اميرن ۾ رنجش پيدا ٿي، جا ڪيتري وقت تائين جاري رهي. حالانڪ شروع ۾ دائود پوٽن ۽ اُچ جي مخدومن جي وچ ۾ گهرا تعلقات هئا. جڏهن بختيار خان شڪارپور ۾ دائود پوٽن لاءِ نازڪ حالات پيدا ڪري: ڇڏيا هئا، تڏهن اچ جي ئي مخدومن مان هڪ بزرگ صلح  جي ڪوشش ڪئي هئي. وري جڏهن دائود پوٽن ۽ ميان نور محمد جي وچ ۾ لڙائيون ٿيون هيون، تڏهن به مخدومن ئي صلح ڪرايو هو ۽ انهن ئي دائود پوٽن کي انهيءَ هنڌ آندو، جتي پوءِ رياست بهالپور جو بنياد پيو.


[1] ”دي انڊس ڊيلٽا ڪنٽري“، ص 121

[2] ٻئي تاريخون رسالي ”نئين زندگي“، بابت فبروري 1954ع تان ورتل آهن.

[3] ”دي انڊس ڊيلٽا ڪنٽري“، ص 121

[4] ”تاريخ ڪلهوڙا و استقرار حڪومت ٽالپران“، ص 10-11

[5] هتي هيءُ واضع ڪرڻ ضروري آهي ته هيءُ قطہ تاريخ مڪمل نٿو ڀانئجي، جيئن ٻئي شعر جي ٽئي شعر سان ڪابه مناسبت نه آهي. منهنجو خيال آهي ته ڪجهه شعر وچ مان حذف ٿي ويل آهن، انهيءَ ڪري جو هن جي ڪابه معنى نٿي نڪري. هي شعر رسالي ”نئين زندگي“، بابت فبروري 1954ع تان نقل ڪيل آهن.

[6] ”تاريخ ڪلهوڙا و استقرار ٽالپران“، قلمي نسخو، ص 12

[7] ”جواهر عباسيہ“، ص 209-210. هيءَ روايت هر ڪنهن ماڻهوءَ جي زبان تي آهي. ”لب تاريخ سنڌ“ ۾ به هن جو ذڪر آهي: ص 222

[8] ”تاريخ سنڌ“، ج 2، ص 163-164

[9] . ”جرنل، سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽي“، بابت ڊسمبر 1938ع، ص 72.

[10] . ”جرنل، سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽي“، ص 72.

[11] . مثال طور، ڏسو مرزا قليچ بيگ جي ”تاريخ سنڌ“، جلد ص 302.

[12] . ”فتحنامو“، ص 54-55.

[13] . ٽوپڻ مل جي ”تاريخ سنڌ“.

[14] . ”دي انڊس ڊيلٽا ڪنٽري“، ص 121.

[15] . ”تاريخ ڪلهوڙا و استقرار حڪومت ٽالپران“، ص 5.

[16] . ”تاريخ ڪلهوڙا و استقرار حڪومت ٽالپران“، ص 6.

[17] . ”تاريخ ڪلهوڙا واستقرار حڪومت ٽالپران“، ص 7-9.

[18] . ”تاريخ ڪلهوڙا واستقرار حڪومت ٽالپران“، ص 10-11.

[19] . ”فتحنامو“، ص 60.

[20] . هي حالات ”جواهر عباسيہ“ تان ورتل آهن. (ص 125-218ع)- ليڪن هيءَ ترتيب مؤلف جي آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org