باب پهريون
محمد مراد ياب خان
بدامنيءَ جو دور. ميان نور محمد خان سنڌ کي ڇڏي
جسيلمير طرف هليو ويو، تڏهن ملڪ ۾ هر هنڌ بدامني
ڦهلجي ويئي. ملڪي انتظام ۽ ڪاروبار جو شيرازو بنهه
درهم برهم ٿي ويو. نادري حملي جي وقت کان وٺي،
تيرهن چوڏهن سالن ۾ ، هيءَ آفت سنڌ تي گهٽ ۾ گهٽ
ٽي دفعا نازل ٿي چڪي هئي.ملڪواسين کي جن مصيبت
آڻيندڙ ۽ خوفناڪ حالات سان واسطو پيو هوندو، ان جو
صحيح اندازو اڄ ڪير ٿو ڪري سگهي؟ -جڏهن ان غمناڪ
حادثي کي قريباً ٻه سو سال گذري چڪا آهن. ميان
صاحب پرديس ۾ وفات ڪري ويو ۽ سندس صاحبزادو ۽ سپهه
سالار سر گردان ڦري رهيا هئا. حملي آورن کي ملڪ يا
ان جي رهواسين سان ڪهڙي همدردي ٿي سگهي ٿي؟ انهن
جو مقصد فقط هيءُ هو ته جنهن به نموني ممڪن هجي،
گهڻي کان گهڻي دولت ۽ مال اسباب گڏ ڪيو وڃي. حڪومت
جو ڪاروبار اسماعيل خان پني جي حوالي ڪيو ويو. هن،
سيد شاهه محمد شاهه نالي هڪ شخص کي ٺٽي ڏانهن
روانو ڪيو ۽ پاڻ محمد آباد طرف وڌيو، ٺارو ۽
هنڱورجن کي لُٽيو.
ٺٽي ۾ ٽي نواب اسماعيل خان، سيد شاهه محمد کي ٺٽي
جو نواب مقرر ڪيو هو ميان نور محمد خان مرحوم جي
زماني کان گل محمد خان خراساني ٺٽي ۾ انهيءَ عهدي
تي مامور هو. هن، صالح خان نالي هڪ شخص کي سرڪاري
ماليات گڏ ڪرڻ لاءِ ٺٽي روانو ڪيو. انهيءَ کان
گهڻو وقت اڳ، ٺٽي جي معزز ماڻهن محمد بيگ شاملوءَ
کي گهرائي ورتو، جو احمد شاهه جي طرفان سفير هو.
هن، آقا محمد صالح کي پنهنجي طرفان نائب مقرر ڪيو،
۽ پاڻ ٺٽي جي اميرن کي ساڻ ڪري، افغاني لشڪر طرف
روانو ٿيو، گويا هڪ ئي وقت ۾ ٺٽي تي ٽي نواب مقرر
ٿي ويا. محمد بيگ شاملوءَ ٺٽي جي اميرن کي واپس
موڪلي ڏنو. پاڻ لشڪر ۾ پهتو ته آقا محمد صالح کي
نائب مقرر ڪرڻ ڪري ڏوهي ٺهرايو ويو.اتان حڪم جاري
ٿيو ته سموري ماليات قاضي محمد محفوظ وٽ جمع رهي،
سيد شاهه محمد جي باري ۾ ته ڪجهه به معلوم نه آهي
ته ان جو ڪهڙيءَ ڳالهه سان واسطو رهيو. قاضي محمد
محفوظ جي صاحبزادي ۽ صالح خان جا پاڻ ۾ جهڳڙا
ٿيندا رهيا (1).
مرادياب لاءِ حڪومت جي سند. هيڏانهن هيءُ افراتفري
جاري هئي، ته هوڏانهن ديوان گدو مل مدبرانه طريقي
تي ڳالهيون ٻولهيون ڪير ملڪي حڪاڪمن کي يقين ڏياري
ڇڏيو. اهڙيءَ طرح، ميان نور محمد مرحوم جي وڏي پٽ
ميان مراد خان جي لاءِ حڪومت جو فرمان ۽’سربلند
خان‘ جو خطاب حاصل ڪري ورتو. صاحبزادو محمد
مرادياب خان ان وقت عمر ڪوٽ ۾ هو.
اڪابر ۽ فوجي سپهه سالار عمر ڪوٽ طرف روانا ٿي
ويا. ديوان گدو مل به فرمان ۽ خلعت وٺي، اتي پهچي
ويو. انهيءَ زماني ۾ باجگذارن کي وفاداريءَ جي
جذبي ۾ قائم رکڻ لاءِ، کانئن يرغمال وٺڻ جو عام
رواج هو. ميان نور محمد خان مرحوم، نادر شاهه کي
اڳ ۾ ئي ٻه فرزند يرغمال ۾ ڏنا هئا. ان بعد ٽئين
فرزند کي طهماسپ جلائر پاڻ سان وٺي ويو هو. ميان
محمد مراد ياب خان وفاداريءَ جي ضمانت ۾ صاحبزادي
عطر خان کي يرغمال طور پيش ڪيو.[1]
وڌيڪ روايتون. مٿيون پيش ٿيل صورتحال و نقشو ”
تحفھ الڪرام“ جي بنياد تي ٻڌل آهي. ڪي روايتون
انهيءَ کان مختلف آهن. مثلاً؛
1- سيٽن جي تحرير مان ذهن ۾ اچي ٿو ته جڏهن ديوان
گدو مل افغانستان جي بادشاهه سان صفائي ڪئي، تڏهن
ميان نور محمد خان زنده هو. هو جڏهن فوت ٿي ويو،
تڏهن اميرن، محمد مراد ياب کي حڪمران تسليم ڪيو.
16 صفر، 1147 هه جو، عمر ڪوٽ ۾، اهو معاملو فيصل
ڪيو ويو، شاهه کي جڏهن اها خبر پيئي، تڏهن اڳينءَ
صفائيءَ جي پابنديءَ کان انڪار ڪري ڇڏيو، ۽
اسماعيل خان کي نواب مقرر ڪيو. هو پوءِ محمد آباد
پهتو ۽ سيد شاهه محمد شاهه کي ٺٽي روانو ڪيائين.
انهيءَ وچ ۾ مير منشي گل محمد خان جي طرفان صالح
گماشتو مقرر ٿي ٺٽي پهچي ويو. اسماعيل خان پيسن
وصول ڪرڻ جي خيال سان ٺٽي ۾ پهتو، ۽ اتي محمد صالح
کي نائب مقرر ڪري واپس موٽي ويو. ٺٽي جي ماڻهن
اسماعيل خان کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو. هيءُ اڃا
طي ئي نه ٿيو هو ته بادشاهه، محمد مراد ياب خان جي
درخواست منظور ڪري ڇڏي، ۽ سرائي سردارن جي مرضيءَ
مطابق محمد عطر خان کي يرغمان ۾ وٺي، محمد مراد
ياب خان جي حڪمراني منظور ڪئي، ۽ کيس” سر بلند
خان“ جو خطاب ڏنو[2].
2. پوسٽنز جو بيان آهي ته ميان نور محمد خان جي
وفات تي سنڌ جي سردارن محمد مراد ياب خان کي، جو
ميان جو وڏو پٽ هو، تنهن کي حاڪم مقرر ڪري پنهنجي
طرفان وفاداريءَ جو قسم کنيو؛ ۽ احمد شاهه
افغانستان جي بادشاهه کي درخواست ڪئي ته ؛ سنڌ جي
حڪومت مراد ياب خان جي حوالي ڪئي وڃي.“
احمد شاهه درخواست کي قبوليت جي شرف بخشيو، ۽ مراد
ياب خان کي جانشين تسليم ڪندي، ”شاهه نواز خان“ جو
خطاب ڏنو ۽ پاڻ قنڌار ڏانهن هليو ويو[3].
مسلمہ حقيقتون. تفصيلات ۾ جزوي اختلاف يا ڪن
ڳالهين جي اڳي پوءِ مبيان ٿيڻ سان هيٺينءَ حقيقت
تي ڪوبه اثر نٿو پوي؛
1. ميان نور محمد خان جي وفات تي سنڌ جي اميرن
انصاف لاءِ ميان محمد مرادياب خان کي جانشين تسليم
ڪيو. هن سلسلي ۾ جلد کان جلد فيصلو، کين غلباً
انهيءَ ڪري ڪرڻو پيو، جو جيڪڏهن هو ڪنهن هڪ شخص جي
جانشينيءَ تي اتفاق نه ڪن ها، ته سنڌ جي حڪمت سندن
قبضي مان نڪري، سنئون سڌو افغانن جي قبضي ۾ اچي
وڃي ها. کين اهو به معلوم هو ته افغانستان طرفان
سڌيءَ طرح سنڌ جي نظامت سنڀالڻ جو فيصلو ٿي چڪو
هو.
2. مراد ياب خان جي جانشينيءَ تي اتفاق راءِ ڪرڻ
جا زياده امڪانات هئا؛ ڇاڪاڻ ته هو ميان نور محمد
خان جو وڏو پٽ هو ۽ ميان صاحب وصيتنامي ۾ به هن جي
جانشينيءَ جو اعلان ڪري ڇڏيو هو. 3. صاحبزادي محمد
عطر خان کي يرغمال طور افغاني درٻار ۾ موڪليو ويو
هو.
4. افغانستان جي شاهه، محمد مرادياب خان کي”
سربلند خان“ جو خطاب ڏنو.
آخر ۾ ايترو ٻڌائي ڇڏڻ گهرجي ته مرادياب خان جي
لاءِ حڪومت جي مسند حاصل ڪرڻ جي سلسلي ۾ اڳوڻي
خراج کان وڌيڪ خراج ڏيڻ قبول ڪيو ويو هو. ”تحفته
الڪرام“ ۾ واضح طور لکيل آهي ته محمد عطر خان کي
يرغمال ۾ ڏيڻ سان ” خراج جي معمولي واڌاري جي آڇ
تي“ سنڌ حاصل ڪئي ويئي هئي
[4].
مراد آباد ۾ جلوس جي رسم. بهرحال، افغانستان جي
شاهه، محمد مراد ياب خان جي جانشيني قبول ڪئي،
تڏهن هو، اميرن کي پاڻ سان وٺي عمرڪوٽ کان نصرپور
طرف روانو ٿي ويو. ڪارپردازن حڪم مطابق اول ئي
نصرپور پهچي مناسب هنڌ تي خيما لڳايا. جلوس جي رسم
باقاعدگيءَ سان ادا ڪئي ويئي. معلوم ٿئي ٿو ته هن
هنڌ تي چڳيءَ دير تائين رهائش ٿي، ۽ ” مراد آباد“
جي نالي هڪ نئون شهر ٻڌايو ويو. محرم، 1171 هه
(سپٽمبر، 1757ع) ۾، درياءَ انهيءَ شهر کي پائڻ هيٺ
آڻي غرق ڪري ڇڏيو. هن وقت انهيءَ شهر جو ڪوبه نشان
موجود ڪونه آهي
[5]. هيڱ لکيو آهي ته
” مراد ياب خان“ ۽ ان جا ٻه پٽ مرادآباد جي ناس
ٿيڻ وقت ٻيڙيءَ ۾ چڙهي، پاڻ بچائي نڪري ويا.
مرادياب خان سڪرنڊ پر ڳڻي جي اوڀارئين حصي ۾ احمد
آباد نالي هڪ شهر ٻڌايو.“
[6]
جلوس جون تاريخون. هن موقعي تي جلوس متعلق ڪيتريون
تاريخون چيون وييون، جن مان ڪي هيٺ درج ڪجن ٿيون؛
1. مير ابوالقاسم سراج الدين محمد المتخلص
بدہ قاسم:
ان فضلہ ڪان عليڪ
[7]
1164 هه
2. ” مير علي شير ” قانع“:
” هزار وصد وٻنجہ وهفدہ بالا،
بدران روز اسعد جلوس معلا.“
[8]
3. ” قانع“ مير ابو القاسم ” قاسم“، جي حالات ۾
لکيو آهي ته ” مون ميان محمد مرادياب خان جي جلوس
تي ايڪيهه شعر نعت ۾ لکيا، انهن جي ڪيفيت هيءَ آهي:
(1) هر شعر جي نقطي وارن ۽ بنا نقطي وارن حرفن جي
جوڙ ڪرڻ سان تاريخون نڪتيون ٿي.
(ب) هر هڪ شعر جي هر هڪ مصرع مان جلوس جي تاريخ
نڪتي ٿي.
(ج) پهرين مصرع جي بنا نقطي وارن حرفن کي ٻيءَ
مصرع جي بنا نقطي وارن حرفن ۾ جوڙ ڪرڻ سان تاريخون
نڪتيون ٿي. اهو انضامي طريقو هر هڪ مصرع جي بنا
نقطي وارن حرفن کي، ٻيءَ مصرع جي نقطي وارن حرفن
سان ملائڻ ڪري ساڳيو نتيجو پيدا ٿيو ٿي. ۽ نقطي
وارن حرفن جا عدد جوڙ ڪرڻ سان به اهو ئي نتيجو
نڪتو ٿي. مطلب ته هن ايڪيهن شعرن جي نظم مان ضرب
جي رستي ٽي هزار ڇاهٺ (3066) تاريخون نڪتيون ٿي[9].“
افسوس ته ”قانع“ نڪي اهو نظم، ۽ نه وري ڪو ان جو
شعر درج ڪيو.
ڪڪرالي جي ڄام سان لڙائيون. 1167 هه جي آخر ( 1754
جا پويان پنجويهه سال) ۾ ڪڪرالي جي ڄام سان
لڙائيون شروع ٿي وييون. ڪڪرالي جا حاڪم گهڻو ڪري
هر دور ۽ هر عهد ۾ سرڪشيءَ تي آمده هوندا هئا. هنن
سان ڪيترائي دفعا لڙائيون ٿيون هيون. هو هر دفعي
شڪستن کائڻ ۽ اطاعت قبول ڪرڻ کان پوءِ به جڏهن ڪو
ذري جيترو نه معمولي موقعو ملندو هونِ ته وري
بغاوت شروع ڪري ڏيندا هئا. افغاني حملي، جڏهن سنڌ
جي انتظامات کي درهم برهم ڪري ڇڏيو، تڏهن ڄام بنا
ڪنهن تڪلف جي سرڪشي ڪرڻ تي آمادہ ٿي ڪمر کڻي ٻڌي.
انهن لڙائين جو تفصيل معلوم ٿي نه سگهيو” تحفته
الڪرام“ ۾ فقط هيءُ ٻڌايو ويو آهي ته
در پايان آن سال (1167) متوجہ مهم جام ڪڪرالہ شدہ
بتدادير صائبہ محاربات منا سبہ وفر ڪلي وي راشڪستہ
ازڪوداريہ بہ ديرہ نشاندہ زمين خور و اوچتہ لنجاري
و ميران و گهجہ بہ قبض آوردہ گهجہ ارماد گاہ مقرر
فرمود-
و هريڪ جارا بہ قلعہ جات متين محڪمي داد
[10]-
1167 هه جي آخر ۾، ڪڪرالي جي ڄام جي مهم تي توجهه
ڏنو، ۽ وڏين اٽڪلن ۽ مناسبب لڙائين سان ڄام جي
طاقت کي بلڪل ختم ڪري ڇڏيو، ۽ ڄام کي ڪوداريه کان
وٺي ديري ۾ آڻي ويهاريو، هن ضمن ۾ خور، اوچتو،
لنجاري، گجي ۽ ميران جي زمينن تي قبضو ٿيو ۽ گجي
کي مال جو گدام بنايو ويو. ۽ انهن سڀني هنڌن تي
حفاظت جي خيال سان مضبوط قلعا تيار ڪرائي، پورو
انتظام رکيو.
سيٽن جو بيان اهي ته مراد ياب خان ڪيترين لڙائين
کان پوءِ ڄام جي فوجن کي شڪست ڏيئي ڇڙو ڇڙ ڪري
ڇڏيو. ۽ ڄام ڪوداريه ڇڏي، ديري ۾ وڃي ويٺو.
مرادياب خان جيت، لنڪر، پيران، گدڪي وغيرہ جون
زمينون پنهنجي قبضي هيٺ آنديون ۽ حڪم ڏنو ته هيهني
۾ ٻيڙيون رکڻ جو بندوبست ڪيو وڃي
[11]
بدامنيءَ جو دور. ڪڪرالي جي ڄام جي مهم، مرادياب
خان جي حڪومت جي پهرئين سال ۾ ئي ڪاميابيءَ سان
خاتمي کي پهتي. ان کان پوءِ، ٻن سالن تائين، حڪومت
جو انتظام ۽ ڪاروبار تمام چڱيءَ ريت هلندو رهيو ۽
رعيت جي بهبوديءَ جي سلسلي ۾ ڪوبه خلل وجهندڙ
واقعو پيش نه آيو:
ليڪن چوٿين سال 1170هه جي، وري امن ۽ اصلاح جي فضا
۾ تباهيءَ جون وڄون چمڪڻ لڳيون (1). هن تباهيءَ جي
سببن جي ڪيفيت ڪنهن به بيان نه ڪئي آهي. اوهان مٿي
پڙهي چڪا آهيو ته محمد مرادياب خان 1264هه ۾ مسقط
کان آيو هو، ليڪن ڇاڪاڻ ته صاحبزادي کان حڪومت جو
ڪاروبار سهڻي نموني هلي نه سگهيو، انهيءَ ڪري ميان
صاحب حڪومت جو دفتر ۽ سمورو ڪاروبار کائنسر واپس
ورتو.[12]
انهيءَ حالت ۾ هيءَ سمجهڻ نا مناسب ٿيندو ته محمد
مرادياب خان ملڪي ڪاروبار سنڀالڻ جو اهل ئي نه هو؟
جيڪڏهن واقعي ائين هو ته ميان نور محمد خان جهڙو
حق شناس، خدا ترس، دورانديش ۽ مدبر ماڻهو مرادياب
خان جي جانشيني قطعاً بحال نه رکي ها. هيءَ ڳالهه
قياس کان پري آهي ته ميان صاحب فقط وڏي فرزند جي
محبت جي جوش ۾ ملڪ جي بهبوديءَ کي خطري ۾ وجهڻ
گوارا ڪيو هجي. جنهن مان خود ڪلهوڙا خاندان جي
حڪومت قائم رهي نٿي سگهي. ۽ اهو به ظاهر آهي ته
ميان صاحب جي مشيرن ۾ اعليَ درجي جا مدبر ۽
دورانديش ماڻهو موجود هئا، جي ٻن پيڙهين کان فوجي
توڙي سياسي___ هردائري ۾ بهترين ڪارناما سرانجام
ڏيئي، پنهنجي عظمت جو سڪو ڄمائي چڪا هئا. اهي
ماڻهو نڪي مرادياب خان جي وليعهد مقرر ٿيڻ تي
خاموش رهي سگهيا ٿي، ۽ نڪي وري ميان صاحب جي وفات
کان پوءِ، اتفاق راءِ سان احمد شاهه ابداليءَ کان،
مرادياب خان لاءِ حڪومت جي سند وٺڻ لاءِ درخواست
ڪري سگهيا ٿي. ان هوندي به جيڪڏهن مرادياب خان
اهڙو ئي نااهل هو، جهڙو ” تحفته الڪرام“ جي مٿئين
حوالي واري بيان مان ظاهر ٿئي ٿو ته، هو ٽن سالن
تائين حڪومت کي چڱي نموني ۾ هلائي نه سگهيو هو ۽
پهرين ئي سال حڪومت جي ساري انتظامي سلسلي کي درهم
برهم ڪري ڇڏيو.
اصلي سبب.” تحفته الڪرام“ جي مصنف هڪ ٻئي هنڌ تي
لکيو آهي ته
سرداران سرائي وعموم رعايا را بيازرد و چون از
دست تسلط چار پار شاهي بہ تنگ آمدہ بود،
خيال بستہ ڪہ ملڪرا پاڪ رفتہ گوشہ گير
گردد[13]
(مرادياب خان) سموري رعيت ۽ سرائي سردارن کي
ناراض ڪري وڌو. حقيقت هيءَ آهي ته هو
احمد شاهه ابداليءَ جي ڪارندن هٿان تنگ اچي
چڪو هو ۽ هن ارادو ڪيو هو ته حڪومت جي
سموري دولت کڻي ڪنهن گوشائتي هنڌ وڃي رهي.
هيءُ سبب سواءِ ڪنهن سوچ ويچار جي معقول ۽ يقين
جهڙو معلوم ٿئي ٿو. غور ڪرڻ گهرجي ته 1745ع ۾،
نادر سنڌ کي لُٽيو ميان نور محمد خان پنجٽيهن
ڇٽيهن سالن ۾ ملڪي پيدائش مان خرچ ڪرڻ کان پوءِ
جيڪي ڪجهه بچايو هو، اهو سڀ نادر پاڻ سان ميڙي
چونڊي کڻي هليو ويو. اڄا ملڪي ڪاروبار ۽ انتظام جو
نقشو ٻيهر تيار ئي نه ٿيو هو ته افغاني فوج سنڌ تي
چڙهي آئي ۽ ملڪ ٻيهر لٽمار جو نشانو بنيو. خراج جي
وڏي رقم نادر جي ئي زماني ۾ مقرر ٿي چڪي هئي،
جنهن جو پورو ڪرڻ ئي خود هڪ مشڪل مسئلو هو___ وري
مرادياب خان جي لاءِ ملڪي سند وٺڻ وقت خراج جي رقم
۾ واڌارو قبول ڪيو ويو ۽ وقت بوقت وڌيڪ مطالبا به
پيش ٿيندا رهيا. سنڌ جو حڪمران حقيقت ۾ حڪمران نه
رهيو هو، بلڪ ڌارين جي لاءِ ساريءَ سنڌ مان پيسن
گڏ ڪرڻ لاءِ گماشتو مقرر ڪيو ويو هو. ملڪ جي
انهيءَ صورتحال کي نڪي محمد مراد ياب خان برداشت
ڪري سگهيو ٿي، ۽ نڪي وري سرائي سردار ئي ان کي
پسنديءَ جي نگاهه سان ڏسي سگهيا ٿي___ ڇاڪاڻ ته
ميان نور محمد خان جي زماني ۾ ملڪ جي تعمير ۽
حڪومت جي بندوبست ۾ پنهنجي جانين سوڌو لڙندا پئي
رهيا. گمان آهي ته انهن حالتن محمد مرادياب خان کي
حڪومت کان بيزار ڪري ڇڏيو هجي ۽ هو ملڪ کي ڇڏي
ٻاهر وڃڻ لاءِ تيار ٿي ويو هجي. ۽ اهو به اغلب آهي
ته دولت وصول ڪرڻ جي بار بار تقاضائن رعيت ۽
سردارن جي لاءِ رنجيدگيءَ جو باعث بنجي ويو هجي.
تقاضائن تي مرادياب خان مجبور هو ته انهيءَ کان
سواءِ، افغانن جا مطالبا پورا ٿي نٿي سگهيا ۽ ان
کان سواءِ امن امان سان ساهه کڻڻ جي ٻي ڪابه صورت
پيدا ٿي نٿي سگهي.
پنهنجن ۽ پراون جو فرق. هن واقعي کي سامهون رکي
ٿڌي سيني سان غور ڪيو وڃي ته حڪمرانيءَ ۾ ڌارين ۽
پنهنجن جو فرق ڏينهن جي روشنائيءَ وانگر نمايان ٿي
سگهي ٿو. سنڌو واسين جي لاءِ مغلن جي حڪومت انهيءَ
معنيى ۾ ڌارين جي حڪومت هئي. ڇو ته ان جي ڪارندن
جو اصلي مقصد دولت حاصل ڪرڻ کان سواءِ، ٻيو ڪوبه
ٿي نٿي سگهيو. ليڪن هيءَ حقيقت بنا ڪنهن تامل جي
تسليم ڪرڻ گهرجي ته مغلن سنڌ تي سندس طاقت کان
وڌيڪ بار ڪڏهن به نه وڌو، ۽ چڱن حڪمرانن جي زماني
۾ سنڌين جي بهبوديءَ لاءِ پڻ ڪم ٿيندا پئي رهيا.
مثلاً:
مفيد صنعتون جاري ٿيون، واپار ۾ واڌارو ٿيو ۽
زراعت جي حالت پڻ بهتر سڌري. نادر شاهه کي
سنڌواسين جي ڀلائيءَ سان ڪوبه مقصد نه هو. هن فقط
اهو چاهيو ٿي ته ويهن ٻاويهن لکن رپين جي رقم سال
بسال کيس پهچندي رهي.پوءِ ڀل سنڌ جو هڪ هڪ فرد بيک
گهرڻ لاءِ جهولي کڻي ڀٽڪندو رهي. جڏهن افغانن جي
نوبت آئي ته اها پاڻ نادر شاهه کي به منزلون پٺتي
ڇڏي ويئي. اڄ حالات کي سامهون رکي انسان فيصلو
ڪرڻ ويهي ته حيران ٿي وڃي، ته آخر انهن ماڻهن جي
حڪومت ڪرڻ جو تصور ڪيتريءَ حد تائين عجيب غريب هو،
ته هو ملڪي وسائل ۽ ملڪي ماڻهن جي آسائشن ۽
اطمينان بخش انتظام کان سراسر بيپرواهه هئا، هڪ
ڀاڳيو، ڳئن ۽ مينهن کي کارائي پيارائي سندن پيٽ
نٿو ڀري ته هو کير ڪيئن ڏينديون؟ مگر اجنبي
حڪمرانن جي اها حالت هئي جو سڀئي فقط پنهنجي لاءِ
ئي دولت سيهڙڻ جي فڪر ۾ مشغول هئا، ۽ کين انهيءَ
ڳالهه جو قطعاً خيال نه هو ته آخر ملڪ ۽ ملڪواسين
جي ڀلائيءَ جو ڪهڙو حال ٿيندو.
محمد مرادياب خان ملڪي ماڻهن کان رقمون حاصل نه
ڪري ها ته حاڪمن جي روز بروز وڌندڙ مطالبا ڪيئن
پورا ٿين ها؟ انهن مطالبن جي پوري ڪرڻ لاءِ
ملڪواسين ۽ انتظامي ڪارندن جي ناراضگي ملهه ڳنهڻ
کان سواءِ ٻيو ته ڪو چارو به ڪونه هو. بهرحال،
انهن حالتن محمد مرادياب کي حڪومت کان بيزار ڪري
وڌو.
سڀڪجهه ميڙڻ جو خيال. البت هڪ ڳالهه دل ۾ کٽڪي ٿي،
۽ اها هيءَ آهي ته جيڪڏهن محمد مرادياب حڪومت جو
انتظام اطمينان بخش نموني هلائي نٿي سگهيو ته
سڀڪجهه ڇڏي الڳ ٿي وڃي ها. ۽ انهيءَ ڪري هو ملڪ ۾
رهي نٿي سگهيو، مستط جي واليءَ سان هن سان دوستانا
تعلقات هئا، اتي هليو وڃي ها___ ليڪن ملڪي دولت
ميڙي چونڊي کڻي وڃڻ جو وٽس ڪهڙو جواز هو؟ هن جو
ڪوبه اطمينان بخش جواب ڏيئي نٿو سگهي.زيادہ کان
زيادہ اهو چئي سگهجي ٿو ته، هو جيڪڏهن مسقط ۾ رهي
ها ته پنهنجو گذران ڪهڙي نموني ڪري ها. انهيءَ قدم
کڻڻ سان ملڪ واسين لاءِ يقينناً وڌيڪ مصيبتن جو
طوفان کڙو ٿي ويو ٿي، ليڪن سمجهي سگهجي ٿو ته
مرادياب خان جو چڱائيءَ توڙي بڇڙائيءَ متعلق تصور،
ان زماني جي عام ماڻهن کان ڪجهه زيادہ مختلف نه
هو، ۽ هن کي ملڪ ۽ قوم جي خدمت جي سلسلي ۾ اهو
درجو ۽ مرتبو حاصل نه هو، جنهن تي سندس وڏا فائز
هئا.
مسقط وڃڻ جي تياري. ” تحفته الڪرام“ جو بيان آهي
ته محمد مرادياب مسقط وڃڻ جي تياري ڪئي ۽ پنهنجو
خزانو اڳواٽ جهاز رستي مسقط ڏانهن موڪلي ڇڏيو.[14]
1170 هه جي آخر ۾، ميان به روانگيءَ جو پڪو ارادو
ڪيو، ۽ ڪڪرالي جي ڄام جي علائقي طرف پيشقدمي ڪئي،
خواهش هيءَ هئي ته ڄام کي ختم ڪري، سندس علاقي جو
سمورو مال ملڪيت لٽي پاڻ سان کڻي وڃجي. سرائي
سردارن، ڄام مذڪور سان صلح ڪرڻ وقت واعدي جي
پابنديءَ لاءِ قرآن جو حلف کنيو هو. هنن، اهو
مناسب نه ڄاتو ته اهي موڪدّ حلف کي ٽوڙي خواه
مخواه ڄام جي علائقي تي حملو ڪن. ڇو ته هن ڌر کان
واعدي خلافيءَ جي ڪابه حرڪت نه ٿي هئي.
مرادياب خان جي معزولي. 13-
ذوالحج، 1170هه (29-
آگسٽ، 1757ع) جو سردارن جٿو بنائي راتو رات محمد
مرادياب خان جي حويليءَ کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو. صبح
جي وقت هن کي ۽ سندس ٻين ماڻهن کي، جي ساڻس گڏ
هئا، گرفتار ڪري ورتو. ۽ سندس ڀاءُ غلام شاهه کي
حڪمرانيءَ جي سند تي ويهاريو. ميان محمد نور محمد
جي وفات کان معزوليءَ تائين محمد مراد ياب خان جي
حڪومت جي مدت پوڻا چار سال ٿئي ٿي .[15]
ڪنهن شخص هن واقعي جي تاريخ ” گرفتاري مرادياب“ (
مرادياب جي گرفتاري) مان ڪڍي. هن ٽڪري جا عدد 1969
بنجن ٿي. صحيح تاريخ 1170هه آهي. ٻالچند ”آزاد“،
مرادآباد جي معزوليءَ ۽ غلام شاهه جي جلوس جي
تاريخ هن شعر مان ڪڍي!
”برخاست مراد ياب نوميد بہ آه.[16]
برخاست مراد
ياب نوميد بہ آه.“
” فتخامي“ جو بيان. ” فتحنامي“ جي مصنف، مراد ياب
خان جا حالات هن ريت لکيا آهن:
”محمد مراد آن مهين پوراو، بجائش نشستہ بدستور
او.“
”محمد مراد، جو ميان نور محمد جو وڏو پٽ هو، دستور
مطابق ميان صاحب مرحوم جو جانشين مقرر ٿيو.
وي چون اوالعزم وغازي نبود، اوضاع او مير راضي
نبود.
(مگر جيئن ته هو مضبوط ارادي وارو ۽ غازي نه هو،
انهيءَ ڪري مير” بهرام“ کي هن جا طريقا پسند نه
هئا.)
نه مرد آزما بود وني مرد جو، نہ درد آزما بودوني
درد جو.
( هو نڪي مڙس جو سڄاڻو هو ۽ نڪي هن کي مڙس جي
گهرج هئي، نه هن ڏک ڏٺو ۽ نه وري ڏک سهڻ لاءِ تيار
هو.)
سي و مطرب ولوليش يار بود، شب و روز او صرف اين
ڪار بود.
( شراب، راڳيندڙ ۽ طوائفائون هن جا دوست هئا، هن
جو ڏينهن ۽ رات انهن ڪمن ۾ گذرندو هو.
نه ڪار آزمايان برش بارياب، نہ حاجت وارن از
درش ڪارياب.
( نه تجربيڪارن کي هن وٽان عزت ملندي هئي،
نه حاجتمند هن جي دروازي کان ڪامياب ٿيندا هئا.)
همان راه رفتند عمال ملڪ، زبون گشت ازد ست شان حال
ملڪ.
( ملڪ جا سمورا ڪارڪن به سندس راه تي هلڻ
لڳا، ۽ انهن جي مٿان ملڪ جو حال ابتڙ ٿي ويو.)
برين وضع چون خلق آزرده حال، بناليد از غلفت او دو
سال.
سر ان بر در مير حاضر شدند؛ درين امر باهم مشاور
شدند.
( هن حالت ۾ ڏکويل حال رعيت ٻن سالن تائين هن جي
غفلت کان رئندي رهي؛ پوءِ وڏا وڏا ماڻهو مير بهرام
جي دروازي تي حاضر ٿيا ۽ هن معاملي ۾ گڏجي مشورو
ڪيو)
چون بي چاره گشتند شان ناگريز، بہ فرمودہء مير
روشن ضمير.
اخش آن ڪہ مهر از بردز نداشت، زبي قدريش قدر
چاڪرندشت نشاند ند بر مسند سروري، فزودش خدا پايہء
برتري.
جيڪڏهن انهن ماڻهن کي ٻي ڪابه واهه نظر نه
آئي، تڏهن مير بهرام جي حڪم مطابق محمد مرادياب
جي ڀاءُ کي حڪومت جي مسند تي ويهاريو ويو، ۽
اهڙيءَ طرح، خدا هن جي برتريءَ جو پايو بلند ڪري
ڇڏيو. هي اهو ڀاءُ هو جنهن سان محمد مرادياب کي
ڪانه محبت به هئي، بلڪ بيقدريءَ سبب هن جي نظرن ۾
کيس نوڪرن جو درجو به حاصل نه هو.)[17]
سيٽن جو پيش ڪيل نقشو. ڊيوڊ سيٽن جو بيان جيتوڻيڪ
ظاهريءَ طرح ” تحفته الڪرام“ تان ورتل معلوم ٿو
ٿئي ۽ ان کي پيش ڪرڻ نامناسب نه ٿيندو.هو لکي ٿو
ته ڪڪرالي جي ٻن سالن واريءَ مهم کان پوءِ، مراد
ياب خان چڱيءَ طرح حڪومت ڪئي. چوٿين سال پنهنجي ڪم
جو طريقو بدلائي ڇڏيو ۽ هو سرائين توڙي ٻين اڪابرن
تي سختيون ڪرڻ لڳو. ان ڪري هي ماڻهو کانئس نفرت
ڪرڻ لڳا. مرادياب خان هيءَ تجويز سوچي ته ملڪ جو
سمورو مال پاڻ سان کڻي نڪري هليو وڃي. هن تجويز
مطابق، هن پنهنجو سمورو خزانو مسقط ڏانهن ڏياري
موڪليو، ۽ پاڻ فوج وٺي ڄام ڪڪرالي جي ملڪ تي قبضي
ڪرڻلاءِ وڌيو، جو کيس رستي ۾ آيو ٿي. سرائي سردار،
ڄام سان صلح جو واعدو ڪري چڪا هئا، ۽ هو انهيءَ
ڳالهه تي راضي نه ٿيا. هنن مراد ياب خان جي ڀاءُ
ميان غلام شاهه جي تابعداريءَ جو حلف کنيو. غلام
شاهه ” سربلند خان“ (مرادياب خان) ۽ ان جي اهل
اعيال کي قيد ۾ وجهي ڇڏيو.[18]
|