سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: تاريخ سنڌ ڪلهوڙا دور حصو ڇهون-(جلد-2)

باب:

صفحو:24

بحري تجارت ۾ جيستائين عام سهوليتون پيدا نه ٿيون هيون، تيستائين ايران، افغانستان ۽ وچ ايشيا کان مختلف واپاري جنسون مڪران ۽ بلوچستان جي رستي سنڌ ۾ اينديون هيون. هن تجارتي شاهراهه جو هڪ مشهور مارڪيٽ شڪارپور ۾ قائم ٿيل هو. سنڌواسين تجارت جي ئي هن وسيع سلسلي ۾ دنيا جي مختلف بندرن ۾ پنهنجيون واپاري ڪوٺيون قائم ڪيون هيون. ڪلهوڙن جي دور ۾ ڪلڪتي کان ڪراچيءَ تائين هندستان جي ڪنارن تي، مسقط، بصري ۽ بحرين وغيره ۾ سنڌي واپارين جي تجارتي ڪوٺين جا حوالا ملن ٿا.

باب ٽيهون

علم ۽ فضل

[1]

اهل علم جي بيخبري. سنڌ جي سرزمين جون جيتوڻيڪ ڪيتريون امتيازي خصوصيتون پاڪ ۽ هند جي ڪيترن ماڻهن جي نظرن کان لڪل ۽ پوشيده رهيون، مگر هن علائقي جا باشندا شروع کان وٺي اڄ تائين جنهن علم ۽ فضل جي عظيم دولت جا مالڪ رهيا، ان جو ته اڄ تائين ڪنهن به سرسري طور اندازو به نه ڪيو آهي. هيءَ حالت ڏسندي، بي اختيار بغداد جي عباسين ۽ اندلس جي اُموين جي ياد تازي ٿيو وڃي. اندلس ۾ جيڪي يگانا عالم پيدا ٿيا، انهن جي نالن کان به مشرق جا ڪترائي ڄاڻو آشنا ٿي نه سگهيا، حالانڪ انهن جون تصنيفون انهيءَ لائق هيون جو کين مٿي ۽ اکين تي جڳهه ڏني وڃي ها. بغداد خلافت جي دائره اثر ۾ جن عالمن زندگيون بسر ڪيون، انهن مان هرهڪ جا نه، ته گهٽ ۾ گهٽ مکيه اڪابرن جا نالا هرشخص جي زبان تي آهن. انهيءَ جو سبب هيءُ آهي جو انهن عالمن جا ڪتاب مشرقي حلقن ۾ مسلسل رائج رهيا، ليڪن اندلسي عالمن جا ڪتاب صدين تائين هتي پهچي ئي نه سگهيا.

ڪتبخانا. سنڌ اهو ملڪ هو جتي مسلمانن جا قدم سڀني کان اول پهتا، ۽ انهن هتي هرهنڌ درسگاهون قائم ڪيون. ان کان پوءِ صدين تائين باهر کان اهل علم و فضل جي آمد جاري رهي. هو ٻين سڀني ملڪن کان اول سنڌ ۾ ئي پهتا ۽ منجهانئن ڪيترن اتي ئي رهائش اختيار ڪئي ٿي. ڪتبخانن جو جهڙو چڱو ذوق سنڌ ۾ هو، ان جو مثال ڪنهن ٻئي حصي ۾ غالباً گهڻو گهٽ ملندو. مدت ٿي جو زماني جا اڳيان طور طريقا بدلجي ويا. جن علمن جي حاصلات کي اسان وٽ علم جو معيار ۽ ڪمال ڄاتو ويندو هو. انهن جو قدر ۽ قيمت باقي نه رهي. ڪتبخانا برباد ٿي ويا، ليڪن اڄ به ڪو شخص سنڌ جي طول ۽ عرض ۾ وري نڪري ته کيس ڪيترن اڻڄاتل هنڌن تان ناياب ڪتابن جا ذّيرا ملي ويندا. اهڙا شخص به واقعي آهن جن پنهنجن وڏن جي علمي دولت کي بيدرديءَ سان لٽي ڇڏيو ۽ جواهرن کي ڪوڏين جي ملهه وڪڻي ڇڏيو؛ ليڪن ساڳئي وقت اهڙا ماڻهو به آهن، جي پنهنجي ڪتبخانن ڏيکارڻ تي مشڪل سان راضي ٿيندا ته مبادا ڪا چيز هٿ لائڻ سان ضايع ٿي وڃي. اوهين هن بخل کي ڀل ڪيتروئي ناپسند ڪريو. ليڪن هن مان هيءَ حقيقت ته ڏينهن جي روشنيءَ وانگر ظاهر ٿي ويندي ته وڏن جي علمي دولت کان مالا مال نه هجڻ جي باوجود به انهن ماڻهن ۾ ڪتابن جي حفاظت جو ڪيترو جذبو ڪارفرما آهي. هيءُ هن ڳالهه جو دليل آهي ته ڪتابن کي سنڌ ۾ هميشه کان هڪ نهايت قيمتي دولت ڄاتو وڃي ٿو، ۽ اهو سنڌ واسين جي علمي توجهه جو ثبوت آهي- جيتوڻيڪ هي درست آهي ته اولاد هرهنڌ پنهنجن وڏن جي فضيلت جو مقام محفوظ رکي نه سگهيا.

ميان نور محمد خان جو ڪتبخانو. ڪلهوڙن جي حڪومت جي باقاعدي شروعات ميان يار محمد خان کان ٿي، جو مجموعي طرح اڙهن – اوڻيهه سال مغل سلطنت جي هڪ ناظم جي حيثيت ۾ ڪم ڪندو رهيو، ۽ ان مدت مان لڳ ڀڳ اڌ عرصو مختلف ڪشمڪش ۾ گذاريو. ظاهر آهي ته انهيءَ حالت ۾ ڪتابن سهيڙڻ طرف يڪدليءَ سان توجهه ٿي نٿي سگهيو. ميان نور محمد خان جڏهين جانشين ٿيو، تڏهن سندس سامهون نهايت اهم ملڪي تنظيمون هيون، ۽ ساڳئي وقت مسلسل ننڍيون وڏيون لڙايون جاري هيون، جي ميان صاحب جي نصب العين جي تڪميل ۾ بلڪل اڻٽر هيون- يعني هن چاهيو ٿي ته سنڌ متحد ٿي وڃي، هر هنڌ امن امان جو دور هجي، ماڻهو فتني فساد ۽ لٽمار کي ڇڏي مفيد ڪمن ۾ لڳي وڃن، ۽ ڪو به طبقو جائز روزگار جي وسيلي کان محروم نه رهي. تنهن هوندي به ميان نور محمد خان وٽ نادر شاهه جي ڪاهه کان اڳ هڪ چڱو خاصو ڪتبخانو گڏ ٿي ويو هو. نادر جتي سون چاندي ۽ جواهر سميٽيا، اتي هو علمي دولت کي به پاڻ سان کڻي ويو. مٿي ذڪر ٿي چڪو آهي ته ميان صاحب جي وصيعتنامي ۾ انهيءَ ڪتبخاني لٽجڻ جو به هڪ هنڌ ماتم ڪيو ويو آهي.

 

هئملٽن جي شاهدي. ڪپتان هئملٽن سن 1699ع ۾ ٺٽي آيو هو. هو لکي ٿو:

ٺٽي جو شهر دينيات، لسانيات ۽ سياست جي تدريس ۽ تعليم جي سلسلي ۾ چڱي شهرت جو مالڪ آهي. هتي چار سؤ ڪاليج آهن، جن ۾ نونهالن کي انهن علمن جي تعليم ڏني وڃي ٿي. [1]

ڪاليجن مان مراد يقيناً اهرا ڪاليج نه آهن، جهڙا اڄڪلهه اسان جي زماني ۾ موجود آهن – انهن مان مراد درسگاهه آهن. اڳئين زماني ۾ اهڙائي درسگاهه هر هنڌ موجود هئا ۽ اهي ئي اسان وٽ علم جي نشر و اشاعت جا ذريعا هئا. علم جي هردلعزيزيءَ جو هيءُ حال هو جو هڪ دفعي شاهه جهان فخر سان چيو هو ته ڏکڻ اسان جو ’شيراز‘ آهي. ڪيترن درسگاهن کي حڪومت جي طرفان امداد ملندي هئي، ۽ ڪي اهڙا به درسگاهه هئا جي مختلف علماء ڪرام جي ڪوششن ۽ همت سان هلندڙ هئا. اسان جي ملڪ ۾ جن صاحبن علمي لحاظ کان شهرت ۽ اميتاز جو درجو حاصل ڪيو، اهي انهن درسگاهن مان ئي اُسريا هئا. هنن  جڏهن ملڪي انتظام ڏانهن توجهه ڪيو، تڏهن ابوالفضل، فيضي ۽ سعدالله خان علامي بنيا؛ جن جا مٿال ٻين ملڪن ۾ به تمام گهٽ ملندا.

ٺٽي جي آدمشماري ان زماني ۾ لڳ ڀڳ ٻن – اڍائي لکن ۾ هئي. ايتري آباديءَ ۾ ننڍن وڏن چئن سون درسگاهن جو وجود بهرحال علمي ذوق جي دستاويز آهي- چاهي انهن درسگاهن کي مڪتبن جي پيماني تي ئي فرض ڪيو وڃي. مڪتبن ۾ به اهي سڀئي ڪتاب پڙهايا ويندا هئا، جن مختلف علمن ۾ بنيادي حيثيت رکي ٿي، ۽ جن جي استادن وٽان پڙهڻ کان پوءِ، ماڻهو پنهنجي مطالعي جي ذوق ۽ همت سان عالم بنجي ويندا هئا.

فريد بکريءَ جي شاهدي. شيخ فريد بکريءَ پنهنجو مشهور ڪتان ”ذخيرة الخانين“، هئملٽن کان پنجويهه سال اڳ مرتب ڪيو هو. هو لکي ٿو:

ٺٽي جي اوليائن، عالمن ۽ شاعرن جو ڳاڻيٽو محال آهي----- هتي صرف-نحو، دينيات ۽ شاعري عام آهي. مختصر طور ائين چئجي ته ٺٽي کي عراق ثاني سمجهڻ گهرجي.

شيخ فريد ۽ هئملٽن جون شاهديون مغلن جي زماني سان تعلق رکندڙ آهن. ڪلهوڙا حڪومت جو آغاز شيخ فريد کان گهٽ-وڌ ستاويهه سالن کان پوءِ، ۽ هئملٽن کان قريباً ٻه سو ورهيه پوءِ ٿيو. ليڪن انهن شاهدين مان اندازو ٿي سگهي ٿو ته ڪلهوڙا ڪهڙي پس منظر ۾ اقتدار ۾ آيا. اهي جيڪڏهن اهل علم جي سرپرستيءَ کان بلڪل بيپرواهي به اختيار ڪن ها ته هيءُ علمي پس منظر هڪ قرن يا ٻن قرنن ۾ ته زوال پذير ٿي نٿي سگهيو؛ ليڪن اسان جي اڳيان اهڙيون شاهديون موجود آهن جو ڪلهوڙا پنهنجي وس آهر علم جي هر صنف جي سرپرستي ڪئي، ۽ منجهائن ڪيترا خود علم ۽ فضل جا صاحب هئا، ۽ ڪن ته مختلف علمن ۾ امتيازي درجو حاصل ڪيو.

عالم ۽ فاضل. ڪلهوڙن جي دور ۾ جيترا به عالم ۽ فاضل ٿي گذريا آهن، انهن سڀني جا نالا ۽ حالات معلوم ٿي نه سگهيا. مير علي شير ”قانع“، ”تحفته الڪرام“ ۽ ”مقالات الشعراء“ ۾ فقط انهن ممتاز عالمن ۽ اديبن جو ذڪر ڪيو آهي، جن جا نالا هن کي معلوم ٿي سگهيا. هتي فقط انهن اڪابرن جا حالات اچي سگهيا آهن، جن متعلق يقين سان معلوم ٿي سگهيو ته اهي ڪلهوڙن جي دور ۾ هئا، يا ڪلهوڙا حڪومت انهن جي سرپرستي ڪئي.

هتي هن ڳالهه جي وضاحت به ضروري آهي ته ڪلهوڙن جي سرگذشت ميان آدم شاهه کان شروع ٿئي ٿي، جو جلال الدين محمد اڪبر جي زماني ۾ هو. جيڪڏهن ان وقت کان عالمن جا حالات بيان ڪيا وڃن ته اهو حقيقت ۾ مغلن جي دور جو داستان بنجي ويندو. انهيءَ ڪري مناسب اهو آهي ته بيان جو سلسلو ارڙهين صديءَ جي ابتدا کان شروع ڪيو وڃي، جڏهن ميان يار محمد خان کي سبي ۽ گنجابه جي نظامت ملي، زياده تر ۽ ميان نور محمد خان جي دور کان ئي عالمن ۽ اديبن جا نالا گڏ ڪيا وڃن؛ انهيءَ ڪري جو سموري سنڌ ميان صاحب جي ئي دور ۾ ڪلهوڙن جي حڪومت هيٺ آئي.

 

ضروري تصريح. عالمن ۽ فاضلن جا حالات اختصار طور بيان ڪرڻ کان اڳ هڪ ٻيءَ حقيقت ڏانهن اشارو ڪرڻ ضروري آهي، جا غالباً ڪيترن صاحبن لاءَ تعجب جو باعث ٿيندي: ۽ اُها هيءَ ته سنڌ جو هر علائقو ۽ پرڳڻو هر دور ۾ دماغي ۽ روحاني خوبين جي هستين جو مرڪز بنيو رهيو. هيءَ دولت وڏن وڏن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ محدود نه هئي. ٺٽو بيشڪ تمام وڏو شهر هو، صدين کان تهذيب ۽ تمدن، صنعت ۽ تجارت ۾ زبردست شهر جو مرڪز رهيو. اتي جيڪڏهن هئملٽن جي زماني ۾ چار سو درسگاهه هئا، ته ان مان اهو گمان ڪرڻ نه گهرجي ته سنڌ جا باقي علائقا علم ۽ فضل يا درسگاهن کان خالي هئا. مير علي شير ”قانع“ ”تحفته الڪرام“ ۾ اڪابرن جا حالات نهايت اختصار سان لکيا آهن، ۽ ترتيب پڻ اهڙي رکي آهي جو سرسري نگاهه سان ڏٺو وڃي ته پورو اندازو ٿي نه ٿو سگهي ته هيءُ بيان سنڌواسين جي فضيلت جو ڪيتري قدر واضع ۽ نادر دستاويز آهي. هيٺ ڏنل فهرست ۾ انهن جا نالا درج ڪيل آهن، جتان جي اڪابرن جا حالات بيان ڪيا ويا آهن. هن فهرست کي سامهون رکي غور ڪريو ته علم جو چرچو ڪيتريقدر نه عام هو: شهر نه، بلڪ ڳوٺ به هن بي بها دولت سان معمور هئا.

بکر، سکر، روهڙي، الور، سوي، کوڙ، سيوهڻ، دشت باران، پڪو ڪاٺيار، بوبڪ هالاڪنڊي، ڀٽ، ڀاڻوٺ، خانوٺ، جهيجا، انڙپور، کپرو، جوهري، نصرپور، گجرڪوٽ، ڪاتيار، اگهم ڪوٽ، چاچڪ، ونگو، ولهار، اپلا، ٺري، بلڙي، ڪاهوٽ، ڪڪرالو، مٽياري، نيرون ڪوٽ (حيدرآباد)، اڪن پور، پٺو، شال(سال)، دڙي، هنڱورا، ڪنجہ ڪوه، ڊنڊي، سون دڙو، منڇر ڍنڍ، سامري، هنڱورجا، درٻيلو، روپاهه، پٽ باران، لاهري بندر، ٺٽو، ساڪر جي ڪناري جا ڳوٺ، شڪارپور، ڀريالو، ڪاهان ۽ سن: هيءَ مختصر فهرست آهي، ۽ ممڪن آهي ته ڪي نالا رهجي ويا هجن؛ ليڪن هيءَ فهرست به علم جي همہ گيريءَ جو هڪ روشن دستاويز آهي.

مخدوم رحمت الله. مخدوم رحمت الله هڪ اهڙي علمي خاندان جو روشن چراغ هو، جو پيڙهين کان علمي فضيلتن ۾ ممتاز رهندو ٿي آيو. مير علي شير ”قانع“ لکيو آهي ته ان جو وجود رحمت جو باعث هو. شرعي احڪامن جي حفاظت ۽ نگرانيءَ ۾ خاص اهتمام ڪندو هو. قوت جي اعتبار کان پنهنجي زماني ۾ بي مثال مڃيو ويندو هو. هن بزرگ سال 1137 هه يا 1138 هه ۾ وفات ڪئي. سندس شاگردن مان مخدوم ضياء الدين تمام گهڻي شهرت حاصل ڪئي. [2]

مرزا محمد رحيم خان. محمد رحيم خان، ميرزا مقيم توني [تيوڻي] جو فرزند هو. مرزا موصوف شاهجهان جي دور ۾ ايران کان آيو، ۽ سرڪاري خدمات جي سلسلي ۾ جهانگيرنگر (ڊاڪا) ۾ رهائش ڪئي. محمد رحيم غالباً اتي ئي پيدا ٿيو، ۽ اتي ئي مختلف علوم ۽ فنون حاصل ڪيائين. عالمگير جي آخري دور ۾ هن کي واپس گهرايو ويو. ڊاڪا کان جڏهن دهليءَ پهتو، تڏهن بادشاهه جي وفات جي خبر مليس. شهزادن ۾ تاج ۽ تخت هٿ ڪرڻ لاءِ لڙائي شروع ٿي وئي هئي. ميرزا محمد رحيم خان، شهزادي عظيم الشان (ابن شاهه عالم اول، بن عالمگير) جي فوج ۾ توپخاني جو داروغو بنجي ويو. فرخ سير جي دور ۾ ان کي ٺٽي جو ديوان بنايو ويو. اهو معلوم ٿي نه سگهيو ته هن عهدي تي ڪيتري مدت تائين قائم رهيو. فقط هيءُ معلوم ٿي سگهيو آهي ته هڪ دفعي اتان تبديل ٿيو، ۽ 1138 هه ۾ ٻيهر ٺٽي جو ديوان مقرر ٿي آيو. هن دفعي چئن مهينن کان زياده زنده نه رهيو، ۽ شعبان 1167 هه اپريل 1725ع) ۾ فوت ٿي ويو. ”قانع“ لکيو آهي ته هو علمي ڪمالات جي زيورن سان سيناگريل هو، ۽ کيس علوم غربيہ ۾ خاص دسترس حاصل هئي. هو ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف هو- مثلاً رسالو ”انيس القلوب“، ”مغل بادشاهن جي تاريخ“ تيمور جي زماني کان فرخ سير جي دور تائين، جنهن ۾ سمورا حالات تفصيل سان بيان ڪيل هئا.[3] هيءَ ڳالهه خاص طور توجهه لائق آهي ته ان زماني جا ماڻهو فوجي ۽ انتظامي عهدن جا فرض به انجام ڏيندا هئا، ۽ ان سان گڏ وگڏ اعلى درجي جا علمي ڪتاب به تصنيف ڪندا هئا.

عبدالله واعظ. هيءُ ”ميان موريو“ نالي مشهور هو. ”قانغ“ لکيو آهي ته

تقوا ۽ توفيق جو صاحب، صالح ۽ پرهيزگار بزرگ هو. هن جي وعظ جي مجلس مان عام توڙي خاص ماڻهو مستفيد ٿيندا هئا. سندس ڳالهيون نهايت اثرائتيون هونديون هيون، انهيءَ ڪري جو هو ”اتامرون الناس بالبر وتنسون انفسڪم“ (ڇا واهين ماڻهن کي حڪم ڏيو ٿا، ۽ پنهنجن نفسن کي وساري ويٺا آهيو) کان بلڪل پاڪ هو. هن جي ذات فقط تبرڪ ۽ دعا جي حيثيت رکندي هئي. 1167 هه ۾ وفات ڪيائين. سندس جنازي تي ڪيترائي ماڻهو گڏ ٿيا. ان زماني ۾ ايترا ماڻهو شايد ئي ڪنهن ٻئي جي جنازي تي گڏ ٿيا هجن. [4]

عبدالرشيد ٺٽوي. هيءُ بزرگ لغت جي ٻن ڪتابن تصنيف ڪرڻ سببان تمام گهڻو مشهور آهي- هڪ عربي لغت جنهن جو نالو ”رشيدي عربي“ هو، ۽ ٻي فارسي لغت جنهن جو نالو ”رشيدي فارسي“ جي نالي سان مشهور ٿي. هن جي والد جو نالو عبدالغفور هو. نسب جي لحاظ سان حسيني هو، ۽ مديني منور کان اچي ٺٽي ۾ مقيم ٿيو هو. عبدالرشيد ٺٽي ۾ ئي تعليم ۽ تربيت حاصل ڪئي. عالمگير جي تاجپوشيءَ واري جلوس تي جيڪا تاريخ چئي هئائين، اها پنهنجي مادي جي اعتبار کان حد درجي جي بهترين هئي. اها تاريخ هيءَ آهي:

”واطيعوا الله واطيعوا الرسول و اولوالامر منڪم.“

رشيد شعر به تمام چڱو چوندو هو. ”قانع“ ”مقالات الشعراء“ ۾، ان جي هڪ قصيدي مان تمام گهڻا شعر نقل ڪيا آهن. [5]

 

آقا محمد ڪريم صفاهاني. آقا جيتوڻيڪ اصل ۾ ايراني هو، ليڪن ساري عمر ٺٽي ۾ ئي گذاريائين ۽ مختلف سرڪاري خدمتن تي مقرر رهيو. شاهبندر جي ناظم جي حيثيت ۾ تمام گهڻي شهرت حاصل ڪيائين. نادر جڏهن سنڌ تي حملو ڪيو ۽ ملڪ جي مختلف حصن ۾ حڪومت جو انتظام درهم برهم ٿي ويو، تڏهن ٺٽي جي ماڻهن کيس پنهنجو وڪيل بنايو. هن عهدي تي رهي، ننڍي وڏي کي راضي ۽ ممنون بنائڻ ۾ هن ڪابه ڪسر نه ڇڏي.

آقا نهايت چڱو شاعر هو. سندس تخلص ”عاشق“ هو. ”قانع“ لکي ٿو:

در صحبت ولآ مجمع شعرا بود و رعايت هرڪدام فراخور حال بہ عمل ملآ آورد....... ديوان ترتيب داد.... در سال هزار و صد و پنجاه و پنج فوت ڪرده-”رحمت الله تعالى عليڪ“ موافق سال است. [6]

(هن جي مجلس ۾ شاعر جمع هوندا هئا. هرهڪ سان سندس حيثيت مطابق سلوڪ ڪندو هو. هن، هڪ ديوان مرتب ڪيائين، ۽ سال 1155 هه ۾ وفات ڪيائين. ”رحمت الله تعالى عليڪ“ مان سندس وفات جي تاريخ نڪري ٿي.)

مير نجم الدين. هيءُ مخدوم محمد معين جو ڀاڻيجو ۽ مير محمد ’رفيع‘ بکريءَ جو فرزند هو. هن مخدوم صاحب کان ئي تعليم حاصل ڪئي، ۽ ان جي ئي زندگيءَ ۾ درس ۽ فتوا جو صاحب بنجي ويو. هن جا شاگرد پڻ ڪمال درجي تي پهتا- مثلاً ميان احمد، جو ٺٽي جي آسپاس ۾ مفتي مڃيو ويندو هو، ۽ ٻيو ميان محمد باقر.

مير نجم الدين عربي زبان ۾ تمام گهڻيون تصنيفون ڪيون. منطق ۾ ”يڪ روزي“ نالي سندس هڪ مشهور رسالو آهي. مير ان جي تتبع ۾، مختلف علمن ۾ هڪ رسالو هڪ ئي ڏينهن ۾ مرتب ڪيو، جو ”قانع“ جي بيان مطابق ”يڪروزي“ کان بهتر هو ۽ ضخامت ۾ به ان کان وڏو هو. ”طوطي نامو“ پڻ نئين سر فارسيءَ ۾ لکيائين، ۽ ان جي عبارت نخبشيءَ جي عبارت کان زياده شيرين هئي. مير صاحب پاڻ شاعر به هو، ۽ سندس تخلص ”عزلت“ هو. هن زياده عمر ڪانه ماڻي، ۽ 1160 هه ۾ فوت ٿي ويو. (1)

 

عبدالباسط. هيءُ ٺٽي جو رهاڪو هو. نوجوانيءَ ۾ دهليءَ ويو. هن کي منصب جي خواهش هئي. نواب عنايت الله خان وڏي ڪوشش ڪئي، ليڪن هن کي منصب ملي نه سگهيو؛ نوڪري مليس ٿي، جا پاڻ قبول نه ڪيائين. هڪ قلعي فتح ٿيڻ تي عبدالباسط، هيءَ تاريخ چئي: ”هٰذا عطانا فامنن او امسک بغير حساب (1116)“؛ هن ۾ ’بغير حساب‘ مان هيءُ اشارو آهي ته حساب جي عددن کي حساب ڪيو وڃي. عالمگير کي هيءَ تاريخ نهايت پسند آئي، ۽ هڪدم ”هڪ صدي“ جي منصب جو حڪم جاري ڪيو، ۽ گڏوگڏ چيائين ته ’امير تيمور جڏهن روم جي سلطان بايزيد يلدرم تي فتح حاصل ڪئي هئي، تڏهن ڪنهن شخص ’غلبت الروم في ادني الارض“ مان تاريخ ڪڍي هئي، ۽ ان کان پوءِ هن جهڙي تاريخ ٻيو ڪوبه نه ڪڍي سگهيو. پر هاڻي عبدالباسط ڪڍي ورتي‘. عنايت الله خان جي ڪوشش سان عبدالباسط تان خدمت معاف ٿي ويئي، ۽ سندس علم ۽ فضل جو لحاظ رکندي، کيس ٺٽي ۾ عدالت جو عهدو ڏنو ويو؛ جيتوڻيڪ عدالت جو ڪم سندس ئي ذمي هو؛ ان هوندي به عربيءَ جي تدريس جو سلسلو ٻڍاپي تائين به جاري رکيائين. پوءِ هن آخري عمر ۾ حج ڪيو. [7]

مير محمد علي. مير صاحب وطن جي اعتبار کان مشهدي ۽ منصب جي اعتبار کان طباطبائي ساداتن مان هو. نجوم ۽ حڪمت جي علم ۾ کيس تمام مٿانهون درجو حاصل هو. هو، سال 1169 هجريءَ ۾ ٺٽي پهتو؛ ۽ ميان محمد مرادياب خان جي سرڪار ۾ ملازم ٿي ويو. هتي وڏيءَ عزت ۽ آبروءَ سان زندگي گذاريندي، اخر کيس وطن وڃڻ جي اجازت ملي ويئي. [8]

ميان محمد عارف. هيءُ ٺتي جو رهاڪو هو. مير علي شير ’قانع‘ هن جي سهڻين عادتن ۽ بهترين اخلاق جي وڏي ساراهه ڪئي آهي. هيءُ نواب سيف الله خان جي دور ۾ منشيگيريءَ جي عهدي تي مقرر ٿيو، ۽ پوءِ ميان نور محمد خان جي سرڪار ۾ سندس شمار وڏن منشين ۾ ٿيندو هو. ميان صاحب هن جي تمام گهڻي عزت ڪندو هو. ’قانع‘ لکيو آهي ته هن وانگيان سهڻا اکر لکندڙ ڪي تمام ٿورا ماڻهو هوندا. هو شعر پڻ چوندو هو. [9]

باب ايڪٽيهون

علم ۽ فضل

[2]

مخدوم عبدالروف. مخدوم صاحب جي وڏن مان جنهن شخص پهريان ئي علم ۽ فضل ۾ ڪمال درجو حاصل ڪيو، اهو مخدوم محمد اسحاق هو. هو، قوم جو سهتو هو ۽ شيخ بهاء الدين ذڪريا ملتانيءَ جي خاندان ۾ مريد ٿيو هو. کيس ٻه فرزند هئا: مخدوم احمد ۽ مخدوم محمد. ٻنهي فرزندن پنهنجي والد جي فيض مان چڱو حصو ورتو ۽ ٻنهين جو اولاد پيڙهين تائين بزرگيءَ ۽ خدا پرستيءَ ۾ ممتاز رهيو. مخدوم عبدالرؤف جو نسب هيءُ آهي: مخدوم عبدالرؤف، بن مخدوم عمر، بن مخدوم عبدالحميد پهريون، بن مخدوم فتح الله پهريون، بن مخدوم احمد، بن مخدوم اسحاق. ”قانع“ مخدوم عبدالرؤف بابت لکيو آهي ته

از حسن شعور ِ تا آن وفات همگي موصوف اخلاق رضيہ صرف عبادت و رياضت بوده خوارقش برون از حد احصاست – ميان نور محمّد بغايت در بندگي اش بوده وجہ حرفش از دل و جان ڪمر انقياد بستہ داشتہ در هزار و صد و شصت و شش هجري بہ رهمت رؤف پيوستہ-

(آغاز شعور کان وٺي وفات تائين پسنديد اخلاق سان سينگاريل رهيو. سمورو وقت عبادت ۽ رياضت ۾ گذاريندو هو. هن جي ڪرامتن جو شمار ئي ڪري نٿو سگهجي. ميان نورمحمد خان هن جو گهڻو فرمانبردار هو ۽ سندس هر حڪم جي پيرويءَ لاءِ تيار هوندو هو. 116 هه (1753ع) ۾ وفات ڪيائين.)

شيخ ابراهيم قاضي زادي هالا ڪنڊيءَ واري ”ڪان ولياً رؤف الحق“ مان سندس وفات جي تاريخ ڪڍي. [10]

مخدوم روح الله. ”تحفته الڪرام“ جي مصنف جي قول مطابق، منقول ۽ معقول جو جامع، ۽ فروغ ۽ اصول جي علم ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو. صلاحيت ۽ بزرگيءَ ۾ وڏي شهرت حاصل ڪيائين. کيس سال 1162 هه (1753ع) ۾ ميان نور محمد خان دعا لاءِ محمد آباد ۾ سڏايو اتي مير علي شير ”قانع“ کي ساڻس ملاقات ڪرڻ جو شرف حاص ٿيو. مٿي لکجي چڪو آهي ته نادرشاهه ڏهن حڪومت جي تخت تي ويٺو ه، تڏهن مخدوم روح الله ”الخير في ماوقع“ مان جلوس جي تاريخ ڪڍي هئي. مخدوم جي سامهون هيءَ حقيقت هئي ته ايران افراتفي، خانه جنگي ۽ بدامنيءَ کان محفوظ ٿي ويو، تنهنڪري هن، نادر جي جلوس کي خير سان تعبير ڪيو. مير علي شير ”قانع“ جڏهن اها تاريخ ٻڌي، تڏهن نادر جي ظلمن کي سامهون رکندي ”الخير“ کي ”لاخير“ بنائي ڇڏيو، يعني جيڪي ڪجهه ٿيو، ان ۾ چڱائيءَ جو ڪوبه پهلو نه آهي. نادر جڏهن قتل ٿيو، تڏهن مخدوم روح الله ان جي قتل جي تاريخ ”الخير في ماهو واقع“ مان ڪڍي. هن دفعي به ”قانع“ ان کي ”لاخير“ بنائي ڇڏيو([11]).

 

مير صلاح الدين ۽ سيد پير شاهه. هي شيخ عثمان مروندي، عرف مخدوم لعل شهاز قلندر جي درگاهه جو سجاده نشين هو. جنهن جي مزار تي سيوهڻ ۾ هزارين ماڻهو سلامي آهن. سندن نسب لڪياري ساداتن سان ملي ٿو. مير صلاح الدين مريدن جي تربيت ۾ تمام گهڻو ڪوشان رهندو هو. هن جو فرزند سيد پير شاهه وڏيءَ رياضت جو صاحب هو. ميان نور محمد خان کي سندس زيارت جي گهڻي آرزو هوندي هئي ۽ باربار درخواستون موڪليندو هو ته هن طرف تشريف فرما ٿيو. سيد صاحب پري رهڻ چاهيندا هئا. آخر ميان صاحب پاڻ زيارت لاءِ پهچي ويو. ارادتمند، سيد صاحب کي گهڻي زور ڀرڻ کان پوءِ ميان صاحب وٽ وٺي ويا. ملاقات کان پوءِ سيد صاحب چيو ته ”هاڻي دنيا ۾ رهڻ مناسب معلوم نٿو ٿئي.“ ۽ پوءِ ٿوريءَ مدت کان پوءِ وفات ڪري ويو([12]).

 

مخدوم عنايت الله. هيءُ حال ۽ ڪرامت جو صاحب هو. ٻاراڻيءَ عمر ۾ ئي نظر هلي ويئي هيس. خدا کيس حافظو اهڙو عجيب ۽ غريب عطا ڪيو هو، جو اکين کام محروم هجڻ جي باوجود سڀني علمن ۾ ڪمال حاصل ڪيو هئائين. درس به ڏيندو هو ۽ وعظ به ڪندو هو. ظاهري علم سان گڏ باطني صفتن ۾ به مٿاهين درجي تي فائز هو. ”قانع“ لکيو آهي ته سندس واعظ تمام اثرائتو هوند هو. ”تحفته الڪرام“ ۾ هن جي ٻن فرزندن جو ذڪر آيو آهي: هڪ ميان محمد سعيد واعظ، جنهن فقہ جي علم ۾ ڪمال حاصل ڪيو، ۽ ٻيو مولوي محمد صادق جو معقولات ۾ پنهنجو مثال پاڻ هو، ۽ درسگاهه پڻ قائم ڪئي هئائين([13]).

مخدوم محمد معين. مخدوم جو خاندان ٽن پيڙهين کان ئي ممتاز هو. هن جو ڏاڏو مخدوم طالب الله ڳوٺ دالي تعلقي روپاهه ۽ پٽ باران جو رهاڪو هو. فاضل خان کي هن سان وڏي عقيدت هئي. مخدوم جو والد مخدوم محمد امين پنهنجي وطن مان لڏي، ٺٽي ۾ اچي رهائش اختيار ڪئي هئي. فاضل خان پنهنجي ڌيءَ سان سندس شادي ڪرائي. هيءُ علم ۾ نهايت ڪمال درجي تي هو، ۽ امير جي ڌيءَ سان شادي ڪرڻ سبب دنيائي حيثيت به مٿانهين ٿي ويس.

        محدوم محمد معين، مخدوم عنايت الله کان تعليم حاصل ڪئي، ۽ منقول ۽ معقول ۾ وقت جو علامه بنجي ويو. ان بعد ميان ابوالقاسم نقشبنديءَ سان ارادتمنديءَ جو رشتو قائم ڪيائين. شاهه عبداللطيف سان پڻ دوستي ٿي ويئي هيس. راڳ ٻڌڻ کان پوءِ دل ۽ دماغ تي خاص ڪيفيت طاري ٿي ويندي هيس، ۽ نهايت عمدا شعر چوندو هو. فارسيءَ ۾ ”تسليم“ ۽ هنديءَ ۾ ”بيراڳي“ تخلص استعمال ڪندو هوس. هن ڪيتريون ئي تصنيفون ڇڏيون.

        وفات جي ڪيفيت ”قانع“ هن طرح لکي آهي ته شاهه عبداللطيف هڪ ڏينهن مريدن کي چي ته ”هلو، پنهنجي دوست کي آري دفعو ملي اچون.“ جيئن ئي ٺٽي پهتو ته راڳ جي محفل شروع ٿي ويئي. مخدوم ذوق جي عالم ۾ اٿيو ۽ اندر هليو ويو- ٿوريءَ دير کان پوءِ وفات ڪيائين. شاهه عبداللطيف جنازي نمازي پڙهائي واپس موٽي آيو، ۽ وري ڪڏهين به ٺٽي نه ويو، ڇو ته ٺٽي فقط مخدوم جي زيارت لاءِ ئي ويندو هو([14]). وفات جو سال 1161هه (1748ع) آهي.

وفات جون تاريخوون. مخدوم جي وفات تي ڪيترن شاعرن تاريخون چيون، جن مان ڪي هيٺ ڏجن ٿيون:

1. محسن ٺٽوي:

عارفِ دين معيزِ حق مخدوم
                              آنڪہ در عشق جملہ تن دل شد
نورِ ذهنش بہ مشڪلاتِ علوم     

                              در شبِ جهال بدرِ ڪامل شد
با ڪمالاتِ ظاهري از فقر   
                              باطنش مظهرِ فضائل شد
بہ نگاهلآ ڪہ ڪرد شاهد غيب   
                              عينِ رو گشت و سوي منزل شد
لا جرم سال فوت او گفتند  
                              ”قطرهء دُر بجحر واصل شد“

2. محسن ٺٽوي:

معين اهلِ حق مخدوم دوران 
                                دليلِ قاطع هر علم چو سيف
ڪہ چون خورشيدِ طبعش گرم گشتلآ      
                                شتاي سامعان دم ملآ زد از ضيف
ازين محنت سرا مردانہ در دم
                                بہ مهمان خانہء حق رفت چون ضيف
بہ دل گفتم اگر عرفان شناسي       
                                بگو زين درد تاريخلآ به هرڪيف
دومدِ آه پيهم دل زد و گفت: 
                                ”معين دينِ احمد رفت، صد حيف“
 

3. محمّد پناهه ”رجا“ ٺٽوي:

مخدوم بسڪہ بودبہ دنيا معينِ دين
                        در ماتمش دل همہ مومن حزينِ اوست
واحسرتا چہ ماتمي، يڪ حشر آفت است     
                        هر يڪ جدا جدا دلش اندوهگين اوست
مي سو خت از تپِ غم ومي ڪرد فڪرِ سال
                        يعني دلِ ’رجا‘ ڪہ محبت گزينِ اوست
آمد بہ سالِ رحلت او اين ندا ز غيب 
                        ”ناجي شد او ڪہ آلِ محمّد معين اوست“

        محسن جون تاريخون شريعت جي لحاظ کان نهايت بلند آهن. ’رجا‘ جا تاريخ جو امتيازي پهلو هيءُ آهي ته هن ۾ مخدوم جو نالو شامل ٿيل آهي. انهيءَ کان سواءِ ”مقالات“ ۾ ڪي تاريخون نقل ٿيل آهن، ليڪن انهن کي نظرانداز ڪرڻو پيو ().

مخدوم محمد هاشم. پيءُ جو نالو عبدالغفور هو. 1104هه پيدا ٿيو. سال 92-1693ع ۾، مخدوم عبدالرؤف جي مشهور شاگرد مخدوم ضياء الدين کان تعليم حاصل ڪيائين ۽ نون سالن جي عرصي ۾ تعليم کان فارغ ٿي ويو. 1135 (آگسٽ 1723ع) ۾ حج کان شرف ٿيو 12 رجب 136 (26 مارچ 1724ع) جو مديني منور پهتو.

        هيءُ پنهنجي دور جو وڏو عالم هجو. فقہ، حديث، رجال، علام، معقول ۽ تفسير وغيره جي سڀني علمن ۾ کيس دسترس حاصل هئي. اٽڪل ساڍن ٽن سون ڪتابن جي تصنيفات ڇڏيائين.


[1]  ”سنڌ جي اقتصادي تاريخ“، ص 134

[2]  ”مقالات الشعراء“ قلمي نسخو، ملڪيت سنڌي ادبي بورڊ، ص 118، ”قانع“، ”تحفته الڪرام“ ۾ به مخدوم ضياء الدين جو ذڪر ڪيو آهي (ج 3، ص 228). جيڪڏهن هي اهو صاحب آهي، جنهن جو ذڪر مقالات ۾ آهي ته سمجهڻ گهرجي ته ان جا چار پٽ هئا: انهن مان محمد ذاڪر ۽ محمد عالم دهليءَ هليا ويا، محمد ناصر حج جي سفر ۾ بندر عباس ۾ وفات ڪئي، ۽ محمد اعظم ٺٽي ۾ ئي رهيو.

[3]  ”مقالات لاشعراء“ ص 120

[4]  ”مقالات لاشعراء“، ص 190

[5]  ”مقالات لاشعراء“، ص 195

[6]  ”مقالات لاشعراء“، ص 193-195.

[7]  ”مقالات لاشعراء“، ص 198

[8]  ”مقالات لاشعراء“، ص 210-211

[9]  ”مقالات لاشعراء“، ص 209

[10]) ) ”تحفته الڪرام“ ج 3، ص 149؛ قلمي نسخو ص، 421

[11]) ) ”تحفته الڪرام“ ج 3، ص 129-130

[12]) ) ”تحفته الڪرام“ ج 3، ص 137. قلمي نسخو، ص 391

[13]) ) ”تحفته الڪرام“ ج 3، ص 230

[14]) ) ”تحفته الڪرام“ ج 3، ص 229-230

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org