سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: تاريخ سنڌ ڪلهوڙا دور حصو ڇهون-(جلد-2)

باب:

صفحو: 11

ڪڇ تي حملا. ميان محمد سرفراز خان ڪڇ تي ٻه دفعا چڙهائي ڪئي. هڪ دفعي شعبان 1188هه (آڪٽوبر 1774ع) ۾، جنهن کي ”ڪڇ گزيٽيئر“، غالباً انهيءَ سبب ڪري 1775ع جو حملو قرار ڏنو، جو هيءَ چڙهائي ڪيترن مهينن تائين جاري رهي ۽ ميان 1775ع جو، سنڌ ڏانهن واپس موٽيو. هي حملو کهادره ۽ سمراسر جي رستي کان ٿيو. فوج چوباريءَ مان گذرندي جڏهن ڪنٽي ڪوٽ پهتي، تڏهن ميان اتان جي ٺڪر جي ڌيءَ سان شادي ڪئي. ڪڇ جي راءَ مقابلي ڪرڻ جي همت نه ساري، تڏهن وڏي شان ۽ عزت سان ميان جو استقبال ڪيائين. هي صورتحال ڏسندي ميان سمورا فتح ڪيل علائقا ڇڏي ڏنا ۽ ڪڇ مان گجرات طرف هليو ويو. اتي ڪيترن جاڙيجن سردارن کي تابيعدار بنايو. پوءِ پارڪر مان ٿيندو واپس سنڌ ڏانهن موٽيو. پارڪر جي سردارن جي فرمانبرداريءَ جو ذڪر منشي شيو ڪرام ”عطارد“ ٺٽويءَ جي خطن ۾ آيو آهي.

”انشاي عطارد“ جو بيان. هڪ روايت آهي ته حملو آخر شعبان 1188هه (آڪٽوبر 1774ع) جو ڪيو ويو ۽ شوال (ڊسمبر 1774ع) جي شروعات ۾ واپسي ٿي. ”انشاني عطارد“ ۾، هن احوال جي اجمالي ڪيفيت ملاخظ هجي:

قمر الدني جو خط، جنهن ۾ ڪڇ ۽ گجرات جي مهمن کان ڪامياب ٿي واپس موٽڻ تي مبارڪبادي عرض ڪئي ويئي آهي [1].

صاحبزادي مير محمود خان مبارڪباديءَ سان گڏ لکيو ته قلعي جو حاڪم ڀڄي ويو، ماڻهن ڀريل شهر کي ڇڏي ڏنو، ۽ غنيمت جو مال فقيرن جي هٿ آيو. انهيءَ درخواست ۾ آهي ته دائود جي جاڙيجي، ڪنٽي ڪوٽ جي مالڪ، اطاعت قبول ڪئي، ۽ لاکا ڳڙهه جو قلعو خالي ٿي ويو [2].

مٿيئن ذڪر ڪيل درخواست ۾ آهي ته مخدوم گنج بخش، قمر الدين، دريا خان کوسو، مرزا خان بيگ، لالا امر تراءِ ۽ ٻين وڪيلن جي نالي مبارڪباديءَ جا خط موڪليا ويا [3].

هڪ درخواست مان معلوم ٿئي ٿو ته ڪڇ ۽ گجرات جي قلعن فتح ڪرڻ لاءِ فوجون اهڙن هنڌن تان لنگهيون، جتي پائيءَ جو نشان به نٿو ملي. اڳوڻي زماني جو ڪو سپهه سالار انهن هنڌن تان لنگهيو. هن درخواست ۾ راڻي خان جي، ڊهڪر جي ۽ جيواجي (پارڪر جي حاڪمن) جي اطاعت جو ذڪر آهي. [4]

جيئن ٻڌايو ويو آهي، ته هيءُ حملو ڪڇ جي اتر ۽ اوڀر کان ٿيو هو. ٻئي حملي متلق ڪوبه واضح بيان ملي نه سگهيو، ليڪن حملو ضرور ٿيو هو.

ٽالپرن سان اختلاف. محمد سرفراز جي حڪومت جو سلسلو خوشگوار نموني هلندڙ هو. مير بهرام ٽالپر پنهنجي تدبر، جوانمردي، وفاداري ۽ عزيزن ۽ ملازمن جي گهڻائيءَ ڪري ميان غلام شاهه جي وقت کان ممتاز حيثيت رکندڙ هو، ۽ ميان سرفراز خان جو به تمام مخلص صلاحڪار هو. راجا ليکي ميان صاحب تي وڌيڪ حاوي هو. هن کي ٽالپرن جو اقتدار پسند نه هو، ۽ ڪوڙيون ڳالهيون جوڙي مير بهرام جي خلاف ميان جي دل ۾ بدگمانيون پيدا ڪرڻ لڳو. ڪن روايتن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ميان ٽالپرن جي خلوص ۽ وفا جي آزمائش لاءِ مير بهرام جي ڌيءَ جو سنڱ گهريو. مير صاف جواب ڏنو ته اسان جي خاندان ۾ ڪنهن ڌارئي ماڻهوءَ سان مائٽي ڪرڻ جو دستور نه آهي. اهو ئي بنياد هو، جتان بدگمانيون شروع ٿيون [5].

سبب ڪهڙو به هجي، مگر بدگمانيون پيدا  ٿيون ۽ ٿورن ئي ڏينهن ۾ انهن عداوت جي شڪل اختيار ڪئي. ان جو نتيجو نهايت دردناڪ ٿيو، جنهن جي تفصيل بيان ڪرڻ کان اڳ ٽالپرن جا سرسري حالات بيان ڪرڻ ضروري آهن.

مير شهداد ٽالپر. ٽالپرن مان جنهن شخص ڪلهوڙن جي ماتحت ممتاز حيثيت حاصل ڪئي، اهو مير شهداد هو؛ جو ميان يار محمد جو نهايت ڀروسي وارو ڪارڪن هو. ۽ کيس ’برخوردار‘ جو خطاب حاصل هو، جو ڪلهوڙا حڪمرانن جي طرفان ڪنهن خاص ماڻهوءَ کي ڏنو ويندو هو. ميان يار محمد خان کي جڏهن شاهي منصب مليو، تڏهن شهزادي معزالدين حڪم ڪيو ته ملتان جي طرف فوج موڪلي وڃي، ۽ يار محمد خان مير شهداد کي ئي موڪليو هو. مير جي اعليٰ خدمتن کان خوش ٿي، شهزادي کيس پٽ باران جي جاگير ڏني هئي. مير شهدا-، نور محمد خان جي دور ۾ 2- رجب 1147 هه (18- نومبر 1737ع) جو وفات ڪئي. هن جو مقبرو شاهپور (تعلقو شهدادپور) جي ويجهو هڪ ڳوٺ ۾ آهي، جو ’شهداد جو قبو‘ جي نالي سان مشهور آهي.

مير بهرام. مير شهداد جا چار پٽ هئا، جن مان ٽن ڪلهوڙن جي دور حڪومت ۾ مٿانهين حيثيت حاصل ڪئي: مير ڄام نندو، جو مشهور سپهه سالار هو؛ مير چاڪر خان جو خيرپور رياست جي حاڪمن جو وڏو وارث هو؛ ۽ مير بهرام، جو ٽالپرن جي سڄي خاندان ۾ سڀني کان بلند شخصيت جو مالڪ هو، ۽ ڪلهوڙا خاندان جي سڀني اميرن، ۾ عالباً شاهه بهاري کي ڇڏي، باقي ٻين ۾ مير بهرام جي پايي جو ڪوبه شخص نه هو. مير موصوف پنهنجي والد جي زندگيءَ ۾ ئي مٿانهون درجو حاصل ڪري ورتو هو. ان جي وفات کان پوءِ سڀني ٽالپرن ۽ بلوچن جو سرپرست بنيو رهيو؛ جڏهن محمد مراد ياب خان کي معزول ڪيو ويو، تڏهن ان جي جاءِ تي ميان غلام شاهه کي فرمانروا بنائڻ ۾ سڀني کان وڌيڪ سرگرم رهيو. محمد عطر خان جڏهن افغاني درٻار کان جانشينيءَ جي سند وٺي آيو، ۽ ميان غلام شاهه کي ملڪ ڇڏي جيسلمير طرف وڃڻو پيو، تڏهن مير بهرام علحدگي اختيار ڪئي؛ مگر جن اميرن عطر خان ۽ احمد يار خان جي بدانتظامين کان تنگ ٿي اندران ئي اندران ميان غلام شاهه کي دعوتناما موڪليا هئا ۽ کيس پنهنجي وفاداريءَ جو يقين ڏياريو هو، انهن ۾ مير بهرام به شامل هو. روهڙيءَ جي جنگ جي دوران ۾، هو، عطر خان ۽ احمد يار خان کان الڳ ٿي ميان غلام شاهه سان وڃي مليو هو. ۽ پوءِ ميان صاحب جي وڏي ڀروسي وارو صلاحڪار بنيو رهيو، ۽ ميان سرفراز خان جي دور ۾ به هن جي حيثيت ۾ فرق نه آيو.

راجا ليکيءَ جون شرارتون. راجا ليکيءَ مير بهرام کي ميان سرفراز جي نظرن ۾ ڪيرائڻ لاءِ ڪوڙين شڪايتن جو سلسلو جاري ڪري ڏنو. عظيم الدين ٺٽويءَ راجا کي ابوجهل ۽ ابولهب سان نسبت رکندڙ ٺهرائيندي لکي ٿو:

نہ فضل و نہ علم و نہ دانش نہ دين،

چو بوزينہ مي بود بالا نشين.

(راجا کي فضل، علم، دانش ۽ دين سان ڪوبه تعلق نه هو، هو باندر وانگر مٿانهين جڳهه تي ويهي رهيو هو.)

چو با مير مي رفت تدبير ڪار،

بجنباندي ريش بوزينہ وار.

(سرفراز خان جڏهن مير بهرام سان ملڪي ڪاروبار بابت مشورو ڪندو هو، تڏهن راجا باندر وانگر پنهنجي ڏاڙهي ويٺو لوڏيندو هو.)

دلش سوختي روز و شب از حسد،

ڪہ پيش آ مدش زان حسد روز بد.

(هن جي دل حسد کان رات ڏينهن جلندي هئي، ۽ انهيءَ حسد جي ڪري ئي کيس بڇڙو ڏينهن اڳيان آيو.)

بتزوبر و مڪر و فريب و فساد،

در اول بنائ خرابي نهاد. [6]

(هن دوکي، مڪر، فريب ۽ فساد جي بنياد تي خرابيءَ جو سلسلو جاري ڪيو.)

شڪايت جي نوعيت. راجا ٻين شڪايتن سان گڏ جيڪا ٻي ڳالهه ميان سرفراز خان کي وري وري ٻڌائي، اها هيءَ هئي ته ميربهرام خان کان هوشيار رکڻ کپي، هو اوهان کي ڪيرائڻ جي خيال سان ڄار وڇائي رهيو آهي. مون کي انهي سلسلي ۾ ڳجهيءَ طرح پيغام موڪلي ٿو ته سازش ۾ شريڪ ٿي؛ مان اوهان کي تاڪيد ڪريان ٿو ته هن کي ڍر ڏيڻ نه گهرجي ۽ فوراً ئي هن تي قبضو ڪري وٺجي. هر روز انهيءَ قسم جي ڪوشش ۾ لڳو رهيو:

اگرچہ محمد سرفراز خان،

نبوده چنين غافل و بدگمان،

(جيتوڻيڪ محمد سرفراز اهڙو غافل ۽ بدگمان نه هو.)

ڪہ بر گفتہء مفسدي جاهلي،

بتقديم آدابِ حق ڪاهلي،

(جو هڪ شرارتي ۽ جاهل جي چوڻ تي، جو خود حق شناسي ۽ فرضن جي بجا آوريءَ ۾ سست هو.)

عداوت ڪند با چنين شير مرد،

ڪہ در عقل و فرزانگي بود فرد؛

(ان شينهن مڙس جو دشمن ٿيو، جو عقل ۽ فهم ۾ يگاني حيثيت جو مالڪ هو.)

و ليڪن قضا ڪارها مي ڪند،

نہ يڪ بار بل بارها مي ڪند. [7]

(ليڪن قضا اهڙيءَ ئي ريت ڪم ڪندي رهي ٿي- هڪ دفعو نه، بلڪ ڪيترائي دفعا اهڙا واقعا پيش اچن ٿا.)

ظاهري طرح مير شهداد جي وفاداري ۽ اطاعت گذاري انهيءَ حد تائين مڃيل ۽ معروف هئي، جو مٿس بد گمان ٿيڻ جو ڪوبه سبب نه هو؛ ليڪن معلوم ٿئي ٿو ته راجا ليکي جي متواتر برغلائڻ سرفراز خان جي دل ۾ شبها پيدا ڪري وڌا ۽ ان جا طبعي نتيجا ظاهر ٿيڻ لڳا.

ديوان گدومل جي نيڪ صلاح. ديوان گدو مل جڏهن سرفراز خان جي دل ۾ مير بهرام لاءِ وسوسو ڏٺو، تڏهن نهايت خلوص سان عرض ڪيائين ته ’اي منهنجا مالڪ! منهنجا سردار! جيتوڻيڪ اوهان کي منهنجي ڪابه پرواهه نه آهي، ليڪن نڪحلاليءَ جي حق جي تقاضا آهي ته نيڪ ۽ بد اوهان جي اڳيان ظاهر ڪريان. خدا جي واسطي فتنيباز ماڻهن کان پاسي رهو. جي ماڻهو باهه کي پنهنجي دامن سان هوا ڏيڻ ۾ سرگرم رهندا آهن، اهي باهه جي ڀڙڪڻ تي ڀڄي ويندا آهن:

بينديش آخر تو تعجيل را،

مڪن دشمن خود چنين ايل را؛

(اوهين سوچو، جلدي نه ڪريو، اهڙي قبيلي کي، جهڙو بهرام جو آهي، پنهنجو دشمن  نه بنايو؛)

ازين سنجشت فتنہ برپا شود،

بنا موس تو رخنہ پيدا نشود،

(انهيءَ منصوبي سان، جو مير جي خلاف رٿيو ويو آهي، فتنو پيدا ٿيندو ۽ اوهان جي عزت ۾ رخنو پئجي ويندو؛)

گر از مير داري بخاطر هراس،

تو احسان بوي ڪن برون از قياس؛

(جيڪڏهن مير برهرام جي طرف کان اوهان جي دل ۾ ڊپ آهي ته مٿس حد کان وڌيڪ احسان ڪريو؛)

با احسان بنهہ باربر گردنش،

ڪہ از تو نہ پيچد دگر گردنش؛

(هن جي گردن تي احسانن جو ايترو بار رکو، جو گردن کي هيڏانهن هوڏانهن ڦيري نه سگهي؛)

بحڪم قضا بود چون سنجشش،

نشد سود زين هرف جز رنجشش.

(ليڪن هيءُ منصوبو قضا جي حڪم سان تيار ٿيو هو، انهيءَ ڪري ديوان جي نيڪ مشوري جو نتيجو رنجيدگيءَ وڌڻ کان سواءِ ڪجهه به نه ٿيو.)

قرآن شريف تي واعدو. معلوم ٿئي ٿو ته جڏهن بي اعتمادي وڌي ويئي، تڏهن هڪ دفي صلح جو به انتظام ٿيو. چنانچه ميان محمد سرفراز خان عباسي جو هڪ هٿ اکر لکيل عهد نامو قرآن مجيد تي موجود آهي. هيءُ عهد نامو غالباً ته مير فتح علي خان وٽ موڪليو ويو  هو، ته جيئن مير بهرام کي ڏيکاريو وڃي. اندازو آهي ته هيءُ عهد نامو ڌرين جي ٺاهه کان پوءِ لکيو ويو، جيئن ان جي عبارت مان واضح ٿئي ٿو. عهد نامو هيءُ آهي:

”اين عاصي پر معاصي محمّد سرفراز عباسي، ڪلام الله،

ڪہ بخط حضرت شاه ولايت است، درميان آورد،

ڪہ باوجود خدمت و ثبوت عهد و خدمات ڪہ

بر ذمہ او گزاشتہ شده است، اعاز و آبروي

برخوردار ڪامڪار بهرام فقير و صوبدار فقير

بدستور حضرت مغفرت منزلت نگاه خواهم داشت

و از خود خواهم دانست - - - در آن تفاوت

نخواهد شد و ڪسي را ز اولاد بهرام فقير مثل

صوبدار فقير نخواهم دانست، و ايشان را لازم

ڪہ سواي اين و ميان مير محمد طول عمره

احدي از قوم ڪلهوڙه خواه سرائي الفت نگاه

ندارند و در هر حال با ما متفق باشند.“ [8]

(گناهن سان ڀريل گنهگار، محمد سرفراز عباسي، هن قرآن شريف کي وچ تي رکي، جو حضرت شاهه ولايت علي جو لکيل آهي، چوي ٿو: منهنجون جيڪي خدمتون ڪيون وييون ۽ وفاداريءَ جي انجام تي ثابت قدم رهڻ جو جيڪو نمونو پيش ڪيو ويو، ان کي سامهون رکندي، مان بهرام فقير ۽ صوبدار فقير جي عزت ۽ حرمت اهڙيءَ طرح قائم رکندس، جهڙيءَ طرح حضرت مغفرت منزلت (غلام شاهه ڪلهوڙو) جي زماني ۾ هئي: انهن کي پنهنجن خاص ماڻهن ۾ شمار ڪندس، ۽ ان ۾ ڪڏهن به فرق اچڻ نه ڏيندس. بهرام فقير جي اولاد مان ڪنهن کي به صوبدار فقير جي برابر نه سمجهندس: هنن جي لاءِ به لازم آهي ته مون ۽ ميان مير محمد کان سواءِ، ڪلهوڙن يا سرائبن مان ٻئي ڪنهن سان به محبت نه ڪن، ۽ هر حال ۾ مون سان اتفاق ڪن.)

تحرير مان معلوم ٿئي ٿو ته بي اعتمادي قائم ٿي چڪي هئي، ۽ مير بهرام جو اهو درجو نه رهيو هو جو کيس ميان غلام شاهه جي دور حڪومت ۾ حاصل هو؛ مير ازانسواءِ بهرام جي نزديڪ صوبدار کي مير بجار تي ترجيح حاصل هئي. مير محمد، ميان سرفراز خان جو پٽ هو، جنهن سان خاص محبت ۽ الفت جو انجام مير بهرام ۽ مير صوبدار کان ورتو ويو.

مير بهرام جو پٽن سان مشورو. سرفراز خان جي طور طريقي جيڪو ڦيرو اچي چڪو هو، اهو مير جهڙي دورانديش ۽ بالغ نظر مدبر کان لڪي نٿي سگهيو؛ جڏهن هن کي يقين ٿي ويو ته ميان جي دل ڦري ويئي آهي ۽ سندس اڳوڻي روش بدلجي چڪي آهي، تڏهن هن پنهنجي پٽن مير بجار ۽ مير صوبدار، کي گهرايو ۽ صورتحال بابت مشورو ڪيو. پوءِ پاڻ چيائين ته ’جيڪي اسان جي قسمت ۾ لکيل آهي، سو ضرور اسان کي ڏسڻو پوندو. اسين قرآن شريف تي ميان سان وفادار رهڻ جو قسم کڻي چڪا آهيون، ان تي قائم رهنداسون. جيڪڏهن ميان کي هروڀرو اسان سان وير ٿي پيو آهي ته ان جي ذميداري اسان تي ڪونهي. هر شخص جي جهڙي نيت هوندي، اها ان کي اهڙو ئي ڦل ڏيارائيندي. اسين پنهنجو سر الله جي رضا جي حوالي ڪري چڪا آهيون. قضا جي حڪم کان ڪير به ڪنڌ ڪڍائي نٿو سگهي. مان اوهان ٻنهي کي خدا جي حوالي ڪريان ٿو، ۽ اجازت ڏيان ٿو ته ڪجهه دير جي لاءِ مون کان جدا ٿي وڃو، ۽ قدرت جا تماشا ڏسو.‘

هيءُ ٻڌندي ئي مير بجار حج جي تياري ڪئي، ۽ حرمين شريف وڃڻ لاءِ سفر جو سامان ٻڌائين. مير صوبدار جواب ڏنو ته ’منهنجي تنما فقط اها آهي ته اوهان جي قدمن ۾ پنهنجو سر قربان ڪريان. اوهين منهنجا قبلا آهيو، اوهان جي دروازي کان سواءِ ٻي ڪابه پناهه جي جاءِ ڪانهي. دعا ڪريو ته مون کي هن اميد پوري ڪرڻ جي توفيق نصيب ٿئي‘.

مير بهرام جو قتل. بهرحال، سرفراز خان راجا ليکيءَ جي مشوري مطابق مير بهرام ۽ سندس پٽ صوبدار کي قتل ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو. ظاهري طرح سان مير سان سلوڪ ۾ ڪوبه فرق اچڻ نه ڏنائين. ڪن وقتن تي قسم کڻي پنهنجي دل جي صاف هجڻ جو يقين ڏياريندو هو، ليڪن ڳجهه ڳوهه ۾ مير جي قتل ڪرائڻ جون ڪوششون جاري رکندو رهيو. هن دردناڪ واقعي جي تفصيلن ۾ هڪ حد تائين اختلاف آهي. ”فتحنامي“ جو بيان آهي ته مير بهرام خان خاص ڪچهريءَ ۾ آيو. اتي خاص ماڻهن کان سواءِ ٻيو ڪوبه موجود ڪونه هو. فريب خورده سرفراز هڪ ريشم جي ڪپڙي ۾ ويڙهيل خط ڪڍي مير بهرام جي هٿ ۾ ڏنو ۽ چيو ته ’هي مير بجار جو خط آهي‘. بهرام خط هٿ ۾ وٺي، عينڪ لڳائي پڙهڻ لڳو. هن جون نگاهون خط ۾ ئي لڳل هيون ته حسين نالي هڪ ظالم غلام پٺيان اچي کيس تلوار هنئي ۽ هن سياسي ميدان جي بهادر  جي سر ڌڙ کان جدا ڪري ڇڏيائين [9]، جو ڪلهوڙا سلطنت جو سڀني کان وڏو ٿنڀ هو.

”فريئر نامي“ جو بيان جيتوڻيڪ ”فتحنامي“ تان ورتل آهي، پر ان ۾ ايتري ڳالهه زياده بيان ڪئي ويئي آهي ته بهرام ۽ صوبدار ٻئي آيا. درٻار جي دروازي تي حڪم مليو ته تلوارون لاهي ڇڏيو. مير بهرام پنهنجي تلوار هڪ ڏهن سالن عمر جي ٻار کي ڏيئي پاڻ اندر هليو ويو. صوبدار تلوار لاهڻ گوارا نه ڪئي، ۽ ٻاهر دروازي تي بيهي راجا ليکيءَ جي پٽ الهه بخش سان ڳالهيون ڪرڻ لڳو. انهيءَ وچ ۾ مير بهرام مارجي ويو [10].

عبدالمجيد جوکئي جي لکڻ مطابق واقعي جو تفصيل هيءَ آهي: مير بهرام کي صوبدار مشورو ڏنو ته قتل ٿي وڃڻ کان باغي ٿيڻ بهتر آهي. ٽالپرن انهيءَ مشوري جي تائيد ڪئي، مگر مير بهرام انهيءَ صلاح کي قبول نه ڪيو. 51- جماد الاخر 1189هه (13- آگسٽ 1775ع) جو، مير بهرام، صوبدار سان گڏ سلام تي ويو، ۽ دستور مطابق پنهنجيءَ جڳهه تي وڃي ويٺو. ميان هڪدم اتان اٿيو. راجا ليکي، الهه بخش جنجهڻ ۽ ڄام فيروز ساڻ هئس. مشورو ڪيائين، ته حسين نالي هڪ شخص مير جي مارڻ جو واعدو ڪيو. مير کي اتي گهرايو ويو، ۽ سندس سر وڍي ڇڏيو ويو. مير جي هڪ نوڪر صوبدار کي خبر ڏني، جنهن فوراً ئي ليکي جي پٽ الهه بخش جو پيٽ ڦاري وڌو. هن سان گڏ ڪمال رند ۽ غلام محمد به هئا. مير صوبدار تي تلوارون وسڻ لڳيون، ۽ آخر هو شهيد ٿي ويو [11].

”جواهر عباسيه“ لکيو آهي ته ميان سرفراز خان کي علي رضا ايرانيءَ جي ڌيءَ سان عشق ٿي ويو، ۽ ساڻس شادي ڪيائين. ان وقت کان وٺي ميان علي رضا جي حڪمن تي هلڻ لڳو. علي رضا ۽ راجا ليکيءَ جي ڀڙڪائڻ تي سرفراز خان، مير بهرام کي بنگلي جي ڇت تي گهرايو ۽ اتي ئي قتل ڪرائي ڇڏيو. مولوي محمد صالح هيٺينءَ مصرع مان شهادت جي تاريخ ڪڍي:

”شهدِ سرفراز بهرام جنگ [12]

1189

مير صوبدار جو قتل. مير بهرام جي شهادت سان گڏوگڏ دشمنن مير صوبدار تي به حملو ڪري ڏنو. صوبدار ان وقت راجا ليکيءَ جي پٽ الهه بخش سان ڳالهيون ڪري رهيو هو. دل ۾ شهبا ته اڳي ئي موجود هئا، سو جڏهن صوبيدار ماڻهن کي گوڙ ڪر پاڻ ڏانهن ايندي ڏٺو، تڏهن صوبدار تلوار ڪڍي الهه بخش جو ڪم اتي ئي پورو ڪري ڇڏيائين ۽ پوءِ ٻين سان لڙڻ لڳو. سڀني هن کي گهيري ۾ آڻي شهيد ڪري وڌو. [13]

”جواهر عباسيه“ لکيو آهي ته جڏهن مير بهرام خاص ڪچهريءَ ۾ گهرايو ويو تڏهن صوبدار عام ڪچهريءَ واريءَ جاءِ ۾ ويٺو رهيو. خذمتگارن جڏهن کيس پيءُ جي شهادت جي اطلاح ڏنو، تڏهن صوبدار ٽپ ڏيئي پنهنجي پيءُ جي گهوڙي تي ٿي ويٺو ۽ شهدادپور وڃي پهتو. سرفراز خان ڪجهه ماڻهو صوبدار جي قتل ڪرائڻ لاءِ روانا ڪيا. هي اطلاع ملندي ئي صوبدار ميدان تي نڪري آيو ۽ هڪ ئي ڌڪ سان الهه بخش کي ٻه ٽڪرا ڪري وڌائين. پوءِ شينهن وانگر جنگ جي ميدان ۾ قدم ڄمائي بيهي رهيو ۽ آخر تلوارن ۽ گوليون جهلي شهيد ٿي ويو. [14]

تاريخ شهادت. مير بهرام جي شهادت ربيع الاول 1189هه (مئي 1775ع) ۾ ٿي. شهادت جي تاريخ منشي ٻالچند ٺٽي واري هن طرح لکي آهي:

زهي مير بهرام بهرام – رزم،

ڪہ عرمش سرِ نمز، بر ماه زد؛

ببازبچہ در عرصہ گاهِ نرد،

اگر رخ زدي بر رخِ شاه زد؛

وليڪن جو تقدير بود ابن چنين،

قضا از جفا تيغ نا گاه زد؛

بسالءِ وصالش، ملک بر فلک

بگفتا: بفردوس خر گاه زد.

1189 هه

مير کي خدا آباد نئين ۾، جا هالن جي ويجهو آهي، دفن ڪيو ويو [15].

 

باب نائون

سرفراز خان جو تخت تاڻ لهڻ ۽ قيد ٿيڻ

سرفراز جو پڄڻ. مير بهرام جو قتل سرفراز خان جي معزوليءَ ۽ قيد ٿيڻ جو پيش خميمو بنجي ويو. مير جي رشتيدارن ۽ قوم وارن جو وڏو تعداد هو، ۽ عام ماڻهن ۾ به مير کي وڏيءَ عزت ۽ احترام سان ڏٺو ويندو هو. وري هو ۽ سندس پٽ ان حالت ۾ شهيد ٿيا، جو ظاهري طرح کانئس ڪوبه ڏوهه نه ٿيو هو، ۽ سندن حياتن جي هڪ هڪ ساعت ملڪ ۽ قوم جي خدمتن ۾ گذري چڪي هئي. هن خوفناڪ واقعي، ويجهو توڙي پري، هر هنڌ پريشاني ڦهلائي ڇڏي. مير جي رشتيدارن توڙي قوم وارن هر طرف کان سرفراز خان تي حملو ڪري ڏنو. انهن جو سردار مير فتح خان هو، جو مير بهرام جي چاچي جو پٽ هو.

”فتحنامي“ جو بيان. سرفراز خان جڏهن حالات جي هيءَ اضطراب انگيز رفتار ڏٺي، تڏهن خدا آباد [16] مان، دريءَ مان ٽپي  پيرين اگهاڙو ڀڄي ويو، ساڻس فقط پنج ڇهه ماڻهو همراهه هئا. هو جهنگلن مان ٿيندا درياهه تي پهتا. درياءَ تي هڪ مير بحر جي ٻيڙي ملي وين، ان ۾ سوار ٿي، راتورات حيدرآباد ۾ پهچي ويا. اتي پيسا تمام گهڻا هئا، سيڌي سامان ۽ بارود وغيره جي ڪمي ڪانه هئي، پر بخت جي باوري نه هئي، تنهنڪري قلعي، دولت ۽ سامان مان کيس ڪوبه فائدو رسي نه سگهيو.

خدا آباد جي قلعي تي مير فتح خان جي حملن ۽ سرفراز خان جي ڀاڄ جي ڪيفيت ”فتحنامي“ ۾ هن طرح بيان ٿيل آهي:

سرفراز خان گشت زانديشہُ آب،

برون شد ز ڪاربز باصد شتاب.

(سرفراز خان خوف ۽ انديشي کان پگهر جي پيو. ۽ نهايت تيزيءَ سان دريءَ مان ٻاهر نڪتو).

نهايت خان خوف ۽ انديشي کان پگهر جو پيو، ۽ نهايت تيزيءَ سان دريءَ مان ٻاهر نڪتو).

نہ فرصت ڪہ ڪس ڪفش در پاش داد،

بدريا رخ از راهِ جنگل نهاد.

(ايتري فرصت ڪانه هئي جو ڪو شخص هن جي پيرن ۾ جتي پارائي ها، هن جنگل جي رستي درياهه جو رخ ڪيو.)

ز خدام شش پنج همراه داشت،

ولي جملہ شش پنج از بيم ڪاست.

(جيڪي پنج ڇهه ماڻهو ساڻس گڏ هئا، اهي به خوف وچان الڳ ٿي ويا.)

بينيد حالات دنياي دون،

مسازيد خود رابہ دامش زبون.

(ڪميڻي دنيا جي حالات جو تماشو ڏسو، پاڻ کي انهيءَ جي ڄار ۾ نه ڦاسايو.)

سحر گاه چون چرخ برڪام داشت،

بہ دل قصدِ سلطانيءَ شام داشت.

(صبح جي وقت زمانو سازگار هو، سندس دل ۾ شام جي بادشاهيءَ جو ارادو هو.)

شبانگہ بہ يڪ دور اين تيره فام،

ميسر نيامد چراغش بہ شام.

(رات جي وقت اونداهي آسمان اهڙو ڦيرو کاڌو، جو کيس شام جي وقت ڏيئو به ملي نه سگهيو.)

ز تاريڪي شب در آن خار زار،

بہ پايش بيفتاد بي نوڪ خار.

(اونداهيءَ رات جي وقت انهيءَ جهنگل ۾ سندس پيرن ۾ بيشمار ڪنڊا لڳا.)

هم آن پا ڪہ بر فرشِ مخمل ڪشيد،

قضا بين ڪہ خارِ مغيلان دربد! [17]

(اهي پير، جي ڪنهن وقت بخمل جي غاليچن تي پوندا هئا، قضا جي هٿان ٻٻر جي ڪنڊن سان بُريءَ طرح زخمي ٿيا!)

”فريئر نامي“ جا تفصيل. ’فريئر نامي‘ ۾ لکيل آهي ته الهه بخش ليکيءَ جو لاش حيدرآباد آڻي، ميان غلام شاهه جي مقبري اڳيان دفن ڪيو ويو. مير فتح خان کي جڏهن مير بهرام ۽ مير صوبدار جي شهادت جو درد ناڪ واقعو معلوم ٿيو، تڏهن هن بهادر بلوچن جي هڪ جماعت ساڻ ڪري، خدا آباد جي قلعي تي ڇاپو هنيو، ۽ چوڪيدارن کي قتل ڪري قلعي ۾ داخل ٿي ويو..... سرفراز خان ميدان تي لڙڻ وارو مڙس نه هو، سو بهادرن جي حملي ڪندي ئي ڀڄي نڪتو ۽ دريءَ جي رستي قلعي کان ٻاهر هليو ويو. سانس ڇهه خذمتگار گڏ هئا، مٿو ۽ پير اگهاڙا، فقط جان سلامت کڻي ٻاهر نڪري سگهيو. جهنگل مان ٿيندو، درياهه جو رخ ڪيائين. ۽ مهاڻن جي ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿي حيدرآباد جو رستو ورتائين. [18]

معزولي ۽ اسيري. ڪن روايتن ۾ ذڪر آهي ته ميربهرام جي قتل سرفراز جي دل تي ايترو گهَرو اثر وڌو جو ننڊ حرام ٿي ويس. رات جي وقت اڪيلائيءَ ۾ جڏهن اکيون کوليائين ٿي، تڏهن ڀتين ۽ دروازن تي مير بهرام جي شڪل ٿي نظر ٿي نظر آيس، ۽ هو خوف وچان رڙيون ڪرڻ لڳندو هو.

راجا ليکي ۽ سندس ساٿي – جن ۾ الهه بخش جهنجڻ ۽ محراب جتوئي خاص طور ذڪر لائق آهن – مير بهرام کي، قتل ڪرائڻ ۾ سرفراز جا خاص مشير ۽ رفيق هئا. جڏهن سرفراز قلعو ڇڏي ڀڄي نڪتو، تڏهن انهن سڀني سندس ساٿ ڇڏي ڏنو ۽ وڃي مير فتح خان سان مليا. مير، سرفراز جي ننڍي ڀاءُ محمود خان کي تخت تي ويهاريو. هڪ شخص کي پنهنجو نائب بنائي وٽس ڇڏيائين، ۽ پاڻ تمام تڪڙو، جوش خروش سان حيدرآباد طرف روانو ٿي ويو. [19]

راجا ليکيءَ جو معاملو به عجيب آهي. هو ميربهرام کي مارائڻ جي ڪوششن ۾ سڀني کان اڳڀرو هو، پر جڏهن حالات پلٽو کاڌو ته هڪدم ٽالپرن سان ملي ويو- پر دلي طرح انهن سان به نه هو، جو اڳتي هلي معلوم ٿيندو.

مٿي ٻڌايو ويو آهي ته حيدرآباد ۾ جنگي سامان گهڻو موجود هو ۽ کاڌ خوراڪ جي سامان جي به ڪمي ڪانه هئي، پر ان هوندي به سرفراز همت هاري چڪو هو- يا، ”فريئرنامي“ جي قول مطابق، سمجهجي ته ميدان تي مقابلي ڪرڻ وارو مرد نه هو. بلوچن کان سواءِ، خود سندس رفيق به جڏهن مخالف ٿي ويا، ته هو مقابلي جي تدبير ئي ڀلجي ويو ۽ ستن ڏينهن ۾ قلعو فتح ٿي ويو. سرفراز خان ان وقت راجا ليکيءَ کي چيو ته ’تون تمام پڇڙي نموني جو ڪُتو آهين! مون کي ڪهڙي راءِ ڏنيئه، ۽ پوءِ مون سان ڪهڙو سلوڪ ڪيئه! خدا تو کي ان جي سزا ڏيندو. منهنجي عزت آسمان تائين پهتل هئي، پر تنهنجي قريب مون کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو. آءٌ تنهنجي مڪاريءَ جو اندازو لڳائي نه سگهيس، ۽ ناحق پنهنجي هڪ وفادار امير کي قتل ڪرائي ڇڏيم!‘ [20]

انهن طعنن سان دل جو بخار ته نڪري ٿي سگهيو، پر کسجي ويل سلطنت واپس نٿي ملي سگهي. سرفراز کي لاچار قيد قبولڻو پيو.

ديوان گدو مل سان سلوڪ. ڪن روايتن مان معلوم ٿئي ٿو ته ديوان گدو مل سان به سرفراز خان جو سلوڪ چڱو نه هو. ديوان قد جو غالباً بندرو هو. هڪ ڏينهن ڪچهريءَ ۾ ديوان گدومل جي تحقير ڪرڻ لاءِ بندرن ماڻهن جي فتني بازيءَ جو ذڪر شروع ڪري ڏنائين. گدومل برجستائيءَ سان چيو

”درازي هاي دست مرد بايد ديد در ميدان،

قدِ ڪوتاه نہ بود عيب مانند نر انگلشتان.“

(مرد جي بهادري جنگ جي ميدان ۾ ڏسڻ گهرجي؛ قد جو بندرو هجڻ عيب جي ڳالهه ڪانهي؛ يقين نه اچي ته آڱوٺي کي ڏسو.)

هڪ روايت مان معلوم ٿئي ٿو ته صديق خدمتگار جي پٽ فريد جي ذريعي هيءُ افواهه مشهور ڪرايو ويو ته فريد جو ديوان جي ڌيءَ سان تعلق آهي. ديوان کي اها ئي اڪيلي نياڻي هئي. هن افواهه جي ٻڌندي ئي، راتو رات ڌيءَ کي گهٽو ڏيئي سندس لاش کي جلائي ڇڏيائين.


[1] . ”انشاي عطارد“، ص 3-4.

[2] . ”انشاي عطارد“، ص 7-8.

[3] . ”انشاي عطارد“، ص 13-15.

[4] . ”انشاي عطارد“، ص 16.

[5] . بمبئي حڪومت جي پراڻن ڪاغذن ۾ بيان ڪيو ويو آهي ته ميان سرفراز خان مير فتح خان ٽالپر جي ڌيءَ جو سنڱ گهريو. ڏسو:

Selection from the Records of the Bombay Govt  ص 677.

[6] . ”فتحنامو“، ص 60-61.

[7] . ”فتحنامو“، ص 61.

[8] . هيءُ تحرير ان قرآن شريف تان نقل ڪيل آهي، جو ٽالپرن جي ڪتبخاني (واقع حيدرآباد) ۾ موجود آهي.

[9] . ”فتحنامو“، ص 66-67.

[10] . ”تاريخ سنڌ“، جلد ٻيو، مصنف مرزا قليچ بيت، ص 167.

[11] . ”تاريخ ڪلهوڙا واستقرار حڪومت ٽالپران“، ص 23-26.

[12] . ”جواهر عباسيه“، قلمي نسخو ، ص 218-219.

[13] . ”فتحنامو“، ص 67-68.“ فريئر نامي، جو به اهو ئي بيان آهي. معلوم ناهي ته ميجر جنرل هيگ ڪهڙي بنياد تي لکيو آهي ته ميان غلام شاهه، مير بهرام کي شيهن جي بنياد تي خدمتن کان الڳ ڇڏيو؛ ۽ سرفراز خان هڪ قدم اڳتي وڌي مير بهرام ۽ صوبدار کي قتل ڪرائي ڇڏيو. (”دي انڊس ڊيلٽا ڪنٽري“، ص 176)- مير بهرام جي خدمتن کان علحدگيءَ جي ڪابه شهادت نٿي ملي، بلڪ سرفراز خان جي دور ۾ به پنهنجي عهدي تي قائم هو. احمد شاهه ابداليءَ جي وفات تي تعزيت لاءِ جيڪو وفد افغانستان ويو هو، ان جو اڳواڻ به مير بهرام ئي هو. رڳو پاڻ اڪيلو ئي نه، بلڪ سندس سهرو خاندان خدمات تي مامور هو.

[14] . ”جواهر عباسيه“، صه 219.

[15] . ”فريئر نامو“، قلمي نسخو، ص 13؛ ”لب تاريخ سنڌ“، ص 123-124. پوسٽنز لکيو آهي ته هيءَ ڳالهه شڪ جوڳي آهي ته مير بهرام کي سرفراز خان هيءَ سزا ڪنهن غداريءَ جي بنيادي تي ڏني، يا سرفراز جي دل ۾ مير لاءِ شبهو پيدا ٿي ويو، يا هن جي هر دلعزيزيءَ ۽ اثر رسوخ جي بنا تي رقابت جي وهڪري ۾ وهي ويو، ليڪن هن ۾ شبهو نه آهي ته مير بهرام مدت کان سنڌ جي معاملن جو مختيار رهندو آيو هو: مخدوم هن جي تمام گهڻي عزت ڪندا هئا ۽ ساڻس محبت ڪندا هئا، ان ڪري هن واقعي کان گهڻو متاثر ٿيا. ”سنڌ بابت ذاتي مشاهدا“، ص 176.

[16] . هن مان مراد ”خدا آباد نئين“ آهي، جا هالن جي ڀر ۾ آهي.

[17] . ”فتحنامو“، ص 71.

[18] . ”فريئر نامو“ ص 13-14 ’فريئرنامي‘ جو هيءُ بيان صحيح نه آهي ته سرفراز حيدرآباد مان سون چاندي کڻي نڪتو (ص 14) اڳتي هلي خود لکي ٿو ته جڏهن حيدرآباد جي قلعي تي گهيرو ٿيو ۽ سرفراز کي بچاءَ جي ڪابه اميد نه رهي، تڏهن ڪنجيون ٽالپرن جي حوالي ڪيائين (15).

[19] . ”فريئر نامو“، ص 14-15.

[20] . ”فتحنامو“، ص 72 ۽ 73؛ ۽ ”فريئرنامو“، ص 15’فريئرنامي‘ ۾ آهي ته سرفراز خان مجبور ٿي قلعي جون ڪنجيون مير فتح خان جي حوالي ڪيون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org