وڪيل ۽ مشير. ميان يار محمد خان ۽ ميان نور محمد
جي دور تائين جن ماڻهن وڪيلن ۽ مشيرن جي حيثيت سان
ڪم ڪيو، انهن مان هيٺيان شخص خاص طور ذڪر لائق
آهن: سبزل خان، آخوند محمد صالح، حافظ احمد علي،
ديوداس مهتو، مولراج، ڪرن مهل مهتو، ملا محمد يار،
درگاهي، شيخ عزيز الله ۽ ان جي ساٿي ديوان گدو مل
۽ ان جي ڀاءُ جسپتراءِ کي به شامل ڪرڻ گهرجي. انهن
سڀني جا حوالا ’گلدستهء نور بهار‘ ۽ ڪن ٻين ڪتابن
۾ ملن ٿا؛ ليڪن انهن سڀني ۾ اول درجو مير لطف الله
کي حاصل آهي، جو ’مير متارو‘ جي نالي سان مشهور
هو. مير صاحب جي والد جو نالو عبدالڪريم هو. هيءُ
دهليءَ جي درٻار ۾ وڪيل مقرر ٿيو هو. هن انندرام
’مخلص‘ سان گهرا دوستاڻا تعلقات پيدا ڪيا. ’مخلص‘
جي خطن مان ٽي خط هن جي نالي آهن. ”تحفته الڪرام“
جو بيان آهي:
پس وزير اعليء ميان نور محمّد واليء سند شده نام
نيڪو بہ سلوڪِ عام و خاص يادگار مانده- در ايامِ
دولت بہ استرضا و تمشيت مهام سادات و اکابر و
علماء توفيق وافي ياففہ نام آور سند و هند بر آمد.
(ان بعد، هو ميان نور محمد خان سنڌ جي واليءَ جو
وڏو وزير بنجي ويو ۽ عام خاص ماڻهن سان ڪيل سهڻو
سلوڪ پنهنجي پٺيان يادگار ڇڏي ويو. هن پنهنجي
وزارت جي دور ۾ ساداتن، اڪابرن ۽ علمائن جي
خوشنودي حاصل ڪرڻ لاءِ، انهن جي ڪمن ڪرڻ ۾ ڪابه
ڪوتاهي ڪانه ڪئي. انهيءَ بنياد تي، هن کي سنڌ ۽
هند ۾ ناموري حاصل ٿي.
”نامہء نغز“ جي بيان مطابق، نادر شاهه مير موصوف
کي پنهنجي ايلچيءَ سان گڏ هليءَ مان ميان نور محمد
خان ڏانهن روانو ڪيو هو. 1160 هه (سن 1748ع) ۾ مير
صاحب وفات ڪئي. محمد پناهه ’رجا‘ جو ڪافي مدت
تائين مبر وٽ ملازم رهي چڪو هو، هڪ قطعو چيو، جنهن
۾ تاريخ جو بيت هيءُ هو:
هر ڪہ آمد برسرِ قبرش بتاريخِ وفات،
”رحمت ايزد بجانِ مير لطف الله“ گفت.
مير لطف الله جو هڪ ڀاءُ مير شهزادو هو، سو به
1160هه ۾ فوت ٿي ويو. قاضي عبدالقادر هن جي وفات
جي تاريخ چئي: گرفته مسڪن باشہ شهيد شهزاده -1160
هه
منشي عبدالروف. شروعاتي دور جي منشين مان، مير
منشِ عبدالرؤف تمام ممتاز ۽ نمايان آهي. هي سهتا
قوم جو فرد هو. ڪن ماڻهن جو چوڻ آهن ته هن جو اصلي
وطن هنڱورجا هو. بنا ڪنهن ترديد جي، چئي سگهجي ٿو
ته انشاء جي فن ۾ سنڌ جي زمين ٻيو ههڙو ڪوبه شخص
پيدا نه ڪيو. هو پهريائين بخيار خان وٽ ملازم هو؛
پوءِ ميان يار محمد خان جي ملازمت اختيار ڪيائين،
۽ مير منشيءَ جي خدمت تي مامور رهيو.
تاريخ 18 ربيع الاول سن 1140 هه (23 آڪٽوبر
1827ع)، سومر رات، پهرئين پهر وفات ڪيائين.
”گلدسته نورس بهار“ هن جي لکيل خطن جو مجموعو آهي،
جن کي سندس پٽ منشي محمود وفا مرتب ڪيو هو. ”تحفته
الڪرام“ ۾ لکيل آهي ته انهن خطن جا ڪيترائي جلد،
مرتب ٿي، انشاء جي فن جي شاهن وٽ ڦرندا رهيا. منشي
عبدالرؤف جي جاءِ تي سندس ڏوهٽو عبدالله مقرر ٿيو،
جنهن مرادياب خان جي دور ۾ وفات ڪئي. ميان غلام
شاهه جي دور ۾ منشي عبدالرؤف جو ڀاءُ محمد حفيظ
منشگريءَ جي عهدي تي مامور هو
.
شيخ غلام محمد ۽ شيخ شڪر الله. هي ٻئي سڳا ڀائر
هئا. هنن جي والد بزرگوار جو نالو غالباً شيخ عزيز
الله هو. هو سيوستان جو هندو هو، جو پوءِ عالمگير
جي دور حڪومت ۾ مسلمان ٿيو ۽ ڪلهوڙن جي ابتدائي
دور ۾ مختلف خدمتن تي مامور رهيو. غلام محمد به
تمام وڏيءَ عزت وارو امير هو. جڏهن ٺٽي جي نظامت
ميان نور محمد خان کي ملي، تڏهن غلام محمد کي
انتظام سنڀالڻ لاءِ موڪليو ويو هو. ميان محمد
مرادياب خان کي جڏهين نادر شاهه سان گڏ وڃڻو پيو،
تڏهين غلام محمد به ساڻس گڏجي ويو هو. هن مسقط ۾
شهادت پاتي. ننڍو ڀاءُ شڪر الله سالن تائين ٺٽي جو
ناظم رهيو، ۽ ان بعد کيس مسقط روانو ڪيو ويو ته
محمد مراد ياب خان کي وڃي پاڻ سان وٺي اچي. ان ئي
سفر ۾ هو زهر سان شهيد ٿيو. محمد پناهه ’راجا‘
انهن ڀائرن جي شهادت تي جيڪو قطعو لکيو هو، سو اڳ
۾ ئي نقل ٿي چڪو آهي؛ ان جو تاريخي بيت هيءُ هو:
شد آن يڪي پئ حسن سنت حسين،
و آن ديگري بہ پيروي سنت حسن.
پهرينءَ مصرع مان شيخ غلام محمد جي شهادت جي تاريخ
(1126هه) نڪري ٿي، ۽ ٻيءَ مصرع مان شيخ شڪر الله
جي شهادت جي تاريخ (1164هه).
ميان عبدالنبيءَ جو دور. مير علي شاهه ”شائق“ ميان
عبدالنبيءَ جي دور ۾ مختلف اڪابرن جو حال لکيو
آهي، اهو پڻ ملاحظ ڪريو:
1.
خاص ملازم: جاين جو داروغو، ’داروغه حنيان گران‘،
’رئيس نقيبان‘، ۽ لطف الله:
غير لطف الله ڪاندر ياريء اهل دل ست،
هيچ يڪ را بندهُ احسان نيم، شڪر خدا.
واضح هجي ته هن کي مير لطف الله عرف مير متارو نه
سمجهڻ گهرجي، هيءُ ڪو ٻيو شخص آهي.
2.
خذمت ۾ حاضر رهندڙ شڪر الله، خاص همدم
مظفر،
آبدار، صادق علي خان، سالار.
3.
ناظر: منور، حيدر، علي، جواهر، (؟) زمرد، ياقوت.
4.
متصدي: ٻالڪرام، گلابراءِ، گدو مل.
5.
عمال: اجو مل، دتهر، ڦتو کوکر.
6.
توشڪچي: تارا چند، هرراءِ، سهجرام، ماڻڪ، مولچند.
7.
وڪيل: ”شائق“،رحمت الله کان سواءِ ڪنهن جو به نالو
نه لکيو آهي. هو چوي ٿو:
هيچ ڪس جز رحمت الله دوا سازش نديد،
از پئي بيماريء افلاس محتاج- دوا.
8.
ميان عبدالنبيءَ جو ماسات چامن ۽ پير محمد جوڻيجو.
9.
سيد عابد شاهه ۽ قاضي احمدي، ٻئي علم ۽ فضل ۾
يگانا هئا.
10.
علماءَ: قاضي ابراهيم، مولوي خان محمد، مولوي غريب
الله، ۽ حافظ احمد. پويان ٽيئي ميان عبدالنبيءَ جي
صاحبزادن جا استاد هئا.
شائق“ پڇاڙيءَ ۾ ٽالپرن جو ذڪر تفصيل سان ڪيو آهي،
ان جو ورجائڻ ضروري نه آهي.
ڪلهوڙا حڪومت جو خصوصيتون. ڪلهوڙا حڪومت جون ڪي
خصوصيتون پڻ ڌيان جوڳيون آهن، مثلاً:
1.
هن حڪومت جي شروعات درويشي ۽ پيري- مريديءَ مان ٿي
هئي. ميان نور محمد خان جي دور تائين حڪمرانن جي
مرشديءَ جو سلسلو بنا ڪنهن رنڊڪ جي بدستور قائم
رهيو- هو روزانو مريدن کي تصوف جي مروج آداب مطابق
توجهه ڏيندا هئا ۽ انهن جي تربيت ڪندا هئا.
مرادياب خان جي وقت ۾ هيءُ سلسلو ختم ٿي ويو. يقين
آهي ته ميان غلام شاهه جي دور ۾ اهو سلسلو وري
شروع ٿي ويو: انهيءَ ڪري جو سرائي فقيرن مرادياب
خان جي بيڪار هجڻ جو وڏو سبب هيءُ ٻڌايو هو ته هن
خاندان جي روحاني تربيت واريءَ رسم کي ڇڏي ڏنو هو،
سو جيستائين ميان غلام شاهه هن رسم کي نئين سر
جاري نه ڪيو هوندو، تيستائين کيس مسند جو لائق
ڪيئن مڃيو ويو هوندو.:
2.
هن حڪومت جو هڪ خاص عقيدو هيءُ هو ته اڪثر امير ۽
رئيس حڪومت جي واليءَ جا مريد ٿيندا هئا، ۽ انهن
کي ’فقير‘ جي لقب سان ياد ڪيو ويندو هو- جيئن ته
شاهه بهارو ”فقير“ ۽ مير شهداد بلوچ، ”فقير“. هن
مان اندازو ٿي سگهي ٿو. ڪلهوڙن حڪومت جي دٻدٻي ۽
شان حاصل هجڻ جي باوجود فقر جي سلسلي کي هر ڳالهه
۾ قائم رکيو. قياس چوي ٿو ته ميان آدم شاهه جي وقت
کان سڀني مريدن کي ”فقير“ جي لقب سان ڪوٺيو ويندو
هو. هيءُ خطاب جو طريقو سان يار محمد خان ۽ ميان
نور محمد خان حڪمرانيءَ جي درجي تي پهچڻ کان پوءِ
به ترڪ نه ڪيو، بلڪ ان کي اڳئين کان به زياده
ممتاز ۽ نمايان ڪري بيهاريو. حڪومتون پنهنجن وڏيءَ
عزت وارن اميرن کي خطاب ڏينديون هيون، مگر ڪلهوڙن
”فقير“ کان وڏو خطاب ڪنهن به شخص کي نه ڏنو.
3.
ڪلهوڙا حڪومت ۾ جن شخصن کي ترقي ۽ پنهنجائپ جو سڀ
کان مٿانهون درجو ڏنو ويندو هو، ان کي ”برخوردار“
جي خطاب سان مخاطب ڪيو ويندو هو: مثلاً ”برخوردار“
شاهه بهارو فقير، ”برخوردار“ شهداد بلوچ فقير.
ميان نور محمد خان جڏهن و صيتنامو لکيو هو، تڏهن
پنهنجن فرزندن ۽ عزيزن سان گڏ شيخ غلام محمد ۽ شيخ
شڪر الله جو ذڪر به خاص طور ڪيو هو، ۽ انهن لاءِ
”برخوردار“ جو ئي لفظ استعمال ڪيو هئائين:
”و برخوردار شيخ غلام محمد و شيخ شڪر الله را بہ
منزلہ برادري دانند ڪہ آنها نمڪحلال و فدوي هستند
و شيخ غلام محمد جفا ديده و محنت ڪشيده است.“
(برخوردار شيخ غلام محمد ۽ شيخ شڪر الله کي ڀائرن
وانگر ڄاڻدو رهجو- هي ٻيئي نمڪحلال ۽ وفادار آهن.
شيخ غلام محمد ڪافي سختيون ڏٺيون آهن ۽ تڪليفون
سٺيون آهن.
باب ستاويهون
اقتصادي حالات جو نقشو
معلومات جي کوٽ. اقتصادي حالات متعلق مختلف
ڳالهيون مٿي بيان ٿي چڪيون آهن؛ ليڪن هن پهلوءَ تي
ڪجهه تفصيل سان گفتگو ڪرڻ کان سواءِ پورو اندازو
ٿي نٿو سگهي ته ڪلهوڙن جي دور ۾ سنڌ جي اقتصادي
حالت ڪهڙي هئي. مصيبت هيءَ آهي ته معلوماتي وسيلا
وڏيءَ حد تائين گم آهن.
”آئين اڪبري“ ۽ ”مظهر شاهجهاني“ مان گهڻو ڪجهه اخذ
ڪري سگهجي ٿو؛ ليڪن هي ٻئي ڪتاب مغلن جي دور جو
نقشو پيش ڪري سگهن ٿا، باقي ڪلهوڙن جي دور بابت
منجهن ڪابه معلومات نه آهي. جيڪڏهن هن دور جو ڪو
معمولي ڪتاب به هٿ اچي ها، ته هوند پهرئين دور جو
مقابلو ڪري ڏيکاري سگهجي ها ته سنڌ جي هن ملڪي
حڪومت ملڪواسين لاءِ ڇا ڪجهه ڪيو.
مسٽر ڇٻلاڻيءَ چئن يورپي سياحن جي بيانن جو ذڪر
ڪيو آهي. انهن مان نڪولس وٿنگٽن سن 1606 ۾ آيو،
فادار منريق سن 1640 ۾، نڪولائي منوچي سن 1655ع ۾،
۽ ڪپتان اليگزينڊر هئمٽلن سن 1699ع ۾
. پوئين
سياح جي اچڻ کان اٽڪل ٻن سالن بعد ميان يار محمد
خان کي اتر سنڌ جي هڪ حصي جي نظامت ملي هئي، لهذا
انهن سياحن جي بيانن مان اسان جي موضوع واري دور
متعلق ڇا حاصل ڪري سگهجي ٿو؟
ٽالپرن جي ابتدائي دور ۾ جن انگريز ايجنٽن ۽
ڪارندن جي آمد شروع ٿي چڪي هئي، انهن جا بيان
موجود آهن، مثلا ڪرو، ايلس، پاٽنجر، ڊل هوسٽي، ميڪ
مرڊو، ڊاڪٽر برنز، پوسٽنز، برٽن، اليگزينڊر برنز؛
ليڪن انهن سڀني ٽالپرن جي دور جا حالات بيان ڪيا
آهن: ۽ ائين ڪرڻ مناسب نه ٿيندو ته مغلن ۽ ٽالپرن
جا حالات سامهون رکي وچ جي خال کي قياس آرائيءَ جي
بنياد تي پُر ڪيو وڃي. تاريخي واقعن لاءِ قياس
آرائي هڪ حد تائين مناسب ڄاڻي سگهجي ٿي، ليڪن ڪنهن
علائقي جي اقتصادي نقشو فقط قياس ۽ خيال جي بنياد
تي ڪيئن تيار ڪري سگهجي ٿو؟
ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جا ڪاغذات. ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ
جي تجارتي ڪوٺي سنڌ جي پهرين پهرين 1635ع ۾ قائم
ٿي، جا 1622ع تائين قائم رهي. ٻئي دفعي، ميان غلام
شاهه سن 1758ع ۾ سنڌ جي ڪوٺين وجهڻ جي اجازت ڏني،
۽ پوءِ اها، سن 1775ع ۾، ان ميان سرفراز خان جي
دور ۾ بند ٿي. ٻيءَ واپاري ڪوڍيءَ جي ڪاغذن مان
يقيناً ڪجهه معلومات حاصل ڪري سگهجي ٿي، ليڪن هيءَ
حقيقت واضح ڪري ڇڏڻ گهرجي ته ان معلومات کي نڪو
اقتصادي حالات جو مڪمل دفتر قرار ڏيئي سگهجي ٿو، ۽
نه ئي ان جي هر بيان کي اکيون پوري قبول ڪري سگهجي
ٿو. هيءُ معلوم آهي ته ڪن اهم تاريخي واقعن متعلق
انگريزن جيڪي تعبير ڪيا، اهي مؤرخانه ۽ غير
جانبردارانه تعمبير نه هئا، بلڪ انهن سڀڪجهه
پنهنجي ئي فائدي ۽ منافعي جي نقطه نگاهه سان ڏٺو،
۽ انهيءَ نقطه نگاهه سان ان تي چڱو يا برو ظاهر
ڪيو. زير غور معاملي ۾ به خبرداريءَ کان ڪم وٺڻ
نهايت ضروري آهي. ان نموني مختلف ذريعن سان جيڪي
ڪجهه حاصل ٿيو، تنهن کي اختصار سان هيٺ ڏجي ٿو:
سنڌوندي. جن اهل قلم سنڌ کي مصر سان مشابهت ڏني
آهي
، انهن جي
سامهون فقط هيءَ حقيقت هئي ته جهڙيءَ طرح نيل ندي
مصر جي سرزمين لاءِ شهه رڳ جي حيثيت رکي ٿي،
تهڙيءَ طرح سنڌونديءَ کي به سنڌ جي سر زمين ۾ شهه
رڳ جي حيثيت حاصل آهي. هيءُ ملڪ انهيءَ ئي درياهه
جي ريٽ مان ٺهيو، ۽ اهو ئي درياهه هن جي سموريءَ
زرخيزيءَ جو حقيقي سرچشمو آهي. نيل جو جڏهن پاڻي
چڙهي، تڏهن آسپاس جون زمينون سيراب ٿين، ۽ انساني
حياتيءَ جي شروعات کان وٺي اتي جا ماڻهو آزاديءَ
سان کيتيءَ جو ڌنڌو ڪندا آيا آهن. سنڌ جي به اها
ئي ساڳي حالت آهي. مصر وانگر هتي به برسات تمام
گهٽ پوي ٿي؛ ليڪن درياهه جڏهن مقرر موسم ۾ چاڙهه
تي ايندو هو ۽ هن جو پاڻي ڪنارن جي مٿان ڇلڪڻ
لڳندو هو، ته ميلن تائين زمينن جي آبياريءَ ٿي
ويندي هئي، ۽ ڪنهن خاص محنت ۽ مشقت کان سواءِ ڪافي
اناج پيدا ٿي ويندو هو. اهو ئي سبب آهي جو برصغير
هندستان ۾ زندگيءَ جا ابتدائي نقش سنڌونديءَ جي ئي
ڪنارن تي چٽجڻ شروع ٿيا. هيءَ ندي مختلف وقتن تي
پنهنجو وهڪرو بدلائيندي رهي. سنڌ جا سمورا مشهور
تاريخي شهر، جي اڄ يا ته مٽجي چڪا آهن يا فقط
معمولي شهرن ۽ ڳوٺن جي حيثيت اختيار ڪري چڪا آهن،
سي هن جي ڪنارن تي آباد هئا- مثال طور الور،
منصوره، بکر، برهمڻ آباد، ديبل، لاهري بندر،
سيوهڻ، نصرپور، ٺٽو، وغيره،. تمدن جي ترقيءَ سان
گڏوگڏ ماڻهن خود به نديءَ جي پاڻيءَ مان فائدي
حاصل ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون؛ واهه کوٽايا، زراعت کي
ترقي ڏني ۽ ملڪ جي آباديءَ کي وڌايو.
شروعاتي ڪلهوڙا ۽ آخري ڪلهوڙا. ڪلهوڙن جي دور
حڪومت تي غور ڪرڻ وقت، هيءَ حقيقت به سامهون رکڻ
گهرجي ته شروعاتي ڪلهوڙن جو نقطه نگاهه ۽ طريقه
ڪار هڪڙو هو، ۽ پوءِ جي دور ۾ هن خاندان جا جيڪي
شخص حڪومت جي مسند تي پهتا، انهن جو نقطه نگاهه ۽
طريقه ڪار ٻئي نموني جو هو. هن حقيقت جو صحيح
اندازو سڀ کان اول مسٽر ڇٻلاڻيءَ ڪيو. هو ابتدائي
ڪلهوڙن ۾ فقط ميان يار محمد خان ۽ ميان نور محمد
خان کي شمار ڪري ٿو، ۽ باقي ٻين سڀني کي آخري
ڪلهوڙن ۾ شمار ڪري ٿو
- مثلاً
مراد ياب خان، غلام شاهه خان ۽ غلام شاهه خان، عطر
خان، احمد يار خان، سرفراز خان، محمود خان، غلام
نبي خان ۽ عبدالنبي خان- جيتوڻيڪ ٻنهي گروهن ۾ فرق
۽ تفاوت جا مڙيئي پهلو مسٽر ڇٻلاڻيءَ واضح نه ڪيا
آهن.
يار محمد خان ۽ نور محمد خان متعلق مسٽر ڇٻلاڻيءَ
لکيو آهي ته مجموعي حيثيت سان انهن حڪومت جو
ڪاروبار وڏي تدبر، دانائيءَ ۽ دورانديشيءَ سان
هلايو:
هو ٻئي تمام وڏا بهادر هئا، ۽ امن جي مقصدن لاءِ
به اهڙا ئي عظيم الشان هئا
.
صاحب موصوف غلام شاهه جي تعريف به ڪئي آهي، ۽ ان
سان گڏ هيءُ به لکيو آهي ته هن ملڪ کي هڪ وڏي
تباهي آڻيندڙ جنگ ۾ الجهائي وڌو، ۽ جيڪي فتحون پاڻ
حاصل ڪيائين، ان لاءِ وڏي قيمت ادا ڪرڻي پيئي.
پوءِ جا ڪلهوڙا حاڪمن جون خانه جنگيون ۽ سازشون
ٻيهر بيان ڪرڻ جون محتاج نه آهن.
ابتدائي دور جا حالات. ميان يار محمد خان ۽ ميان
نور محمد خان جو نصب العين مختصر لفظن ۾ هيءُ هو:
1.
ڪشمڪش ۽ لڙائين کان حتي الامڪان پاسو ڪيو وڃي.
2.
آهستي آهستي ملڪ کي متحد ڪيو وڃي.
3.
جيڪو علائقو انتظام هيٺ اچي، ان جي آباد ڪرڻ ۾
ڪابه ڪوتاهي نه ڪئي وڃي. فسادين کي سزائون ضرور
ڏنيون وڃن، ليڪن ان سان گڏوگڏ انهن لاءِ روزگار جو
چڱو بندوبست ڪيو وڃي، ته جيئن هو پنهنجين قوتن کي
غير قانوني حرڪتن استعمال ڪرڻ بدران مفيد سرگرمين
۾ رڌل رکن- پاڻ به خوشحال ٿين ۽ ملڪ کي به خوشحال
بڻائين.
هيءُ نصيب العين واضح يا غير واضح طور شروع کان ئي
ڪلهوڙن جي سامهون رهيو. ميان آدم شاهه ۽ ان جي
جانشينن اخلاقي ۽ عملي سڌارن جو جيڪو پروگرام شروع
ڪيو هو، ان ۾ عوام جي معاشي اصلاح پڻ نمايان حيثيت
رکي. مثال طور، شاهه علي عرف شاهل محمد بابت
”تحفته الڪرام“ جي مصنف لکيو آهي ته هن مريدن جو
تعداد وڌايو ۽ زراعت کي به ترقي ڏني؛ لاڙڪاڻي
وارو گهاڙ واهه به انهيءَ کوٽايو هو
. هيءُ
سلسلو ميان نصير محمد ۽ ميان دين محمد جي دور ۾ به
جاري رهيو.
يار محمد خان کي سبيءَ ۽ گنجابہ جي نظامت خود
شهزادي محمد معزالدين ڏني هئي، جو ان وقت ملتان جو
گورنر هو، ۽ فقط انهيءَ ڪري هن ’سرڪش‘ ۽ ’باغيءَ‘
کي هن نوازش لاءِ چونڊيو ويو هو، جو سبي ۽ گنجابہ
جي انتظام ۾ ٽي ماڻهو هڪٻئي پـٺيان ناڪام ٿي چڪا
هئا. يار محمد کان سواءِ هن بوجهه کي کڻڻ، ۽ ان جي
ذميوارين کي سهڻي طريقي سان پوري ڪرڻ جي لائق ٻيو
ڪوبه ڪوبه ڪونه هو. ڇا، يار محمد جي انتظامي
صلاحيتن جو هڪ نهايت روشن ثبوت نه آهي؟ ڇا، هن
تجربي جي ڪاميابيءَ ۾ ڪنهن کي شبهو ٿي سگهي ٿو؟
يار محمد خان ۽ نور محمد خان. يار محمد خان پنهنجي
حڪومت جو انتظام به نهايت عمدي نموني سان ڪيو، ۽
ان سان گڏ مختلف علائقا مقاطعي تي وٺي انهن جي
حالت پڻ سڌاري- ايترقيدر جو پنهنجي علائقي سان گڏ
ٺٽي جي حڪومت ۾ فسادين جي ڪن- مهٽ لاءِ به هن کان
مدد ورتي ويندي هئي. ميان نور محمد خان جي دور ۾
ساري سنڌ هڪ مرڪز هيٺ اچي ويئي. ٺٽي جي ڏاکڻي
علائقي ۾ ڪجهه فسادي رهجي ويا هئا، جن جي سرڪوبيءَ
لاءِ ميان صاحب کي چڙهائي ڪرڻي پئي. هاڻ ان جي
تعميري ڪارنامن جو سرسري ملاحظو ڪريو:
1.
ميان نور محمد واهن جي ذريعي ملڪي آبادي وڌائڻ جو
وڏو حامي ۽ سرپرست هو. هو جنگ جي ميدان ۾ جهڙو
بهادر ۽ جوانمرد هو، تهڙو ئي زراعت جي ڪم کي ترقي
وٺائڻ ۾ ممتاز هو. هن جي دور حڪومت ۾ سنڌ جي زرعي
پيداوار پنهنجي ڪمال ترقيءَ تي پهچي ويئي.
2.
سنڌ ۾ واهن جو پهريون وڏو معمار ميان نور محمد خان
ڪلهوڙو هو. هن جيڪي به وڏا واهه تعمير ڪرايا، سي
اتر سنڌ ۾ هئا، جتي سندس حڪومت جو پهرين پهرين
بنياد پيو هو.
3.
نظام گهاٽ جا ٽي وڏا واهه، زرعي سڌاري جي هن وڏي
حاميءَ کوٽيايا. ”نور واهه“ هن جي ئي نالي تي
ٺهيو. ”شاهه جي ڪور“ شاهه بهاري ٺهرائي، جو ميان
صاحب جو هڪ روشن- دماغ وزير هو. هن چانڊڪي (موجوده
لاڙڪاڻو) ۾ ڪيترن ئي واهن جو انتظام ڪيو. ”ڏاتي جي
ڪور“ ڏاتي کهاوڙ ٺهرائي هئي. نوشهري تعلقي ۾ ”نصرت
واهه“ نصرت چانڊيي کوٽايو هو. ”مراد واهه“ مراد
ڪليريءَ، ”باگو واهه” باگي سيال، ۽ ”پيروز ويراڙ
واهه“ پيروز کوٽايو.- هي ٽيئي ڪلهوڙا درٻار جا
امير هئا.
نهايت عمدو نظام. پڇاڙيءَ واري دور ۾ به واهن جي
تعمير ٿيندي رهي: مثلاً ”سر فروز واهه“ جو
حيدرآباد ضلعي ۾ آهي، سو سرفراز خان ڪلهوڙي سان
منسوب آهي
. هيءَ
ڳالهه وضاحت جي محتاج ڪانهي ته انهن واهن ۽ انهن
جهڙن ٻين ڪيترن واهن جي ذريعي زراعت ۾ نهايت بي
انداز ترقي ٿي- ملڪي پيداوار وڌي ويئي، ۽ عام
ماڻهو حلال جي پورهئي ۾ لڳي ويا ۽ خوشحاليءَ سان
زندگي گذارڻ لڳا.
ڊاڪٽر سورلي لکي ٿو:
هيءُ سمجهڻ نهايت مناسب آهي ته واهن جو جيڪو نظام
سن 1843ع ۾ ٽالپرن کان ورتو ويو هو. سو عام
بهبوديءَ جي ڪمن منجهان هڪ اهڙي سلسلي جو نشان هو،
جو ڪلهوڙن جي دور ۾ نهايت بهترين طريقي تي جاري
هو.
مسٽر ڇٻلاڻيءَ جو بيان آهي ته
سنڌ ۾ واهن جي صفائيءَ، بحاليءَ ۽ توسيع ۾ ڪلهوڙن
خاص طور وڏيون تڪليفون برداشت ڪيون ۽ تمام گهڻي
رقم خرچ ڪئي. مسٽر لئمبرڪ بلڪل صحيح چيو آهي ته
نادر شاهه 1739ع ۾ ميان نور محمد ڪلهوڙي تي
ساليانو ويهه لک خراج مقرر ڪيو هو، ۽ احمد شآهه
ابدالي مدت تائين باقاعدي وصول ڪندو رهيو. پوءِ
ميان غلام ۽ ان جي جانشينن وڏي پيماني تي لڙائيون
جاري رکيون. انهن سڀني خرچن کي سنڀالي، چئبو ته
خزانو ڀرپور هو.
حالات جو حقيقي نقشو. مسٽر لئبرڪ اخراجات جي جيڪا
ڪيفيت ٻڌائي آهي، حقيقي حالات جو نقشو ان کان وڌيڪ
آهي. مثلاً.
1.
نادر شاهه اٽڪل هڪ ڪروڙ رپين جي رقم ۽ جواهرات پاڻ
سان کڻي ويو، ظاهر ۾ ڪلهوڙن جي خزانن ۽ دفنين کي
خالي ڪري ويو. ان کان سواءِ، هن ويهه لک نه بلڪ ڪن
روايتن مطابق ايڪيهه لک رپيا ساليانو تاوان پڻ
عائد ڪيو.
۽ ملڪي
نظام کي بلڪل درهم برهم ڪري ويو.
2.
ان کان پوءِ افغانن جي مصيبت نازل ٿي ۽ خراج
باقاعدگيءَ سان وٺبو رهيو، انهيءَ کان سواءِ تحفا
پڻ موڪليا ويندا هئا.
3.
ميان نور محمد خان جي وفات کان پوءِ محمد مرادياب
خان ٽن سالن ۾ ايتري رقم گڏ ڪئي هئي جو حڪمرانيءَ
کان ڪناره ڪش ٿي، ملڪ کان ٻاهر نڪري وڃڻ جو فيصلو
ڪري چڱي خاصي دولت مسقط ڏانهن موڪلي ڏنائين؛ جنهن
جو وڏو حصو ميان غلام شاهه واپس گهرائي ورتو.
4.
افغاني درٻار، ميان غلام شاهه کي حڪومت جي پرواني
ڏيڻ کان اڳ ٻه دفعا سنڌ ڏانهن فوج رواني ڪئي- هڪ
دفعي محمد عطر خان لاءِ ۽ ٻئي دفعي احمد يار خان
لاءِ. ٽنهي ڀائرن ۾ ننڍيون وڏيون لڙائيون پڻ ٿيون،
۽ هڪ دفعي ٽنهي ۾ ملڪ پڻ ورهاست ٿيو.
5.
جيتوڻيڪ ميان نور محمد خان جي زماني جي سنڌ باقي
نه رهي هئي- ان مان سبي، گنجابه، ڪراچي، ۽ شڪارپور
الڳ ٿي چڪا هئا- تڏهن به ميان غلام شاهه چوڏهن
ورهين جي حڪمرانيءَ ۾ ايتري رقم گڏ ڪري ورتي جو هن
نوان شهر آباد ڪيا، ڪيترا مقبرا جوڙايا، قلعا
ٺهرايا. ۽ ٻه دفعا ڪڇ تي ڪاهون ڪيائين؛ هو وڏيءَ
عزت ۽ دٻدٻي وارو حڪمران هو.
6.
ميان غلام شاهه جي وفات کان ٻن ٽن سالن بعد، وري
ملڪ ۾ افراتفري شروع ٿي. ملڪ ۾ اندر لڙائيون ٿيون؛
ٻاهران هڪ دفعو عزت يار خان آيو، ٻه دفعا نصير خان
بروهيءَ فوج موڪلي، ۽ هڪ دفعي جوڌپور جي راجا حملو
ڪيو. عبدالنبي خزانو کڻي ٻاهر هليو ويو، ۽ ڪيترا
دفعا افغانن جو لشڪر پاڻ سان وٺي آيو مدد خان جي
آمد جا جيڪي حالات پيش ٿي چڪا آهن، انهن کي سامهون
رکندي بنا تڪلف چئي سگهجي ٿو ته ٻئي ڪنهن ملڪ تي
هن کان وڌيڪ تباهيءَ جو طوفان شايد ئي نازل ٿيو
هجي. انهن تباهين ۽ بربادين جي باوجود ٽالپرن جي
شروعاتي دور ۾ ئي هڪ خاصي وڏي رقم افغاني درٻار کي
ڏيئي، سنڌ جي نوابيءَ جو پروانو حاصل ڪيو ويو هو.
ڇا، اهي
حقيقتون هن ڳالهه جو روشن ثبوت نه آهن ته ڪلهوڙن
جي زرعي سڌارن سنڌ کي اقتصادي طرح انتهائي ڪمال تي
پهچائي ڇڏيو هو، جو هر تباهيءَ کان پوءِ به ٿوري
کان ٿوري عرصي ۾ هوءَ پنهنجن پيرن تي اُڀي ٿي سگهي
ٿي؟ سوچڻ گهرجي ته جيڪڏهن نادر جي بلا نازل نه ٿئي
ها، افغانن جي مصيبت نه اچي ها، اندروني ڇڪتاڻ نه
ٿئي ها ۽ انتظامي ڪاروبار طبعي حالت تي جاري رهي
ها، ته سنڌ ڪٿان کان ڪٿي وڃي پهچي ها!
باب اٺاويهون
اقتصادي
حالات جو نقشو
[1]
فصل ۽
باغات.
اڄڪلهه وانگر، مغلن ۽ ڪلهوڙن جي زماني ۾ به سنڌ جا
مکيه فصل ٻه هئا- هڪ ربيع، ٻيو خريف. ربيع ۾ عام
طرح ڪڻڪ، جو، چڻا، مٽر، نير وغيره جي آبادي ٿيندي
هئي؛ ۽ خريف جي مند ۾ چانور، ڪپهه، منڱ، ڪمند،
تماڪ، پست، سڻي، وغيره جون جنسون پيدا ٿينديون
هيون. تيلي ٻج، مثلاً سونهن، ڄانڀو، السي ۽ تر
انهيءَ کان سواءِ هئا.
باغات گهڻو ڪري سڀني هنڌن تي موجود هئا. مسٽر
ڇٻلاڻيءَ لکيو آهي ته ٺٽي، حيدرآباد، شڪارپور،
سيوهڻ ۽ روهڙيءَ کي باغات جي لحاظ کان امتيازي
درجو حاصل هو. هن باري ۾ مختلف مورخن هيٺين ميون
جو ذڪر ڪيو آهي: انب، ٻير، توت، صوف، انگور،
سنگتڙا، ليما، گدامڙي، پستا، کجور ڏاڙهون، شفتالو،
ڪيلو ۽ گدرا.
ٺٽي بابت سن 1699ع جي
هڪ بيان مان ظاهر آهي ته بادشاهي باغ نهايت چڱيءَ
حالت ۾ هئا، جن ۾ ميوا ۽ گل وڏي اهتمام سان رکيا
ويندا هئا- خاص ڪري بهترين ذائقي وارا ڏاڙهون، مون
اتي کاڌا.()
زمين ج
ڍل.
وصوليءَ جا مجموعي انگ اکر پهريائين پيش ٿي چڪا
آهن- يعني ڪلهوڙن جي دور ۾ اسي لک، ۽ ٽالپرن جي
دور ۾ چاليهه لک. پوين حڪمرانن جي دور ۾ گهڻو ڪري
وصولي گهٽبي ۽ وڌندي ٿي رهي. پوسٽنز اڻويهين صديءَ
جي شروع کان سن 1843ع تائين، مختلف سنن ۾، وصوليءَ
جو اندازو هيٺينءَ طرح پيش ڪيو آهي:
اڻويهن صديءَ جي شروعات چاليهه لک
سن 2809ع پنجيتاليهه لک
سن 1814ع ايڪهٺ لک
سن 1824ع پنجاهه لک
سن
1843ع پنجٽيجهه لک.
()
سنڌ ۾ برطانوي حڪومت جي شروعات وقت رڳو زمين جي
ڍلن جي وصولي، ڪُل وصوليءَ جو اڌ هئي انهيءَ تناسب
جي بنياد تي- جو جيڪڏهن بلڪل صحيح نه آهي ته صحت
جي قريب ضرور هجڻ گهرجي- ڪلهوڙن جي دور ۾ زمين جي
ڍل ٽيونجاهه لک ٽيهه هزار ٿئي ٿي. هيءَ رقم ٽالپر
دور جي فقط هڪ سال (سن 1814ع) کي ڇڏي، سندن
سموريءَ وصوليءَ کان زياده هئَي.
پيداوار
۽ آباد زمين.
جيڪڏهن فرض ڪيو وڃي ته زمين جي ڍل سموريءَ پيدائش
جي ٽي پتي هئي- حالانڪ واهن ۽ سيلاب وارين زمينن ک
ملائي غور ڪيو وڃي ته ڍل جو تناسب هن کان گهٽ ٿئي
ٿو ته سنڌ جي پيداوار هڪ ڪروڙ ۽ س لک رپيا ٿئي ٿي.
هن زماني ۾ اناج جو اگهه زياده کان زياده ڏهه آنا
في مڻ هو. انهيءَ بنياد تي حساب هن طرح ٺه ٿو ته
پيداوار ٻه ڪروڙ ڇاونجاهه لک مڻن کان گهٽ نه هئي.
بيشڪ هيءُ سراسري اندازو آهي، ليڪن يقين آهي ته
زياده کان زياده قرين صحت هوندو.
هاڻي آباد ٿيندڙ زمين
جو حساب گهڻو مشڪل نه آهي. مثلاً، جيڪڏهن فرض ڪيو
وڃي ته في ايڪڙ پيدائش ٻارهن مڻ هئي، ۽ انهيءَ
پيدائش کي ٻنهي قسمن جي فصلن جي سراسري ڄاتي وڃي
ته آباد زمين جي ايراضي قريباً ايڪيهه لک ايڪڙ هجڻ
گهرجي مغلن جي دور ۾ اناج جو اگهه پنج آنا في مڻ
هو؛ ليڪن ڍل جي بنياد تي، مٿئين اصول مطابق، ان
دور جي زرعي زمين ساڍن سورهن لکن ايڪڙن کان زياده
نه هئي، ۽ ٽالپرن جي دور ۾ آباد زمين ته فقط اٺ لک
هڪ هزار ٽي سؤ ايڪڙ وڃيو رهي().
ڪلهوڙن جي زماني جو جيڪو اندازو پيش ڪيو ويو آهي،
اهو هن مفروضي تي ٻڌل آهي ته انهن جي سموري دور ۾
اناج جو اگهه ڏهه آنا في مڻ رهيو؛ حالانڪ هي بنهه
غلط آهي. سن 1839ع تائين ٺٽو سنئون سڌو مغلن جي هٿ
هيٺ هو، ۽ ان کان پوءِ ميان نور محمد خان جي هٿ
هيٺ آيو. ڪوبه شخص هيءُ خيال نٿو ڪري سگهي ته سن
1839ع تائين اناج جو اگهه پنج آنا في مڻ هو، ۽
جڏهن سمورو انتظام ڪلهوڙن سنڀاليو تڏهن اگهه ٻيڻو
ٿي ويو. زياده صحيح هيءُ صورت ٿيندي ته هن اگهه ۾
درجي بدرجي واڌارو ٿيو، ۽ غالباً ڪلهوڙن جي آخري
دور ۾ ڏهه آنا في مڻ تي پهتو هجي. وري هي به ظاهر
آهي ته هن اگهه ۾ زيادتي يا ته هن بنياد تي ٿي
سگهي ٿي ته سنڌ جي اناج جي روانگي وڌي ويئي هجي.
پهرين صورت تسليم ڪرڻ جي قابل نه هئي، انهيءَ ڪري
جو ڪلهوڙن نوان واهه کوٽائي غيرآباد زمينن جي آباد
ڪرائڻ جو انتظام ڪيو ۽ پيداوار کي وڌايو، ٻيءَ
صورت لاءِ ڪابه قطعي شهادت موجود نه آهي؛ ليڪن
جيڪڏهن ان کي درست ڄاتو وڇي ته پوءِ مڃڻ گهرجي ته
انهيءَ مان سنڌ جي خوشحاليءَ ۾ واڌارو آيو.
جانور.
سنڌ شروع کان ئي زرعي ملڪ رهندو اچي ٿو. هتي پري
پري تائين کليل ميدان موجود هئا، جي چراگاهن جو ڪم
ڏيئي ٿي سگهيا، ۽ انهيءَ ڪري جانورن جي دولت به
هتي هميشه جام رهي. انهن ۾ ڌڳا به هئا، جن کان
سواءِ کيتيءَ جو ڪم هلي نٿي سگهيو، ۽ کير وارا
جانور به هئا. اهوئي سبب آهي جو سنڌ جون جيڪي
جنسون ٻاهر موڪليون وينديون هيون، انهن ۾ گيهه به
شامل هو. کير وارا جانور زياده نه هجن ها، ته
ايترو گيهه ڪٿان پيدا ٿي سگهيو ٿي جو ملڪي ضرورتن
جي پوريئيءَ کان پوءِ به ٻاهر موڪلي سگهجي ها. رڍن
ٻڪرين پالڻ جو شوق به هو ۽ سنڌ جا ميدا انهيءَ
مقصد لاءِ بيحد موزون به هئا. اُٺ سواريءَ ۽ بار
ڍوئڻ لاءِ ضروري هو، ان ڪري و خود سنڌ جو به وڏو
حصو ريگستاني آهي ۽ ان جي آسپاس به ريگستانن جي
ڪمي نه آهي. گهوڙا سنڌ ۾ به پاليا ويندا هئا، ۽
ٻاهران به گهرايا ويندا هئا.
هاڻ مختلف شهادتون ملاحظه فرمايو:
1. پهرينءَ انگريزي
ڪوٺيءَ جا ڪارندا ٻڌائين ٿا ته هتي (ٺٽي ۾)
نصرپور، سيوهڻ ۽ بکر کان گيهه ۽ تيل تمام گهڻو
ايندو هو. منريق لکي ٿو ته هن خطي (سنڌ) ۾ چوپائي
مال جي گهڻائي آهي، ۽ خاص ڪري مينهون تمام گهڻيون
ٿين ٿيون. منوچي ٻڌائي ٿو ته هتي گيهه تمام گهڻو
ٿئي ٿو ۽ مسقط ڏانهن موڪليو وڃي ٿو. هملٽن لکي ٿو
ته ٺٽي جي آسپاس ماڻهو مينهون گهڻيون ڌارين ٿا. هو
قد بت ۾ وڏيون ٿين ٿيون ۽ کير به گهڻو ڏين ٿيون.()
2. پالتو جانورن مان
اُٺ جو درجو اهميت جي لحاظ کان ٻئي نمبر ۾ آهي…
سنڌ ۾ اُٺن جي گهڻائي آهي. ڪيترن مانهن وٽ ڏهه ڏهه
هزار اُٺ آهن، بلڪ ان کان به زياده. اجمير جا اُٺ
نهايت تيز رفتار آهن. بار ڍوئڻ لاءِ بهترين اُٺ
ٺٽي جو ٿئي ٿو. اهڙيءَ طرح، ڪرو()
لکي ٿو ته اُٺ صوبي جي هر حصي ۾ گهڻا پاليا وڃن
ٿا. ()
|