سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: تاريخ سنڌ ڪلهوڙا دور حصو ڇهون-(جلد-2)

باب:

صفحو: 13

عزيزن طرفان استقبال. مير بجار قلات ڏانهن انهيءَ خيال سان ويو هو ته جيئن اتي ويهي پنهنجي عزيزن جي جماعت بنديءَ جو موقعو پيدا ڪري، ۽ پوءِ مناسب هنڌ تي انهن سان ملاقات ڪري آئينده لاءِ ڪنهن قدم کڻڻ جو فيصلو ڪري. انهيءَ ڪري هو قلات کان شڪارپور پهتو، جتي هيٺيان ماڻهو پهتل هئا: مير عبدالله خان، مير بجار خان جو پٽ؛ مير فتح علي خان ڀائٽيو مير بجار خان؛ مير غلام علي خان جو ڀائٽيو مير بجار خان؛ مير فتح خان؛ مير سهراب خان، مير الله يار خان؛ مير محمود خان؛ مير شاد علي خان؛ ۽ مير ٺارو خان. انهن سان گڏ ٻيا به بلوچ سردار موجود هئا، جن سڀني ڪلهوڙن جي ظلمن کان تفصيل سان مير بجار خان کي واقف ڪيو. [1]

انهيءَ وچ ۾ راجا ليکي مري ويو، ۽ سندس پٽ تاجو پيءُ جو جانشين بنيو ۽ سمورا اختيارات پاڻ سنڀاليائين. ”فتحنامي“ ۾ لکيل آهي ته مير بجار خان جي اچڻ جي خبر ٻڌي، دوزخ جو ڪتو (راجا ليکي) هيبت وچان مري ويو؛ ڪي ماڻهو چون ٿا ته هن زهر کائي پاڻ کي ختم ڪيو. [2]

حالات جو اندازو. مير بجار سمورا حالات پنهنجي عزيزن کان معلوم ڪيا. هنن سڀني چاهيو ٿي ته جلد کان جلد حملي ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي؛ پر مير بجار کي ملڪ ۾ خانه جنگيءَ جي نقصانن جو پورو اندازو هو. انهيءَ ڪري هو انتقام جي جوش ۾ اچي ملڪ واسين جي لاءِ نقصانن جو دروازو کولڻ لاءِ تيار نه ٿيو. هو سڀني کي پاڻ سان وٺي اڳتي وڌيو، ۽ دارالحڪومت کان ٻارنهن ميل پري ديرو ڄمايائين. لڙائيءَ جي قدم کڻڻ کان اڳ ملڪي ماڻهن جي جذبات ۽ احساسات جو اندازو لڳائڻ ضروري هو، جيڪي ماڻهو فتح خان سان گڏجي حيدرآباد جي فتح ڪرڻ ۽ سرفراز جي معزوليءَ ۾ مددگار بنجي چڪا هئا، جيڪڏهن انهن ۾ خلوص هجي ها ته بنا تامل بهرام ۽ صوبدار تعزيت لاءِ مير بجار وٽ پهچي وڃن ها ۽ اهڙي طرح سمورا اختلاف مٽجي وڃن ها؛ ليڪن تاجي ليکي، الهه بخش جنجهڻ، محراب جتوئي، پيروز پتافي ۽ ٻين سڀني ساٿين کي ساڻ ڪري مير بجار جي مقابلي جي تياري شروع ڪري ڏني. هيءُ انهيءَ ڳالهه جو ثبوت آهي ته خونريزيءَ کان سواءِ معاملات کي سلجهائڻ غير ممڪن آهي.

مير جي نالي فرمان. تاجي ليکي ۽ ٻين فسادين ڪافي غور ۽ مشوري کان پوءِ هڪ خط مير بجار جي نالي لکيو؛ ۽ ان تي باقاعدي مهر هڻي مير غلام نبي خان جي طرفان فرمان جي صورت ۾ مير بجار وٽ موڪلي ڏنو، هن جو مضمون هيءُ هو:

ڪہ الآ مير بالشڪر اين جا مقام

چراڪرده اي هم چہ داري تو ڪام؟

(اي مير، تون لشڪر سان گڏ هن هنڌ تي اچي ڇو رهيو آهين، تنهنجو مقصد ۽ مدعا ڪهڙي آهي؟)

بگو چيســــت آخــــــر تمنائلآ تو،

چہ باشد سوي ما تقاضائلآ تو؟

(آخر ٻڌاءِ ته تون ڇا ٿو چوڻ چاهين، ۽ اسان کان ڪهڙي چيز جو طلبگار آهين؟)

بگـــو تا چہ آهنـــگ داري بہ مــا،

مگر خواهشِ جنگ داري بہ ما؟

(ٻڌاءِ اسان جي متعلق تنهنجو ڪهڙو ارادو آهي: شايد تون اسان سان جنگ ڪرڻ گهرين ٿو؟)

اگر جنگ خواهي، بيا: پيش گير

وگر نہ ازينجــــا رهِ خــــويش گــــيـــر! [3]

(جيڪڏهن لڙڻ گهرين ٿو ته بسم الله، اڳتي اچ، ٻيءَ صورت ۾ اها جاءِ ڇڏي پنهنجو رستو وٺ.)

”فريئر نامي“ ۾ انهيءَ خط جو مضمون هن طرح بيان ڪيو ويو آهي:

”- رين جا مقام ڪردن چيست و تمنائلآ تو چہ،

باشد- بــــگــــو تـــــا چــــــہ آهنـــــگ داري- اگر خــــيــــال

جنگ است بسم الله بيا ڪہ مايان آماده ايم“ [4]

(هن هنڌ ڇو اچي رهيو آهين؟ تون ڇا ٿو گهرين؟ ٻڌاءِ، تنهنجو ڪهڙو ارادو آهي؟ جيڪڏهن لڙائيءَ جو خيال آهي ته بسم الله، اچ، اسين تيار آهيون!

مير عمر ڪوٽ ۾. هيءُ خط يا فرمان هن ڳالهه جو ظاهري ثبوت هو ته فسادي جنگ جي لاءِ تيار آهن، ۽ غلام نبي خان انهن جي هٿ ۾ بيوس آهي. جوشيلن ٽالپرن ٻيهر مير بجار تي زور ڏنو ته جنگ جي اجازت ڏيو، مگي مير راضي نه ٿيو. هن، خط جو ڪوبه جواب نه ڏنو ۽ ٻئي ڏينهن سامان کڻي عمر ڪوٽ جو رستو ورتو. اهل عيال ۽ توبخانو به ساڻ هوس. عمر ڪوٽ جي قلعي تي کوسا قابض هئا. هو، مير جي اچڻ جو ٻڌي اهڙيءَ طرح هليا ويا، جهڙيءَ طرح تيز هوا جي جهوٽي مان پن اڏامي وڃن. هنن پنهنجي سموري ڪيفيت لکي غلام نبي خان کي ڏياري موڪلي. مير بجار اطمينان سان قلعي ۾ ويهي ويو.[5]

نئين حڪمرانن جي حيثيت. غلام نبي خان اخلاق توڙي نيڪين ۾ پنهنجي والد جو نمونو هو. ”فريئر نامي“ جو مصنف ٽالپر خاندان جو فرد ۽ ”فتحنامي“ جو مصنف ٽالپرن جو درٻاري هو. گويا ٻئي انهن سان تعلق رکندڙ هئي. جنهن کان حڪومت کسي هئي، ان کان ڪلهوڙن جي ساراهه ۽ عزت جي اميد رکي نٿي سگهجي-ليڪن ٻنهي غلام نبي خان جو ذڪر نهايت چکن لفظن ۾ ڪيو آهي. ”فرئير نامي“ جو بيان آهي:

غلام نبي صاحبلآ بود با حلم و ڪرم، بہ صورت معنوي و ظاهري پير استہ و از فتنہ هائلآ راجہ ليکهي بيزار- هرگاه راجہ ليکهي شڪايت مير صاحبان ڪردي، ازان روي تافتلآ. [6]

(غلام نبي وڏو حليم ۽ بردبار ماڻهو هو، هن جو ظاهر توڙي باطن سيگاريل هو. راجا ليکي کان بيزار هو. راجا جڏهن به مير صاحبن جي شڪايت ڪندو هو ته غلام نبي ڏانهن منهن ڦيري ڇڏيندو هو.

”فتحنامي“ ۾ لکيل آهي ته

جوانلآ خرد مند پير آشنا،

مسافر پرست و فقير آشنا.

(هو عقلمند هو، جيتوڻيڪ جوان هو. مگر پوڙهن جي صحبت پسند هيس، مسافرن جو خدمتگار ۽ فقيرن جو دوست هو.)

ڪرم پيشہ و قابل ِ قدردان،

بہ آلِ نبي چون پدر مهربان.

(هو وڏو مهربان، قابل ۽ قدردان هو؛ آل رسول تي پيءُ وانگر مهربان هو.)

غلامِ نــــبـــي مــــرد فـــرزانہ بـــود،

دلش از بدان دور و بيگانہ بود.

(غلام نبي خوش خلق ماڻهو هو، هن جي دل برن ماڻهن کان نفرت ڪندڙ هئي.)

بہ صورت بہ وي راجہ را قربتي،

بہ معني همي داشت زو نفرتي.

(ظاهر ۾ راجا ليکي سان هن جو وڏو قرب هو، مگر دل ۾ هن کان نفرت ڪندو هو.)

شڪايات بلوچ ڪردي چو پيش،

ز رويش همي تافتي ڪار خويش.

(راجا بلوچن جي شڪايت ڪندو هو ته غلام نبي منهن ڦيرائي پنهنجي ڪم ۾ لڳي ويندو هو.)

چو از دور ديدلآ رخش هر زمان،

بہ لاحول خواندان بجستي امان. [7]

(جڏهن هو پري کان راجا جو چهرو ڏسندو هو ته هر وقت لاحول پڙهي خدا کان پناهه گهرندو هو.)

باب يارهون

لانياريءَ جي جنگ

عمر ڪوٽ تي چڙهائي. تاجي ليکيءَ جڏهن ڏٺو ته مير بجار عمر ڪوٽ ۾ وڃي ويٺو آهي، تڏهن پنهنجي ساٿين ۽ لشڪر کي ساڻ وٺي انهيءَ طرح جو رخ ڪيائين. ميان غلام نبيءَ کي به پاڻ سان گڏ کنيائين. جيتوڻيڪ، عام روايت مطابق، تاجي وٽ ٽيهه هزار فوج هئي، پر، عمرڪوٽ جو قلعو لڙائي ڪري مير بجار کان فتح ڪرڻ آسان ڪم نه هو، انهيءَ ڪري هن مڪر جو ڄار وڇايو. الهه بخش جنجهڻ کي مير بجار جي خدمت ۾ موڪليائين، جنهن مير وٽ تاجي جي خلاف سخت شڪايتون ڪيون، ۽ چيو ته آءٌ کائنس بيحد ناراض آهيان: اوهين يقين ڪريو، اسين سڀئي گڏجي کيس ناس ڪري ڇڏينداسين؛ ليڪن اوهان ميان صاحب (غلام نبي) کي جيڪو خط لکيو، اهو مناسب نه هو:

ڪہ آن موجب ِ رالآ آقا نہ بود،

مــــوافــــق بــــہ انـــديشـــہء ما نہ بود.

(اهو اسان جي آقا جي راءِ ماطبق نه هو، ۽ مون به پنهنجي خيال ۾ انهيءَ کي مناسب نه ڄاتو هو.)

تو بايـــد ڪہ اعـــزاز ِ آقـــا ڪني،

بہ تعظيمِ او در دلش جا ڪني.

(اوهان کي گهرجي ته آقا جي عزت ڪريو، ۽ تعظيم جي وسيلي سندس دل ۾ گهر ڪريو.)

برون آر زين قلعہ اثقال خويش،

در اقبالِ او دان تو اقبال خويش. [8]

(اوهين هن قلعي مان پنهنجو مال ۽ اسباب ڪڍي ڇڏيو. ۽ آقا جي ئي اقبال کي پنهنجو اقبال ڄاڻو.)

--ته جيئن سندس اکيون کلن، ۽ هو غور ۽ فڪر کان پوءِ فيصلي لاءِ ڳالهه ٻولهه شروع ڪري.

الهه بخش جنجهڻ جون ڳالهيون ٻڌي، مير قلعي مان سموري سامان ڪڍڻ جو حڪم ڏنو؛ ۽ قلعي جون چاٻيون الهه بخش جي حوالي ڪري، پاڻ هڪ جدا هنڌ تي وڃي رهيو.

”فريئر نامي“ جو بيان. ”فريئرنامي“ جو بيان به اهو ئي آهي، جنهن جا اهم حصا هي آهن:

الهه بخش جنجهڻ مير سان گفتگو ۾ شڪايت ڪئي ته، ’اوهان جيڪو ميان غلام نبيءَ کي خط موڪليو هو، اهو مناسب نه هو.‘

’اوهان لاءِ لازم آهي ته ميان صاحب جي عزت ڪريو، هو اوهان جو ’ولي نعمت‘ آهي.‘

’قلعي کي ميان صاحب جي عاملن جي حوالي ڪريو.‘

’اسين سڀ تاجيءَ ليکي جي شرارتن ۽ فتنيبازين کان سخت بيزار آهيون. اوهان ۾ ئي اميد آهي ته هن مصيبت مان اسان کي ڇوٽڪارو ڏياريندا.‘[9]

هڪ مونجهارو. ”فتحنامي“ ۽ ”فريئر نامه“ ٻنهي جي بيانن ۾ هڪ اهڙو مونجهارو آهي، جنهن جو به حل سمجهه ۾ نٿو اچي. ٻنهي لکيو آهي ته جڏهن تاجي ليکيءَ ۽ ان جي ساٿين هڪ فرمان تيار ڪري ميان غلام نبيءَ جي مهر هڻائي مير بجار خان کي موڪليو هو، تڏهن مير انهيءَ جو ڪوبه جواب نه ڏنو. مثلاً،

”فتحنامي“ مان ظاهر آهي:

چو بشنيد مير اين خط ناصواب،

نہ فـــرمود از بــس تـــحــمل جواب. [10]

(مير جڏهن هيءُ نامناسب خط ٻڌو، تڏهن تحمل کان ڪم وٺندي ڪوبه جواب نه ڏنائين.)

”فريئر نامي“ جا لفظ هي آهن:

”چون اين خط بہ مير صاحب رسيد،

هـــــيچ جــــــــواب نــــــــہ فــــرمــــودنــــــــــــد:

جــــوابِ جــــاهــــلان بــــاشــــد خــــمــــوشــــي.“ [11]

(جڏهن هيءُ خط مير صاحب وٽ پهتو، تڏهن هن انهيءَ جي جواب ۾ ڪجهه به نه چيو: جواب جاهلان باشد خموشي.)

جڏهن هيءُ صحيح آهي ته پوءِ هيءُ قول ڪهڙيءِ طرح مڃيو وڃي ته الهه بخش جنجهڻ مير وٽ پهچندي ئي سڀ کان اول خط جي نامناسب هجڻ جي شڪايت ڪئي. ”فتحنامي“ جا شعر مٿي نقل ٿي چڪا آهن. ”فريئر نامي“ جو بيان آهي:

گفت اي مير والا شان! نظر بر عذر من ڪنيد، و خطلآ ڪہ پيش ازين در خدمت والا فترستاده آيد، آن موجب راي علام نبي و بنده نہ بود. [12]

(ججهڻ چيو ته اي وڏي شان وارا امير! منهنجي عذر تي توجهه فرمايو. اوهان جيڪو اڳ ميان صاحب جي خدمت ۾ خط موڪليو هو، اهو صاحب ممدوح ۽ منهنجيءَ راءِ ۾ مناسب نه هو.)

هيءُ مونجهارو انهيءَ صورت ۾ حل ٿي سگهي ٿو، جڏهن مڃيو وڃي ته مير بجار ان وقت واقعي ڪو جواب نه ڏنو هو، پر عمر ڪوٽ ويندي خط لکيو هوندائين، جنهن ۾ پنهنجي والد ۽ ڀاءُ جي قتل تي ڏک جي اظهار سان گڏ شڪايت ڪئي هوندائين ته هن دردناڪ واقعي تي همدرديءَ بجاءِ مون سان دشمنيءَ جو سامان ڪٺو ٿي رهيو آهي. ”فتحنامي“ ۽ فريئر نامي“ مان ڪنهن به هن خط جو ذڪر نه ڪيو آهي.

تاجي ليکي ۽ سندس ساٿين کي جڏهن معلوم ٿيو ته تدبير ڪامياب ٿي ويئي آهي، تڏهن جهٽ ۾ پنهنجا ٻه هزار سپاهي قلعي ۾ ويهاري ڇڏيائون، ۽ انهن لاءِ گولي بارود ۽ کاڌي جي سامان وغيره جو بندوبست ڪري، پاڻ وڃي پنهنجن تنبن ۾ ترسيا. انهيءَ وچ ۾ ڪنهن به مير بجار سان ڪا ڳالهه ٻولهه نه ڪئَي. اهڙيءَ ريت ٻه مهينا گذري ويا، ۽ مير کي يقين ٿي ويو ته لڙائي کان سواءِ ڪنهن به ڳالهه جو فيصلو ٿيڻ محال آهي، انهيءَ ڪري لشڪر گڏ ڪرڻ شروع ڪري ڏنائين.

تاجي ليکيءَ ڏانهن پيغام آخر مير تاجي ليکيءَ کي پيغام موڪليو:

اگر مرد باشي، بہ ميدان بيا،
زما هر ڪرا فتح بخشد خدا.

         (جيڪڏهن تو ۾ ڪو مردانگيءَ جو جوهر موجود آهي ته ميدان ۾ اچ؛ خدا جنهن کي گهرندو، انهيءَ کي فتح ڏيندو.)

غلامِ نبي را بجايش گزار،
تو يارانِ، زر جملہ همراه آر.

(تون ميان غلام نبيءَ کي الڳ رهڻ ڏي، پنهنجين پيسن کائڻ وارن ساٿين کي وٺي اچ.)

ڪہ پرسند ياران ز ياران حساب،
دمِ تيغ گويد سوال و جواب.([13])

        اهڙيءَ طرح دوست دوستن کان حساب وٺندا، ۽ تلوار جي زبان سان سوال جواب ٿيندا.)

        [هن پيغام جو مقصد اهوئي هو ته عام لڙائي نه ٿئَي، خلق کي اجايو نقصان نه رسي، ۽ ميان صاحب کي انهيءَ ۾ لويو نه وڃي. هڪ مصلحت هيءَ به هئي ته تاجو ليکي ۽ سندس ساٿي ميان صاحب جي نالي تي نه لڙن؛ اڪيلا، پنهنجي طاقت جي بنياد تي مقابلو ڪن، ته جئن لڙائي زياده کان زياده ٻن ٽولن تائين محدود رهي. پر تاجو ته فقط ميان صاحب جي ئي طاقت تي اهي فتني سازيون ڪري رهيو هو، تنهن ۾ جدا ٿي طاقت آزمائي ڪرڻ جو حوصلوئي ڪونه هو.

تاجي ۽ سندس ساٿين جا مشورا. مير بجار جو هيءُ پيغام ٻڌي، تاجي، ميان صاحب جي حضور ۾ پنهنجن سڀني ساٿين سان مشورو ڪيو. ميان صاحب جي راءِ هيءَ هئي ته لڙائي نه ٿيڻ گهرجي، ۽ جڏهن معاملا ڳالهه ٻولهه سان طي ٿي سگهن ٿا ته پوءِ خونريزيءَ تي ڇو زور ڏنو وڃي- پر سندس هٿ ڪپيل هئا، ۽ اختيار جون واڳون تاجي جي هٿ ۾ هيون. هن ڄاتو ٿي ته جيڪڏهن صلح ٿي ويو ته ميربجار پنهنجي تدبر، دانشمنديءَ ۽ معاملي فهمءَ سببان حڪومت جو مختيار بنجي ويندو، ۽ ٻيو ڪوبه شخص سندس مقابلي ۾ ڪامياب ٿي نه سگهندو: انهيءَ ڪري هن طي ڪري ورتو ته لڙائي ضرور ٿيڻ گهرجي، الهه بخش جنجهڻ، پيروز پتافي، محمد حسن کهاوڙ ۽ محراب خان جتوئي ميدان ۾ نڪري آيا. سندن پنهنجن لشڪرن کان سواءِ، کوسا ۽ افغان به گهڻي انداز ۾ موجود هئا، لشڪر جو ڪل شمار ٽيهن هزارن کان گهٽ نه هو.

        عبدالمجيد جوکئي جو بيان آهي ته عبدالرحيم کردري، ميربجار سان ملڻ لاءِ آيو. هو ميان محمود خان لنواريءَ واري جو مريد هو. هن مير جي فتح لاءِ دعا ڪئي، ۽ ٽي شرط مقرر ڪيا:

        1. ماڻهن سان عدل ۽ انصاف جو برتاءُ ڪيو وڃي، ۽ ڪوبه ظالم ڪنهن کي نقصان نه رسائي سگهي؛

        2. جيڪي به غير شرعي ۽ ناجائز محصول رواج ۾ آهن، اهي بند ڪيا وڃن؛ ۽

        3. مستحق فقيرن ۽ سيدن لاءِ بيت المال مان گذران جو بندوبست ڪيو وڃي.([14])

لانياريءَ جي جنگ. مطلب ته مير بجار جي مخلصانه ڪوششن جي باوجود جنگ روڪجي نه سگهي. لانياري (تعلقه شهداد پور) جي ميدان تي ٻنهي ڌرين جو مقابلو ٿيو. هڪ طرف ٽيهه هزار ماڻهو مئا هئا، ته ٻئي طرف ميربجار سان ان وقت فقط ڇهه هزار بلوچ ساڻ هئا، پر هو وڏيءَ بهادريءَ سان لڙيا، لڙائيءَ جي ڪيفيت مير عظيم الدين ٺٽويءَ هن ريت بيان ڪئي آهي:

چنان شد بلند آتش ڪارزار،
ڪہ شد تابہ فر سنگها شعلہ بار.

(لڙائي جي باهه اهڙي زور سان ڀڙڪي، جو ان جا شعلا آسپاس ڪوهن تائين پهچي ويا.)

گزشت از سرِ سرور ان آبِ تيغ،
سران سجده کرده بمحرابِ تيغ.

(تلوار جو پاڻي سرادن جي مٿن تان لنگهي ويو، ۽ سرِ تلوارن جي محرابن ۾ سجدا ڪرڻ لڳا.)

شده موجزن دلجہُ خون ناب،
سرِ کشتگان غوطہ خور چون حباب.([15])

(خون جو درياهه ڇوليون هڻڻ لڳو؛ ڪُٺلن جا سر انهيءَ ۾ پاڻيءَ جي ڦوٽن وانگر غوطا کائڻ لڳا.)

        ”فريئر نامي“ ۾ جنگ جي ڪيفيت هن طرح بيان ٿيل آهي:

جوانن ۽ پوڙهن تي موت کي مسلط ڪيو ويو.
ملڪاموت جي بازار گرم ٿي ويئي. ٻنهي طرفن جي
جوانن نيزي بازي شروع ڪري ڏني. نيزا
بهادرن جي حياتين وٺڻ لاءِ نانگ وانگر زهر
هارڻ لڳا. نغارن جي ڌما ڌم کان آسمان جي
برجن ۾ زلزلو پيدا ٿي ويو. معلوم ٿيو ٿي ته
قيامت اچي ويئي آهي. جوانن جا پير ۽ بدن جا
عضوا الڳ الڳ ٿي پکڙجي ويا هئا.([16])

ميان غلام نبيءَ جي شهادت. ٿوريءَ دير کان پوءِ ميان غلام نبي خان جي لشڪر ۾ پريشاني ڦهلجي ويئي. پيروز پتافي لڙندي مارجي ويو، تڏهين ٻين ماڻهن جا حوصلا به سرد ٿي ويا. ميان غلام نبيءَ جڏهين هيءُ حال ڏٺو، تڏهين پنهنجي خاص خدمتگارن مان هڪ ٻن کي قرآن شريف ڏيئي، ميربجار ڏانهن روانو ڪيائين ته ’اي دانشور مير! آ هنن ماڻهن جي هٿ ۾ قيد آهيان، مون کي هن مصيبت کان ڇوٽڪارو ڏيار؛ منهنجي طرفان خدا جي پاڪ ڪلام کي شفيع سمجهه‘.

’فريئَر نامي“ جا لفظ هي آهن:

اين فقير از جنگ متنفر بود، ليڪن از گردشِ افلاڪ
در پنجہء لئيمان گرفتار بودم، ڪشان ڪشان مرا
در اين جا رسانيدند- ڪلام ملڪ الانام را پيشِ آن
مهربان شفيع سازم ڪہ بهر طور تواني، مرا وارسي.([17])
(هن فقير کي جنگ کان نفرت هئي، ليڪن قسمت
جي گردش کان ظالمن جي پنجي ۾ گرفتار ٿي ويو.
هو مون کي گهليندا گهليندا هتي وٺي آيا. هاڻي
خدا تعاليٰ جي ڪلام پاڪ کي اوهان جي اڳيان
شفيع بنايان ٿو ته جيئن به ممڪن ٿئي، مون وٽ
پهچي وڃو.)

هيءُ پيغام جيتوڻيڪ مخفي طرح موڪليو ويو هو، ليڪن تاجي ليکيءَ کي اهو احوال معلوم ٿي ويو. هو تمام جوش ۾ اچي، چند ساٿين کي پاڻ سان وٺي، ميان صاحب وٽ آيو، ۽ چيائين ته تنهنجي نيت اول کان ئي اها هئي؛ روز اول کان تون مون کي برو سمجهندو هئين، ۽ مون تي توجهه ڏيڻ وقت توکي ڏک ٿيندو هو.

چو مارا نخواهي، تو هم خوش مباش،
زد ندش دگر تيغ جوشن تراش.

(توکي اسين پسند نه آهيون، ته تون به خوش نه رهه: ائين چوندي ئي ميان صاحب تي لوهي زرهه کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ واريون تلوارون هلايائون.)

شدش تيغ برن حمائل نشين،
پيام شهادت شده دلنشين.

(وڍيندڙ تلوار ميان صاحب جو ڪم تمام ڪري ڇڏيو؛ اهو شهادت جو دلنشين پيغام بنجي ويو.)

چو بر خاڪ افناد از تختِ زين،
تو گوئي فناد آسمان بر زمين.
(1)

(ميان صاحب زين جي تخت تان زمين تي ڪري پيو: چوڻ گھرجي ته آسمان زمين تي ڪري پيو.)

”فريئر نامي“ ۾ ته آهي تاجي چيو ته ’تنهنجو مڪر مون کي معلوم ٿي ويو هو؛ تنهنجي دل اڳ ئي بلوچن ڏانهن مائل هئي؛ تو اسان جا سمورا احسان وساري ڇڏيا‘. ائين چوندي ئي، هن فرشته سيرت جوان کي تلوار هڻي عدم جي دنيا ڏانهن روانو ڪري ڇڏيائين.(2)

ميان صاحب کي شهيد ڪندي ئي، تاجو پنهنجن ماڻهن جي هڪ ٽوليءَ کي ساڻ وٺي درياهه جي طرف ڀڳو، ۽ ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿي شاهه ڳڙهه پهچي ويو. مير عظيم الدين ٺٽويءَ ”شڪستِ شقي“ (1190ع) مان هن جي ڀڄڻ جي تاريخ ڪڍي:

چو بگريخت آن زر پرستِ شقي،

خرد گفت سالش، ”شڪستِ شي“.(3)

عبدالمجيد جوکئي لکيو آهي ته لشڪر ۾ افراتفري ڦلهجي ويئي، ۽ ميان پنهنجي خاص دستي کان الڳ ٿي ويو. انهيءَ وچ ۾ ڪنهن ظالم کيس گهائيندڙ زخم رسايا.(4)

”جواهر عباسيه“ جو بيان. ”جواهر عباسيه“ جو بيان آهي ته مير بجار مسقط کان ڪراچيءَ پهتو، جو ان وقت مير نصير خان قلات جي واليءَ جي قبضي ۾ هو؛ پوءِ سنڌ مان لنگھي، ’کانا‘ ۾ وڃي ويٺو، جو رياست جيسلمير جو هڪ ڳوٺ آهي. ميان غلام نبيءَ مير جي اچڻ کي پنهنجيءَ طاقت جو ذريعو سمجھيو، ۽ هڪ پنهنجو هٿ اکر خط مخفي طرح مير ڏانهن موڪلي ڏنائين ته ’آءُ اوهان جي اچڻ تي ڏاڍو خوش آهيان، ۽ سر ائين جي خودسريءَ مان مون کي ڏاڍو خوف آهي.‘ تاجو ليکي ۽ محراب جتوئي هن خط جي راز ظاهر ٿيڻ تي ميان صاحب کان سخت ناراض ٿي پيا. هنن کي يقين هو ته جيڪڏهن مير بجار اچي ويو، ته هنن سڀني کي نڪرڻو، بلڪه ختم ٿيڻو پوندو. هنن ميان صاحب کان ماجرا پڇي؛ ميان صاحب خوف کان انڪار ڪري ڇڏيو. مطلب ته صلاح مشوري کان پوءِ هو لڙائيءَ لاءِ تيار ٿي ويا، ۽ ميان صاحب کي به مجبوراً ساٿ ڏيڻو پيو. آخرڪار مير بجار فتحياب ٿيو:

”بان مجبور اول عتاب نمود ڪہ ما را بالتجا طلبيدي و از نفاق بر ما لشڪر ڪشيدي، بعد ان آن ميان غلا نبي و اڪثر سرائيان را بخاڪِ مذلت انداخت.“(1)

(هن مجبور تي پهرين ناراضگيءَ جو اظهار ڪيو ويو جو مون کي پاڻ التماس ڪري گھرايائون، ۽ پوءِ دشمنيءَ کان ڪم وٺندي مون تي چڙهائي ڪيائون: ان کان پوءِ ميان غلام نبيءَ ۽ ڪيترن سرائين کي قتل ڪيو ويو.

الزام جي حيثيت. حالات جي صورت اهڙي هئي جو ميربجار کي ميان غلام نبيءَ جي قتل جو ڏوهي ٺهرائڻ قياس کان پري نه هو؛ ليڪن ”جواهر عباسيه“ جو بيان سراسر واقعي جي خلاف آهي، ڇاڪاڻ ته

هن واقعي جي تمام ويجھن راوين جو بيان انهيءَ جي خلاف آهي: ۽ صحيح انهيءَ کي مڃڻ گھرجي جو تمام ويجھن راوين جو بيان ٿيل آهي، انهيءَ ڪري جو هو تمام حالات کان سڌيءَ طرح واقف هئا.

مير بجار کي ميان غلام نبيءَ جي خلاف شڪايت جو ڪو به سبب نه هو. هن جي والد ۽ ڀاءُ کي ميان غلام نبيءَ نه، بلڪ ميان سرفراز خان قتل ڪرايو هو.

ميان صاحب جي آقائيت جو واسطو وجھي، مير بجار کان عمرڪوٽ جو قلعو خالي ڪرايو ويو هو، ۽ مير بجار انهيءَ واسطي جي قبول ڪرڻ ۾ ڪابه هٻڪ نه ڪئي هئي.

جيڪڏهن مير بجار ميان غلام نبي خان جي قتل جو ذميوار هجي ها، ته ميان جي ننڍي ڀاءُ عبدالنبيءَ کي ڇو جانشين مقرر ڪري ها؟

مير بجار کي جو خط لکيو ويو هوندو، سو سندس سنڌ پهچڻ تي لکيو ويو هوندو. لانياريءَ جي جنگ اٽڪل ٽن مهينن جي عرصي کان پوءِ ٿي. ڪهڙو سبب آهي جو مير بجار کي ميان وٽ حيدرآباد وڃڻ بدران عمرڪوٽ وڃڻو پيو؟

بهرحال، ”جواهر عباسيه“ جو اهو بيان بلڪل غلط آهي. اصل روايت ۾ ڪي ٻيون غلطيون پڻ موجود آهن- مثلا، ’تاجي ليکي‘ جي جاءِ تي ’راڄي ليکيءَ‘ جو نالو لکيو ويو آهي، حالانڪ لانياريءَ جي جنگ کان اول ئي راڄو ليکي مري چڪو هو. روايت ۾ شاهه بهاري جو ذڪر به موجود آهي، حالانڪ بهارو شاهه هن واقعي کان ايڪيتاليهه سال اڳ وفات ڪري چڪو هو.

مير بجار جو حسن سلوڪ. تاجو ليکي جڏهن ڀڄي نڪتو، تڏهن الهه بخش جنجھڻ، محمد حسن کهاوڙ ۽ محراب جتوئي، مير بجار جي خدمت ۾ پهچي پنهنجي ڏوهه جي معافيءَ جا طلبگار ٿيا. مير سڀني جي ڏوهه کي درگذر ڪيو، ۽ ڪمال اهو جو ڪنهن جي به خاطرداريءَ ۾ ڪوتاهي ڪانه ڪيائين. مير بهرام وانگر، مير بجار به تدبر ۽ جوانمرديءَ سان گڏ صبر ۽ تحمل جو مجسمو هو. مير بجار کان پوءِ، سموري خاندان ۾، انهن وصفن جو جامع فقط مير عبدالله خان ٿيو.

جڏهن معلوم ٿيو ته ميان غلام نبي خان تاجي ليکيءَ جي هٿان ناحق شهيد ٿي ويو، تڏهن مير کي حد کان وڌيڪ ارمان ٿيو. هو انهيءَ ئي حالت ۾ ميان صاحب جي لاش طرف ڊوڙندو آيو، لاش جي ڀر ۾ زمين تي ويهي رهيو، ۽ دير تائين غم جي شدت کان گوڏن تي هٿ هڻندو رهيو. پوءِ تابوت ٺهرائي، ان لاءِ زربفت جو غلاف تيار ڪرايائين؛ انهيءَ تابوت ۾ ميان صاحب جو لاش رکائي حيدرآباد روانو ڪيائين، ۽ فوج جي هڪ ٽولي کي تاجي ليکيءَ جي گرفتاريءَ لاءِ مقرر ڪيائين. [18]

”فريئر نامي“ جو بيان. ”فريئر نامي“ هن واقعي بابت هڪ ٻي روايت پيش ڪئي آهي، جا هيٺ درج آهي:

ميان غلام نبي خان، پنهنجن غلامن سان گڏ، فوج جي خاص دستي ۾ موجود هو. بلوچي لشڪر جي خوف کان هراس ڦهليو ته هو پنهنجي دستي کان الڳ ٿي ويو، ۽ هڪ ظالم جي هٿان کيس زبردست گهاءَ رسيا؛ ليڪن اڃا زندگيءَ جون ڪي گهڙيون باقي هيس، ته مير بجار سندس سيرانديءَ پهچي ويو. مير، ميان جي مٿي ۽ اکين تي چميون ڏنيون؛ هن جي جسم تي جيڪا مٽي ۽ لَٽ هئي، تنهن کي ريشمي ڪپڙي سان اگهيائين، ۽ پوءِ افسوس ۽ پشيمانيءَ جو اظهار ڪندي چوڻ لڳو ته ’منهنجي لاءِ بهتر ٿئي ها جو هن واقعي کان اڳ ئي مري وڃان ها، ۽ سرڪار جي هيءَ بي ادبي پنهنجين اکين سان نه ڏسان ها!‘ ميان آهستگيءَ سان وراڻيو: ’تنهنجو ڪوبه ڏوهه ڪونهي، قادر قدير ئي منهنجي قسمت ۾ ائين لکيو هو: هاڻ آءٌ توکي وصيعت ڪريان ٿو ته منهنجي ڀاءُ عبدالنبيءَ کي مسند تي ويهارجانءِ، ۽ جيترو ٿي سگهي، ساڻس نيڪيءَ ۽ ڀلائيءَ ۾ ڪوتاهي نه ڪجانءِ.‘ هيءَ وصيعت ڪندي ئي پاڻ رحلت ڪيائين—انا لله و انا اليه راجعون. [19]

ممڪن آهي ته اهو سڀ ڪجهه درست هجي، پر ظاهري طرح هيءُ روايت دارا ۽ سڪندر جي آخري ملاقات جو چرٻو معلوم ٿئي ٿو. ميان جي وصيعت جي باري ۾ يقين سان ڪجهه چوڻ مشڪل آهي.

”قانع جو قصيدو. ”قانع“ جي قصيدن مان هڪ قصيدو ميان غلام نبيءَ جي مدح ۾ به آهي، جنهن مان چند شعر هيٺ درج ڪيا وڃن ٿا:

گزيده دوحہء عباس و زيب نامہء عز،

بہ خلق و خُلق نہ ديده مثالِ او دوران؛

سرير سند بہ ذاتش چنان منور شد،

ڪز انفعال شده ماه تيره در سرطان؛

ڪسي ڪہ شد بہ وجود شهي غلام نبي،

گزيده باد بہ الطاف ايزد منّان؛

عزيز بود بہ نزد ِ خدا چہ شد ڪہ فلڪ،

چو يوسفش ننموده بہ ديدهء اخوان؛

فروغ ِ نور محمد بللآ ز جبههء او،

بہ چشم دهر ز روز الست بود عيان.

ظاهر آهي ته مٿين شعرن ۾ ’غلام نبي‘ ۽ ’نور محمد‘ صنعت ايهام جا حامل آهن- يعني اهي نالن جي طور به استعمال ٿيا آهن، لفظن جي طور به.

هيٺ ڄاڻايل ٻن شعرن ۾ ميان غلام نبيءَ جي جلوس جي نوبت واضح ٿئي ٿي:

ورا سعادت تثليث داد در طالع،

پس از هبوط بهين نجم شاه وردي خان؛

و يا مثال ِ علي ولي شده چارم،

بہ نسبت خلفاي ڪبار در اخوان.

مطلب هي آهي ته جيڪڏهن مستقل حڪمرانن جي فهرست اڳيان رکي وڃي، ته ڀائرن ۾ عبدالنبيءَ جي جلوس جي نوبت ٽئين نمبر ۾ آهي- يعني اول مرادياب خان، ٻيو غلام شاهه خان، (شاهه وردي خان) ۽ ٽيون غلام نبي خان. جيئين ته ميان عبدالنبي خان سرفراز خان جي معزوليءَ کان پوءِ تخت تي ويٺو، انهيءَ ڪري ”قانع“ چيو ته جڏهن ’شاهه ودري خان‘ جو روشن ستارو ٻڏي ويو، تڏهن ميان جي لاءِ جلوس جو موقعو پيدا ٿيو. جيڪڏهن خلافت راشده جي نسبت سامهون رکي وڃي، ته ڀائرن ۾ غلام نبي خان جو درجو، حضرت عليءَ وانگي، چوٿون بيهندو- يعني اول مرادياب خان، ٻيو عطر خان، ٽيون غلام شاهه خان ۽ چوٿون غلام نبي خان.

آخر ۾ پنهنجو ۽ ميان غلام النبي خان جو تعلق نهايت سهڻي طريقي سان واضح ڪيو اٿس:

منم غلام ِ علي شير ”قانع“ از لطفش،

توئي غلام ِ نبي اي گزيدهء رحمان. [20]

باب ٻارهون

ميان عبدالنبي خان

مير بجار جي خواهش. ميان غلام نبي خان جي وفات کان پوءِ، مير بجار نئينءَ خداآباد ۾ وڃي ويٺو. هن جي خواهش هئي ته ميان سرفراز خان کي قيد مان ڪڍي، کيس نئين سر حڪومت جي گاديءَ تي ويهاري. سرفراز خان جيتوڻيڪ ڪن اندر- پليتن جي ڀڙڪائڻ تي مير بجار جي والد ۽ ڀاءُ کي قتل ڪرايو هو، ليڪن هو هڪ عالم ۽ دانشمند هو، ۽ ملڪي ڪاروبار کي بهتر طريقي سان سنڀالڻ جي پوري اهليت رکندڙ هو [21]-- ۽ مير بجار جي نزديڪ ملڪي مقصد ۽ مصلحتون انتقام جي ذاتي جذبن کان ترجيح جون مستحق هيون. مير اهڙي اونداهي دور ۾ اهي عظيم القدر جذبا ۽ احساس رکندڙ هو، جڏهن خود غرضي عام هئي. اهي ئي احساس ۽ جذبا هن جي يگاني عظمت جو بنياد آهن. عظمت جو اهڙو ئي پاڪيزه پيڪر سندس پٽ مير عبدالله هو، جيئن اڳتي هلي معلوم ٿيندو. مير بجار اڃا انهيءَ باري ۾ مشورا ئي ڪري رهيو هو، ته حيدرآباد جي قلعي ۾ اوچتو قيامت برپا ٿي ويئي.

عبدالنبيءَ جي شقاوت. ميان غلام نبي خان مرحوم جو سڳو ڀاءُ، عبدالنبي خان، حيدرآباد ۾ هو. سرفراز خان، ان جو پٽ محمد خان، ڀاءُ محمود خان، ۽ چاچو عطر خان، قلعي ۾ نظربند هئا. عبدالنبي ڄاتو ٿي ته انهن چئني کي کائنس ترجيح ڏني ويندي، انهيءَ ڪري هن پنهنجي مسند نشيني جي رستي صاف ڪرڻ لاءِ انهن چئني کي ختم ڪرڻ جو منصوبو بنايو. جڏهن غلام نبيءَ جو تابوت حيدرآباد پهچي ويو، ۽ ماڻهو ڪفن دفن کان فارغ ٿي چڪا، ته عبدالنبيءَ حڪم ڏنو ته چئني نظربندن کي بنا دير جي ماري ڇڏيو وڃي، ته جيئن ڪوبه شخص سندس مقابلي ۾ جانشينيءَ جو دعويدار بنجي نه سگهي.

”فريئر نامي“ جو بيان آهي ته جوڻيجا قبيلي جا ماڻهو انهن قيدين جي پهري تي مقرر ٿيل هئا. اهو عبدالنبيءَ جو ناناڻو قبيلو هو. عبدالنبيءَ انهن کي چيو:

”انهن چئني قيدين طرفان منهنجيءَ دل کي تمام گهڻو خوف آهي؛ مون کي اميد آهي ته اوهين انهن کي عدم جي ملڪ ڏانهن روانو ڪري ڇڏيندا.“

انهن بيدردن چند گهڙين ۾ چئني بيڪسن کي تلوارن سان ختم ڪري ڇڏيو. [22] اهڙيءَ طرح، چند ڏينهن ۾ هن عباسي خاندان جا پنج شخص شهيد ٿي ويا. انهيءَ دردناڪ واقعي تي ڪنهن شخص هيٺين تاريخ چئي:

پنج ڪم از گل باغ عباس. [23]

”فتحنامي“ جو بيان. فتحنامي“ جو بيان آهي:

طلب ڪرد جونيجہ ها زود تر،

ڪہ بود ند حارس بر آن چندسر.

(هن جلدي انهن جوڻيجن کي گهرايو، جي انهن قيدين تي پهريدار هئا.)

بہ شان گفت ڪاي دوستان اين زمان،

مرا هست فڪر اسيران بجان.

(انهن کي چيائين ته دوستو، هن وقت مون کي انهن قيدين جو وڏو فڪر آهي.)

بر آنها چنين تيز دستي ڪنيد،

ڪہ آزاد از قيد هستي ڪنيد.

(انهن تي اهڙو تيز هٿ هلايو، جو هو زندگيءَ جي قيد کان ڇٽي وڃن.)

ڪہ اين ڪارها بادشاهان ڪنند،

پيء مصلحت قتل اخوان ڪنند.

(بادشاهه ائين ئي ڪندا آهن؛ مصلحت خاطر ڀائرن کي به قتل ڪرائي ڇڏيندا آهن.)

برين امر آن قوم بيدادگر،

بستہ بہ قتل اسيران ڪمر.

(هن حڪم تي انهن ظالمن قيدين کي قتل ڪرڻ تي ڪمر ٻڌي.)

رسيدند آن جمع بلآ شرم و باڪ،

بر آن بلآ گناهان بقصد هلاڪ.

(بيشرم ۽ بيباڪ ماڻهو، انهن بيگناهن کي قتل ڪرڻ جي ارادي سان پهچي ويا.)

سر سروران را جدا ساختند،

زمهمان سرا ڪبلا ساختند.

(سردارن جا سر جدا ڪري ڇڏيائون، ۽ مهانسراءِ کي ڪربلا بنائي ڇڏيائون.)

زحسرت قضا دست بردست زد،

قدر نيز زين غم بہ سردست زد. [24]

(قصا حسرت جا هٿ مهٽيا، ۽ قدر به انهيءَ غم ۾ منهن مٿو پٽيو.)

عبدالنبيءَ جي جانشيني. جڏهن خاندان ۾ ٻيو ڪوبه حڪومت جو دعويدار باقي نه رهيو، تڏهن ميان عبدالنبيءَ کي ئي گاديءَ تي ويهارڻ جو فيصلو ڪيو ويو. مير بجار خان ٻن معتبر ماڻهن کي ميان عبدالنبيءَ ڏانهن حيدرآباد روانو ڪيو ته اوهين هتي اچي پنهنجي ڀاءُ جي مسند کي زينت بخشيو. عبدالنبي هيءُ پيغام ٻڌندي ئي پنهنجي سامان سڙي ۽ لشڪر سميت حيدرآباد مان روانو ٿيو، ۽ هڪ ئي ڏينهن ۾ هالا ڪنڊيءَ پهچي ويو، جو نئين خداآباد جي نزديڪ هو. ٻئي ڏينهن مير بجار ۽ ملڪ جا امير ميان جي خدمت ۾ حاضر ٿيا، ۽ حضرت مخدوم نوح جي درگاهه ۾ ميربجار پنهنجن هٿن سان ميان جي سر تي حڪومت جو دستار ٻڌي پوءِ اتان وڏي شان شوڪت سان کيس ميان سرفراز خان جي محل ۾ اچي ويهاريائون.(1)

هيگ جو بيان. روايت اها ئي آهي، جا مٿي بيان ٿي چڪي آهي، ليڪن ڪن بيانن ۾ حالات جي تصوير ٻئي رنگ ۾ پيش ڪئي ويئي آهي: مثلاً، هيگ لکي ٿو ته

”غلام نبيءَ جنگ جي ميدان ۾ (مير بجار) جو مقابلو ڪيو، ۽ مارجي ويو. هن جو ڀاءُ عبدالنبي حيدرآباد ۾ قلعي بند ٿي ويهي رهيو. هن پنهنجن ٽن ويجھن عزيزن کي مارائي، ٽنهي مستند جي اميدوارن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪيو. مير بجار حيدرآباد جي چوڌاري گهيرو ڪيو. پر جڏهن ڏٺائين ته قلعو تمام مضبوط آهي، تڏهن خوني عبدالنبيءَ سان صلح ڪيائين، ۽ هن شرط تي عبدالنبيءَ کي رئيس تسليم ڪيائين ته مير پاڻ وزيراعظم ۽ مدارالمهام رهندو.“(1)

پوسٽنز جو بيان. ”پوسٽنز“ جو چوڻ آهي ته جڏهن مير بجار آيو، تڏهين غلام نبي خان هڪدم مٿس حملو ڪيو. لڙائي لڳي، جنهن ۾ غلام نبي خان مارجي ويو. مير بجار، جنگ جي ميدان ۾ فتح حاصل ڪرڻ کانپوءِ، حيدرآباد جي قلعي تي چڙهائي ڪئي. اتي غلام نبيءَ جو ڀاءُ عبدالنبي موجود هو:

”هن ڀاءُ جي موت جي خبر ٻڌندي ئي قلعي کي بند ڪرائي ڇڏيو. عطر خان، سرفراز خان، مير محمد خان ۽ ٻين کي قتل ڪرائي ڇڏيائين، جن بابت شبهو ٿي سگهيو ٿي ته اهي سندس مقصد جي حصول ۾ رڪاوٽ ثابت ٿيندا…… ميربجار قلعي جي سامهون پهچي معلوم ڪيو ته هي فتح ڪرڻ کان زور آهي. پوءِ هن ڪيترائي پيغام عبدالنبيءَ کي موڪليا، جن ۾ هن سان عقيدت، وابستگيءَ ۽ اطاعت جو يقين ڏياريو ويو هو. عبدالنبي خان، دانائپ ۽ دورانديشيءَ جي بنياد تي نه بلڪ پيغامن تي يقين ڪندي، قلعي کان ٻاهر نڪري آيو. ميربجار خان پنهنجي وعدي تي انتهائي خلوص ۽ همت سان پابند رهندي ملاقات ڪئي. هيءَ ڳالهه ايشيا ۾ خير ڪا ڏٺي وڃي ٿي، خصوصاً اهڙيءَ حالت ۾ تمام ٿورا ماڻهو پنهنجي انجام تي پورا رهن ٿا، جڏهن ذاتي مفاد وعدي ٽوڙڻ جي ترغيب ڏيئي رهيو هجي.“(1)

سيٽن جو بيان. سيٽن جي بيان کي ڪو به سر پير ڪو نه آهي؛ مگر جيئن ته اهو به هڪ ذڪر لائق ماخذ آهي، انهيءَ ڪري ان کي نظرانداز ڪري نٿو سگھجي. هو لکي ٿو:

”ميربجار خان جو مقابلو محمودخان سان ٿيو. بجار محمود خان کي شڪست ڏني، ۽ هو مارجي ويو. پوءِ بجار عبدالنبيءَ کي مجبور ڪيو ته ملڪ جو انتظام هن جي حوالي ڪري.“(2)

”فريئرنامو“. ”فريئرنامي“ لکيو آهي ته ميربجار خان ميان غلام نبي خان جو تابوت حيدرآباد موڪليو، تڏهن ان سان گڏ، ميان صاحب جي وصيت مطابق، عبدالنبيءَ کي پيغام موڪليائين:

ڪہ منشور دولت بنامِ توشد،

هماي سعادت بدامِ توشد.

(سلطنت جو منشور تنهنجي نالي لکيو ويو؛ سعادت جو هما تنهنجي ڄار ۾ اچي ويو.)

بيا و بجادي براد ر نشين،

بہ اقبال برمسندِ زر نشين.(3)

(اچ، ۽ پنهنجي ڀاءُ جي جڳهه تي ويهه؛ اقبالمنديءَ سان سونهري مسند جي زينت بنج.)

بحث جو خلاصو. سڀني بيانن پيش ڪرڻ کان پوءِ، مناسب آهي ته حالات جي مختلف اهم جزن جو حاصل مطلب درج ڪيو وڃي:

غلام نبي خان ٽالپرن سان جنگ ڪرڻ لاءِ خواهان نه هو؛ پر تاجي ليکيءَ ۽ ان جي ساٿين کيس قابو ڪري ڇڏيو هو، ۽ انهيءَ سبب هو سندن راءِ جي ابتڙ ڪو به قدم کڻي نٿي سگھيو. اغلب آهي ته سندس والده فسادين سان همنوا بنجي ويئي هجي. ان جو هيءُ خيال هوندو ته جيستائين ٽالپرن جو زور نه ٽٽندو، تيستائين جوڻيجا قبيلي جي ماڻهن کي مختيار بنجڻ جو موقعو نه ملندو.

غلام نبي خان کي تاجي ليکيءَ شهيد ڪيو. آخري وقت ۾ ميربجار جو ان سان ملڻ ۽ ميان جو پنهنجي ڀاءُ لاءِ وصيت ڪرڻ، درست معلوم نٿو ٿئي.

مير بجار واقعي چاهيو ٿي ته ڪلهوڙا خاندان مان ڪنهن لائق شخص کي حڪومت جي مسند تي ويهاري. هن جو لاڙو سرفراز جي طرف هو؛ ليڪن عبدالنبيءَ عام خونريزيءَ سان اهڙي صورت پيدا ڪري وڌي جو خود کائنس سواءِ ٻيو ڪوبه مسند جو وارث نه رهيو.

مير بجار تي تعجب آهي جو هن عبدالنبيءَ جي مسند نشيني قبول ڪئي، حالانڪ هو پنهنجن چئن ويجھن عزيزن کي قتل ڪرائي چڪو هو. اهڙي سنگدل شخص کي حاڪم بنائڻ، شرعي توڙي اخلاقي لحاظ کان تصور ۾ اچڻ جهڙي ڳالهه نه هئي. پر هن واقعي کي پوڻا ٻه سؤ سال گذري چڪا آهن ۽ حالات جو پورو نقشو سامهون ڪونهي، انهيءَ ڪري ڇا ٿو چئي سگھجي ته ڪهڙن سببن مير کي انهيءَ ڳالهه تي مجبور ڪري وڌو؟

عبدالنبيءَ جي حيثيت. ”فريئر نامي“ جو بيان آهي ته عبدالنبي فاسق هو ۽ اعتماد لائق ماڻهو نه هو؛ خونريزيءَ ۾ ڏاڍو بيباڪ هو(1). ليڪن اهڙي شخص کي ڪهڙي سبب کان حاڪم تسليم ڪيو ويو؟ هن مان ڪنهن کي ملڪ ۽ قوم جي ڀلائيءَ جي ڪهڙي اميد ٿي سگھي ٿي؟ جنهن شخص ذاتي غرض لاءِ پنهنجن عزيزن کي بيدرديءَ سان قتل ڪرايو، ۽ انهن جي خون جي ندي وهائي پنهنجي حڪمرانيءَ جي ٻيڙي کي تارڻ جو بندوبست ڪيو، اهو شخص عوام جي مال ۽ جان جي حفاظت جو حق ڪهڙيءَ ريت ادا ڪري سگھيو ٿي؟ انهيءَ غلطيءَ جو نتيجو هيءُ نڪتو جو ميربجار، ان جو پٽ عبدالله خان ۽ چاچي جو پٽ فتح خان مارجي ويا؛ ۽ سنڌ مٿان اهي آفتون نازل ٿيون، جن جو تصور اڄ به دل کي لرزايو ڇڏي.


[1] . ”فريئر نامو“، قلمي نسخو، ص 21؛ ”فتحنامو“، ص 80-81.

[2]  راجا ليکيءَ جهڙي شخص جي خودڪشي ڪرڻ قرين قياس نه آهي. چيو وڃي ٿو ته هن کي دستن جي بيماري ٿي پيئي هئي، ۽ انهيءَ ۾ ئي وفات ڪيائين؛ زهر کائڻ جا افواهه غالباً دستن هجڻ جي ڪري مشهور ٿيا.

[3]  ”فتحنامو“، ص 82-83

[4]  ”فريئر نامو“، ص 22

[5]  ”فتحنامو“، ص 84 ۽ ”فريئر نامو“، ص 22 ۽ 23

[6]  ”فريئر نامو“، ص 17

[7]  ”فتحنامه“، ص 77

[8]  ”فتحنامو“، ص 84-85

[9]  ”فريئرنامو“، ص 23-24

[10]  ”فتحنامو“، ص 83

[11]  ”فري.ر نامو“، ص 22

[12]  ”فريئر نامو“، ص 23

[13]) ) ”فتحنامو“، ص 86 ۽ ”فريئر نامو“ ص 25

[14]) ) ”تاريخ ڪلهوڙا واستقرار حڪومت ٽالپران“، ص 39

[15]) ) ”فتحنامو“، ص 89

[16]) ) ”فريئَر نامو“، ص 26

[17]) ) ”فريئر نامو“، ص 26-27

(1) ”فتحنامو“، ص 90

(2) ”فريئر نامو“، ص 27

(3) ”فتحنامو“، ص 91

(4) ”تاريخ ڪلهوڙا و استفرا حڪومت ٽالپران“، 41

(1) ”جواهر عباسيه“، ص 220-221

[18]  ”فتحنامو“، ص 91-93

[19]  ”فريئر نامو“، قلمي نسخو ص 28. ”تاريخ ڪلهوڙا“ واستقرار حڪومت ٽالپران“ جي روايت به ساڳئي قسم جي آهي (ص 41)

[20]  هي شعر ”قانع“ جي قصيدن جي انهيءَ مخطوطي تان ورتل آهن، جو سيد حسام الدين راشدي جي ملڪيت آهي.

[21]  ”جواهر عباسيه“، ص 221؛ ”فتحنامو“، ص 93

[22]  ”فريئر نامو“، ص 130؛ ۽ ”تاريخ ڪلهوڙا و استقرار حڪومت تالپران“، ص 41

[23]  ”گل باغ عباس“ مان ’1186‘ عدد ٺهي ٿو، ان ۾ پنج شامل ڪيا وڃن ته ’1191‘ بنجي ويندو: اهائي هن دردناڪ واقعي جي تاريخ آهي. تاريخ چوندڙ جو مطلب هيءُ آهي ته جيڪڏهن ”گل باغ عباس“ مان پنج گهٽ نه هجن ها، ته ’1191‘ رهي ها. ڪن روايتن ۾ ذڪر آهي ته سرفراز خان جا ٻه پٽ هن موقعي تي شهيد ٿيا؛ مستند روايتن ۾ فقط هڪ پٽ جو ذڪر آهي.

[24]  ”فتحنامو“، ص 61

(1) ”فتحنامو“، ص 95

(1) ”دي انڊس ڊيلٽا ڪنٽري“، ص 122

(1) .سنڌ بابت ذاتي مشاهدا“، ص 178

(2) ” تاريخ ڪلهوڙا“، انگريزي ٽائپ ٿيل ڪاپي، ص 18

(3) ”فريئَر نامو“، ص29. هي شعر فتحنامي جا آهن (ص 95).

(1) ”فريئر نامو“، ص 29

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org